; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ - عطاء الله بخاري

22 August, 2013

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ - عطاء الله بخاري

پروفيسر ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ
پروفيسر عطاء الله بخاري،
ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام
خانداني پسمنظر
بخاري/ حسيني ساداتن جي سلسلي مان، نقوي سيد آهن. امام علي نقيءَ جي اولاد ۾ ڏهين پيڙهيءَ ۾ سيد جلال الدين حسين شريف الله الملقب شير شاھ سرخ  بخاري سن ۶۴۰ ھ ۾ بخارا کان سنڌ ۾ آيو ۽  بکر ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. سندس اولاد مان ٻه فرزند پڻ بخارا کان سنڌ ۾ آيا پر واپس هليا ويا. سيد جلال سان گڏ آيل ڀاءُ سيد جمال شاھ پشين بلوچستان ۾ وڃي سَڪونت اختيار ڪئي، سندس اولاد اتي وڏي حيثيت وارو آهي. سيد جلال الدين بکر جي هڪڙي وڏي امير سيد بدرالدين جي نياڻي سان نڪاح ڪيو، ان بيبيءَ جي بطن مان پنج پٽ ٿيا جن مان سيد احمّد ڪبير کي ٻه فرزند سيد جلال الدين شاھ (ثاني) المعروف جهانيان جهان گشت ۽ سيد صدرالدين راجو قتال پيدا ٿيا. سيد صدرالدين جي مزار دهليءَ ۾ آهي ۽ جهانيان جهان گشت اُچ شريف ۾ پنهنجي ڏاڏي سيد جلال الدين جي ڀَر ۾ دفن ٿيل آهي.

سيد جلال الدين جهانيان جهان گشت کي ٽن فرزندن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو، جن مان سيد ناصر الدين لاءِ خزينته الاصفياءَ جو مصنف لکي ٿو ته؛ شريعت، طريقت، حقيقت، شرافت ۽ نجابت، ڪرامت ۽ ولايت ۾ وڏو رُتبو رکندڙ هو. والد جي هٿ بعيت هو، کيس خرقعه خلافت مليل هو ۽ ذڪر فڪر ڏيڻ جي اجازت مليل هيس. سيد ناصرالدين شاھ (۱۳۴۱ع- ۱۳۹۸ع) وڏو صاحب اولاد هو، سندس فرزندن مان سيد ايوب شاھ (جيڪو ڪڇيءَ جو شينهن سڏبو آهي) پنهنجي ماسات سيد ڇُٽل شاھ سان ملڻ ڪڇيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ اتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. سيد ايوب شاھ، سمن جي دور حڪومت ۾ ڀاڳناڙيءَ ۾ آيو. ان وقت هيءُ علائقو، سنڌ جو حصو هو، هاڻي بلوچستان ۾ آهي. پاڻ اندازًا ۷۰ سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون. گنداواه جي علائقي ۾ سندن درگاھ رجوعات جو مرڪز آهي.
حضرت سيد ايوب شاھ جي پيڙهيءَ مان چار گهر؛ سيد خير شاھ ۽ سندس ڀاءُ سيد فاضِل شاھ ۽ سئوٽ سيد گُل شاھ ۽ سيد بچل شاھ، قلندر جي درگاھ تي حاضري ڀرائڻ آيا. پٺيان سندن ئي عزيزن هنن جي گهرن کي باهيون ڏئي ڇڏيون. هي چار ئي ڪٽنب، اباڻا گهر گهاٽ ڇڏي حيدرآباد سنڌ ۾ ڪانگن کاڌي واري علائقي ۾ اچي رهيا. سيد بچل شاھ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندن مزار آفندي ٽائون جي ويجهو بچل شاھ بخاري قبرستان ۾ آهي، جيڪو سندن نالي سان شاھ بخاري قبرستان سڏجي ٿو. (هن وقت ٽنڊو طيب وارو قبرستان سڏجي ٿو.)
سيد بچل شاھ ۽ سندس عزيزن جي سنڌ ۾ اچڻ جو زمانو غالبًا ڪلهوڙن وارو دور وڃي بيهندو. سيد بچل شاھ جو فرزند سيد محمّد شاھ شايد ڪلهوڙن ۽ ٽالپر اميرن جي لڙاين يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري حيدرآباد مان لڏي ڳوٺ اڇي مسجد وارا راهو (تعلقو هالا) ڳوٺ ڇِلي وارا اُنڙ (تعلقو شهدادپور) ڳوٺ بچل ڪاڪو عرف ٻُوڪ ڪاڪا، ڳوٺ گولو جکرو ۽ آخر ۾ ڳوٺ امين لاکو تعلقو هالا ۾ پنهنجي اڳ ويٺل عزيزن سيد خير شاھ، سيد فاضل شاھ ۽  سيد حسين شاھ جن جي ڀَرو اچي ويٺو. وڏن جي پنهنجي هٿن سان وڌل هڪڙي اوڏڪي ڀت واري جاءِ جون ڀتيون اڃا به موجود آهن (۲۰۱۱ع). سيد محمّد شاھ کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. سيد بچل شاھ، سيد سانول شاھ (شادي ڪا نه ٿي هئي جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو) سيد خان محمّد شاھ ۽ سيد ڏتل شاھ، سڀ کان ننڍي پٽ سيد ڏتل شاھ جي اٽڪل روءِ چاليهن سالن جي عمر ۾ سيد شيرشاھ جي نياڻيءَ سيده هاجره شاھ سان شادي ٿي. جنهن مان اَٺن پٽن ۽ چئن نياڻين جو اولاد ٿيو. سيد محمّد شاھ اول، سيد محمّد شاھ ٻيو، سيد علي محمّد شاھ، ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ، سيد مسڪين شاھ، سيد قادر بخش شاھ عرف سيد قادن شاھ، سيد محمّد شاھ عرف سيد ميرل شاھ، ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ عرف بقادار شاھ. جن مان پهريان ٽي پٽ ۽ پنجون نمبر پٽ فوت ٿي ويا. باقي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد هن وقت به ڳوٺ امين لاکي ۾ رهي ٿو. پروفيسر ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀني کان ننڍو هو کانئس صرف هڪڙي ڀيڻ ننڍي هئي، جيڪا اڃا به حال حيات آهي. سندس ڀائرن مان هڪڙو ڀاءُ سيد ميرل شاھ هن وقت لڳ ڀڳ ۷۵ سالن جي ڄمار جو آهي.
شروعاتي احوال
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي خاندان کي سنڌ ۾ ڪا به مريدي خادمي ڪا نه هئي ۽ نه ئي وري ان طرف رجحان رهيو، سندن وڏا خاڪ شوري جو پورهيو ڪري پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ (وفات، جولاء ۱۹۸۷ع) ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي زندگيءَ جو احوال (اڻ ڇپيل) ۾ لکي ٿو ته سندن ڏاڏو سيد محمّد شاھ جيڪو حيدرآباد مان لڏي پنهنجي اڳ ويٺل عزيزن وٽ ڳوٺ امين لاکي ۾ اچي رهيو، مشهور کوهاڻو هو. کوهن لاءِ سرون به پاڻ وجهندو ۽ پچائيندو هو. ساڻس گڏ سندس عزيز سيد لعل شاھ به ساڳيوپورهيو ڪندو هو. ڳوٺ بچو رند، پراڻي سيدآباد جي باغ وارو کوھ ۽ ڳوٺ امين لاکي جي اُتر ۾ سنهڙي وارو کوھ جيڪو واڻين کڻايو هو ۽ اڄ به دائم قائم آهي مڙئي سيد محمّد شاھ جا کنيل هئا. پاڻ وفات وقت پنهنجي پٽن کي چيو هئائين ته مون اوهان کي پنهنجي سيني جو رت ولوڙي کارايو آهي تنهنڪري اوهين به پنهنجو پورهيو ڪري ٻچا پالجو پر ڪنهن ڏي هٿ نه ڊگهيرجو. سندس فرزندن به سڄي عمر ٻنيون ڪاهي، نار چاڙهي ۽ ٻيون ڪيترن قسمن جون مزدوريون ڪري پنهنجون زندگيون گذاريون ۽ اولاد نپائي وڏو ڪيو.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۱۹۳۴ع ڌاري ڄائو، پر اسڪول رجسٽر ۾ سندس ولادت جو سال ۱۹۳۹ع درج ٿيل آهي. اُن وقت هي ڪُٽنب تمام غربت جي زندگي گذاريندو هو، ٻنيون جيڪي ٿوريون گهڻيون هيون سي درياءُ پائي ويو باقي وڃي ۱۱ کن ايڪڙ ڇڏيائين. مال چور ڪاهي ويا، ڳاڙهو اُٺ جنهن کي ديوانو سڏيندا هئا ۽ هڪڙو ڍڳو به چورائجي ويو. خبر پوڻ جي باوجود چورن مال ڪو نه موٽايو. خاندان جو ڏاڍو ڏکيو گذر ٿيندو هو. اڪثر ويلا پئجي ويندا هئا. اهڙي حال ۾ ڳوٺ شير خان مجيداڻي جو تڳيو مجيداڻو، مائي ڀانوان، مائي ڳوري، ڳوٺ هوت سيال جي مائي صابي سيالڻ ۽ ڳوٺ امين لاکي جي مائي ڌاڻَو حاجاڻي ۽ پيرزادا، خاندان جي مدد ڪندا هئا. ان ئي زماني ۾ سيدآباد پراڻي جي گر بخش سنگھه پٽ سُندر سنگھه وٽ گروي رکيل ۱۰ ايڪڙ زمين جو ٽڪرو قرض ۾ هليو ويو.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي ولادت کان هڪ سال اڳ يعني ۱۹۳۳ع جا يادگيرا لکندي ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لکي ٿو ته ۱۹۳۳ع ۾ بابا چڻا پوکيا جن کي سيءَ ساڙي ڇڏيو باقي جيڪي بچيا انهن کي ڪينئون وٺي ويو فصل مان ڪجهه ڪونه مليو انڪري اڪيلو ڍڳو جنهن کي لاڏڪو سڏيندا هئاسين اهو رمضان حاجاڻي کي ويهن رپين ۾ ڏئي ڍل پياريسون. ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ جو ٻيو نمبر وڏو ڀاءُ سيد قادر بخش شاھ عرف قادن شاھ انهن ڏينهن لاءِ لکي ٿو ته غربت جي ڪري ڏاڍا ڏکيا ڏينهن گذرندا هئا، هڪ ڀيري گهر ۾ اَنُ ڪونه هو امان کي الائي ڪٿان هڪڙو ٽَڪو مليوهو. اڳي ٽامي جا ٽَڪا هئا جنهن جي تور هڪ تولو هوندي هئي. آئون اهو کڻي ‘ڪرمووائڻي’ جي هٽ تان اَنُ وٺڻ ويس اتي هڪ مسلمان ويٺو هو ٽڪي جو اَنُ وٺندو ڏسي هن کلي چيو ‘ٽڪي جو اَنُ ؟’، واڻئي مونکي اَنُ توري ڏنو هو. سيد قادن شاھ وڌيڪ لکي ٿو ته بابا پورهيو ڪري جيڪي هٿ ايندو هئس گهر کڻي ايندو هو، امان ڀرت ڀري، کٽون واڻي، جنڊ پيهي  ڪجھه نه ڪجھه ڪمائيندي هئي. ڪي ماڻهو تعويذ لکائڻ ايندا هئا يا ٻارن کي ستيون ڦڪيون ڪرائڻ ايندا هئا. امان جي هٿ ۾ الله سائين وڏي شفا رکي هئي ماڻهو ستين ڦڪين بدلي اَنُ يا پئسا ڏئي ويندا هئا.
ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لکي ٿو ته امڙ ڏاڍي سياڻي، سيبتي ۽ صبر شڪر ڪرڻ واري هئي، اسان ٻارن کي چيل هوندو هو ته ڪڏهن به مانيءَ واري وقت تي ڪنهن عزيز قريب يا قُرب وارن جي گهر ڪونه وڃبو، جيڪڏهن وڃو ته مانيءَ کائڻ مهل کين ڪڏهن به ڪونه ڏسبو. اسان پرائمري جي پڙهائي دوران اسڪول مان موٽي ايندا هئاسون گهر ۾ جيڪڏهن ماني ڪانه هوندي هئي ته ماءُ جي ڏنل سمجهاڻيءَ تي راند روند کي لڳي ويندا هئاسون ڪڏهن به ماءُ کي مانيءَ لاءِ تنگ ڪونه ڪيوسيون.
ڪچڙي جواني کي پهتاسين ۽ حالتن وڌيڪ پڪو پختو ڪري ڇڏيو ان وقت اسان وٽ هڪ اصطلاح هوندو ته اڄ اسان کي وڏن جي سنت ڪرڻي آهي يعني اڄ اسان کي فاقو ڪڍڻو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جن جي والده (وفات جولاءِ ۱۹۸۷ع) ٻڌائيندي هئي ته جڏهن وڏل شاھ ڄائو ته گهر ۾ ان ڪڻا به ڪونه هئا ۽ نه وري ٻار جي دُڪي لاءِ مکڻ ڦُٽي هئي. سُئانجي لاءِ رکيل گھه جو ذرو به هارجي ويو ان تي وڏل شاھ جي چاچي خان شاھ چيو ته اڄ اسان جي غربت ڇيھه تي وڃي پهتي، هاڻ ڏينهن ورندا، ٿيو به ائين، حالتن ۾ آهسته آهسته بهتري اچڻ شروع ٿي وئي.
ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ اڃا پنجن سالن کن جو هوندو جو ۱۹۳۹ع ۾ سندن والد وفات ڪري ويو گهر ۾ وڏو پٽ ٻار ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ هو جنهن جي ان وقت عمر ۱۵ سال کن هوندي. ٻن وڏن ڀائرن ۽ درويش سئوٽ سيد ٻُڍل شاھ گڏجي پورهيا ڪيا، ٻنيون ڪيون، نار چاڙهي آبادي ڪئي، ڏاڪ ڪئي، پلڙا روڙيا، ماکيون لاٿيون. ڊاڪٽرسيد محمّد صالح شاھ ۽ سيد قادن بخش شاھ ٻين پورهين سان گڏ اُٺ پڻ لڏيا. ۱۹۴۵ع ڌاري ڊاڪٽرسيد محمّد صالح شاھ جو -/۵۶۵ رپين ۾ ورتل اُٺ اوچتو بيمار ٿي پيو ان جي مُنڍي کيس ڪرنگهي ۾ لڳي وئي هڏيون ٿوريون کسڪي ويون پاڻ کٽ تي پئجي ويو.
ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ يادگيرن جي نوٽ بڪ ۾ لکي ٿو ته بابا جي وفات بعد پنهنجو هلٽَ به ڪونه هو پٽ سٽ جي ڏاندن تي نار چاڙهي ٻني پوکيسون. نار پوک لاءِ چوندا آهن ته شينهن کي ڪن کان جلهڻ برابر آهي پر اسان ٻارن ان شينهن کي ٻلي سمجهي ڪن کان جلهيو هو ڪنهن جي به مدد ڪانه ورتي سون. ماڻهو هلي اچي ڏسندا هئا ته هي ٻار ڪيئن ٿا پوک پچائين. ڊاڪٽرسيد محمّد صالح شاھ وڌيڪ لکي ٿو ته اسان وٽ ڳوٺ هوت سيال جي سيالن کان ورتل هڪڙي ڍڳي هوندي هئي جنهن کي گُنديل سڏيندا هئاسين ڇاڪاڻ ته پيٽ وڏو هئس، ننڍڙو وڏل شاھ اها ڍڳي چاريندو هو ۽ ان جو گاھ پَٺو به ڪندو هو ننڍو هو پر سگهو هو انڪري ڍڳي خوب تاتي هئائين. چاچا خان شاھ کي خدا ڪارڻ ٻڪريون مليون جنهن مان هڪڙي ميرل شاھ کي ڏنائين ان ٻڪري کي اسين ڪِڪي سڏيندا هئاسين جنهن مان ڏهاڪو کن ٻڪرين جو ولرڙو هو جيڪو وري وڏل شاھ کان وڏو ڀاءُ سيد ميرل شاھ چاريندو هو.
۱۹۳۵ع ۾ فائينل پاس ڪري ويٺل ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ کي ۱۹۴۵ع ۾ ڳوٺ باگو رند تعلقو هالا ۾ پرائمري استاد طور آرڊر مليو جيڪو سندس سئوٽ امام علي شاھ آڻي ڏنو. اُٺ جي مُنڍي لڳڻ ڪري کٽ تي پئجي ويل ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لٺ جي ٽيڪ تي ڳوٺ کان ميل سوا پنڌ تي باگي رند ۾ وڃي پڙهائڻ شروع ڪيو. سال ۱۹۴۶ع ۾ سيد قادن شاھ ڇڏيل پڙهائي وري شروع ڪئي، ۱۹۴۷ع ۾ فائينل پاس ڪيائين حيدرآباد ضلع ۾ ۱۸ نمبر آيو. سال ۱۹۴۸ع ۾ سيد قادن شاھ کي ڳوٺ واليڏنو ڏيپر ۾ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر ڪري مقرر ڪيو ويوهيءَ سندس پهرين تقرري هئي. ٻنهي وڏن ڀائرن گڏجي خاندان کي سهارو ڏنو ۽ خاندان جا ڏينهن بهتري طرف ڦرڻ شروع ٿيا.
پرائمري تعليم ـ
ڳوٺ امين لاکي ۾ ۲۴-۱۹۲۵ع ڌاري اسڪول کليو جيڪو ۱۹۳۳ع ۾ کڄي ويو ان وقت اسڪول جي استاد ‘شيون داس’ فرنيچر ۽ رڪارڊ کڻائي نئين سيدآباد ريلوي اسٽيشن تان الهڏني ساند لاءِ بُڪ ڪرايو، اهو سامان رڪارڊ سميت کيبر پرائمري اسڪول کي مليو. هالا تعلقي سان ۱۹۴۵ع ۾ زوري تعليم لاڳو ٿي انڪري ۶ سالن کا ۱۷ سالن وارن ٻارن جي ڳڻپ ڪري انهن ڳوٺن ۾ اسڪول پئي کوليائون. سال ۱۹۴۶ع ۾ امين لاکي ۾ ٻيهر اسڪول کليو جيڪو باگي رند جي برانچ هو. اسڪول کولائڻ ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ جي ڪوشش به شامل هئي، جيڪو ان وقت باگي رند واري پرائمري اسڪول ۾ استاد هو.
نئين سر کليل اسڪول ۾ ۱۴ فيبروري ۱۹۴۶ع تي ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو ويجهو عزيز سيد لعل شاھ اسڪول جو پهريون استاد مقرر ٿيو. اسڪول کلڻ تي مال چاريندڙ سيد وڏل شاھ ۽ کائنس وڏي ڀاءُ کان مال چارڻ ڇڏائي اسڪول ۾ ويهاريو ويو. ذهين هجڻ جي ڪري پهرئين ۽ ٻئي درجي جو امتحان گڏي ڏنائون. تن ڏينهن ۾ پرائمري تعليم جي حد چوٿين درجي تائين هوندي هئي ۽ چوٿين پاس ڪرڻ بعد انگريزي پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. جتي پنجون سنڌي ۽ پهريون انگريزي پڙهائبو هو، اهو طريقه ڪار ۱۹۶۲ع تائين هلندو آيو ايوب خان جي صدارت واري دور ۾ ڏهائي سرشتو رائج ڪيو ويو ۽ تعليم ۾ جمائت لاڳو ڪئي وئي. يعني پرائمري پنجين ڪلاس تائين، ڇهين کان اٺين ڪلاس تائين مڊل جي تعليم،نائون ڏهون ڪلاس هاءِ اسڪول جي تعليم ۽ يارهون ٻارهون ڪلاس انٽر جي تعليم قرار ڏنا ويا.
چوٿين درجي ۾ ڪچو امتحان حاجي شفيع محمّد ميمڻ هالائي وٺڻ آيو، سيد ميرل شاھ ۽ سيد وڏل شاھ جي ذهانت کي پرکي صلاح ڏنائين ته ٻنهي ٻارن کي اسڪالرشپ جو امتحان ڏياريو. ۴۸-۱۹۴۹ع ۾ اهو چٽا ڀيٽيءَ جو امتحان ٿيو، سينٽر گورنمينٽ حيدرآباد جي ساڌو هيرانند، نولراءِ اڪيڊمي ۾ هو جيڪو هاڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول سوسائٽي سڏجي ٿو ۽ ساڻس سنڌلا ڪاليج لڳولڳ آهي. ٻئي ڀائر سٺن نمبرن سان پاس ٿيا ۽ هاءِ اسڪول اسڪالرشپ کٽڻ سان مخدوم غلام حيدر مدرسه ۽ هاءِ اسڪول هالا ۾ داخل ٿيا، اهڙي طرح ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو پرائمري تعليم جو دور ختم ٿيو.
مخدوم غلام حيدر مدرسه ۽ هاءِ اسڪول هالا جو زمانوـ
تعلقي هالا جو ڳوٺ واليڏنو ڏيپر جنهن کي جماعت اسلامي وارن منصوره بنائي ڇڏيو آهي اتي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جي خاڪسار ۽ انتهائي مخير ۽ مخلص شخص مولوي شفيع محمد نظاماڻي تعليمي ادارن جو بنياد وڌو، پرائمري اسڪول، اورينٽل ڪاليج ۽ ديني مدرسو قائم ٿيا اڳتي هلي هاءِ اسڪول پڻ قائم ڪيو ويو. انهن مڙني ادارن کي هلائڻ لاءِ مولوي (مرحوم) پنهنجي ٻه سئو ايڪڙ کن بهترين زرعي زمين وقف ڪري ڇڏي. ان اداري جي شروعات ۽ عروج ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي وڏن ڀائرن ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ ۽ سيد قادن شاھ جو وڏو هٿ هو.
مولوي شفيع محمّد ان وقت مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا جي بورڊ جو ميمبر هو، پنهنجي ڀلي طبعيت ۽ سيد ڀائرن سان واسطي جي ڪري سيد ميرل شاھ ۽ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جن کي هالا هاءِ اسڪول ۾ داخلا ڏيارڻ ۾ مدد ڪيائين. ۰۲ اپريل ۱۹۴۹ع تي داخلا ٿيڻ بعد هاءِ اسڪول واري تعليم جو آغاز ٿيو. ان وقت اسڪول جو هيڊ ماستر غلام رضا ڀٽو هو، ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي جوهر کي تاڙي ورتائين ۽ ڀٽو صاحب سندس وڏي عزت ڪندو هو ۽ کيس بي انتها ڀائيندو هو. انهيءَ زماني ۾ هاءِ اسڪول اسڪالرشپ انگريزي ٽئين درجي مان ٿيندي هئي، ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ انهيءَ امتحان جي لاءِ سراج الدين ميمڻ ۽ فيض محمّد ميمڻ نالي ٻن انتهائي قابل استادن وٽ تياري ڪرڻ لڳو ۵۲-۱۹۵۳ع ۾ ڏنل امتحان ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري اسڪالرشپ جو حقدار ٿيو. پڙهائي دوران اسڪول ليول تي ٿيندڙ ڊبيٽن ۾ به ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ حصو وٺندو هو، استادن ۽ شاگردن جي مقابلي واري هڪ ڊبيٽ ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڪپ کٽيو ۽ سندس ٽيم استادن کان مقابلو کٽي ورتو.اسڪول جي پڙهائي دوران پاڻ کان مٿئين درجي  جي شاگردن کي حساب ۽ سائنس پڙهائيندو هو. پنهنجي ڪلاس ۾ سدائين پهريون نمبر ايندو هو انڪري هيڊ ماستر ۽ ٻيا استاد توڙي شاگرد کيس تمام گهڻو چاهيندا هئا ۽ سندس عزت ڪئي ويندي هئي. سال ۱۹۵۳ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ ورنيڪبولر فائينل امتحان جو پهريون ڀيرو سينٽر هالا کي ڪيو ويو، سندس شوق ٿيوته اهو امتحان به ڏئي ڇڏجي، فارم ڀرائي امتحان ڏنائين ۽ سڄي سينٽر مان فرسٽ ڊويزن ۾ اول آيو.
هاءِ اسڪول واري تعليم دوران ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۽ کائنس وڏو ڀاءُ سيد ميرل شاھ اسڪول جي هاسٽل ۾ رهندا هئا، اسڪول جو باني مخدوم غلام حيدر (مخدوم محمّد زمان طالب المواليٰ جو چاچو) زندھ هو اهو پنهنجي طرفان شاگردن جي کاڌي لاءِ گهڻي ۾ گهڻي مدد ڪندو هو. غريب شاگردن جي ڪپڙي لٽي، کاڌي پيتي ۽ ڪتابن جو بار پاڻ کڻندوهو. اسڪول جي هاسٽل ۾ مانيءَ جو بندوبست مولوي عبدالباقي سنڀاليندو هو جيڪو نھايت ڪفايت شعار هو انڪري شاگردن جي کاڌي پيتي ۾ به ڪفايت کان ڪم وٺندو هو. هاءِ اسڪول جو ستون سال پورو ٿيو مئٽرڪ جي امتحان جو سينٽر ساڌو هيرانند، نولراءِ اڪيڊمي حيدرآباد ۾ هو، انهيءَ وقت امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۵۵-۱۹۵۶ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي، حسابن، جاميٽري، آلجبرا ۽ عربيءَ ۾ امتيازي مارڪون کڻي هاءِ اسڪول ۾ ٻيو نمبر آيو.
گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد (D.G college ) وارو زمانوـ
سال ۵۶-۱۹۵۷ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري ۾ داخل ٿيوان وقت به ڪٽنب جي مالي حالت ايتري پاڻ ڀري ڪانه بلڪه قياس جهڙي هئي سندس ٻه وڏا ڀائر ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ ۽ سيد قادر بخش شاھ (سيد قادن شاھ) پرائمري استاد هئا، سيد ميرل شاھ مئٽرڪ پاس ڪري وڃي هاءِ اسڪول ٽيچر ٿيو، انهن ڏينهن ۾ استادن جو پگهار سوتو پوتو هو تنهن ڪري ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي وڏن ڀائرن جي دوست مولوي محمّد سلطان ڪوريجي وٽ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جي هاسٽل نمبر هڪ ۾ رهايو ويو. مولوي صاحب ڪاليج ۾ فقه جو استاد ۽ مسجد جو پيش امام هو ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۽ مولوي صاحب گڏ رهندا هئا. استادن جي هاسٽل جي ميس جي ماني مڙئي گذاري جهڙي ٿيندي هئي، ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ان تي گذارو ڪري روزانو اوٽ موٽ اٽڪل ۰۴ ڪلو ميٽر پنڌ ڪري ڪاليج ويندو هو. اهڙين حالتن ۾ پڙهائي ۾ ڪجھ رخنو پيو انڪري ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ انٽر سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪئي تڏهن به سائنس ۽ رياضي ۾ امتيازي نمبرن سان پاس ٿيو اهو سال ۱۹۵۸ع هو.
لياقت ميڊيڪل ڪاليج وارو زمانوـ
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ انٽر بائلاجي ۾ ڪئي هئي سال ۵۸-۱۹۵۹ع ۾ کيس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ داخلا ملي. ننڍي عمر ۾ کيس مُدي جو بخار ٿي پيوهو انڪري ٻڌڻ جي قوت متاثر ٿي هئي هڪڙي ڪن کا گهٽ ٻڌي سگهندو هو. ميڊيڪل جي پڙهائي دوران پاڻ هڪڙو سائونڊر استعمال ڪندو هو. اهو سائونڊر ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي، پنهنجي مربي ۽ استاد مولوي عبدالله ولد نهال خان لغاري سانگهڙ واري لاءِ آندو هو. مولوي صاحب جي وفات بعد ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ اهو سائونڊر، ڊاڪٽر هاليپوٽي کان خريد ڪيو هو. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سال جي شروعات ۾ ئي ڊاڪٽر عبدالرشيد ميمڻ نئين سيدآباد واري کان ڪتابن جو سيٽ اڌارو ورتو ۽ هزار روپيه کن ڀري جرنل وغيره به ورتا هئا. پڙهائي جي ڇهن مهينن اندرڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ پيش ٿيو ان وقت ڪاليج جو منتظم ڪرنل نجيب هو، نوجوان شاگرد کي ڪن ۾ سائونڊر لڳل ڏسي داخلا رد ڪري ڇڏي حالانڪه ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي پڙهائي جي رپورٽ ڏسڻ بعد ڪرنل حيران رهجي ويو هو پر پوءِ به ان بنياد تي داخلا رد ڪيائين ته گهٽ ٻڌڻ واروماڻهو ڊاڪٽر ڪئين ٿيندو.
داخلا رد ٿيڻ تي ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي تمام وڏو جهٽڪو لڳو ۽ پنهنجي آئيندي کان ڪي قدر مايوس ٿي ويو. پنهنجي وڏن ڀائرن سان ڏک اوريائين جن همٿ ٻڌائيندي کيس سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لا تيار ڪيو ۽ چيو ته ماڻهن جو علاج ڪرڻ وارو نه سهي الله چاهيو ته تون علم جو ڊاڪٽر ٿيندين ۽ دنيا ڏسندي. ڇاڪاڻ ته هي سال جو وچ هو انهيءَ ڪري کيس سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ملي نٿي سگهي، تنهن ڪري وقت ڪاٽڻ لاءِ ڏيپرن ۾ مولوي شفيع محمّد جي قائم ڪيل هاءِ اسڪول ۾ سائنس پڙهائڻ شروع ڪيائين. مولوي مرحوم ئي کيس اهڙو مشورو ڏنو هو ۽ چيو هو ته جڏهن سال پورو ٿئي تڏهن وڃي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺجان.
سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد/ ڄامشورو وارو زمانوـ
لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان داخلا رد ٿيڻ بعد ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ملي وئي ان وقت سائنس شعبي جو سربراھ ڊاڪٽر ممتاز قاضي صاحب هو جيڪو اصل نصرپور جي مشهور قاضي خاندان مان هو ۽ حيدرآباد ۾ رهائش رکندو هو. ڊاڪٽر قاضي صاحب پوءِ سنڌ جو سائنس جو سيڪريٽري ۽ صدر جوسائنسي صلاحڪار ٿيو. ڪيميا جو شعبو تڏهن اولڊ ڪئمپس واري بلڊنگ ۾ جتي هاڻي بي-ايڊ. ايم-ايڊ جا ڪلاس هلندا آهن اتي هوندو هو.
 يونيورسٽي جي پڙهائي ۽ حيدرآباد شهر جي رهائش جو خرچ ڀرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي خاندان وٽان پوري ساري رقم ملندي هئي جيڪا پڙهائي وغيره لاءِ ايتري مناسب ڪانه هئي. ڀائرن تان بار هلڪو ڪرڻ لاءِ پاڻ ٽيوشن پڙهائڻ شروع ڪيائين. هوم اسٽيڊ هال چاڙهي جي منهن ۾ مٿي ويندي ساڄي هٿ هڪڙي وڏي واڻڪي بلڊنگ ۾ تاج پور جو نواب خير محمّد خان ٽالپر رهندو هو سندس پوٽي امداد علي خان ولد مرحوم نواب الله بخش خان کي پڙهائڻ لاءِ روزانو ٽريننگ ڪاليج واري هاسٽل کان پنڌ وڃي پڙهائي ايندو هو. نواب خير محمّد خان اٽڪل ۲۲ هزار ايڪڙ زمين رکندڙ وڏو جاگيردار هو انڪري سندس لاڏلي پوٽي جو پڙهائي طرف ڌيان پورو سارو هو ۽ ٽيوشن پڙهائيندڙ استاد سان تعاون گهٽ هو. ممڪن آهي استاد سان سلوڪ به ڪجھ اهڙو هجي جو ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سلسلو ختم ڪري ڇڏيو. سندس جاءِ تي ٻيو هڪڙوغريب ۽ ضرورتمند ڇوڪرو غلام حسين خاصخيلي ٽيوشن پڙهائڻ لڳو (ڊاڪٽر غلام حسين خاصخيلي سنڌ يونيورسٽي مان پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ڪيو وڏا وڏا ريسرچ پروجيڪٽ هلائيندو هو ۽ ناميارو پرفيسر مڃيو ويندو هو.)
