سيد سليمان شاهه
سنڌ جو نرالو راڳي
ناصر قاضي
ويجھڙي ماضيءَ واري دؤر ۾ ڀڳت ڪنور رام ڀڳتيءَ سان گڏ جھمر واري انداز
۾ رقص ڪندو هو ۽ هميشه بيهي راڳ ڪندو هو. اهڙيءَ طرح علڻ فقير، سيد سليمان شاهه ۽ ٻيا
ڪيترائي اهڙا سنڌي لوڪ فنڪار مشهور ٿيا، جن راڳ سان گڏ رقص کي پڻ ترجيح ڏني.
سنڌي لوڪ رنگ جي منفرد راڳيءَ سيد سليمان شاهه جا وڏا اصل ايران جي شهر
خراسان جا رهاڪو هئا، جيڪي بخاري سيد هئا، جتان هو لڏي سنڌ ۾ آيا. سيد سليمان شاهه
جي والد جو نالو سيد عبدالله شاهه هو، جيڪو ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ ’حسين ٻارڻ‘ ۾ اچي سڪونت
پذير ٿيو، جتي ۱۹۳۳ع ڌاري سيد سليمان شاهه اکيون کوليون. چيو وڃي ٿو ته
سندس ڀائر سيد قاسم علي شاهه ۽ سيد سومار علي شاهه به ڳائيندا هئا، جن کان هن راڳ جا
بنيادي سر ۽ گر سکيا. اڳتي هلي سيد سليمان شاهه جيئن ئي پاڻ ڀرو ٿيو ته پنهنجو ڳوٺ
ڇڏي ميرپور بٺوري ۾ اچي رهيو، جتي سندس ملاقات استاد بچو شيخ سان ٿي. استاد بچو شيخ
پنهنجي دؤر جو ناميارو عوامي گلوڪار ۽ رقاص پڻ هو، جنهن کان سيد سليمان شاهه راڳ توڙي
رقص جا سبق سکيا. سيد سليمان شاهه، استاد بچو
شيخ جي ايترو ته ويجھو رهيو، جو سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن ۽ ملاکڙن ۾ پنهنجي استاد سان
هميشه گڏ گڏ هوندو هو.
نامياري محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘
۾ نامور براڊڪاسٽر خواجه امداد علي جي يادگيرين جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته: ”ننڍي
هوندي جڏهن سيد سليمان شاهه جن جي ڳوٺ ۾ جوڳي ۽ سنياسي آيا ۽ جڏهن سليمان شاهه انهن
کي ٻڌو ته کيس اهو ڀڳتي انداز ايڏو ته وڻيو، جو مائٽن کي بنا ٻڌائڻ جي هو انهن سان
گڏ هليو ويو ۽ ٻه سال رهي ڳائڻ جو اهو انداز سکيو. سندس پهرين تربيت اها آهي ۽ ٻي تربيت
استاد بچو شيخ کان ورتائين.“
اڳتي هلي سيد سليمان شاهه موسيقيءَ جي ڪجھه تربيت سنڌ جي سريلي بينجو
نواز بلاول بيلجم کان پڻ ورتي، جنهن کيس راڳ جي ريتن کان روشناس ڪيو. اهڙيءَ ريت سيد
سليمان شاهه عوامي سطح تي ميلن ۽ ملاکڙن ۾ منعقد ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ پنهنجي فن جو
مظاهرو ڪندو رهيو. ان دؤران سنڌ جي هڪ ماياناز شخصيت ۽ پهرين سنڌي فلم ’ايڪتا‘ جي هيرو
رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي دعوت تي هندستان جو هڪ ڪٿڪ رقاص اي. جي پروانو بمبئيءَ
کان بدين آيو، جنهن سنڌ ۾ اچي ٿيئٽر جي رواج کي عام جام ڪيو ۽ ’لڪي اسٽار ٿيئٽر ڪمپني‘
جو بنياد رکيو. انهن ڏينهن ۾ سيد سليمان شاهه سان اي. جي پرواني جي ملاقات ٿي، جنهن
سيد سليمان شاهه کي ٿيئٽر ۾ متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ ڪٿڪ رقص جي سکيا پڻ ڏني.
اهڙيءَ طرح سيد سليمان شاهه عوامي سطح تي پوريءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن، ملاکڙن
۽ ٿئٽرن ۾ شهرت ماڻي چڪو هو، ريڊيو جي دنيا ۾ کيس ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي نامياري
براڊڪاسٽر خواجه امداد عليءَ متعارف ڪرايو، جڏهن ته ۱۹۷۰ع ڌاري پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تي کيس پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف
ڪرايو.
سيد سليمان شاهه جي فن جو ٻيو اهم پهلو سنڌي فلمن جي اداڪاري پڻ آهي،
هن سنڌي فلمن ۾ ڪجھه عرصو اداڪاري پڻ ڪئي. سندس پهرين فلم ’شهروفيروز‘ هئي، جنهن ۾
هيءُ فقير جي ڪردار ۾ سامهون آيو، ان کان بعد هن فلم ’چانڊوڪيءَ‘ ۾ سائيڊ ولين جو ڪردار
ڪيو، اهڙيءَ طرح ڪافي سارين سنڌي فلمن ۾ سيد سليمان شاهه پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر
پڻ ڏيکاريا. ان کان علاوه سيد سليمان شاهه فلم ’حاضر سائين‘ لاءِ عشرت جهان سان گڏ
دوگانا ۽ مشتاق چنگيزيءَ جي فلم ’پرديسي ۽ پيار‘ جا نعما پڻ ڳايا، جيڪي بيحد مقبول
ٿيا. ان کان علاوه فلمن جي نامياري هدايتڪار شيخ حسن پنهنجي هڪ اردو فلم ’جھڪ گئي آسمان‘
جا نغما به کانئس ڳارايا، پر اها فلم مڪمل نه ٿي سگھي.
سيد سليمان شاهه کي عوامي ميڙ ۾ اسٽيج تي ڳائڻ جي اهڙي ته ڏات عطا ٿيل
هئي، جو هو ڳائڻ دؤران نچندي، ڪلام جي مناسبت سان بيت توڙي شعر چئي، پنهنجي هٿن جي
اشارن سان اداڪاري ڪري ويٺل ماڻهن کي هڪ پل ۾ پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري وجھندو هو. هڪ ڀيري
پاڻ هڪ ٽي. وي پروگرام ۾ ڳائيندي ڳائيندي کن پل لاءِ سازن کي روڪڻ جو اشارو ڏئي، پنهنجي
منهن تي پريشاني توڙي تجسس جا تاثرات آڻيندي، هال جي آخري ڪنڊ طرف اشارو ڪندي چيائين
ته: ”هوڏي ڇا جو جھيڙو ٿي پيو آهي؟“ جنهن تي
تقريباً سمورن حاضرين پٺتي واجھايو، جنهن تي وري پاڻ چيائين ته: ”نه...!! نه...!!!
جھيڙو ايڏانهن نه، پر جھيڙو ته هيڏي ٿيو آهي، بلڪه قتل ٿيو آهي.....!!!!“ ۽ پوءِ اهو
ڪلام شروع ڪيائين ته: ”اسان نون عشق ماريندا ڍولڻ ول ول قتل ڪريندا....“
سيد سليمان شاهه پنهنجي ڪمال فن وسيلي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا
پڻ ڪيا، کيس سرڪاري سطح ترڪي، دبئي، شارجا، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو
ڪرڻ جو موقعو مليو. کيس فني مڃتا جي عيوض کوڙ سارا ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ ۽ اعزاز
پڻ مليا.
سيد سليمان شاهه هڪ بهترين ڪلاڪار هجڻ سان گڏ هڪ بهترين انسان به هو،
سندس شخصيت ۾ اصول پرستي، وقت جي پابندي ۽ غريب پروريءَ وارا گڻ قدرت واري طرفان عنايت
ٿيل هئا، هو غريبن جو هڏڏوکي ۽ مسڪينن جو مددگار هوندو هو ۽ پنهنجي حال سارو هر ڪنهن
مفلس سان همراهي هٿ ونڊائيندو رهندو هو. سيد سليمان شاهه پنهنجي هڪ شاگرد ڪاري شيخ
(محمد رمضان شيخ) کي پٽن وانگر ڪري پاليو، جيڪو ننڍپڻ ۾ لاوارثيءَ جي حالت ۾ ساڻس مليو،
جنهن کي تمام گھڻي پيار ۽ شفقت سان سيد سليمان شاهه پٽ ڪري پاليو.
۱۸ آگسٽ ۱۹۹۶ع هڪ اهڙو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن تي سيد سليمان شاهه
پاڪستان ٽيليويزن جي هڪ اهڙي سرڪاري پروگرام ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جنهن جي ريڪارڊنگ
شام جو ٿي ۽ ساڳيو پروگرام وري ساڳئي تاريخ تي رات جو ٽي. وي تي نشر ٿيڻو هو. سيد سليمان
شاهه ريڪارڊنگ کان بعد گھر واپس اچي پنهنجو ساڳيو پروگرام ٽي. وي تي ڏسي رهيو هو ته
اچانڪ کيس دل جو دؤرو پيو، کيس نازڪ حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو، پر رستي تي ئي دم ڌڻيءَ
حوالي ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي ۾ آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا