; سنڌي شخصيتون: عبدالله، خان، ورياههُ، سنڌ، تاريخ، پيار، ڪندڙ، اعجاز، علي، خواجا،
Showing posts with label عبدالله، خان، ورياههُ، سنڌ، تاريخ، پيار، ڪندڙ، اعجاز، علي، خواجا،. Show all posts
Showing posts with label عبدالله، خان، ورياههُ، سنڌ، تاريخ، پيار، ڪندڙ، اعجاز، علي، خواجا،. Show all posts

28 August, 2013

عبدالله خان ورياههُ - اعجاز علي خواجا

عبدالله خان ورياههُ
سنڌ جي تاريخ سان پيار ڪندڙ
اعجاز علي خواجا
سچ ته آئون ڪو وڏو اديب يا ادب جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جو ڄاڻو يا ماهر ڪو نه آهيان پر قسمت سان ناميارن ليکڪن، اديبن، ادب جي پرک رکندڙن ۽ دانشورن کي ويجهو رهندڙ ۽ ادب جي صنفن کي سمجهندڙ کوڙ سارين معروف شخصيتن سان ڪڏهن قرب ڪچهرين، ڪڏهن رس رهاڻ ته وري ڪڏهن جيل کان ٻاهر ۽ جيل جي اندر گڏ رهڻ کانئن سکڻ، سمجهڻ ۽ پرائڻ جا موقعا ملندا رهيا آهن.