انهي زماني ۾ الله بخش نظاماڻي نور محمّد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج جو سربراھ هو. نظاماڻي صاحب جڏهن ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي ناموس ٻڌي ته کيس معمولي پگهار تي ڪاليج ۾ پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيائين. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي رهائش ٽريننگ ڪاليج ۾ هئي انڪري هن لاءِ چند قدمن تي وڃي شام جو پڙهائڻ آسان هو. هي ۶۱-۱۹۶۲ع جو زمانو هو سنڌ يونيورسٽي جي ڄامشوري واري ڪئمپس جون هاسٽلون ٺهي رهيون هيون جن جا ٽي چار بلاڪ ٺهي چڪا هئا ۽ ڪجھ شعبا اوڏانهن منتقل ٿي ويا هئا. ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ پڻ اوڏانهن منتقل ٿي ويو انڪري مسلم ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو سلسلو بند ٿي ويو. اهڙي وقت ۾ مولوي شفيع محمّد ولد مير محمّد نظاماڻي ويٺل ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جنهن جو ڏيپرن جي ادارن جي سلسلي ۾ اڳ ئي ذڪر ٿي چڪو آهي تنهن ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي ڪي قدر مالي سهائتا ڪئي.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ پڙهائي جي سلسلي ۾ بي انتها محنتي شاگرد هو، پڙهائي واري زماني ۾ ڪڏهن به کٽ يا هنڌ استعمال ڪونه ڪيائين چوندو هو ته جيڪي شاگرد پڙهائي دوران ننڊون ڪندا اهي وڏي هوندي ڇا ڪندا. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۱۹۶۱ع ۾ بي-ايس-سي آنرز ڪئي، سائنس فيڪلٽي ۾ اول نمبر آيو کيس چاندي جو ٻلو مليو مجموعي طور سندس ٻيو نمبر هو پهريون نمبر ڪنهن ڇوڪريءَ حاصل ڪيو. ڪيمسٽري ميجر ۽ باٽني مائينر سبجيڪٽ هئا. جڏهن M.Sc فائينل جا امتحان ٿيا ته ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ پنهنجي استاد ڊاڪٽر ممتاز قاضيءَ کي گذارش ڪئي ته B.Sc ۾ ساڻس قدري ناانصافي ٿي آهي هينئر به ساڳيو امڪان آهي انڪري سندن امتحاني پيپر ڍاڪا يونيورسٽي کي روانا ڪيا وڃن. پروفيسر ڊاڪٽر قاضي صاحب جن پيپر ڍاڪا يونيورسٽي کي روانا ڪرائي ڇڏيا جڏهن نتيجو آيو ته ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ فرسٽ ڪلاس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ٿيو سلور ميڊل ماڻيائين ۽ مقابلو ڪندڙ ڇوڪريءَ ساراھ جهڙا نمبر به ڪانه آڻي سگهي.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي ذهانت جي باري ۾ سنڌ جو مشهور تعليمي ماهر، ليکڪ ۽ ڊرامه نگار محمّد اسماعيل عرساڻي (آچر۲۲ مئي ۱۹۸۳ع جي هلال پاڪستان اخبار ۾ڇپيل مضمون) لکي ٿوته هڪ دفعي ڪنهن ممتحن سندس پرچي ۾ ئي نوٽ لکيو ته ”امتحان ڏيندڙ امتحان جو پرچو ڏسندڙ کان بهتر ٿو ڄاڻي.“
اعليٰ تعليم ۽ ريسرچ ـ
نومبر ۱۹۶۳ع ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سنڌ يونيورسٽي انجينئرنگ ڪاليج ۾ جونيئر ليڪچرر مقرر ٿيو ساڳئي ئي سال ۾ کيس ميرٽ اسڪالرشپ ملي جيڪا برطانيا ۾ وڃي پڙهڻ لاءِ هئي. پاڻ آڪٽوبر ۱۹۶۴ع ۾ لنڊن لاءِ روانو ٿيو، هالا تعلقي مان پهريون شخص هو جيڪو ڊاڪٽريٽ ڪرڻ لاءِ ولايت وڃي رهيو هو. امپيريل ڪاليج لنڊن جي ان وقت جي اعليٰ تعليم لاءِ داخل شاگردن جي لسٽ مان پتو پوي ٿو ته ڪيمسٽري ۾ اڪيلوئي پاڪستاني شاگرد ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ هو. ۲۳ جنوري ۱۹۶۵ع تي پنهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته آئون موجوده وقت ۾ (Pure science) ۾ پهريون سنڌي آهيان جنهن کي اسڪالرشپ ملي آهي سابه ايتري تڪڙي.
شروعات ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۽ ڊاڪٽر اسدالله قاضي (هن وقت وائس چانسلر اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد) هڪ ئي ڪمري ۾ گڏ رهندا هئا. ٻئي ڪمري ۾ ڊاڪٽر حاجي محمود ميمڻ (مهراڻ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ ڊين جي عهدي تان رٽائر ٿيو) ۽ هڪ ٻيو سنڌي رهندا هئا ماني پاڻ پچائي کائيندا هئا. ڊاڪٽر بدرافغان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نورمحمّد ٽالپر به ان وقت Ph.D ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ هئا. ۰۹ نومبر ۱۹۶۴ع تي سيد قادن شاھ کي خط لکي ٻڌايو اٿن تهD.I.C   (Diploma Of Imperial College)هڪ سال لاءِ ڪرائيندا آهن پوءِ Ph.D جو ڪم شروع ڪرايو ويندو آهي مونکي هڪ سال جو عملي تجربو هو ۽ منهنجي ڪارڪردگي ڏسي ٻن ٽن مهينن اندر D.I.C جو شرط هٽائي سڌي سنئين Ph.D ۾ داخلا ڏني اٿن. اڳتي لکن ٿا ته، هتي سخت محنت ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته اسان پاڪستان ۾ جيڪي ڪتاب M.Sc ۾ پڙهيا اهي هتي B.Sc ليول تي پڙهايا ويندا هئا ۽ ۱۹۳۰ع کان وٺي هتي متروڪ آهن.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو پروفيسر G.W.kirby اتان جو مڃيل استاد هو ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي استاد تي ايترو اثر قائم ڪري ورتو جو پروفيسر ڊاڪٽر اسدالله قاضي موجب ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڪم ڪندو ئي مس هو ته ٻئي ڏينهن سندس سپروائيزربيٺو هوندو هو آئون چوندو هئس ته مُلان منهنجو سپروائيزر مونسان ڳالهائي ڪونه ٿو پڇانس ٿو ته آئون ڪهڙا ڪتاب پڙهان ته انتهائي رخو ٿي وراڻيندو هو ته وڃي لائبريري ۾ ڳول (ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ لاءِ پيار سان قاضي صاحب باربار مُلان چوندو رهيو) ڊاڪٽر اسدالله قاضي جن وڌيڪ ٻڌايو ته مون پنهنجي استاد سان ضد ڪيو ته مونکي M.Sc ڪرڻ ڏيو جنهن تي استاد ناراض ٿيو ۽ وراڻيائين ته امپيريل ڪاليج لنڊن جي ڊپلوما يونيورسٽي جي M.Sc کان وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي ٻن ٽن مهينن ۾ D.I.C ملي وئي ۽ پاڻ Ph.D به اسان کان ٽي مهينا کن اڳ مڪمل ڪري ويو حالانڪه اسين ڪاليج ۾ مهينو دير سان پهتا هئاسين. ڊاڪٽر حاجي محمود ۽ ڊاڪٽر بدر افغان اسان کان به ٻه ٽي مهينا اڳي لنڊن ۾ موجود هئا پر ڪن سببن جي ڪري اهي اسان کان به مهينو کن پوءِ ڊگري وٺي آيا.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو پروفيسر ‘لورپول’ يونيورسٽي وارن جي گهرائڻ تي اوڏانهن هليو ويو هو انڪري سندس شاگرد جي زباني امتحان جو لورپول ۾ بندوبست ڪرايو ويو. زباني امتحان لاءِ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڀائرن کي خط لکي ٿو ته آئون دنيا جي جديد ريسرچ وارن جرنلس مان به تياري ڪري ويو هئس اتفاق اهڙو ٿيو جو منهنجو ايڪٽرنل ان لٽريچر ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ هو، زباني امتحان  ختم ٿيندي ئي مبارڪ ڏيندي چيائين ‘محترم سيد هاڻي توهين ڊاڪٽر آهيو’ Ph.D جي ڊگري حاصل ڪري پاڻ آڪٽوبر ۱۹۶۷ع ۾ وطن واپس آيا. واپس اچڻ تي عزيزن، دوستن ۽ راڄ وارن جيڪا آجيان ڪئي اها وسارڻ جهڙي ڪانهي، ڪي ڪيترا ڏينهن ماڻهو ايندا رهيا ۽ خوشي جو اظهار ڪندارهيا. ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۶۷ع تي پاڻ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو ۾ پنهنجي جونيئر ليڪچرار واري عهدي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائون.
جپان روانگي ـ
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۶۸ع تي شادي ٿي جنهن جي ڏهاڪو ڏينهن بعد يونيسڪو ۽ جپان حڪومت جي خرچ تي ڪيميسٽري ۽ ڪيميڪل انجيئرنگ ۾ انٽرنيشنل پوسٽ گريجوئيٽ يونيورسٽي ڪورس ڪرڻ لاءِ ٽوڪيو، جپان روانو ٿي ويو.ڪورس ۰۳ آڪٽوبر ۱۹۶۸ع کان شروع ٿي ۱۶ سيپٽمبر ۱۹۶۹ع تي ختم ٿيڻو هو.شادي جي چند ڏينهن بعد جپان تڪڙي روانگي کي نظر ۾ رکندي سنڌ يونيورسٽي جي ان وقت جي پبلڪ رليشننگ آفيسر (P.R.O) ۽ صحافي پير مظهر(هاڻي سنڌ جو وزيرتعليم) ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو انٽرويو ڪري هڪ مضمون عبرت اخبار ۾ شايع ڪرايو جنهن جو عنوان هو‘علم جي تلاش’.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ لاءِ علم جي تلاش واقعي به وڏي شوق جي ڳالھ هئي سنڌ يونيورسٽي کيس صرف ۰۲ ڏينهن لاءِ پوري پگهار سان موڪل ڏني باقي ۱۱ مهينا ۲۸ ڏينهن اڌ پگهار جي شرط تي جپان وڃڻ جي اجازت ڏني هئي پاڻ اهو شرط قبول ڪري روانا ٿيا. جپان لاءِ اسڪالرشپ ٿوري هئي انڪري پاڻ سنڌ يونيورسٽي کي خط لکي گذارش ڪري ويا هئا ته سندس اڌ پگهارجپاني ڪرنسي ۾ تبديل ڪري اسٽيٽ بئنڪ جي معرفت کيس موڪلڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. جپان ۾ رهائش دوران پاڻ ٽيڪنيڪل انجنيئرنگ تي لکڻ شروع ڪيوهئائون پر مڪمل ڪونه ٿي سگهيو. ڊاڪٽر صاحب جن ڪورس پورو ڪري ڊپلوما وٺي ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۶۹ع تي واپس اچي سنڌ يونيورسٽي ۾ درس تدريس ۾ مشغول ٿي ويا. محمّد اسماعيل عرساڻي لکي ٿو ته ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جپان ۾ پاڻ کي اهڙو لائق فائق ثابت ڪيو جو آخر تائين به جپان يونيورسٽي کائنس ڪيميسٽري جو پيپر سيٽ ڪرائيندي هئي
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سان ڀٽائي جي لفظن ۾ ‘پيان نه ڍاپان’ وارو حساب هو علم جي اُڃ اجهامڻ واري ڪانه هئي. پاڻ ۱۹۷۰ع ۾ ناروي روانو ٿيڻ کان اڳ نيشنل ريسرچ ڪائونسل ڪئناڊا کي خط لکي ڪيميسٽري جي شعبي ۾ ريسرچ ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئائون پر ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين ۷۰-۱۹۷۱ع لاءِ فيلوشپ جو فيصلو اڳواٽ ٿي چڪو هو انڪري کيس سال ۷۱-۱۹۷۲ع لاءِ درخواست ڏيڻ جو مشورو ڏنو ويو. ڪئناڊا جي فيلوشپ بابت اطلاع ملڻ کانپوءِ پاڻ ترت ئي اوڪلاما  (Oklama)يونيورسٽي کي لکيائون، جن معذرت ڪندي ڄاڻايو ته جنهن فيلڊ ۾ اوهين ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا ان ۾ في الحال گنجائش ڪانهي جئين ئي گنجائش نڪتي ته ضرور اطلاع ڪيو ويندو.
