پروفيسر غفور احمد
ھڪ دؤر جي پڄاڻي
مجاهد چنا
ان ڏينهن ۲۶ ڊسمبر تي فاران ڪلب ڪراچي ۾ موجوده امير جماعت اسلامي
پاڪستان جي اڪيلي پٽ طلحه حسن جي وليمي جي تقريب اڃا پُڄاڻي تي ئي ڪو نه پهتي هئي ته
رات جو ۹ وڳي
هڪ ساٿي موبائل ميسيج ذريعي اها دل ڏکائيندڙ خبر ٻڌائي ته بزرگ سياستدان ۽ جماعت اسلامي
جو نائب امير پروفيسر عبدالغفور احمد هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن. مون کي
يقين ڪو نه پئي آيو ڇو ته ڪجهه گهڙيون اڳ ۾ ئي سندن فرزندن طارق فوزي، شعيب ۽ پوٽي
برادر حسن حماد سان ساڳي تقريب ۾ ملاقات ٿي هئي. مسلسل هلندڙ پيغام ۽ فون تي خبر جي
تصديق ٿي. حقيقت ۾ مرحوم هڪ دينداريءَ، شرافت، سادگي، حق گوئي، ڪردار ۽ امانت و ديانتداري
جو مثالي نمونو هئا. جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته پروفيسر غفور احمد پاڪستاني سياست جو
هڪ روشن ستارو هئا ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه هوندو. مٿي جيڪي به مون ان جي ذات جي متعلق
القاب چونڊيا آهن اهي منهنجي نظرن ۾ اڃا گهٽ آهن. واقعي ڪنهن ڏاهي صحيح چيو آهي ته
پروفيسر غفور احمد قرون اولى جو مسلمان هو. پاڻ پنهنجي ڦوهه جواني کان عمر جي آخري
حصي تائين رب جي رضا، انسان ذات جي خدمت ۽ اقامت دين جي جدوجهد لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا.
پڙهندڙن لاءِ اسان هن ڪالم ۾ مرحوم جي حياتي جي ڪجهه گوشن جو ذڪر ڪنداسين!
پروفيسر غفور احمد ۲۶
جون ۱۹۲۷ع تي گڏيل هندستان جي اتر پرديش صوبي جي شهر بريلي
۾ پيدا ٿيو. آگره يونيورسٽيءَ مان بي ڪام ۽ ۱۹۴۸ع ۾ لکنو يونيورسٽيءَ مان ايم اي جڏهن ته بعد ۾ اسلاميه ڪاليج لکنو ۾
ليڪچرار مقرر ٿيو. پاڻ انڊسٽريل اڪائونٽس جو ڪورس مڪمل ڪرڻ کانپوءِ انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ
اينڊ مينجمنٽ اڪائونٽس جو فيلو ۽ تجارتي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ کان علاوه ڪيترن ئي تعليمي
ادارن ۾ پڙهايائين. جنهن ۾ انسٽيٽيوٽ آف چارٽر اڪائونٽس آف پاڪستان، انسٽيٽيوٽ آف انڊسٽريل
اڪائونٽس ۽ اردو ڪاليج ڪراچي شامل آهن. اهڙي طرح فيبروري ۱۹۷۲ع کان ۷۷ تائين
ڪراچي جماعت جا امير رهيا. ۱۹۵۸ع
۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جا ميمبر ۽ ۱۹۷۰ع ۾ قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا ويا. ۷۷ ۾ ٻيهر ايم اين اي منتخب ٿيا. ۷۳ ۾ آئين ساز ڪميٽي جي رُڪن جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ يوناٽيڊ
ڊيمو ڪريٽڪ الائنس ۽ پاڪستان قومي اتحاد جا جنرل سيڪريٽري رهيا. قومي اتحاد جي ان مذاڪراتي
ٽيم ۾ شامل هئا جنهن ذوالفقار ڀٽي سان مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان اڳ ۾ فيصلا ڪن مذاڪرات
ڪيا هئا. ۱۹۷۳ جي
آئين جي تشڪيل ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ۱۹۷۸ ۾ وفاقي وزير براءِ صنعت وتجارت پڻ رهيو. ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۲ع تائين اسلامي جمهوري اتحاد
جو جنرل سيڪريٽري رهيو. ۲۰۰۲ ۾ سينيٽر چونڊيو ويو. پروفيسر
غفور احمد پوئنرن ۾ ٽي پٽ، ۶ نياڻيون ۽ جماعت جا لکين ڪارڪن سوڳوار ڇڏيا آهن. ۲۶ ڊسمبر ۲۰۱۲ تي رات جو ۹ وڳي پاڪستاني سياست جو هيءُ
روشن ستارو اسان کان موڪلائي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. مرحوم جي نماز جنازه اداره نور حق
لڳ مين روڊ تي ادا ڪئي وئي جنهن ۾ زندگي جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ هزارين ماڻهن شرڪت
ڪئي.
