محمد يوسف
پيارا ڪٿي آهين؟
نصير مرزا
بابا، هي ’گورنمينٽ‘ جا ڪي ماڻهو هئا، ۽ اسان جي ٽئين نمبر تلاءُ واري
گهر جو دروازو، ايڏو ته زور زور سان وڄائڻ لڳا جو ڀانيم، پوري پاڙي ۾ ڀونچال اچي ويو
آهي..... ۽ اجهو هي قصو، ماهر لئه ڪار زوار لونگ فقير مڱڻهار جي ساده سڀاءُ زوجه محترمه،
ڪيئي ورهيه اڳ، اکين ۾ حيرانگيون ڀري ۽ ذوق شوق سان مون کي ٻڌائيندي پئي وئي.... چيائين:
منهنجو نيڻن ٺار محمد يوسف، ماڙيءَ تي گهاٽي ننڊ ۾ ستو پيو هو، جو رات، ڪنهن محفل مان
دير سان موٽيو هو. ٻيو پٽ فقير محمد عيسى، جيڪو گهر جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ موجود هو. ڊوڙندو
دروازي تي، ”ها بابا... جي بابا“ چوندو پهتو،
اتان موٽيو، ته پگهريل هو، چيائين، ڪي سرڪاري ڪارندا آهن، چون پيا آٽو ڀان واري ڄام
صادق علي جي بنگلي تي ڀٽو صاحب پهتو آهي، چيو اٿس، محمد يوسف کي ٻڌڻ چاهيان ٿو. کيس
جلدي وٺي اچو. ڪارندن جو حڪم ٻڌي، هاڻي رکي رئو مٿي تي، ڏاڪڻ جا ٻٽا ٻٽا ڏاڪا چڙهندي،
خوشي خوشي اگهور ننڊ ۾ ستل يوسف کي وڃي ڌُونڌاڙيم. چيومانس: ”بابا! ذوالفقار علي ڀٽي
صاحب سڏرايو اٿئي. سجاڳ ٿي پٽ، دروازي تي ماڻهو گاڏيون جهليو بيٺا آهن.“ اڙي هان؟ هي
ڇا! يوسف اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾، پاسو ورائي... نابري واريندي بيزاريءَ مان چيو: ”وڃي چوين
امان ته، ”يوسف گهر ۾ آهي ئي ڪو نه،“ ”ائي مُٺيس.... نه ڪر پٽ ائين. ڏاهو ٿي... خُلم
نه ڪر،“ مون کيس سمجهائيندي چيو... ”اهي ڪارندا جي زوري گهر ۾ گهڙي پيا ته راڄ ۾ منهن
ڏيکارڻ جهڙا ڪو نه رهنداسين...“ ته بس، منهنجي اهڙي چتاءُ تي، کٽ تان ٽپ ڏيئي هو اٿيو.
منهن تي ڇنڊُو پاڻيءَ جو هنيائين ۽ ڀاءُ عيسى کي ساڻ ڪري در ڏانهن هليو ويو....
۽ اجهو پيارا پڙهندڙو.... ان تي ئي والده ماجده محمد يوسف جي بيان جو
هي پنو پورو ٿيو ۽ هاڻي گهر جي دروازي تي گورنامينٽ جي ڪارندن سان محمد يوسف جي ورتاءُ
۽ ملاقات جو مذڪور....
اجهو برادر محمد يوسف... يعني فقير محمد عيسى جي زباني هتي مون کان ٻڌو.
چيائين پي: ”سائين! محمد يوسف جهڙو شڪل شبيهت جو سهڻو هو، اوترو ئي مرادوند ۽ مهذب
به هو.“ سو سرڪاري ڪارندن آڏو هٿ جوڙي با ادب ٿي چوڻ لڳو... ”جي سائين.... جي سائين....
