; سنڌي شخصيتون: ولي محمد طاهرزادو - حفيظ قريشي

13 August, 2013

ولي محمد طاهرزادو - حفيظ قريشي

ولي محمد طاهرزادو
حفيظ قريشي
محترم ولي محمد طاهرزادو، سنڌي ٻولي ۽ لوڪ ادب جي مخلص خدمتگارن منجهان هڪ وڏو نانءُ آهي.
اصل ۾ هڪ مهان داستان گو هو، جنهن وٽ سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي جي لفظن جا اکٽ انبار به هئا. ڪچهريءَ جي ڪوڏئي هن سڄاڻ سگهڙ وٽ ”رات کُٽي وڃي پر بات نه کٽي“ واري ڏات ۽ ڏانءُ هئڻ سان گڏ کيس سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقيءَ جو وڏو اونو رهندو هو. انڪري هن جي لکڻين ۾ ٻولي ۽ محاوري سان گڏ، تاريخ ۽ ثقافت جو گهرو سنٻنڌ نظر ايندو. سنڌي ادبي بورڊ پاران ترت نروار ٿيڻ واري ڪتاب ”سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو“ جي منڍ ۾ هن اهڙو تاريخي وچور ڏئي ثابت ڪيو آهي ته هن جي سگهڙائپ واري فڪر جو تاڃي پيٽو سنڌ جي قديم تاريخ سان مليل آهي. ان ريت هو پنهنجي سماج جي بقا جو سوال تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيندي نظر اچي ٿو.

هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لوڪ ادب اسڪيم جي ڪارڪن جي حيثيت ۾ پير پاتو، پوءِ بورڊ ۾ پروف ريڊر جي حيثيت ۾ ڪتابن جي سوڌ سنوار ڪندي رٽائر ڪيائين. زندگيءَ جي آخري پل تائين، لکڻ وارو ڪم نه ڇڏيندڙ هيءُ ادبي مجاهد، پيو بورڊ جا ڀيرا ڀڃندو هو.
هو سنڌي لوڪ ادب جي باغ جو هيڊ مالهي ته نه هو، پر لوڪ ادب جي باغ جي وڻن، ٻوٽن، پن پن ۽ گل گل سان پيار جو اهڙو ناتو رکندڙ هو، جنهن کي ”روح جو رشتو“ ئي چئي سگهجي ٿو. هن بورڊ جي هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ پنهنجن فرضن جو پورائو سهڻي نموني مڪمل ڪيو. لوڪ ادب اسڪيم جي مختلف سهيڙيل ڪتابن جي حاشين ۾ آندل هن جو نالو انهيءَ ڳالهه جو ساکي آهي ته هو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ هڪ اهڙو ليکڪ هو، جنهن کي پنهنجي ثقافتي پاڙن جي چڱيءَ ريت پروڙ هئي.
ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ، پهاڪا، چوڻيون، چٽڪلا، چرچا ۽ ڀوڳ کانئس پوءِ دنگ هئا. اهڙو ماڻهو سنڌ جي لوڪ ادب کي هاڻ ڀاڳين ملي. پنهنجي سڀاءُ ۾ هن نماڻي ۽ نهٺي انسان سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ”وتايو فقير“، ”سنڌ ديس جون رانديون“، ”سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو“ ۽ ٻاراڻي ادب جا متعدد ڪتاب لکي ٿورا ڪيا آهن. سنڌي ٻوليءَ تي سندس ٿورا ان ريت ئي لهي سگهندا جو اسان ماڻهو به اوتري ئي خدمت ڪريون.
هو پيريءَ ۾ ويساکين ۽ پنهنجي لائق پٽ اغيث السلام جي سهاري بورڊ ۾ ايندو رهيو. هڪ ڀيري منهنجي هٿ ۾ بورڊ پاران ڇپايل نئون ڪتاب ڏٺائين. هٿ ۾ ڏنومانس. پهرين ڪتاب کي ٻه مِٺيون ڏنائين. پوءِ اکين تي رکيائين ۽ ڪي پل ڇاتيءَ سان لائي آسيس وٺندو رهيو. ڄڻ ڪو پنهنجي وڇڙيل پرينءَ سان ورهين پڄاڻان مليو هجي.
هن جا وڏا ڪڇ کان لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ رهيا. جتي ولي محمد جي پڙ ڏاڏي احمد ميمڻ ڪوڏ مان ٻي شادي ٽنڊي الهيار جي شيدين مان ”سلامان“ نالي هڪ سگهڙ خاتون سان ڪئي. جنهن مان کيس ڳچ اولاد ٿيو. اسان جو ولي محمد احمد ميمڻ جي ٻئي نمبر پٽ آچر جي پٽ محمد طاهر جي اولاد جي حيثيت ۾ پاڻ کي ”طاهرزادو“ سڏايو.
هن پنهنجي پويان چار نياڻيون ۽ ٽي پٽ اتاليق الزمان، اغيث السلام، آل ولي، انيس خانم، عزيز خانم، احمد بتول ۽ عروة الوثقيٰ ڇڏيا آهن. جيڪي سڀ تعليم يافته ۽ سٺي سماجي حيثيت رکندڙ آهن. سنڌي لوڪ ادب جو هي ڳُڻن وارو خدمتگار ۳۱- مئي ۲۰۰۶ع تي پنهنجي اباڻي شهر ٽنڊي الهيار ۾ گذاري ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا