; سنڌي شخصيتون: عبدالله خان ورياههُ - اعجاز علي خواجا

28 August, 2013

عبدالله خان ورياههُ - اعجاز علي خواجا

عبدالله خان ورياههُ
سنڌ جي تاريخ سان پيار ڪندڙ
اعجاز علي خواجا
سچ ته آئون ڪو وڏو اديب يا ادب جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جو ڄاڻو يا ماهر ڪو نه آهيان پر قسمت سان ناميارن ليکڪن، اديبن، ادب جي پرک رکندڙن ۽ دانشورن کي ويجهو رهندڙ ۽ ادب جي صنفن کي سمجهندڙ کوڙ سارين معروف شخصيتن سان ڪڏهن قرب ڪچهرين، ڪڏهن رس رهاڻ ته وري ڪڏهن جيل کان ٻاهر ۽ جيل جي اندر گڏ رهڻ کانئن سکڻ، سمجهڻ ۽ پرائڻ جا موقعا ملندا رهيا آهن.

پنهنجي جيل جي سفر جي ساروڻين ۾ پنهنجي مهربان، شفيق ۽ وڻندڙ دوستن جي ذڪر خير ۾ ٽنڊي آدم سان تعلق رکندڙ محترم عبدالله خان ورياهه جن کي، خانداني حوالي کان وڏيرو به سڏيو ويندو آهي ته وري سندن خاندان جا بزرگ پاڻ کي فقيري واري لقب هيٺ فقير به سڏائيندا آهن. انهيءَ فقيري تخلص جو تعلق مخدوم نوح سرور عليحه رحمت جي درگاهه سان آهي يا ان جو ڪو ٻيو پس منظر هجي، پاڻ انهيءَ کان بي خبر آهيون. ادب دوست، يارن جي يار، محبوبيت ۽ جاذبيت رکندڙ، نوجوان، رفيق هنڊيوال ۽ کولي وال جو بيان ڪرڻ ۽ مٿس ٻه لفظ لکڻ صفا ضروري ۽ اهم ٿو سمجهان.
عبدالله خان تي لکندي جيڪڏهن ڪٿي ڪا بي اضافي به ٿي وڃي يا کيس ٿوري ڏکي به لڳي ته ان جي کانئس معافي وٺڻ لاءِ هٿ ٻڌڻ جي مشق هاڻي کان ئي شروع ڪري ڇڏي اٿم. سندس گهڻائي ٻيا به پيارا ۽ دل گهريا دوست آهن انهن کان به کيس سفارش ڪرائي سگهجي ٿي ! سندس حليم ۽ ٻاجهاري طبعيت ۽ مزاج مان اميد اٿم ته هن ننڍڙي مضمون ۾ ڪا غير ادبي گستاخي يا ڇيڙ ڇاڙ خوشيءَ مان نه ته ٿورو جبر ڪري به برداشت ڪري ويندو ! وڏيري عبدالله خان ورياهه جي شخصيت سنڌ جي ادبي، سماجي، علمي ۽ سياسي حلقن ۾ چڱي ۽ نمايان حيثيت واري آهي. ڪشمور کان ويندي ڪيٽي بندر تائين ڪو به تاريخي يا ثقافتي ميڙاڪو ۽ سيمينار هجي عبدالله خان ڪهي ان ۾ لازمي طرح شرڪت ڪندو. ڪتاب پڙهڻ جو صفاڪو ڏيو، تاريخ جي باريڪين جو ماهر، بهترين اديب، نثرنگار ۽ سهڻو شاعر آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي سرپرستيءَ هيٺ هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽري (PHD) جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي تياريءَ ۾ رڌل آهي. سندس تحقيق جو موضوع آهي، ” سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سڪن جي روشنيءَ ۾“ وڏيري عبدالله خان سان منهنجي واقفيت ۽ لاڳاپو سال ۱۹۷۱ع کان هلندو اچي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ٺٽي مان قومي اسيمبليءَ جي کٽيل سٽ خالي ڪئي هئي جتان وري سروري جماعت جي پيشوا مخدوم زادي محمد امين فهيم کي اها ٽڪيٽ ملي هئي. سروري جماعت سان وابستگيءَ سبب عبدالله خان ۽ سندس ٻه بزرگ مرحوم فقير غلام حسين ورياهه ۽ مرحوم فقير محمد شريف ورياهه ۽ جماعت جا ٻيا ماڻهو جن ۾ مرحوم حاجي فتح الدين شاهه چيف خليفو به شامل هو اسان جي ڳوٺ ميرپور بٺوري ۾ اچي لٿا هئا ۽ اسان جا مهمان هئا ۽ اليڪشن مهم جا انچارج هئا. مخدوم زادي جي اليڪشن هئي جيڪو ۹ لکي گودڙيءَ جو مالڪ هو، سموري ضلعي ۾ سروري جماعت جا وڏا وڏا ۽ چيف خليفا، مريد خادم لهي ويا، سوين نيون نڪوريون ۽ ڊگهيون ڪارون ۽ جيپون، ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عاليشان اليڪشن ڪئمپون ۽ مرڪز ۽ آفيسون قائم ٿي ويون. ٺاهوڪڙي ماني سٺا بورچي، چانهه ۽ ٻي خذمت عام جام، سچ پڇو ته اسين ٿورا ڏينهن اڳ ڊسمبر ۱۹۷۰ع واري عام چونڊ جنهن ۾ قومي تڪ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ صوبائي تڪ تي محترم محمد خان سومرو اميدوار هئا، اها چونڊ صفا بک ۽ سليماني چانهه تي ڪري چڪا هئاسين. ڀڳل ۽ پراڻيون جيپون ۽ ٻيون روز هو  پنڌ تي. ان ۾ ڪو به گمان ڪونهي ته ڊسمبر ۱۹۷۰ع واريون عام چونڊون جذبن جو ڪمال هيون، شهيد ڀٽي جي قيادت جو جادو هو، جنهن عام ماڻهو جي ذهن کي پنهنجي سحر ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو هو هڪڙو عجيب نشو هو جنهن ۾ بک، ڍئو ۽ رات ڏينهن جو ڪو به احساس ڪو نه هو. پر مخدوم صاحب واري اليڪشن ۾ سروري جماعت جو ٺٺ ٺانگر ڏسي ۽ زيرو ميٽر نين گاڏين ۾ ورڪ ڪندي اسان ڏاڍو عجيب پئي محسوس ڪيو. جماعت جي خليفن به دل کولي خرچ ڪيو. مخدوم صاحب به وڏي اڪثريت سان ٺٽي مان ڪامياب ٿيو. ڪارڪن لڏي به خوب پاڻ ملهايو ۽ سمجهيو پئي ته هاڻ  ڪا ٺٽي وارن جي مالڪي ٿيندي پر اهو ديواني جو خواب هو.
مخدوم زادي صاحب وڃي ڪراچي ۽ اسلام آباد وسائي. ٺٽي جا رستا خراب ۽ ڀڳل هئا. سفري سهولت ڪا نه هئي. اهي ڏينهن هي ڏينهن ۱۴-۱۵ سالن جي عرصي ۾ منشي، مئنيجر يا ڪمدار ڪاراوي به اها سار ڪا نه ورتي ته ٺٽي ضلعي جا ماڻهو، جن هيڏو وڙ ڪيو سي ڪهڙي حال ۾ آهن. ڪو ڏک سور نه اٿن يا سڄي ضلعي ۾ کير جون نديون ٿيون وهن ! موٽي اچون ٿا پنهنجي موضوع تي. آکاڻي جو رخ تبديل ٿي ويو. دراصل ان وقت کان ئي عبدالله خان اندر جا پيوند اهڙا ته کپي ويا آهن جو ائين ٿو لڳي ته هن سان ڪي صدين جان ازلي رشتا آهن  سال ۱۹۷۹ع ۾ ضياءَ جي مارشل لائي دور ۾ هن ئي جيل ۾ B ڪلاس جي هڪ کوليءَ ۾اسين گڏ رهندا هئاسون. هن دفعي MRD تحريڪ ۾ وري به ساڳئي جيل ۾ اچي گڏياسون. ڇاڪاڻ ته جڏهن به ملڪي سياست ۾ گرمي ۽ ماحول ۾ شدت پيدا ٿيندي آهي ته اسان سان گڏوگڏ محترم عبدالله خان جو نالو به يوسف جي خريدارن واري لسٽ ۾ بنا خرچ جي داخل ٿي ويندو آهي ۽ هي همراهه به مصر جي بازار ۾ پهچي ويندو آهي !
اهڙو انسان جنهن مان ڪو به ڌاريائپ محسوس نه ڪري. هر ڪو سندس پيار ۾ ڀاڱي ڀائيوار هجي. جنهن سان جڏهن به، جتي به ۽ جيڪو به ملي ته اهو ساڳيو ئي دلربائي وارو انداز ۽ رويو هجي، کليو پيو کيڪاريندو! ڪيترائي قربدار ماڻهو زندگي ۾ مليا آهن ۽ ڏٺا آهن، پر هن يار جي ڳالهه ئي نرالي آهي. پنهنجي ذات ۾ پاڻ ادارو ۽ انجمن آهي! جيل ملاقات هجي يا بحث مباحثو، تقرير ڪرڻي هجي يا ڪا عام ڪچهري ۽ گفتگو، نفاست، نزاڪت ۽ سنجيدگي سندس زندگيءَ جو حصو آهن. طبعيت ۽ مزاج ته انتهائي نرم ۽ شفيق پر نظرياتي ۽ فڪري حوالي کان به بنهه صاف، چٽو ۽ کرو ماڻهو آهي. ڪنهن به موضوع تي راءِ ڏيندو ته پنهنجي سوچ ۽ راءِ کولي بيان ڪندو پوءِ ڀلي اها ڪنهن کي وڻي يا ڪو ان ۾ رنج ٿئي !
ماڻهو ته ٿوري ڄاڻ هوندي به وڏي ڍاڙ هڻدا آهن پر هي دوست وسيع مطالعي، تاريخي ۽ علمي ڄاڻ، تحقيق ۽ زندگيءَ جي تجربن باوجود اهڙي ڪا به ڳالهه ڪو نه ڪندو جنهن مان سندس خودنمائي يا ذات پرستي ظاهر ٿئي. هميشه عجز ۽ انڪساريءَ سان پيش ايندو آهي. شرافت، نوڙت ۽ نهٺائي منجهس بي حساب آهي ! ڪئوڙو ڳالهائڻ سکيو ئي ڪونهي نڪو ئي وري ڪا دشمن جي ڪڏهن گلا يا نلائي ڪري!!عيب، خوبيون ۽ خاميون هر ماڻهو جي اندر ۾ هونديون آهن پر منهنجي راءِ ۾ هن جي اندر اوگڻ ٿورا ته گڻ وري اڻ ڳڻيا آهن.
عبدالله خان ورياهه اهڙو اديب، شاعر، دانشور، ڪارڪن تاريخدان ۽ محقق آهي جيڪو پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ سان وڌ کان وڌ جڙيل آهي. سندس سموريون آشائون، گڻ ۽ صلاحيتون سنڌ سان واڳيل آهن. ڌرتيءَ جا درد ڏسي سندس اندر ڪڙهندو ۽ پچندو ٿو رهي ۽ اهو انهن ۾ پاڻ کي ڀاڱي ڀائيوار ۽ شريڪ ٿو سمجهي. سچ به اهو آهي ته جنهن به فنڪار، شاعر، اديب يا دانشور کي پنهنجي وطن ۽ ان جي مٽيءَ سان پيار ڪونهي، ان جو وجود ڌرتيءَ تي غير ضروري بوجهه آهي. انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته جيڪو به نئون ماڻهو عبدالله خان سان هڪ دفعو ملندو سو سدائين لاءِ سندس دوستدارن ۾ شامل ٿي ويندو. هيءَ شخص جيل اندر هجي يا ٻاهر جي کليل فضا ۾ سدائين گل وانگر مهڪندو رهندو آهي. تمام وڏ گهراڻو نازڪ ۽ نفيس قسم جو انسان هوندي به جيل جي انتهائي تڪليف وارين ۽ مشڪل حالتن ۾ به سندس چهري تي ڪڏهن به ناگوار تاثر محسوس ڪو نه ڪيو.
هن خلوص واري انسان جي شخصيت هڪ کليل ڪتاب وانگر آهي. سندس اندر ۽ ٻاهر ۾ ڪو به فرق ڪونهي. جهڙو اجرو تن اٿس من به اوترو ئي شفاف اٿس. ڪردار ۽ گفتار جي سچائيءَ ۾ املهه انسان آهي. مون هميشه هن کان سکيو ۽ پرايو آهي. جيل ۾ سندس موجودگي نه رڳو سندس ضلعي سانگهڙ جي ڪارڪنن ۽ دوستن لاءِ پر جيل جي سمورن سياسي قيدي ڪارڪنن لاءِ اتساهه ۽ حوصلي جو سبب هئي. ڏاڍو متحرڪ ماڻهو هو، سموري سنگت جي خبر چار رکندو هو ۽ سار سنڀال لهندو هو، ڪامريڊ عبدالرزاق سومرو سندس سياسي استاد ۽ ان جو فرزند بابو سومرو سندس گهاٽو دوست ۽ ڏک سک ۾ همراز رهندڙ آهن. جيل ۾ موجود سڀني پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۾ گهڻي عزت هيس. جيل اندر انتظاميا ۽ قيدي ڪارڪنن ۾ اڪثر مسئلا پيدا ٿي پوندا هئا ته هي دوست انهن کي سلجهائڻ ۽ حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو هو. جيل اندر سروري جماعت وارن وري پنهنجي، ڌار دنيا ٺاهي ڇڏي هئي جيڪا ٿورو سپر دنيا هئي ۽ احساس برتري واري دنيا هئي. اهو وري ٻيو بحث هلي پوندو ته هيءُ دوست انهن ۾ به سرگرم رهندو هو ۽ جيل جي اندر جي سموري ڪٿا لکي مالڪن کي اماڻيندو هو.
سنڌ جي سماجي، سياسي، ادبي ۽ ثقافتي جوڙ جڪ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ هن ساڃاهه وند، سٺي مزاج ۽ پختي ارادي واري نوجوان مان کوڙ ساريون اميدون رکي سگهجن ٿيون. خدا شال کيس سگهه، همت، صحت ۽ مهلت عطا ڪري جو پنهنجي وطن جي تاريخ جا وڃايل ورق کي ڳولهي ڦولهي، نئين جوت ۽ جيوت سان ايندڙ نسل کي ارپي سگهي. پنهنجي خلوص ۽ محبت سان سنڌ جي سنگهارن، پنهوارن، ميهارن، ڳنوارن ۽ ٻين ڏکويل طبقن سان سندن غمن ۽ گوندرن ۾ هم شريڪ رهي.
ويٺي جنين وٽ ڏکندو ٿئي ڏور،
تن تنين سين ڪٽ، اوري اچي پکڙا، شاهه.
نوٽ:

عبد الله خان ورياهه سماجي، سياسي، ادبي ۽ ثقافتي حوالي کان ڏاڍو سرگرم ۽ متحرڪ انسان هو. سال ۱۹۹۹ع ۾ دل جو عارضو لاحق ٿي ويس ۽ ان جو آپريشن به ڪرايائين پر زندگي سندس ساٿ ڪو نه ڏنو. اهڙي طرح کلندي، موڪلائيندي سنگت سان چرچا ڀوڳ ڪندڙ هي همراهه پيرين پند آپريشن ٿيٽر ۾ ويو پر سندس مسڪرائيندي واپسيءَ جو رستو قدرت پاران بند ٿي چڪو هو. اهڙي ۱ جون ۱۹۹۹ع تي اسان جو هي دوست ۴۹ سالن جي عمر ۾ پنهنجن سوين چاهيندڙ ۽ ڀائيندڙ دوستن ۽ عزيزن جي چهرن کي ڏکارو ۽ اکين کي آلو ڪري مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو. دعا آهي ته مالڪ کيس بهشت ۾ جايون عطا ڪري. سندس فرزند تاج محمد ورياهه کي به اهڙو ئي حوصلو، سمجهه ۽ صلاحيت سان نوازي جو پنهنجي والد جون سڪون لاهي سگهي.

No comments:

راءِ ڏيندا