جيئن حڪم ٿئي. مُنهن تي ڇنڊو پاڻي جو هڻي، گهران ڪپڙا بدلائي اچان.... يا هي جهڙي به
حالت ۾ آهيان، ائين ئي حڪم ٿئي ته هليو هلان.....؟ خير پوءِ تڙ تڪڙ ۾ پاڙي اوڙي مان
ٻه چار ڪي سازنده ميڙياسين.... ۽ هي اجهو چرين واري اسپتال آڏو ڄام صادق علي صاحب جي
بنگلي تي وڃي رسياسين، هاڻي ڇا ڏسون ته اتي، بنگلي جو لان ماڻهن سان کچا کچ ڀريل هو
۽ ايترو عوام هو جو، بنگلي ۾ تِر ڇٽڻ جيتري به جاءِ ڪا نه هئي، تڏهن ڀيڙ مان رستو ٺاهيندا
اڳتي وڌياسين، ته سامهون ٽئبل آڏو ڪرسيءَ تي ڀٽو صاحب ائين موجود، جيئن تارن ۾ چوڏهينءَ
جو چنڊ، وري يوسف تي جو نظر پيس ته ٽڙي گلاب جو گل ٿي پيو. ٽشو پيپر ويڙهيل جام شيرين
شربت جو گلاس، جيڪو سندس هٿ ۾ هو، سو اڳيان وڌائيندي حڪم ڪيائين: ”يوسف! پهرين ته هي...
راڳ ۽ ڳالهيون پوءِ.. بابا سائين.. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب او.. ائين ڀائيندو هو منهنجي
ڀاءُ يوسف کي .. جو، جنهن به محفل ۾ هو.
”ويندس ڪيچ ڪهي.. سيڻن
ساڻ سهي.. آئون جيئندس ڪا نه جتن ري..“
اجهو ڀُٽي صاحب جي اهڙين ڳالهين کانپوءِ، فقير عيسى ٻڌائڻ ٿو لڳيم.. سائين..
ائين سمجهو ته منهنجو ڀاءُ يوسف ڄمندي ئي ڄام هو ۽ هي ان وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن هو
پنجن ستن ورهين جو اڃا مس هو.. جو بابا سائين، زوار لونگ فقير.. سرڪار جمال شاهه جي
پڙ ۾، لاهور کان پهتل... استاد بڙي غلام علي خان سان ملرائڻ لاءِ هن کي وٺي ويو هو.
تڏهن ڳالهين ئي ڳالهين ۾ لونگ فقير.. هجت ڪندي کين منٿ ڪئي: ”استاد جي.... ٿورا ميري
ٻچڙي ڪو ڀي سُنو... آپ ڪا بڙا بڙا احسان هوگا.“ ”تڏهن استاد اجازت جو ڏنس، ته مڱڻهار
جي هن ٻار هٿ جوڙي ادب سان ”آ“ جو ڪئي.. ته يوسف جي اها کڻت ٻڌڻ سان، پاڻ يڪلخت چيائين..
”لونگ فقير! مبارڪ هو. تمهاري بچي ڪي گلي ۾ تو ڀائي ”سچا موتي“ رکا هئي.. بلڪل سچا
موتي!“ ۽ فقير عيسى مونکي هي به مسلسل ٻڌائيندو پئي ويو.. ته يوسف ڳائي دنگ ڪيو، ته،
استاد بڙي غلام علي خان هاڻي هينئن به فرمايو ته اهڙو ئي سُر جو سچو موتي ۽ نجو سون،
منهنجي شاگرد ملڪه ترنم نورجهان جي گلي ۾ به ڀريو پيو آهي، ۽ قدرت جن جن گائڪن جا گلا
اهڙا ٺاهيا آهن، اهي جي پيرسني ۾ به ڳائيندا رهندا ته انهن جي آواز ۾ لرزو ڪڏهن نه
ايندو ۽ آواز سندن اهڙو ئي سُر ۾ رهندو، جهڙو جواني ۾ رهيو هوندن. پوءِ استاد بڙي غلام
علي خان هيئن به ٻڌائڻ لڳو ته منهنجي شاگرد لتا منگيشڪر به گهڻو ئي سريلي آهي، پر اهڙو
سچو موتي سندس گلي ۾ اڻ لڀ آهي، ان ڪري پوڙهائپ ۾ به هو ڳائيندي رهندي، ته سندس آواز
ڏڪندو ضرور.. ۽ يا منهنجا مولى... استاد غلام علي صاحب جي سٺ پنجهٺ سال اڳ ڪيل اها
پيشن گوئي پوءِ سورنهن آنا سچ ثابت ٿي ۽ يوسف ۽ نورجهان آخر تائين ترو تازه آوازن
۾ ڳائيندا رهيا، جڏهن ته لتا هاڻي ڳائي ٿي ته سندس آواز ڏڪڻي پٽ وانگر ڪنبڻي ته ضرور
محسوس ٿئي ٿي.
خير.... يوسف جي آواز جي انوکائپ جو اهو مذڪور ۽ واکاڻ..... سڀ پنهنجي
جاءِ تي، پر استاد محترم مانواري منظور علي خان جي نياڻيءَ، ادي افروز هڪ ڀيري ٻڌايو
هئم.. ”بابا مرحوم اڪثر چوندا رهندا هئا ته، منهنجي سڳن ڀائيٽين، ڀاڻيجن ۽ ٻين سڀني
شاگردن جو سمورو راڳ هڪڙي پاسي ۽ منهنجي لائق ترين شاگرد، حسن بي مثال محمد يوسف جي
ڇڙي، ”آ“ ٻئي پاسي.. اڇا! يوسف بابت هي اڄوڪو قلم برداشته، ڪالم لکندي لکندي فقير عيسى
جو چيل اجهو هي گفتو اوچتو چت تي چڙهي آيو اٿم ته؛ ”استاد منظور علي خان وٽان اٺ سال
سکيا وٺي اچڻ بعد هو جڏهن گهر موٽيو، ته هن کي ڪڏهن به اسان باقائدگي سان رياض ڪندي
نه ڏٺو. يعني هن کي جيڪا به راڳ جي رياضت ڪرڻي هئي، هو اها، استاد منظور علي خان واري
راڳ اسڪول ۾ ڪري چڪو. پر باوجود ان جي، پوئين دور تائين، هن جيڪي ڪجهه ۽ جنهن جنهن
هنڌ به ڳايو، جهڙو تيار گلي سان ڳايو.
زندگيءَ جي پهرين پبلڪ پرفارمنس، هن لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد جي اسٽيج
تي ڏني هئي ۽ ان وقت هن جي ڄمار اها ئي ڪا سورنهن سترنهن سال مس هئي، جنهن کي ٻڌي ان
تقريب جي خاص مهمان.... پير علي محمد شاهه راشديءَ، هن کي پورا ارڙهن سؤ بطور نذر پيش
ڪيو ۽ ائين هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري پرفارمينس، واڍن جي پڙ حيدرآباد واري علائقي
۾ ڏني هئي، جنهن جي رڪارڊنگ سندس پونئرن وٽ اڄ به موجود آهي. هونئن محمد يوسف جا بطور
راڳي، ڇا ته ڀاڳ هئا، جو پير علي محمد شاهه راشدي هجي يا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو....
حميد آخوند هجي يا ممتاز مرزا.... هي سڀ هاڪارا انسان هن سان جي بيحد هجائتا هئا، ته
هن جا وڏا مداح به هئا. هي اجهو ۱۹۴۵ع
ڌاري ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي افتتاح واري رات، وزير اعلى سنڌ.... پيرزاده عبدالستار
ته ڪراڙ ڪناري پنهنجي ٽينٽ ۾ محمد يوسف جي ڳائڻ دوران هارمونيم تي ساڻس سنگت به ڪئي
هئي. حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر سرشار عقيلي وري گيڙو ايلفي پائي جهمر هنئي هئي، پوءِ
ستر واري ڏهاڪي ۾ هن جي آواز جا جڏهن چئوطرف هل هلي ويا، ته موسيقار غلام نبي عبداللطيف...
يوسف جي آواز ۾ فلم ’عورت اور زمانه‘ لاءِ پهريون فلمي غزل رڪارڊ ڪيو:
”ميرا دل ديتا هئي صدا....
بيري اتنا نه مجهه ڪو ستا“.
فلم جي هيرو ڪمال اهو غزل ٻڌو ته چيائين، هي ته جهڙوڪر ڪو سنڌي ماڻهو
پيو ڳائي. سو پوءِ مهدي حسن جي آواز ۾ اهو غزل رڪارڊ ٿيڻ وارو هو، جو چيائين.... ”ان
سنڌي گائڪ محمد يوسف جو آواز ته ٿورو مون کي ٻڌرايو.“ پوءِ ٻڌائين ته حيران ٿيو، چيائين؛
”ڪمال صاحب! يه تو ڪمال ڪي آواز هي، مجهي آپ يه غزل ڪيون گوا رهي هين“. ۽ اجهو ان ئي
زماني ۾، هاڻي غلام نبي عبداللطيف جي موسيقي ۾ محمد يوسف هي ٻيو غزل ڳايو:
”سوا تنهنجي حياتي بار
ٿي، پيارا ڪٿي آهين“
پوءِ موسيقار غلام عليءَ هن کان فلم ”شهرو فيروز“ جو هي شاهڪار غزل ڳارايو.
”راحت ملي ٿي درد ۾، هن
پيار تان صدقي.“
۽ هي جو محمد يوسف کي آئون به ليلائيندو رهندو هوس ته، يوسف سائين! ڏاها
ٿيو، مون غريب ناچيز کي به پنهنجو آواز رڪارڊ ڪرايو. تڏهن هڪ ڏينهن مس مس روح راضي
ٿيس ۽ پاڻهي مون وٽ هليو آيو، پوءِ ان ڏينهن، مون هن جي آواز ۾ هڪ ٻه نه پر يڪ ساهي
چار ڪلام رڪارڊ ڪيا:
”رٺا ئي رهن، شل هجن حياتي“
”ميو تون موٽائي“...
”ٻارو چل ٻانهي“
”عالم سارا... لڏيا ميان
ويندا اي.... تينون ڪل نه ڪائي بندا پوندي اي“
آئون ڀائنيان، ته ريڊيو حيدرآباد تي ئي ڇا، هن جي زندگي جون به اهي ئي
آخري رڪارڊنگس ثابت ٿيون ۽ ان کانپوءِ، نهايت ئي جلد، هو ڪفن سان منهن ڍڪي، ڪوٽڙي شهر
جي هڪ قديم امام بارگاهه ڀرسان مڱڻهارن واري قبرستان ۾، سدائين لاءِ وڃي سمهي رهيو
هو. تڏهن، سندس بابت هڪڙي تعزيتي تاثر ۾، حميد آخوند صاحب هي ڪيڏو نه درست لکيو ته:
”يوسف“ کان سواءِ، سنڌ ۽ پاڪستان جي موسيقيءَ ۾ يقيناً ڪمي محسوس ٿي رهي آهي، ڇو ته
هينئر محمد يوسف جهڙو ڪو هڪڙو فنڪار به موجود ناهي ۽ معلوم رهي ته وقت! ڪڏهن به پوئتي
موٽ ڪا نه کاڌي آهي، سڀ شيون مٽجي رهيون آهن ۽ ماڻهو به مٽبا ٿا رهن، پر محمد يوسف
جو امر آواز.. اسان کي پڪ آهي ته زنده آهي ۽ سدائين زنده رهندو.
No comments:
راءِ ڏيندا