سائين نٿومل مورواڻي
ڀون سنڌي
لاڙ جو بدين ضلعو، جتي صوفي منش مخدوم محمد زمان
لنواري واري جي آخري آرامگاهه آهي. هن ئي خطي ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي آزاديءَ جي ويڙهه وڙهندڙ
شهيد دودو سومرو خاڪ پاڪ ۾ دفن ٿيل آهي، جنهن جي نالي کان اڄ به ڌرتيءَ جا دشمن ڪَنبن
ٿا ۽ گهري ننڊ مان ڇِرڪ ڀري اُٿن ٿا. ڪيڏاري کي سرجيندڙ خليفو نبي بخش ۽ شاعر محمد
صديق مسافر هتي ئي اَبدي آرامي آهن. هن ئي خطي ۾ سنڌ جو سُگهڙ ۽ لطيف جو شيدائي، محمد
طالب لوهار ۽ ميرن جي مور، مير غلام محمد خان ٽالپر جو مقبرو آهي، جنهن علم وسيلي جهالت
خلاف جنگ جوٽي. اُنهن عظيم ۽ مَهان هستين جي ساڳي مٽيءَ مان هڪ اهڙي انسان به جنم ورتو،
جنهن جا ٻولَ اڄ به هتي جي ديس واسين جي رُوح ۾ رَچيل آهن، اُهو ڀلوڙ انسان ٻيو ڪير
نه، پر لاڙَ جو لاڏلو، سائين نٿومل مورواڻي هو.
سائين نٿومل مورواڻي، پهرين مارچ ۱۹۴۵ع ۾ کوسا ڳوٺ لڳ ڏيهي شريف، تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڄائو، سندس وڏڙا ۱۹۴۷ع کانپوءِ ٽنڊي باگي لڏي آيا، نٿو مل مورواڻي ابتدائي تعليم گورنمينٽ
پرائمري اسڪول ۾ ورتي ۽ ميٽرڪ مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين.
پاڻ نوڪريءَ جي شروعات بحيثيت اُستاد جي ۲۷ نومبر ۱۹۶۲ع ۾ امن آباد اسڪول کان شروع ڪيائين. هڪ لائق ۽ ڀلي اُستاد جي حيثيت
۾ پاڻ سدائين شاگردن جي دلين تي راڄ ڪندو هو. اُستاد جي حيثيت ۾ هن امن آباد کانپوءِ
نصرپور ۽ اُن کانپوءِ آخري وقت تائين مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو
۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.
اُن دوران پنهنجي تعليم به جاري رکيائين ۽ سنڌ
يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائين. سٺي اُستاد
هئڻ جي ناتي پاڻ سدائين شاگردن جي مفاد کي اوليت ڏنائين ۽ اُنهن جي تربيت تي زور ڏنائين.
آخري وقت ۾ پاڻ اسڪول جو انچارج هيڊ ماستر ٿي رهيو. سائين نٿو مل مورواڻي تعليمي سرگرمين
سان گڏ سماجي سرگرمين جو پڻ رُوح رَوان هوندو هو. اسٽيج تي ايندو هو ته، ماڻهن جي دِلين
تي ڇانئجي ويندو هو، پاڻ اولڊ بوائز ايسوسيئيشن مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول
ٽنڊي باگي جي باني ميمبرن مان هو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين اُن جو سيڪريٽري جنرل رهيو. اولڊ
بوائز ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان پاڻ هر سال مير غلام محمد خان ٽالپر جي ورسيءَ جو
اهتمام ڪندو هو. سندس ئي دور ۾ مير صاحب جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب ڇپيو ۽ مير صاحب جي
مزار مٿان چوڪنڊيءَ جي اڏاوت ٿي. سِگا جي پليٽ فارم تان سندس خدمتون هميشه ياد رهنديون.