ناروي لاءِ فيلوشپ ـ
ناروي حڪومت جي انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايجنسي طرفان گهرايل پوسٽ ڊاڪٽورل فيلوشپ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو نالو موڪليو.کيس بين الاقوامي چٽا ڀيٽي ۾ چونڊو ويو ۽ پاڻ آرگينڪ ڪيميسٽري ۾ پوسٽ ڊاڪٽورل ڪرڻ لاءِ آگسٽ ۱۹۷۰ع ۾ روانا ٿيا. هن ڀيري به پروفيسر ڊاڪٽر اسدالله قاضي جن ساڻن گڏ روانا ٿيا قاضي صاحب جن اوسلو ۾ هئا ۽ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ريسرچ جوڪم ٽرونڊهائم (Trondheim) يونيورسٽي ۾ پورو ڪري آگسٽ ۱۹۷۱ع  تي واپس اچي سنڌ يونيورسٽي ۾ ريسرچ ۽ پڙهڻ پڙهائڻ جو سلسلو جاري رکيو ان وقت پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيميسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر جي عهدي تي هئا.
ناروي لاءِ ٻيهر روانگي ـ
نارويجن ايجنسي فارانٽرنيشنل ڊولپمينٽ N.O.R.A.D جي فيلوشپ ڊويزن جي چيف خط لکي اطلاع ڪيو ته توهان سان گذريل سال ڊسمبر ۾ ڪراچي ۾ ملاقات ٿي هئي مونسان گڏ Dr. Thulin به هو پنهنجي بحث مباحثي جي نتيجي ۾ مون اوهان کي ۲۷ جون ۱۹۷۵ع تي فيلوشپ جي آڇ جو خط اماڻي ڇڏيو آهي جيڪو اميد ته ملي ويو هوندو توهين ناروي اچڻ جي تياري ڪريو.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ هتان روانو ٿي ۳۰ آگسٽ ۱۹۷۵ع تي اوسلو پهتو اتي به ڏينهن رهڻ بعد ۰۱ سيپٽمبر تي ٽرونڊهائم پهتو. سنڌ يونيورسٽي ۾ سندن نگراني ۾ ڪم ڪندڙ اسڪالرس جا ۱۲۵ کن سيمپل پائوڊر فارم ۾ تبديل ڪري پاڻ سان کڻي ويا هئا. ميڊيڪل پلانٽ ڪيميسٽري ۾ پروفيسر N.A Sorensen جي مشورن ۽ رهنمائي هيٺ اهو ڪم ٽن مهينن ۾ ختم ڪرڻو هو. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ۾ جنبي ويو پر ڪم گهڻو ۽ وقت تمام ٿورو هو انڪري هڪ مهينو وڌائي ڏيڻ لاءِ درخواست ڏنائون جيڪا قبول پئي ۽ کين ۳۱ ڊسمبر ۱۹۷۵ع تائين وقت وڌائي ڏنائون.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڪم ختم ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ پنهنجي شاگردن کي خط لکي ٻڌايو ته ”نتيجا انتهائي دلچسپ آيا آهن“ سندن ڪم ڪرڻ جو انداز ۽ رفتار ڇا هئي ان لاءِ فيلوشپJohn Dag Hutchison  ۰۵ جنوري ۱۹۷۶ع تي ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي گهر وارن کي لکيل خط ۾ ڄاڻائي ٿو ته منهنجي ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سان روبرو ملاقات ڪانه هئي فون تي ساڻس ڪيترا ڀيرا ڳالھ ٻولھ ٿي هئي. منهنجي راءِ موجب هو اهڙو ماڻهو هو جنهن جي خواهش هئي ته ناروي ۾ جيڪو ٿورڙو وقت آهي ان ۾ وڌ کان وڌ ڪم ڪري وٺي انڪري محسوس ٿيندو هو ته پاڻ تمام گهڻو ڪم پيو ڪري.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو هي سفر جو آخري سفر ثابت ٿيو، ناروي حڪومت جي جاري ڪيل وفات جي سرٽيفڪيٽ موجب ۱۷ ڊسمبر ۱۹۷۵ع واري رات تي پنهنجي ڪمري مان ئي ڪو نه نڪتا.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ بحيثيت استاد ۽ ريسرچرـ
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جڏهن اڃا سنڌ يونيورسٽي ۾ B.Sc جو شاگرد هو ۽ سندس رهائش ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ هئي تڏهن مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ عارضي ليڪچرار طور ڪم ڪندو هو. شام جي ڪلاسن ۾ ڪيمسٽري پڙهائڻ جو سلسلو جاري رهيو. سال ۱۹۶۱ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي جا ڪجهه شعبا جڏهن ڄامشوري منتقل ڪيا ويا ته پاڻ به اتي هاسٽل ۾ رهائش اختيار ڪيائون ۽ مسلم ڪاليج جو پڙهائڻ وارو سلسلو بند ٿي ويو.
سال ۱۹۶۳ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ ليڪچرار مقرر ٿيا چئن مهينن تائين پڙهائڻ بعد ۰۳ نومبر ۱۹۶۳ع تي ڄامشوري هليا آيا ڇاڪاڻ ته سندن استاد پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز قاضي صاحب جن کين نياپو ڏئي گهرائي سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو ۾ ليڪچرشپ جي آرڊر جي آگاهي ڏني هئي. نومبر جي پهرئين هفتي ۾ ئي پاڻ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو ۾ ڪيمسٽري جي شعبي ۾ جونئير ليچڪرار طور ڪم جي شروعات ڪيائون. انهي عهدي تي ڪم ڪرڻ دوران کين ميرٽ اسڪالرشپ ملي وئي ۽ پاڻ ۱۹۶۴ع ۾ لنڊن روانا ٿي ويا. لنڊن ۾ پڙهائي جي ٽئين ۽ آخري سال لاءِ سنڌ يونيورسٽي کين اڌ پگهار تي هڪ سال جي اجازت ڏني هئي. Ph.D جي ڊگري ملڻ بعد ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۶۷ع تي وري اچي سنڌ يونيورسٽي انجنئرنگ ڪاليج ۾ جونيئر ليڪچرار طور ڪم شروع ڪيائون.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي علم حاصل ڪرڻ، پکيڙڻ ۽ ريسرچ ڪرڻ جو شوق انتها تي پهتل هو. پاڻ نه صرف پنهنجي شعبي ۾ پر ديني علمن ۽ عام مطالعي ۾ پڻ وڏو شوق رکندا هئا. آگسٽ ۱۹۶۶ع ۾ وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ کي لکيل خط ۾ اظهار ڪندي لکن ٿا ته مون پنهنجي حياتي ديني علمن ۽ سائنس لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. عثمانيه يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر جو ترجمو ڪيل مولانا ابوالڪلام آزاد جو لکيل سورهَ فاتحه جو تفسير پڙهي پورو ڪرڻ تي آهيان. انگريزي ۾ ترجمو ڪيل دينيات تي ڪتاب گڏ ڪري رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته دينيات تي انگريزي ۾ ڪتاب لکڻ جو خيال آهي.
پنهنجي وڏي ڀاءُ کي لکيل هڪڙي ٻئي خط ۾ لکيو اٿن ته قرآن مجيد جي ترجمي ۾ جيڪي ٿوريون گهڻيون رنڊڪون آهن سي پڪيون ڪري ڇڏيان ته پوءِ ٻئي سال کان ياد ڪرڻ شروع ڪندس. صبح جو روزانو ڪلاڪ کن قرآن مجيد لاءِ رکيو اٿم. لاهور جي يوسف علي جو انگريزي ۾ لکيل قرآن مجيد جو تفسير موڪليندا. سندن خواهش تي اهو تفسير کين موڪليو ويو هو جنهن جو مطالعو ڪندا هئا ۽ هر جمع تي امپيريل ڪاليج ۾مسجد لاءِ حاصل ڪيل هال ۾ خُطبو ڏيندا هئا. اهو هال به پنهنجي پروفيسر جي مدد سان پاڻ ئي حاصل ڪيو هئائون جيڪو پوءِ هميشه لاءِ مسجد طور استعمال ٿيڻ لڳو ۽ پڪ سان اڄ (۲۰۱۱) تائين به مسجد ئي آهي.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو Ph.D جي پڙهائي دوران ئي علم ۽ سائنسي تحقيقات جي دنيا ۾عزم جي ليول ڇا هئي ان لاءِ پهرين آگسٽ ۱۹۶۶ع تي وڏي ڀاءُ کي خط ۾ لکن ٿا ته جڏهين دنيا جا وڏا وڏا سائنسدان گڏ ٿيندا آهن تڏهين سچ پچ ته دل اُڌما پئي ڏيندي آهي ته آئون به ڇونه ٿيان قدرت مونکي به اهڙوئي دماغ ڏنو آهي. اجازت ڏيو ته پنج ڇھ سال آمريڪا يا ڪٿي ٻاهرين دنيا ۾ ڪم ڪريان ان سان وڏو سائنسدان به ٿي ويندس ۽ خاندان جي ڇوڪرن کي ٻاهر گهرائي پنهنجي نگراني ۾ پڙهائي سگهندس. نومبر ۱۹۶۶ع ۾ وري به خط لکي ساڳيو عزم ورجائيندي لکن ٿا ته اڄ سڄي دنيا سائنسدانن جي محتاج آهي، وڏيون وڏيون حڪومتون انهن جي هٿ ۾ آهن مونکي لڳي ٿو ته محنت جو ڦل ڪنهن تمام اوچيءَ قيمت ۾ ملندو.
ڪيميسٽري سندن شعبو هو سٽائل ڪيميسٽري ۽ ايگريڪلچرل ڪيميسٽري تي ڪم ڪرڻ جو پڻ کين وڏو شوق هو راقم کي ان فيلڊ ۾ Ph.D ڪرائڻ  سندن خواهش هئي جنهن جو وڏي ڀاءُ کي خط لکي اظهار پڻ ڪيو هئائين. ڊاڪٽر صاحب جن نيچرل پراڊڪٽ ۾ بي انتها دلچسپي سان ڪم ڪندا هئا ٻوٽن ۾ قدرت واري ڪهڙا ڪيميائي جزا رکيا آهن ۽ اهي ڪهڙي فائدي جا آهن ان تي ريسرچ جو وڏو ادارو قائم ڪرڻ جو ارادو رکندا هئا. سينٽر آف ايڪسيلنس ان ائنالٽيڪل ڪيميسٽري ڄامشورو جي ڊائريڪٽر پرووفيسر ڊاڪٽر اقبال ڀنگر ٻڌايو ته آئون ۶۸-۱۹۶۹ع کان ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي سڃاڻندو هئس پاڻ B-2 بنگلي ۽ اسين B-3 ۾ رهندا هئاسين منهنجو والد ان وقت سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار هو. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڳالهائڻ ۾ سنجيده ۽ سندن سوچ ڏاڍي ڊگهي هئي، ذهن تمام گهڻو کليل ارادا تمام پختا هئا، کين خبر هوندي هئي ته پاڻ ڇاٿا ڪرڻ چاهين. شايد هي واحد استاد هو جيڪو سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن ۾ ريسرچ جي ڳالھ ڪندو هو، اسانکي تڏهن سمجھ ۾ ڪانه ايندي هئي ته ريسرچ ڇا آهي. جڏهن خبر پئي ته ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي خواهش ۽ ڪوشش سان سنڌ يونيورسٽي ۾ آرگينڪ ڪيميسٽري ۾ ريسرچ لئباريٽري قائم ٿي آهي ته اسان جي حيرانگي اڃان به وڌي وئي.
هينئر اهڙو مخلص ۽ بي غرض استاد نظر ڪونه ٿو اچي نيچرل پراڊڪٽ تي ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جيڪا لئباريٽري ٺاهي ان ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز قاضي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر احمّد نقوي جن جي کيس وڏي حمايت حاصل هئي. سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيميسٽري جي شعبي ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي سربراهي ۾ وڏو ڪم ٿيو. اسي واري ڏهاڪي کان تصور ئي بدلجي ويو اسين هاڻي ان ڳالھ تي ڳنڍ ٻڌيو ويٺا آهيون ته ٽيچر جو ڪم صرف پڙهائڻ آهي. ويهارو سالن کان هتي ريسرچ صفا ٺپ ٿي وئي پوءِ وري به ڪنهن حد تائين ڊاڪٽر محمّد يار کھاوڙ ڪم ڪيو. هاڻي ته اسان جي ادارن جو الائي ڇا ٿيندو.
ڊاڪٽر دادو خان بڙدي ٻڌايو ته هاڻي جيڪڏهن ڪو استاد ڪم ڪري پيو ته پنهنجي ذاتي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ جئين پبليڪيشن تيار ڪري سگهي پاڻ وڻائي سگهي ۽ ڪنهن وڏي عهدي تي پهچي سگهي. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ وارو اداري ۽ شاگردن جي ڀلائي وارو جذبو ڪونهي پاڻ چاهيندا هئا ته سندس شاگرد اڳتي وڌن ناميارا محقق ٿين ۽ ان سان گڏ وڏا عهدا ماڻين ۽ قوم جي خدمت ڪن. ڊاڪٽر صاحب جن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين سهولتن جي شديد کوٽ جي باوجود ان وقت جيڪا ريسرچ ڪئي ۽ پنجن استادن کي Ph.D ڪرائي، اهو ڪارنامو عام ڪونه هو پاڻ آرگينڪ ڪمپائونڊ کي الڳ ڪرڻ لاءِ اصل ڪيميڪل سليڪا وغيره نه هجڻ ڪري ميٽ جو هلڪو تھ چاڙهي ڪم ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ناڪام ضرور ٿياسين پر ڊاڪٽر صاحب جي ڪوشش سارهڻ جهڙي آهي جيڪڏهن اهو تجربو ڪامياب وڃي ها ته اسين جيڪر تمام سستي ۽ عام شيءَ کان وڏو سائنسي ڪم وٺي سگهون ها. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي وفات بعد ڊاڪٽر دادو خان بڙدي همت ڪانه هاري ۱۹۷۴ع ۾ شروع ٿيل ڪم ۱۹۹۱ع ۾ وڃي پورو ٿيو سوبه اسلام آباد مان. پاڻ انتهائي ڏکاري لهجي ۾ ٻڌائيندا رهيا ته ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ بعد سندس ڪيترا شاگرد جيڪي ڪاليج سائيڊ کان آيا هئا اهي ڪم تان هٿ کڻي ويا ۽ اسين نڌڻڪا ٿي وياسين اها ڳالھ ڪندي پهرين سُڏڪندا رهيا ۽ پوءِ اوڇنگارون ڏئي روئي ويٺا.
پروفيسر ڊاڪٽر شاھ نواز عارباڻي جن ٻڌايو ته ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سان واقفيت ۱۹۶۱ع کان ٿي جڏهن اسين شهر واري ڪئمپس مان ڄامشوري ڪئمپس ۾ آياسين. آئون کائنس هڪ سال اڳ ليڪچرار ٿيو هئس اسان جا شعبا الڳ هئا پر اسين ڄڻ هڪ وجود هئاسين واقفيت جي شروعات کان وٺي ملازمت واري دور ۾ روزانو ضرور ملندا هئاسين ۽ اداري جي ڀلائي لاءِ صلاحون مشورا ڪندا هئاسين. پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز قاضي جن سنڌ جا سيڪريٽري تعيلم ٿي ويا ته وٽن رجسٽر ٿيل Ph.D ڪرڻ وارا اسڪالر ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي رهبري هيٺ ڪم ڪرڻ لڳا سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو قائم ڪيل رڪارڊ آهي ته ٽن سالن جي مدي ۾ پنج اسڪالر Ph.D جون ڊگريون وٺي نڪتا. ان ريسرچ ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ تمام گهڻو ڪم ڪيو آئون کيس بار بار چوندو هئس ته ڪم جي رفتارگهٽايو پر کين جنون جي حد تائين ريسرچ ڪرڻ جو شوق هو. اڪثر شڪايت ڪندا هئا هئا ته نماز پڙهان ٿو ته مٿي کي چڪر ٿو اچي ان وقت اسان مان ڪنهن کي به اندازو ڪونه هو ته اها ڪهڙي خرابي آهي اصل ۾ بي حد ڪم ڪرڻ جي ڪري کين دل جو عارضو پيدا ٿي پيو هو.
اسان جي بدقسمتي آهي ته ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ اسان کان جدا ٿي ويا ڪراچي يونيورسٽي ۾ جيڪو سينٽر آف ايڪسيلنس آهي اهو ڄامشوري ۾ ٺهڻو هو پر قدرت واري ماڻهو گهرائي ورتو ته اهو ادارو به اسان وٽ ڪونه ٺهيو ڪير هلائي ها. ڊاڪٽر عارباڻي جن جي راءِ کي اڳتي وڌائيندي ڊاڪٽر اقبال ڀنگر ٻڌايو ته ان سينٽر ۾ ڊاڪٽر سليم الزمان صديقي جن شديد پورهيو ڪيو. ڊاڪٽر صديقي کي الله وڏي ڄمار ڏني تقريبَا ۹۵ سالن جي ڄمار ۾ به پاڻ ان ريسرچ سينٽر سان لاڳاپيل رهيا اهو سينٽر اڄ به قائم آهي ۽ سڄي دنيا ۾ مڃيو وڃي ٿو سڄي ايشيا ۾ اهڙو ٻيو پلانٽ ريسرچ انسٽيٽوٽ ڪونهي. ان کي تمام وڏي گرانٽ آهي. ڊاڪٽر ظفر حنيف زيدي جنهن سنڌ يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪئي ۽ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جن جو شاگرد هو ان پڻ ڊاڪٽر سليم الزمان سان گڏ ڪم ڪيو ڊاڪٽر زيدي پوءِ ڪراچي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو. ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان به ڊاڪٽر سليم الزمان جن سان گڏ ان اداري ۾ ڪم ڪيو. جيڪڏهن ڊاڪٽر ممتاز قاضي، ڊاڪٽر نسيم احمد نقوي ۽ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جن هجن ها ته پڪ سان سنڌ يونيورسٽي لاءِ منظور ٿيل اهو ادارو ڪراچي يونيورسٽي کي ڪونه ملي ها هو پنهنجو الڳ ادارو قائم ڪن ها ۽ اسان جو سينٽر پڪ سان دنيا جي مڃيل ادارن مان هجي ها.
ڊاڪٽر شاھ نواز عارباڻي جن ٻڌايو ته ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ مثالي انسان هو علم ڏيڻ ۾ ڪڏهن به بخل ڪونه ڪندا هئا استادن ۽ شاگردن کي همٿائيندا هئا ڪنهن به شاگرد جيڪڏهن بد تميزي به ڪئي هوندي ته پاڻ ان کي پيپر ڏسڻ وقت ڪڏهن به آڏو ڪونه رکيائون ڪڏهن ذاتي سببن جي ڪري ڪنهن شاگرد جي هڪ مارڪ به ڪونه ڪٽيائون. اسان کي وڏي ۾ وڏو نقصان پهتو ڇاڪاڻ ته اسين ڪونه ٿا ڏسون ته ٻيو ڪو ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ مستقبل قريب ۾ ايندو مونکي نظر ڪونه ٿو اچي ته ٻيو ڪو ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جهڙو ماڻهو ايندو جيڪو يونيورسٽي کي رت ست ڏيندو.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي انصاف پسندي تي ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر اسدالله قاضي جن ٻڌايو ته ڊاڪٽر شريف ميمڻ شاگردي واري زماني ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو سخت مخالف هو پر پاڻ بنا ڪنهن فرق جي ڊاڪٽر شريف کي Ph.D ڪرايائون ان بعد ڊاڪٽر شريف سندن ڏاڍي عزت ڪندو هو.
پروفيسر ڊاڪٽر ميڊم گلشن سهتو جن ٻڌايو ته سائين چوندو هو ته استاد ٿيو ڇوڪري کي اخلاق سيکاريو هن وٽ ذهانت آهي ته سندس بدتميزي جي ڪري مارڪون نه ڪٽيو. مارڪون ڏيڻ ۾ انصاف ڪريو جيڪڏهن سفارش ٻڌو ته پوءِ سڀني سان اها رعايت لاڳو ڪريو. ڇوڪرن جي گارگند ۽ بدتميزي ڪرڻ تي ڪنهن جو آئيندو خراب ڪونه ڪبو. هاڻي اهڙو ڪوبه استاد ڪونهي اسين به اهڙا استاد ڪونه آهيون نه وري اهي شاگرد آهن.
پروفيسر ڊاڪٽر گل حسن قاضي صاحب جن ٻڌايو ته ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ اڃان ڪونه وسريو آهي، ڏاڍو سچو ۽ بي باڪ انسان هو ماڻهن لاءِ مشعل راھ هو ۽ رهندو. ڊاڪٽر صاحب تمام ذهين هئا هميشه صحيح سوچيندا هئا ۽ صحيح رستو ڏيکاريندا هئا. ريسرچ ۾ وڏي وٺ ٿيندي هئي بحث مباحثه ڪبا هئا پاڻ سڀني کان هميشه مٿاهان ثابت ٿيا. اسين  گڏجي ڪم ڪندا هئاسين ائين ڪونه سوچيو ته ڪير ننڍو آهي ۽ ڪير وڏو آهي. پاڻ جيترا ڀائرن ۽ ڀينرن جا هئا اوترا اسان جا به هئا هن وقت موجود هجن ها ته پڪ سان سنڌ يونيورسٽي جو تحقيق ۽ تدريس جي ميدان ۾ نالو مٿاهون هجي ها ۽ پاڻ يونيورسٽي جي وڏي عهدي تي هجن ها. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جهڙو ريسرچر سنڌ يونيورسٽي کي مليو ئي ڪونهي سندس تحقيق جو معيار سدائين ڏاڍو مٿاهون رهيو حالانڪه ان وقت رابطي جي سهولت نه هجڻ جي برابر هئي هينئر ڪمپيوٽر جو دور آهي جيڪڏهن ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ هن دور ۾  هجن ها ته تحقيقي ميدان ۾ پاڻ دنيا جي چوٽي جي ٻن چئن سائنسدانن ۾ هجن ها.
ڊاڪٽر زاهده ميمڻ ۲۸ ڊسمبر ۱۹۷۷ع جي روزانه آفتاب حيدرآباد سنڌ ۾ لکن ٿيون ته ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ نهايت شفيق هئا هن هر شاگرد کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهيو آءُ به انهن مان هڪڙي آهيان کين شاگردن جي سوچ ۽ ترقي جو تمام گهڻو فڪر رهندو هو کيس هر شاگرد ‘عظيم استاد’ ڪري مڃي ٿو. سندن عزم هو ته پاڻ هڪ وڏي لئباريٽري قائم ڪندس جنهن ۾ سڀني شاگرد جي ڪيل ڪم کي پائي تڪميل تائين پهچائيندس. آئون جنهن ٻوٽي تي ڪم ڪري رهي هئس ان تي اڳي ڪنهن به سائنسدان ڪم ڪونه ڪيو هو. ريسرچ شروع ڪرڻ کان پوءِ به ڪافي مايوس رهندي هئس مون اهڙو ذڪر پنهنجي استاد ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سان ڪيو ۽ ڊپ جو اظهار ڪيو ته متان نتيجا سٺا نه اچن. پاڻ چيائين ته بابا اوهان دل جمعي ڪريو توهين جيڪي به نتيجا برآمد ڪندا آئون توهان جي نالي سان انڊسٽري کي موڪليندس آءُ ۽ توهين گڏجي هن ٻوٽي جي هر هڪ حصي تي ڪم ڪري هن مان بيمارين جا علاج ۽ ٻيا به ڪيترا فائدا ايجاد ڪنداسون جو ثابت ٿي ويندو ته توهان جو ٻوٽو بي حد ڪارائتو آهي.
ٽن سالن جي ريسرچ دوران آئون جڏهين به مونجهارن ۽ مايوسين جو شڪار ٿيندي هئس ۽ ڊاڪٽر صاحب جن سان ذڪر ڪندي هئس ته پاڻ ايترو اعتماد ڏياري ڇڏيندا هئا جو آئون پنهنجي پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندي هئس. منهنجو ريسرچ جو ڪم پورو ٿيو هاڻ لکڻ جو ڪم شروع ٿيڻو هو جو پاڻ ناروي اسهيا. آئون سندن شفقت کان پري رهي مايوس ٿي ويندي هئس پاڻ ناروي مان خط لکي مونکي دلداري ڏيندا رهندا هئا.  
ٻالجتيءَ کان آخري دم تائين سڀني جو وڏل شاھ ـ
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي وڏي چاچي سيد بچل شاھ جون ٽي شاديون هيون پهرئين نڪاح مان سيد بقادار شاھ ٿيو جواني کي رسيو شادي ڪيائين. علاج خاطر سير ڇوڙايائين رت گهڻو وهي ويو ان مان خرابي پيدا ٿي ۽ اٽڪل ۲۱ سالن جي عمر ۾ ۱۹۲۷ع يا ۱۹۲۸ع ڌاري وفات ڪري ويو. سيد بچل شاھ کي ٻئي نڪاح مان هڪ نياڻي ۽ ٽئي نڪاح مان هڪڙو پٽ ٻڍل شاھ ٿيو جنهن وڏي ڄمار ماڻي جنوري ۲۰۰۴ع ۾لاولد فوت ٿي ويو.
سيد بچل شاھ جي وفات کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ سيد ڏتل شاھ جي نرينو اولاد ۾ سڀ کان ننڍو پٽ سيد وڏل شاھ ٿيو جنهن تي ٻانگ جو نالو سيد بقادار شاھ رکيو ويو. وڏي عمر جا ڳوٺاڻا بادل ملاح ۽ ٻيا کيس آخر تائين به مير بقادار شاھ سڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته وڏي چاچي جي وڏي پٽ جو نالو هو انڪري گهر ۾ به وڏل شاھ سڏيو ويو ۽ اسڪول جي داخلا وقت به نالو وڏل شاھ لکيو ويو. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڄمندي ڄام هو سندن والده (وفات ۱۹۸۷ع) ٻڌائيندي هئي ته منهنجو ننڍڙو ننڊ مان ڪڏهن به روئي ڪونه اٿيو هميشه يا ته کلي اٿندو هو يا امان ڪري اٿندو هو. سمجھ ڀريو ٿيو ته مونکان مولود چورائيندو هو، ڳالهيون ٻڌندو هو ۽ ڳالهين مان ڪَڪِ ئي ڪين ٿيندو هو. ڏاڍو آلو ڀولو ٻار هو، عجب جهڙيون ڳالهيون ڪندو هو انڪري کيس پيار مان ‘‘بودو’’ سڏيندي هئس.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي وڏي ڀيڻ (وفات ۲۰۰۴ع) ٻڌائيندي هئي وڏل شاھ جون ننڍڙي هوندي ڏاڍيون وڻندڙ حرڪتون هونديون هيون. سندس زبان مان نڪتل لفظ وهي ويندا هئا انڪري ڳوٺاڻا سندس ان قوت کان ڊڄندا به هئا ۽ کيس تمام گهڻو ڀائيندا هئا. هڪڙي ڀيري ڳوٺ جي وريند نالي هڪڙي گهورڙئي واڻئي کان شئي گهريائين جنهن کيس شئي ڪانه ڏني يا وري ٿوري ڏني وڏل شاھ کيس چيو ته وڃ ته حاجاڻا مُٽنئي. ڪجھ وقت کان پوءِ مائي ڌاڻو حاجاڻي آئي ان کان پڇيائين ته اي ڌاڻو وريند کي اوهان جي حاجاڻن مُٽيو؟ ڇاڪاڻ ته وڏل شاھ ٻاتو هو انڪري مائي سندس ڳالھ ڪانه سمجهي سگهي جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته کل ۾ ويڙهجي وئي ۽ وراڻيائين ته حاجاڻن ڪونه باقي سندس گهوڙي هٿ ۾ چڪ هينس ۽ سڄو هٿ کڻي وات ۾ وڌائين. وريند چوندو هو ته ننڍڙي شاھ جي ڳالھ وڙهي آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي ٻيو نمبر وڏي ڀيڻ جيڪا ۸۵ سالن کن جي آهي ۽ حال حيات آهي (۲۰۱۱ع) تنهن ٻڌايو ته مُهاڻو گهوڙي تي مڇي کڻي اچي حويلين جي لوڙهي وٽان مٽيو ڏاڏيءَ چيس ته وڏل شاھ مهاڻي کي پوئتي موٽاءِ ته مڇي وٺون. ننڍڙي وڏل شاھ ميربحر کي سڏ ڪيا پر هن موٽڻ جي ڪانه ڪئي جنهن تي وڏل شاھ اتان ئي رڙ ڪري چيو ته ڏاڏي هي مڇلو مڇي ڪونه ٿو ڏي. مهاڻو پوئتي وريو ۽ چڱي موچاري ڪُرڙي مفت ۾ ڏئي هليو ويو وڏل شاھ کڻي آڻي ماءُ کي ڏني. ڊاڪٽر صاحب جي ڀيڻ وڌيڪ ٻڌايو ته بابا پورهيت هو هارپو ڪندو هو ٿورڙو مال رزق به هو ان جي گاھ پَٺي ۽ ڪم ڪار لاءِ وڏل شاھ گڏهڙو ڌاريو جيڪو مري ويو پوءِ ڪٿان لاھ گهلي آڻي هيٺال ۾ مال جي وٿاڻ ۾ ڇڏيائين امان پڇيس ته هي ڇو کڻي آندو اٿئي وراڻيائين منهنجو گڏهڙو آهي پوءِ ان ته لانگ ورائي هڪليندو هو.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي خاندان ۾ جيڪو ماحول مليو ان سندس شخصيت تي ٻالجتي کان ئي تمام گهرا نقش ڇڏيا جيڪي آخر تائين قائم رهيا. ڊاڪٽر صاحب جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ خاندان جي ماحول بابت لکي ٿو ته سيدن جو هي خاندان سنڌ ۾ نهايت دير سان آيو هو ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ هنڌ ويهي نه سگهيا هئا، انڪري پيري مريدي، زمينداري ۽ اجائي وڏ ماڻهپائي جهڙن ٺڪرن کان آزاد رهيا. پورهيا ڪيائون پر ٻين جو رت پي نڪي پاڻ پليا نڪي پنهنجا ٻچا پاليائون. مونکي خوشي آهي ته اسان جي موجوده خواھ اڳئين ڪٽنب ۾ حرام جو رت ۽ گوشت ڪنهن جي به جسم ۾ ڪونه آهي. پاڻ وڌيڪ لکن ٿا ته اسان جي ننڍي پڦي آخوند حافظ محمّد بقا قريشي صديقي وٽ قرآن مجيد ناظره پڙهيو ۽ ابولحسن جي سنڌي پڻ پڙهيائين، اهو هو پاڪ علم جو پهريون داڻو هو جيڪو ورثي ۾ آيو. حضرت پڦي وٽ اسان جي والده پڙهي، جنهن قرآني مڪتب کوليو ٻارڙا لِله پڙهندا هئا. ڇوڪرين لاءِ روزه، نماز، رڌپچاءَ، ڀرت، رلِي، ٽوپي، گهرن جي صفائي، ٻار نپائڻ ۽ ستي ڦڪيءَ جي عملي تعليم هوندي هئي. رمضان شريف ۾ ڇوڪرين کي سڄو مهينو روزا رکائڻ ۾ ايندا هئا تراويح پڙهائي ويندي هئي، درود شريف جا لک ۽ قرآن مجيد جا سوين ختم ٿي چڪا هوندا. بيمار ٻارن ۽ زالن کي ستي ڦڪي مفت ۾ ملندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هفتن جا هفتا اهي رهيل هوندا هئا. اهڙين ڳالهين تي ڳالهائيندي سيد وڏل شاھ جي والده چوندي هئي ته اسان پنبڻين سان ماڻهو ميڙي راڄ ٻڌو.
سيد وڏل شاھ تي خانداني ماحول جو اثر ٻالجتي کان ئي ظاهر هو پاڻ ننڍڙي عمر کان روزي نماز جو پاپند قبر پوڄا کان پري ڏاڍو بي ڊپو ۽ موحد انسان هو. سندس وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لکي ٿو ته گرمي جي موڪلن ۾ وڏل شاھ مون وٽ سڪرنڊ اچي رهندو هو ۽ فارسي پڙهندو هو. انهن ڏينهن ۾ ملان عيسيٰ نالي ڪيريو ڳوٺ تِلي لڳ سڪرنڊ ۾ رهندو هو. ڏاڍو نيڪ مرد هو. اسان جي خاندان جي انهن سان دوستي هئي. انڪري وڏل شاھ کي ڏاڍو ڀانئيندو هو. ملان عيسيٰ، ڏور بيت ڄاڻندو هو ۽ سڄيون سڄيون راتيون ڏورن ۽ بيتن ۾ گذري وينديون هيون. وڏل شاھ سڄيون راتيون جاڳي، ڪن لايو ويٺو ٻڌندو هو. ملان عيسيٰ جو ڀاڻيجو حاجي غازي ڪيريي جو لاڙو وري عبادتن، ذڪر فڪر ۽ مجلسن ڏانهن هوندو هو. جتي تر ۾ ڪا ديني مجلس هوندي هئي اتي وڏل شاھ مون سان (ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ) سان گڏجي وڃي شريڪ ٿيندو هو ۽ سڄيون راتيون عبادت ۽ ذڪر فڪر جي مجلس ۾ گذري وينديون هيون. اهي مجلسون هميشه حاجي غازي خان ڪيريو ڪرائيندو هو.
ڊاڪٽر سيد صالح محمّد شاھ وڌيڪ لکي ٿو ته؛ سيد وڏل شاھ جڏهن مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا ۾ پڙهندو هو ته ننڍا وڏا شاگرد کيس مرشد ڪري سڏيندا هئا. اهو ڪوڙو اعزار ڪو نه هو. پر هن جون جيڪي صفتون هيون، انهيءَ ڪري نه فقط شاگرد پر سندس استاد، هيڊ ماستر سندس فقيرانه طبعيت جا گرويده هوندا هئا. گهڻن ماڻهن کي گمان ڇا پڪ هوندي هئي ته وڏل شاھ صاحب ڪرامت آهي.
راقم سان ڊاڪٽر رحمت الله ڀٽي ڳالھ ڪئي ته پاڻ ڪيميسٽري جو شاگرد هو، ڊاڪٽر وڏل شاھ کين پڙهائيندو هو. ذڪر فڪر ۾ استاد پيروارو هئس ۽ ڪجھ نه ڪجھ ونڊ مليل هو. اسين ان وقت مدارين وانگر شعبده بازي ڪري هوا ۾ جهٽ هڻي، مٺائي جا دٻا هٿ ڪري دوستن کي کارئيندا هئاسون. جيڪا ڪنهن به صورت ۾ فقيري جي منزل ڪا نه هئي. ان وقت استادن جي ڏسيل طريقن تي پرکيوسون ته سائين وڏل جي منزل تمام مٿانهين هئي. ڊاڪٽر رحمت الله ڀٽي M.Sc ڪرڻ بعد، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ M.B.B.S جي ڊگري حاصل ڪيائين. هاڻي کيس ذڪر فڪر وارن جو هڪڙو حلقو آهي. حيدرآباد شيخ ڀرڪيو روڊ تي، جَهڻ موريءَ وٽ ڪلينڪ قائم آهي، جتي صفا فقيري رنگ ۾ ڊاڪٽري ڪندو آهي.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لکي ٿو ته وڏل شاھ کي جيئن ئي ڏاڙهي آئي ته ان تي پاڪي ڪانه ڦيرايائين جَوَ جيتري ڏاڙهي سدائين رکيل هئي. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۽ ٻيا شاگرد بلاڪن ۾ رهيل هئا پوءِ کين منتقل ڪري شاھ لطيف هاسٽل ۾ رکيو ويو اتي هاسٽل جي وڏي هال کي مسجد اچي بنايائين نماز پاڻ پڙهائيندو هو جمع جو خطبو به پاڻ ئي ڏيندو هو. هاسٽل جو ماحول ئي بدلجي ويو ان وقت هونئن به حالتون سٺيون هيون شاگرد ڪمرا بند ڪئي بغير ڪلاسن ۾ هليا ويندا هئا چوري چڪاري ۽ داداگيري جو ڊپ ڪونه هوندو هو.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو ماروٽ سيد شير شاھ (نومبر ۲۰۱۱ع) ورجايل يادگيرين ۾ ٻڌائي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب نهايت پرهيزگار، روزي نماز جو پابند ۽ تهجد گذار ماڻهو هو. زماني گيري کان صفا پري هو سندس طبعيت ۾ ايتري سادگي هئي جو اسان زماني جي ماڻهن کي حيرانگي ٿيندي هئي. سندس سڄي عمر پاڪيزگي سان گذري. اهڙن ساڳين خيالن جو اظهار پروفيسر ڊاڪٽر دادو خان بڙدي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شاھ نواز عارباڻي جن پڻ ڪيو. ڊاڪٽر بڙدي سندن شاگرد هو ۽ ڊاڪٽر عارباڻي صاحب هڪ سال سينيئر ۽ تمام ويجهو دوست هو. هي ٻئي محترم ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي اوصاف حميده تي ڳالهائيندي روئي ويٺا. ڊاڪٽر بڙدي اوڇنگارون ڏئي روئندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته؛ سائين وڏل شاھ هڪڙو ئي هو سندس وڃڻ بعد اسين شاگرد يتيم ۽ بي سهارا بنجي وياسين ۽ نيچرل پراڊڪٽ جو شعبو نڌڻڪو ٿي نيٺ اجڙي ويو. ٻنهي معزز پروفيسر صاحبان جي راءِ هئي ته؛ (۲۰۱۱ع ۾ ڪيل انٽرويو) اسان سائين وڏل شاھ جي شخصيت ۾ ڪو به جهول ڪو نه ڏٺو. پاڻ انتهائي ايماندار، صاحب ڪردار، سخي ۽ مسڪينن جو تمام دلير مددگار هو. پروفيسر ڊاڪٽر ميڊم گلشن سهتو جون (۲۰۱۱ع) انٽرويو دوران اکيون آليون ٿي پئي ويون. سندس زبان مان هر وقت ‘اسان جو سائين’ يا ‘سائين’ لفظ ٻڌڻ ۾ آيو. محترمه اڄ به ايتري عقيدت ۽ احترام سان پئي ڳالهايو ڄڻ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ هي سڀ ڪجھ ٻڌي رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحبه بار بار چوندي رهي ته؛ اسان نياڻين جو سهارو ۽ ڀر جهلو هو. مجال آهي جو ڪا ميري اک اسان ڏانهن کڄي. پروفسير گلشن صاحبه ٻڌايو ته؛ ڪنهن صاحب گدلي نيت سان سڏايو. مون سائين وڏل شاھ سان ذڪر ڪيو. پاڻ چيائين ته؛ تون بي فڪر ٿي اوڏانهن هل، آئون تنهنجي پاڇي وانگر آهيان. ڊاڪٽر صاحب ان ماڻهو جي مونسان گفتگو ٻڌي، پوءِ ان سان جوڳي جٺ ڪئي. اهڙي جٺ جي بدلي ۾ ان صاحب اختيار مون کان استعفيٰ لکارائي ورتي ۽ ليڪچرارشپ داءَ تي لڳارائي ڇڏي، آئون روئندي رهيس. ڇهن مهينن بعد سائين نه صرف مونکي بحال ڪرايو پر نوڪريءَ وارو خال به رهڻ ڪو نه ڏنو. اسين ڇوڪريون، سائينءَ لاءِ بلڪل به سڳين نياڻين جهڙيون هيونسين. منهنجو ليڪررشپ جو آرڊر ڪو نه پئي نڪتو. سائينءَ کي ٻڌايو. وراڻيائين؛ پُٽ فڪر نه ڪر، آرڊر نڪري ويندو. چند ڏينهن کانپوءِ، مونکي گهرائي چيائين؛ آرڊر ٿيو پيو آهي. کڻي اچ ۽ ڊيوٽي سان وڃي لڳ. مونکي اعتبار ڪو نه پيو اچي. چيم؛ سر ڀوڳ نه ڪريو، مان ڏاڍي ڪمزور ڇوڪري آهيان، هنيانءُ ڦاٽي پوندو. مان پنهنجي حال تي کلان پئي. سر چيو؛ پٽ آرڊر نڪتو پيو آهي، کڻي اچ. مان آرڊر کڻي، وڃي ڊيوٽي رپورٽ ڏني. ايڏي خوشي ٿي، جنهن جو بيان نه ٿي ڪري سگهان.

ليباريٽري ۾ ڪم ڪندي دير ٿي ويندي هئي. آئون ۽ زاهده، شام جو پيدل موٽندا هئاسين. سر ليباريٽري بند ڪري گهر لاءِ واپس ٿيندو هو. اسان کي اڪثر گاڏيءَ ۾ ويهاري گهر وٺي ايندو هو. سائينءَ جي گهرواري منهنجي ڪاليج ليول تي استاد رهي هئي. سائينءَ جي امڙ به ساڻس گڏ رهندي هئي. گهر اچي چوندو هو ته ڇوريون بک مري وينديون، کين ماني کارائي پوءِ روانو ڪريو. ڇوڪرين جو محافظ هو. هاڻي اهڙو ڪو به استاد ڪونهي. اسين به اهڙا استاد ڪو نه آهيون، نه وري اهي شاگرد آهن. اڄ به ڊاڪٽر عارباڻي ايندو آهي ته مان ڏڪندي آهيان. حالانڪه مان پاڻ هنيئر پروفيسر ۽ پنهنجي شعبي جي سربراھ آهيان. مونکي اولاد ۾ هڪڙي نياڻي آهي. هائوس جاب پئي ڪري. چوندي آهي ته؛ استادن جون اکيون ڏس. پوڙهو واڻيو آهي، مون تي ڦڙڪيون ٿو هڻي. اڄ جو ٻار بانحي تڏهن ٿيو آهي جو استادن مان اها ڳالھ نڪري وئي آهي. سائين وڏل شاھ جي وفات جي خبر پئي ته آئون ۽ زاهده ڇتيون ٿي پيونسين. بي تحاشا روئندي ۽ چرين وانگر دانهون ڪندي ڏسي، ٻين ڇوڪرين چيو ته؛ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ هڪڙو استاد فوت ٿيو آهي. هنن کي ڪهڙي خبر ته اسان جو مائٽ، استاد ۽ محافظ اسان کي يتيم ڪري هليو ويو. ڳالھ ٻولھ دوران پروفيسر صاحبه ڪيترا ئي ڀيرا روئي ويٺي.

1 comment:

  1. ڊاڪٽر وڏل شاهه تمام وڏي شخصيت هئا، الله سائين کين جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

    ReplyDelete