هڪ سياسي مدبر:
پاڻ قومي سياست جي افق تي ستر واري ڏهاڪي ۾ هڪ روشن ستاري جيان سامهون
آيا. ۷۳ جي
متفقه دستور، جمهوريت جي بحالي، پي اين اي سميت نظام مصطفى تحريڪ ۾ هڪ ڏاهي ۽ مدبر
سياستدان جي حيثيت سان ڪليدي ڪردار ادا ڪيائون. ذوالفقار علي ڀٽو سان مخالف ڌر پاران
مذاڪراتي ٽيم جيڪا جوڙي وئي هئي ان ۾ پروفيسر غفور پڻ شامل هو. مرحوم جي سياسي بصيرت
۽ صلاحيتن جا پنهنجا توڙي پراوا معترف هئا.
پارلياماني جاکوڙ:
۱۹۷۰ ۾ يحى خان جي مارشل لا دؤران
جيڪي چونڊون ڪرايون ويون هيون ان وقت پاڻ ڪراچي مان قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا ويا.
۷۰ ۾ جماعت اسلامي جي چونڊيل چئن ميمبرن جي گروپ جي پارلياماني
اڳواڻ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائون. ان کانپوءِ وري هڪ ڀيرو قومي اسيمبلي، هڪ
ڀيرو سينيٽر ۽ وفاقي وزير جي حيثيت سان پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر جماعت جي موقف کي
سٺي نموني سان رکڻ ۽ آئين، قانون جي حڪمراني ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ جدوجهد
ڪئي. پاڻ هر اجلاس ۾ نه صرف بروقت پر مڪمل
تياري سان شرڪت ڪندا هئا. سندس ڪيل خدمتن جي نتيجي ۾ قوم کي جيڪو ۷۳ جو متفقه دستور ڏنو ويو ان
جي نمايان خوبين ۾
* ان جون اسلامي دفعات جنهن جي ڪري اهو سيڪولر، لبرل
يا سوشلسٽ جمهوريه بدران ”اسلامي جمهوريه پاڪستان“ چورايو ويو.
* ان جو جمهوري هجڻ جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو جي خواهش
باوجود هي صدارتي بدران هڪ وفاقي پارلياماني جمهوري دستور بڻيو.
* ان جو فلاحي رياست هجڻ جي ڪري رعايا جي بنياد ي گهرجن کاڌ خوراڪ، لباس، بنيادي تعليم ۽ صحت جون
سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جو فرض آهي.
* ان جو وفاقي هجڻ جنهن ۾ صوبن کي قومي استحڪام ۽ يڪجهتي
کي برقرار رکندي صوبائي خودمختاري حاصل آهي.
* عدليه جي انتظاميه کان آزادي ۽ دستور جي تعبير ۾
عدليه جي بالادستي شامل آهن.
مُخلص ڪارڪن:
۱۶
سالن جي ڦوهه جواني ۾ جماعت
اسلامي کي حق ۽ سچ سمجهي شامل ٿيا ۽ ۸۵
سالن جي ڄمار تائين ۽ مقامي
امير (ڪراچي) کان وٺي نائب امير پاڪستان جي ذميواري تائين پنهنجون ذميواريون ثابت قدمي
۽ احسن طريقي سان سرانجام ڏيندا رهيا. نه صرف اهو پر سندس پٽ ۽ پوٽا به ان ئي تحريڪ
سان وابسته ۽ اقامت دين واري جاکوڙ ۾ ٻٽ آهن.
ثابت قدم:
پاڻ ايوبي ۽ مشرف دؤر ۾ جيل اماڻيا ويا، ذهني ۽ جسماني اذيتن باوجود ثابت
قدم رهندي هر آمر جي لوڀ ۽ لالچن کي رد ۽ سينو سُپر ٿي هر قسم جي دٻاءُ جو مقابلو ڪيو.
حق گو:
جماعت اسلامي جي مجلس شورى جو اجلاس هجي يا ڪو ٻيو فورم پاڻ جنهن شيءِ کي صحيح سمجهندا هئا ان جووڏي واڪي اظهار ڪندا
هئا. ضياءُ الحق جي ريفرنڊم ۾ جماعت اسلامي طرفان حمايت جو اعلان هجي يا ڪنهن ٻئي مسئلي
تي اختلاف براءِ اصلاح جو فريضو جاري رکيو. ان جي گواهي جماعت اسلامي سنڌ جي اڳوڻي
امير مولانا جان محمد عباسي مرحوم ۽ جيڪب آباد جي امير مرحوم احمد نور مغل پنهنجي نجي
ڪچهرين دؤران پڻ ڏني پر جيئن ته پاڻ جمهوري سوچ رکندڙ هئا. جمهوري روايتن جي پاسداري
ڪندي اڪثريت راءِ سان ٿيندڙ فيصلن کي قبول ڪندي پنهنجي راءِ جي قرباني پڻ ڏنائون.
سادگي پسند:
پاڻ ايڏن وڏن منصبن تي پهچڻ باوجود انتهائي سادگي پسند هئا. لباس ۽ کاڌي
پيتي کان وٺي رهڻي ڪهڻي تائين سادگي جو پيڪر هئا. وڏن جو احترام ۽ ننڍن سان پيار ۽
شفقت ڄڻ ڪو ان کان سکي. دفتر ۽ گهر ۾ پارٽي ڪارڪنن کان علاوه هر ماڻهو لاءِ عزت ۽ احترام
۽ دروازا کليل هئا. پاڻ دروازو کولي آڌرڀاءُ ۽ الوداع ڪندو هئا. ڪو سيڪريٽري يا نمائشي
ڏيکاءُ ڪونه هو پر اڪثر ٽيليفون به پاڻ وصول ڪندا هئا پر آخر وقت تائين موبائل فون
رکڻ پسند ڪونه ڪيو. سندس سادگي وڏپڻي جي گواهي لاءِ هڪ بزرگ راوي آهي ته جيل ۾ قيد
دؤران پاڻ نفاست پسند هجڻ باوجود هر ساٿي جو خيال رکندا هئا ايستائين جو جڏهن سڀئي
ساٿي سُتل هوندا هئا ته پاڻ صبح جو سوير اٿي پنهنجن سان گڏ ٻين ساٿين جا جوتا به پالش
ڪري ڇڏيندا هئا. هڪ مُهم دؤران جڏهن ڪنهن شهر ۾ اسٽيج تي ڪو ساٿي اعلان ڪري رهيو هو
ته جلد ئي هن جلسي کي اڳوڻو وفاقي وزير خطاب ڪندو ته پاڻ ناراض ٿيا ۽ ساٿين کي گهرائي
چيو ته ”توهان جلسي جو اعلان ضرور ڪريو پر اڳوڻو وفاقي وزير يا ٻين عهدن ٻڌائڻ جي ڪا
ضرورت ڪانهي.“
ديانتداري:
پاڻ ٻه ڀيرا قومي اسيمبلي جي ميمبر، وفاقي وزير توڙي سينيٽري دؤران پلاٽ،
پرمٽ جي سياست کان پري رهيا. نظم و ضبط، اصول ۽ ميرٽ کي اوليت ڏني. ۱۶ سالن کان ۸۵ سالن جي سياست دؤران ڪيل خدمتن
تي مخالف به هڪ پائي جي ڪرپشن جو ڪو الزام نٿو هڻي سگهي. اڄ جي سياست ۾ جيڪڏهن ڪو يوسي
ناظم يا ڪونسلر ٿئي ٿو ته ڪک پتيءَ مان لک پتي بڻجي ويندو آهي. ديانتداري ۽ ميرٽ جي
حوالي سان هڪ واقعو مرحوم جي ٻئي نمبر پُٽ شعيب ٻڌايو ته ”مون کي لرننگ سرٽيفڪيٽ وٺڻو
هو. لائين ۾ منهنجو نمبر ڏهون هو پر مان پنهنجي نالي سان گڏ والد صاحب جو نالو نمايان
لکيو هو. آفيسر والد صاحب جو نالو ڏسي مون کي جلد گهرايو ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو. بعد ۾ هن
والد صاحب کي گهر فون به ڪري ڇڏي ته مان تنهنجي پٽ جو جلدي ڪم ڪري ڇڏيو آهي. واپس گهر
پهتس ته والد سخت ڪاوڙ ۾ گهر جي اڱڻ ۾ چڪر ڏئي رهيو هو. مون تي اک پوندي ئي سخت ناراضگي
جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٿورو انتظار ڪرڻ بجاءِ ٻين جو حق ماري تو منهنجي نالي جو غلط
فائدو کنيو. فوري طور واپس وڃ ۽ ان آفيسر کان معافي وٺي اچ! اها هئي مرحوم جي ديانتداري!
عبادت گذار:
جواني کان زندگي جي آخري حصي ۽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ به هميشه نماز خاص طور
تي فجر ۽ عشاءَ بنان ڪنهن خوف جي اڪيلو وڃي مسجد ۾ باجماعت ادا ڪندا هئا. گذريل رمضان
شريف جي مهيني ۾ ڊاڪٽرن جي سخت منع ڪرڻ باوجود روزا رکيا جنهن جي ڪري طبعيت سخت ناساز
ٿي ۽ مقامي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. پاڻ فرمائيندا هئا ته عمر جي ان
حصي ۾ مون کي الله جي فرض ادا ڪرڻ کان نه روڪيو.
هڪ تاريخ دان:
پاڻ هڪ سياسي، ديني اڳواڻ ۽ علمي شخصيت سان گڏوگڏ هڪ تاريخ دان پڻ هئا.
صبح شام سياسي مصروفيتن باوجود اخباري ڪالم ۽ پاڪستان جي سموري سياسي تاريخ کي پنهنجن
۶ ڪتابن
۾ محفوظ ڪيو آهي. جيڪي تاريخ جي شاگردن ۽ ايندڙ نوجوان نسل لاءِ واقفيت ۽ قيمتي تحفي
کان گهٽ ناهن. سندن لکيل ڪتابن مان
* اور پهر مارشل لا آگيا
* بينظير ڀٽو ڪا پهلا دؤر حڪومت
* بينظير حڪومت ڪا عروج وزوال
* پرويز مشرف: آرمي هائوس سي ايوان صدر تڪ
* نواز شريف اقتدار سي عتاب تڪ.
پروفيسر غفور احمد جي وفات سان نه صرف جماعت اسلامي کي وڏو نقصان پهتو
آهي پر ملڪ هڪ اهل، ديانتدار، ملنسار ۽ مدبر سياستدان کان محروم ٿي ويو آهي. جنهن جو
خال وڏي عرصي تائين ڀرجي ڪونه سگهندو. اها به حقيقت آهي ته موت هڪ اٽل حقيقت آهي جنهن
کان ڪو به انسان بچي نٿو سگهي. پروفيسر غفور احمد جي وفات سان هڪ دؤر جي پُڄاڻي ٿي
آهي. جنهن دؤر ۾ سياست کي ڪرپشن، اقرباپروري ۽ هيرا ڦيري بجاءِ امانت وديانتداري، قوم
۽ ملڪ جي خدمت سمجهيو ويندو هو. پروفيسر غفور احمد جهڙا ماڻهو ورلي ئي پيدا ٿيندا آهن
جنهن جي زندگي امانت ۽ ديانتداري واري ڪردار مان ايندڙ نسل سبق حاصل ڪري پنهنجي مستقبل
جو رخ متعين ڪندو. الله تعالى مرحوم جي انسانيت جي خدمت ۽ اقامت دين لاءِ ڪيل ڪاوشن
۽ ڪوششن کي قبول ۽ ڪوتاهين کي معاف ڪري کيس جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي.
دور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا،
تون اڃا ٿو جيئن هاءِ ڙي جيئڙا.
No comments:
راءِ ڏيندا