هو سِگا ٽنڊو باگو شاخ جو بنياد وجهندڙن مان هو ۽ اُن جو تاحيات سيڪريٽري جنرل به رهيو،
بدين ۾ سِگا طرفان لڳايل طبي ڪئمپ ۾ سندس ڪيل خدمتون اڄ به ماڻهن کي ياد آهن.
نٿومل مورواڻي هڪ سُٺو شاعر ۽ اديب پڻ هو. هن
ڪيترائي شعر، مضمون، تاثر ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون. البته سندس شايع ٿيل مواد تمام گهٽ آهي،
هو ادب جو شيدائي هو. جنهن جو مثال سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيل خدمتون آهن،
پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي باگي جو باني ميمبر هو ۽ تاحيات اُن جو سيڪريٽري ٿي رهيو،
سندس ئي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو، سڄيءَ سنڌي ادبي سنگتن جي شاخن ۾ بهترين
ڪارڪردگي ڏيکاري، پهريون نمبر کنيو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو کي سال ۱۹۸۷ع جو بهترين شاخ جو ايوارڊ ڏنو ويو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم
تان کوڙ سارا پروگرام ڪرايائين، ”سنڌي ادب ۾ ڪتابن جي وڪري جو مسئلو“ تي نثار حُسينيءَ
کان ليڪچر، ”سماج ۾ اديب جو ڪردار“ تي فقير محمد لاشاريءَ کان ليڪچر، ”ادب جو سماجي
ڪارج“ تي، ڪامريڊ روچيرام کان ليڪچر ۽ ”سُر ڪاموڏ“ تي تحقيقي ويهڪ قابلِ ذڪر آهن.
سڀني کي ڀائيندڙ ۽ سدا مُرڪندڙ هي انسان، جنهن
جي ذاتي دوستيءَ جي حلقي ۾ هر مڪبته فڪر جا ماڻهو شامل هوندا هئا ۽ هر ڪو کيس پنهنجو
سمجهندو هو، سو صوفي منش انسان ۴۳ ورهين جي
ڄمار ۾ ۱۵ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي اوچتو دل بند ٿيڻ سبب پنهنجن پيارن کي هميشه لاءِ ڇڏي اَبد ڏانهن
راهي ٿيو. سندس آخري رسمن ۾ سندس چاهيندڙن جو هڪ ڊگهو قافلو شامل هو، هر اَک آلي هئي.
هر ڪو خليفي نبي بخش جي ڪيڏاري جيان سَراپا ماتم ڪَده هو، باگي واهه جي ڪنڌيءَ تي،
جتي سنڌ راڻيءَ جي پيار جو داستان اسريو، جتي سندس سونهن ۽ سُرهاڻ واسيل آهي، اتي سندس
ارٿيءَ کي آڳ جي نذر ڪيو ويو. ۽ سندس خاڪ هن ديس جي پوتر مٽيءَ سان ملي امر ٿي ويئي.
سائين نٿو مل مورواڻي
ھڪ استاد ھڪ اديب - ورسي
جو ڏينھن
غفار کوسو
اڄ کان ۳۹ سال اڳ جڏھن آئون ڇھين ڪلاس ۾ داخلا وٺڻ
لاء پنھنجي وڏي ڀاء سان گڏ ھاءِ اسڪول ٽنڊي باگي ۾ داخل ٿيس ته پھريون شخص جنھن
سان منھنجي ملاقات ٿي اھو سائين نٿو مل مورواڻي ھو. پاڻ تن ڏينھن ۾ ڇھين درجي جا ڪلاس
ٽيچر ھئا. ٻھراڙي جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ جي جھڳي واري اسڪول ۾ پنج سال پڙھڻ کان پوء
پھريون دفعو آئون ھا۽ اسڪول جي وڏي عمارت ۾ داخل ٿيس ته خوف ۽ تجسس جي مليل جليل
احساس ۾ وڪوڙيل ھئس. سائين نٿو مل سان ملڻ کان پو۽ انھن احساسن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو،وڏي
اکين واري ھڪ رعبدار شخصيت ...پھريون تاثر جيڪو سندن شخصيت بابت منھنجي ذھن تي نقش
ٿيو.
سائين نٿو مل مون
کان سنڌي جي ٽيسٽ ورتي، چونڊ ڏکين سنڌي لفظن جي صورتخطي لکرائي جنھن ۾ مون ڪافي چڪون
ڪيون، منھنجي ٽيسٽ جي رزلٽ جي بنياد تي شايد مون کي داخلا نه ملي ھا پر سائين شايد
اھو سوچي داخلا ڏني ته ٻھراڙي جو ٻار آھي سٺي اسڪول ۾ پڙھندو ته سڌري پوندو. ٻيو سبب
ھي ھو ته منھجا ٻه وڏا ڀائر ٽنڊي باگي ۾ ئي پڙھيا ھئا ۽ پوزيشن ھولڊر رھيا ھئا، اھي
ٻئي ڳالھيون منھنجي لاء پلس پوائنٽ ثابت ٿيون ۽ مون کي داخلا سان گڏ ھاسٽل ۾ فري
بورڊنگ به ملي وئي.
ٻئي ڏينھن ٺھي
سنبري آئون ڪلاس ۾ ويس، ڪلاس شاگردن سان کچا کچ ڀريل ھو، منھنجو فقط ھڪڙو ئي واقف
ھو سليم جيڪو اسان جي ڳوٺ واري اسڪول جي استاد جو پٽ ھو باقي سڀ چھرا منھنجي لاء
اجنبي ھئا. حاضري وقت سائين نٿو مل منھنجو نالو ورتو ته رسم مطابق آئون به Present sir چئي اٿي بيٺو
ھئس. الائي ڇو زندگي ۾ اھم واقعن ۽ ڪمن جا پھريان ۽ آخري ڏيڻھن چٽي طرح ياد رھجي
ويندا آھن! اھڙي طرح مون کي ڇھين ڪلاس جو اھو پھريون ڏينھن چٽي طرح ياد آھي. سائين
جو ڳرو آواز، دڙڪا ۽ ڪيڏي مھل چرچا ۽ ڀوڳ. ڇھين درجي جو ڪمرو E Type بلڊنگ جي بلڪل
وچ تي واقع ھو. رسيس ۽ موڪل جي گھنٽي ان ڪمري جي ٻاھران لڳل ھئي، بوريت ۽ خوف وارن
انھن شروعاتي ڏينھن ۾ ان گھنٽي جو آواز ئي منھجي لا۽ خوشي ۽ مسرت جو پيغام کڻي
ايندو ھو. خاص طور جڏھن اھا موڪل مھل وڄندي ھئي.
ايئن اسان سائين نٿو
مل کان وڏي ABC،
ننڍي ABC
۽ گلن واري ABC
سکي ۽ پوءِ انگريزي جا سبق پڙھڻ شروع ڪياسين، سندن اچار تمام چٽا ۽ واضح ھوندا
ھئا. سندن آواز سان ڪمرو گونجي پوندو ھو ۽ خدا نه ڪري سائين ڪنھن شاگرد تي ڪاوڙجي،
وڏي سڏ گج گوڙ ڪري ڳالھائيندا ھئا، ماريندا ورلي ھئآ پر رعب ۽ دٻدٻو باقائدي ويٺل
ھوندو ھو. مون کي نالي وٺڻ بجاء ذات يعني کوسو ڪري سڏيندا ھئا.
سائين نٿو مل جي
شخصيت ۾ ھڪ طرف رعب ۽ دٻدٻو، خوف ۽ ڊپ ته ٻي طرف بي پناھ پنھجائپ ۽ ٻاجھ ھئي . ھو
ھڪ قابل استاد ھئا، وڏي محنت ۽ ديانتداري سان پڙھائيندا ھئا. پاڻ individually شاگردن تي ڌيان
ڏيندا ھئا ۽ انھن جي skills کي improve ڪندا ھئا. کين گھڻي ڪاوڙ ان ڳالھ تي لڳندي ھئي ته غريبن
جا ٻار ڇو نٿا گھڻي محنت ڪن.
آئون خوش نصيب
آھيان جو مون سائين وٽ سنڌي جو سبجيڪٽ به نائين درجي ۾ پڙھيو، سبق ۽ شاعري پڙھائڻ
۽ ان جي تشريح ڪرڻ جو ھنن جو پنھنجو ھڪ لاجواب انداز ھو جنھن جو ڪو مٽ ثاني نه ھو.
پاڻ ڳالھيون رٽي ياد ڪرڻ بجاء چٽي طرح سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جا قائل ھئا.
سائين نٿو مل مورواڻي
ھڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال شاعر ۽ اديب آھي ان ڳالھ جو پتو مون کي ڀعد ۾ پيو جڏھن
آئون ٻارڙن جي ھڪ جماعت ۾ سرگرم ٿيس ۽ ان بھاني ادبي ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳس.
ان دوران ئي مون سنڌي ۽ اردو رسالا، ڪھاڻيون ۽ ناول پڙھڻ شروع ڪيا. مير غلام محمد
جي ورسي جي تقريب باقائدگي سان ٿيندي ھئي، ان ۾ سڀ کان وڌيڪ active جيڪڏھن ڪو
شخص ھو ته اھو سائين نٿو مل ھو. سائين ئي مونکي تقريري مقابلي ۾ حصو وٺڻ لا۽ ھمٿايو
۽ رھنمائي ڪئي . مون کي اھو ڏينھن چڱي طرح ياد آھي جڏھن ورسي جي موقعي تي ئي سائين
نٿو مل واتان مون شيخ اياز جي شاعري پھريون دفعو ٻڌي ھئي.
آسارا آسارا ڪينجھر
جا ڪنارا
نه تڙ تي تماچي نه
گندري گذارا
آئون سمجھان تو ته
ترقي پسند ھجڻ جي بھترين تشريح ھي ٿي سگھي ٿي ته " ڪو به ماڻھو ٻين ماڻھن ۽
گروھن جي خيالن، سندن تھذيب ۽ ثقافت، رنگ نسل، عقيدي، ٻولي ۽ ريتن رسمن جو احتران ڪندو
ھجي. سڀني ماڻھن لا۽ سھپ ۽ رواداري جو جو جذبو رکندو ھجي ۽ ڪنھن به ماڻھو سان ذات،
فرقي، مذھب ۽ ٻولي جي بنياد تي نفرت نه ڪري"
سائين نٿو مل سئو
سيڪڙو ان معيار تي پورو لھندڙ ھڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال شخص ھو. رسمي طور گھڻن ماڻھن
وانگر فقط پنھنجي ڳالھين ۾ ترقي پسند نه پر عملي طور پنھنجي سلوڪ ۽ سڀاء ۾، ھر
صورت ۾، ھڪ عام انسان جي حيثيت ۾، ھڪ دوست جي صورت ۾، ھڪ استاد جي انداز ۾، ھڪ
اديب ۽ شاعر جي حيثيت ۾، سڀني صورتن ۾ عملي طور ھڪ سچو ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻھو
ھو.پاڻ سياسي اختلاف رکندو ھو پر ڪڏھن به ان کي ذاتي انا جو مسئلو نه بنايائون. پاڻ
ھر سياسي ڪارڪن لاءِ supportive رھيا. سائين نٿو مل مورواڻي سنڌ جو ھڪ سچو
سپوت ھو جنھن کي پنھنجي ٻولي ۽ تھذيب سان بي پناھ محبت ھئي. پاڻ دل جي دوري سبب
جواني ۾ ئي اسان سڀني کان وڇڙي ويا، اڄ سندن ورسي جو ڏينھن آھي، سندن ڪردار کي
ھميشه خوبصورت لفظن ۾ ياد رکيو ويندو.
(غفار کوسو جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا