; سنڌي شخصيتون: نازيه حسن - وزير فرهاد سولنگي

13 August, 2013

نازيه حسن - وزير فرهاد سولنگي

نازيه حسن
ڌڙڪندڙ دلين تي راڄ ڪندڙ خوبصورت گلوڪارا
وزير فرهاد سولنگي
جديد موسيقيءَ جي دنيا ۾ تمام وڏو نالو ڪمائيندڙ خوبصورت گلوڪاره نازيه حسن جو تعلق ڪراچي سان هيو، پاڻ ڪراچي جي مشهور واپاري ۽ صنعتڪار بشير حسين ۽ عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اڳواڻ منيزه بشير جي ڌيءَ آهي. نازيه حسن جو جنم ۳ اپريل ۱۹۶۵ع ڌاري ڪراچي ۾ ٿيو کيس هڪ ڀاءُ ذوهيب حسن ۽ هڪ ڀيڻ زهره آهي، نازيه حسن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي پاڻ ۱۹۷۰ع ڌاري پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي سينٽر تان هڪ ٻارڙن جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي.

نازيه حسن بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ بيچلر ڊگري لنڊن يونيورسٽي مان ڪئي ۽ ان کان علاوه هن ايل ايل بي پڻ لنڊن مان ڪئي. ۳۰ مارچ ۱۹۹۵ع تي هڪ وڏي صنعتڪار اشتياق بيگ سان سندس شادي ٿي جنهن مان کيس ۷ اپريل ۱۹۹۷ع هڪ پٽ آريز نالي ڄائو.
۱۹۸۰ع ڌاري انڊيا جي مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار فيروز خان جڏهن پنهنجي فلم قرباني جي نالي سان تيار ڪري رهيو هيو ته ان ۾ نازيه حسن جي آواز ۾ هڪ گيت رڪارڊ ڪرايو جنهن کي هند ۽ سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي. ”آپ جيسا ڪوئي ميري زندگي مين آئي تو بات بن جائي“ سندس هن ڳايل گيت هر گلي ۽ هر ڪُنڊ ۾ تمام گهڻي مشهوري ملي. نازيه حسن ۱۹۸۱ع ۾ فلم فيئر ايوارڊ ۾ بهترين گلوڪاره جو اعزاز ماڻيو ۽ ايوارڊ حاصل ڪيو، ڀارت جي موسيقارن سندس آواز کي تمام گهڻو ساراهيو ۽ کيس وڌيڪ فلمن ۽ البم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ شروع ڪيائون، انهيءَ دور ۾ انڊين موسيقار بدو پنهنجو هڪ ميوزڪ البم ترتيب ڏئي رهيو هو جنهن لاءِ هن نازيه حسن کي پنهنجي البم لاءِ سليڪٽ ڪيو ۽ اهو البم ”ڊسڪو ديواني“ جڏهن مارڪيٽ ۾ آيو ته هن البم نوان رڪارڊ قائم ڪيا سندس هن البم ۾ هن جو ڀاءُ زوهيب حسن به ساڻس گڏ ڳايو. هن البم کي روس ۽ آمريڪا ۾ به تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. سندس ٻيو البم ۱۹۸۲ع ۾ ”بوم بوم“ جي نالي سان رليز ٿيوجيڪو پڻ موسيقي جي دنيا ۾ پڻ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. جديد موسيقي جي حوالي سان نوجوان نسل لاءِ تمام گهڻو توجھ جو مرڪز رهڻ واري نازيه حسن کي سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي انداز ۾ پذيرائي ملي ۽ پاڻ پاپ ميوزڪ جي دنيا تي ڇانئجي وئي. نازيه ۽ زوهيب جي جوڙيءَ کي انڊيا توڙي پاڪستان ۾ گهڻي ڪاميابي ملي ۽ هي جوڙو نوجوان دلين تي حڪمراني ڪرڻ لڳو. سندن ٽيو البم ”ينگ ترنگ“ جي نالي سان ۱۹۸۴ع ۾ رليز ٿيو جنهن کي پڻ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. نازيه ۽ زوهيب جو چوٿون البم ” ڪئميرا ڪئميرا“ ۱۹۸۹ع ۾ مارڪيٽ ۾ آيو جنهن کي پڻ تمام گهڻي پذيرائي ملي ان کان علاوه  ۱۹۸۸ع ۾ نازيه ۽ زوهيب کي پاڪستان جي تمام وڏي موسيقار سهيل رانا جي پروگرام ”سنگ سنگ“ ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو پاڪستان ٽيليوزن جو هي موسيقي پروگرام پروڊيوسر شعيب منصور ڪراچي سينٽر تان پيش ڪيو جنهن کي پڻ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. ان کان اعلاوه ۱۹۸۹ع ڌاري پاڪستان ٽيليوزن تان هڪ اسٽيج ميوزڪ شو پيش ڪيو ويو جنهن جي ميزباني نازيه ۽ زوهيب ڪئي جڏهن ته ساڳي سال ۾ هڪ ٻيو پروگرام ”ڌنڪ“ جي نالي سان هن ڀيڻ ۽ ڀاءُ گڏجي پي ٽي وي تي پيش ڪيو.
نازيه حسن کي ۱۹۹۱ع ۾ اقوام متحده جي هيڊ ڪواٽر آفيس نيويارڪ ۾ ٻن سالن لاءِ سياسي ۽ تحفظاتي ڪائونسل ۾ ميمبر مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ٽئين سال کيس يونيسيف هيڊ آفيس ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ان کان علاوه هن کي سماجي ۽ تعليمي خدمتن عيوض ڪولمبيا يونيورسٽي کيس اسڪالرشپ ڏني جنهن کان پوءِ هي اڪثر بيمار رهڻ لڳي ۽ ڊاڪٽرن جي تشخيص مطابق کيس ڪينسر جو مرض ظاهر ٿيو انهن ڏينهن ۾ موسيقار بدو هڪ ميوزڪ البم ” ميڊ ان انڊيا“ تيار ڪري رهيو هو جنهن نازيه کي سندس ان البم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ آڇ ڪئي پر نازيه ناچاڪيءَ سبب ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ اهو البم مشهور پاپ ڳائڻي عليشا چنائي ڪيو.
نازيه حسن سماجي۽ تعليمي ڪمن ۾ پڻ اڳ ڀري رهي پاڻ سابق وفاقي وزير اطلاعات جاويد جبار سان گڏ ملڪ جي پوئتي پيل علائقن ۾ ٻارڙن جي تعليم ۽ صحت بابت ڪيتريون ئي سماجي خدمتون پڻ ڏنيون جنهن جي نتيجي ۾ هن ڪيترائي اسڪول ۽ صحت مرڪز قائم ڪيا. نازيه حسن ۳۵ سالن جي ڄمار ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ ۱۳ آگسٽ۲۰۰۰ع ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو سندس جنازي نماز ۾ اڳوڻي نگران وزير اعظم غلام مصطفيٰ جتوئي (مرحوم) کان علاوه سندن قريبي عزيزن شرڪت ڪئي ۽ کيس لنڊن ۾ ئي دفن ڪيو ويو اهڙي طرح هي خوبصورت گلوڪاره ڪروڙين دلين تي راڄ ڪري پنهنجون اڻ مٽ يادون ۽ شاهڪار گيت پنهنجي چاهيندڙن جي حوالي ڪري وئي سندس ڪيترائي ويڊيو البم ۽ ٻيا کوڙ سارا مشهور گيت اڄ به پسند ڪيا وڃن ٿا سندس مرڻ کان پوءِ کيس حڪومت پاڪستان طرفان اعليٰ سول ايوارڊ ڏنو ويو جيڪو سندس والده منيزه بشير ورتو. نازيه حسن جي والدين سندس نالي سان هڪ فائونڊيشن قائم ڪئي جيڪا صحت، تعليم ۽ سماجي ڀلائي لاءِ خدمت ڪري رهي آهي.


No comments:

راءِ ڏيندا