طارق
سان ٿيل اڻڇپيل ملاقات
امر لغاري
جن خوشنصيب دوستن جو طارق سان دل جو رشتو هو، تن کي
مان سمجھان ٿو طارق جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ نه ڪنهن آرٽيڪل پڙهڻ جي ضرورت هوندي، نه ڪنهن
بايوگرافي جي، هن جي ڪنهن ڪهاڻي يا ناول يا سفرنامي جي- نه مون جهڙي ڪنهن غير معروف
اجنبيءَ جي هنن لفظن جي، ڇو ته محبوب لفظن جيئن ڪتابن ۾ قيد نه هوندا آهن، پر هو خوشبوءَ
جيان هر وقت حواسن ۾ رچيل هوندا آهن.
مان ان ڪري خوشنصيب ناهيان جو طارق سان منهنجي ڏيٺ
ويٺ لفظن وسيلي ٿي. مان ساڻس ملڻ کان اڳ ”رهجي ويل منظر“ پڙهي چڪو هئس. منهنجي ذهن
۾ هن جو هڪ ڌنڌلو عڪس جڙي چڪو هو ۽ هن بابت هڪ اڻپورو تاثر پڻ. ناول پڙهڻ کانپوءِ سنڌ
يونيورسٽيءَ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا، آرٽس فيڪلٽيءَ جي مختلف ڊپارٽمينٽس جا ڪلاس رومز،
سيمينار لائبريريون، پارڪن ۾ ويٺل ڇوڪرا ڇوڪريون، ڪينٽينز ۽ ڪيفيز ۾ پيٽيز کائيندڙ
۽ چانهن جون سرڪيون ڀريندڙ ڪَپلز ڄڻ ته طارق جي ناول جي پنن مان جھاتيون پائي ڏسندا
نظر ايندا هئا. فيڪلٽيءَ جي مهڙ واري مين گيٽ جي ڏاڪڻين، هڪ منزل کان ٻي منزل ڏانهن
ويندڙ چاڙهين جي ريلنگس سان ٽيڪ ڏئي بيٺل ڏٺل وائٺل مکڙا، ڪاريڊورن ۾ پِلرز جا پاسا
ڏئي سُس پُس ڪندڙ جوڙا طارق جي ناول جي منظرن ۾ اڳ ۾ قيد ٿي چڪا هئا. يونيورسٽيءَ
۾ هلندي ڦرندي پنهون ته ڪو نه ٿي ڏٺو، پر پنهون جا همزاد جام ٿي ڏٺا.
سال ۱۹۹۲
جي هڪ ڏينهن، مان ”رهجي ويل
منظر“ جي پنهون سان ملاقات جي تمنا دل ۾ رکي، صبح جو يارهين وڳي سينٽرل لائبريري وٽان
اڀڪپريءَ واري پهاڙي لهي پٿريلو چارو وٺي اِڪڙ
ٻِڪڙ ديوين منجھان ٿيندو سنڌي ادبي بورڊ اچي
نڪتو هوس. ٻاهر پٽيوالي کان طارق جو پڇائي اندر ويس ته هڪ وڏن وارن سان گھاٽي ڏاڙهيءَ
وارو همراهه ويٺل ڏٺم. تعارف ڪرائيندي کيس ٻڌايم ته – مان انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهان
ٿو ۽ طارق سان ملڻو اٿم. مون کي پنهنجي پاسي ۾ رکيل صوفي تي ويهڻ جو چيائين ۽ خوش خير
عافيت ڪرڻ بعد ٻڌايائين ته پاڻ ئي طارق آهي. مون کي ٿوري ٿوري ڦڪائي ٿي جو مان جنهن
پنهون سان بورڊ آفيس ملڻ ويو هئس اهو جسماني طور ڏاڍو ڪمزور، هيکل ۽ چهري مان پوڙهو پئي لڳو، پر جڏهن ٻڌايائين ته هو گڙدن جي
پيوندڪاريءَ کانپوءِ دوائن جي ڊوزن مان پيو گذري ته مون کي ايئن لڳو ڄڻ ته زندگيءَ
جي ڪٺن ۽ تنها پيچرن تان سنجھا ۽ صبا جو ساٿ ڇڏائجڻ کانپوءِ پنهون هت اچي گوشه نشين
ٿيو هجي. پوءِ مون ٻڌايومانس ته مون هن جو ناول ”رهجي ويل منظر“ پڙهيو آهي. مون کان
پڇيائين ته مون کي هن جو ناول ڪيئن لڳو. مون چيومانس - ڇهندڙ ۽ جذبن سان ڀرپور! هن
مون کان انگريزي ادب جي شاگرد هئڻ جي ناتي پنهنجي ناول متعلق ڪجھه پڇڻ ٿي چاهيو، پر
ان وقت منهنجو پرڏيهي ادب جي حوالي سان ڪو خاص مطالعو نه هو. اهي ئي ڪورس جا ٻه ٽي
ڪتاب يا جيئن سنڌيءَ ۾ ڪجھه ترجما ٿيل ناول پڙهيل هئا، ان ڪري چيومانس ته هن جو ناول
ڪاموءَ جي ناول ”دي فال“ واري ٽيڪنڪ تي لکيل آهي. انهن ڏينهن ۾ اسان ڪاموءَ جو ناول
”دي اسٽرينجر“، ”دي فال“ ۽ ”دي پليگ“ پڙهي چڪا هئاسون. ”دي فال“ جيئن ته مخاطب ٿي لکيل
هو - يعني سيڪنڊ پرسن نيريشن ۾، ان ڪري مون تڪڙ ۾ ئي چئي ڏنو ته ”مون کي اهو ان طريقي
سان لکيل نظر اچي ٿو!“ طارق جڏهن ان تي ڪو ريسپانس نه ڏنو ته پڇيومانس، ”ڇا اوهان جي
ان ناول لکڻ پٺيان ڪا انسپائريشن- ڪو خارجي اثر آهي؟“ ٿوري دير ٽٻي هڻي چيائين؛ ”ها.
هيمنگوي!“ مان ڇرڪي پيس. طارق ڪابه وضاحت ڪونه ڪئي. فقط ايترو چيائين؛ ”مونکي هيمنگوي
جون لکڻيون وڻنديون آهن.“
خبر ناهي طارق پنهنجي ڪنهن انٽرويو يا مضمون ۾ ان ڳالهه
جو اعتراف ڪيو يا نه، باقي هن جي ان انڪشاف کانپوءِ مون طارق جي ڪردارن ۽ هيمنگوي جي
ڪردارن ۾ ڪيئي پيريلز ڏٺا آهن. سنجھا ۽ پنهون جو افيئر ڪنهن به طرح سان هيمنگوي جي
ناول ”فيئرول ٽو آرمز“ جي هينري ۽ ڪيٿرين جي انڌي محبت کان گھٽ ناهي. جيئن ڪيٿرين هينريءَ
سان گڏ ڪنهن ٻي عورت جو نالو برداشت نه ڪندي آهي ۽ مرڻ کان اڳ کانئس هن جيئن ڪنهن ٻئي
کي پيار نه ڪرڻ جو واعدو وٺندي آهي، تيئن سنجھا به پنهون سان صبا کي ڪنهن به صورت
۾ برداشت نه ڪندي آهي. ”اولڊ مين اينڊ دي سي“ جو نائڪ سانتياگو پنهنجي شڪار يعني مڇيءَ
۾، جنهن کي پڪڙڻ کانپوءِ هو محبوبه ڪري سڏيندو آهي، ڪنهن جو به شيئر برداشت نه ڪندو
آهي. هينري کي پنهنجي پيار جي ڪڙي آزمائش ۾ جڏهن ڪيٿرين ۽ پنهنجي ٻار مان ڪنهن هڪ جي
حياتيءَ جي دعا گھرڻي پوي ٿي ته هو پنهنجي ٻار جي لاءِ نه پر پنهنجي محبوبه ڪيٿرين
لاءِ دعا گھري ٿو. هيمنگوي ۽ طارق جا ڪردار بي انتها محبت ڪندڙ آهن ۽ انهن جا دشمن
به موجود آهن- ڪڏهن نيچر (فطرت، سمنڊ، شارڪز يا لکيي جي ليک) جي صورت ۾، ڪڏهن ظهير
يا ”دي سن آلسو رائيز“ جي نوجوان بُلفائيٽر جي شڪل ۾! هيمنگوي جا مرد ڪردار پنهنجي
ذات جي نفي نٿا چاهين. ان ڪري هو اسپيس وٺن ٿا، ڏين گھٽ ٿا! ڇا طارق جا ڪردار به ايئن
آهن؟ ڇا سنجھا ايئن ناهي؟ طارق هيمنگوي جيئن پاڻ کي پنهنجين لکڻين ۾ اظهاريو آهي. نه
هيمنگوي، نه طارق ئي پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي، جيڪي ماڻهو پنهنجين لکڻين ۾ موجود هوندا
آهن انهن کي آتم ڪٿائون لکڻ جي ضرورت نه پوندي آهي. هنن جي سڃاڻپ هنن جا ڪردار هوندا
آهن. ڪي هاڪاري ته ڪي ناڪاري ۽ ڪردارن ۾ هو پاڻ هوندا آهن.
مون کي اجھو مارٽن ايمس ياد ٿو اچي. هن هڪ ڀيري چيو
هو ته چارلس ڊڪنس کي جيڪڏهن آخر تائين سڃاتو ويندو ته اهو هن جي ناڪاري (نيگيٽو) ڪردارن
جي ڪري! توڻي جو ڊڪنس جا اڻڳڻيا هاڪاري ڪردار پڻ موجود آهن. هڪ ڀيري خشونت سنگهه به
ڪجهه اهڙي ئي ڳالهه ڪئي هئي امرتا پريتم جي مرڻ تي. چيو هئائين ته جيستائين وارث شاهه
جو نانءُ جيئرو هوندو، امرتا پريتم کي به ماڻهو ياد ڪندا رهندا! ڇو ته هن جو هڪڙو ئي
نظم ”اج آکان وارث شاهه نون....“ هن کي صدين تائين زنده رکڻ لاءِ ڪافي آهي. ڇا طارق
جي ڪردارن ۾ به ڪو اهڙو ڪردار آهي، جنهن سان طارق جي سڃاڻپ جو ڪو اهڙو ئي رشتو جڙيل آهي؟ شايد سنجھا؟ يا ظهير؟
يا ناردمني؟ هر طارق جو هڪ دوست ناردمني ضرور هوندو آهي ۽ هر سنجھا لئه هڪ ظهير انتظار
۾ هوندو آهي. جيسين پيار سان گڏ فريب، ڌوکو، ٻيائي ۽ بيوفائي رهندي، جيسين محبوبائن
۾ سنجھا رهندي، جيسين دوستن ۾ اسان کي ناردمني نظر ايندو رهندو طارق به اسان کي هر
هر ياد ايندو رهندو. ڇو ته طارق ”رهجي ويل منظر“ جو پنهون آهي، پنهون هر دور ۾ چؤکنڀو
ٻڌي دل جي ديس کان در پدر ڪيو ويو آهي.
اڳ ۾ ذڪر ڪري آيس ته مون طارق سان پنهنجو تعارف ادب
جي شاگرد جي حيثيت ۾ ڪرايو. ٻڌايومانس ته مان انڌيون منڊيون ڪهاڻيون به لکندو آهيان.
انهن ڏينهن ۾ منهنجون ٻه ٽي ڪهاڻيون ٽي ماهي”سرتيون“، ”سهڻي“ ۽ هفتيورا ”سنڌو“ ۾ پڻ
ڇپجي چڪيون هيون. بهرحال، طارق ”مهراڻ“ لاءِ مون کي ڪهاڻي ڏيڻ لاءِ نه چيو. مان طارق
کان موڪلائي جڏهن ايڊيٽر صاحب وٽ آيس ته مون هن سان ڇپڻ لاءِ پنهنجي هڪ ”ڪهاڻي“ جو
ذڪر ڪيو. هن چيو ته هو ڪهاڻيون ناهي ڇپيندو پر جي مون وٽ ڪا ”نعت“ وغيره هجي ته هو
خوشيءَ سان ڇاپيندو. مون کي پوءِ دير سان خبر پئي ته هو محمد بن قاسم جي ڪوٽا تي ايڊيٽر
مقرر ٿيل هو.
طارق سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ادبي اداري ۾ بقول ماڻهن جي وڏي ۾ وڏي ادبي مخزن جو اسسٽنٽ ايڊيٽر
هو، پر ان اداري طارق جو هڪڙو به ڪتاب ڇپرائڻ جهڙو نه سمجھيو. وڏن ماڻهن جي ادارت هيٺ
نڪرندڙ ”مخزن“ انهن جي ايڊيٽرن جي وڏي نالي ڪري سٺا نه ٿيندا آهن، پر سٺن ايڊيٽرن جي
ڪري مخزن وڏو درجو ماڻيندا آهن. طارق خود پنهنجي اداري بابت ”بيٽوين دي لائين“ ڇا چيو
آهي اهو مان هت نه ورجائيندس، پر ايترو ضرور چوندس ته طارق جهڙي قلمڪار کي هڪ ننڍڙي
نوڪري ڏئي سيڙايو ويو. هن جي ڏات اڳيان بند ٻڌي کيس اڪيلو ڪيو ويو. هن کان ڪو به ڪم
نه ورتو ويو. هن جيڪي پاڻ ڪيو سو ئي اڄ طارق جي سڃاڻپ آهي. هن جون ڪهاڻيون، ناول، سفرنامو
۽ شاعري هڪٻئي جو تسلسل آهن. ايتريقدر جو هن جون ڳالهيون به هن جو تخليقي عمل آهن.
ڪتاب ”سڃاڻپ جي ڳولا“ ۾ طارق جنهن خوبصورت نموني پاڻ کي اظهاريو آهي، تنهن جون ڪجھه
جھلڪيون اوهان کي ”رات، سانت ۽ سوچون“، ”ٽڪنڊا، چوڪنڊا- دائرا“، ”آدم، سمنڊ-خوشبوءِ“،
”تعبير نه ڪا“، ”پيلو ڌنڌ“ ۽ ”موچيءَ جو پٽ خواب ڏسي ٿو“ ۾ اوس ملنديون.
طارق پنهنجي لکڻين جي اظهار ۾ پاڻ لهي آيو آهي. تشبيهن
جي نجپڻي، اظهار جي بي باقيپڻي، اڏولتا ۽ سچائي، هن جي نثر کي رواجيپڻي کان بچائي ورتو آهي، جنهن ڪري، بقول هن
جي، وڏا (يعني وڏا اديب) هن بابت ڪجھه هيئن ٿا فرمائين: ”اسان جي وڏن جو خيال آهي،
اسان پلاٽ ليس ڪهاڻيون/ اڪهاڻيون ٿا لکون. ڪٿي به سوشل ڳالهه نٿا ڪريون. اسان ڳالهه
ڪريون ٿا پنهنجي، نه ميجارٽيءَ جي- اسان کي صحتمند، ٿلهو متارو ادب تخليق ڪرڻ نٿو اچي.....“
۽ پيرا جي آخر ۾ هو چئي ٿو: ”هينئر اسان جي ثقافتي ادارن جو ڪم وڃي..... ڇپائڻ رهيو
آهي.“ (ڪهاڻي/ اڪهاڻي: ٽڪنڊا، چوڪنڊا- دائرا ... صفحو ۳۹، ڪتاب: سڃاڻپ جي ڳولا ۾).
غير رواجيپڻي جو هڪ ٻيو مثال ڪجھه هن ريت آهي. ساڳئي
ڪهاڻيءَ ۾ طارق چئي ٿو ته: ”ها، مان سنڌي ادب جو روميو آهيان، جنهن سان پيار ڪري ٿي
هڪ جوليٽ، جيڪا مون کي پياري آهي پنهنجين تخليقن جيتري ئي، مون جوليٽ کان اڳ پنهنجي
سيني ۾ خنجر هڻي ڇڏيو آهي. (مان هر ڳالهه ۾ انتهاپسند رهيو آهيان، لکڻ کان عشق ڪرڻ
تائين ۽ عشق ڪرڻ کان مرڻ تائين)- منهنجي خيال ۾ طارق سچ ئي چيو هو ته هن کي هيمنگوي
وڻندو آهي. هيمنگوي جيئن هن ۾ به وڏي همٿ هئي. هن جيئن هو به ڪيئي سال بيماريءَ سان
جھيڙيندو رهيو. هيمنگوي ئي اهو ليکڪ هو جنهن پنهنجي وقت جي وڏن وڏن بتن کي پنهنجي غير
روايتي اسلوب، خيالن، ايڊوينچرس، معاشقن ۽ شهرت ڪري ڇتو ڪري لاٿو هو. هو به لکڻ کان
عشق ڪرڻ تائين ۽ عشق ڪرڻ کان مرڻ تائين انتهاپسنديءَ جي حد تائين اڻموڙو هو. هن جا
ڪردار به خيالي نه هئا، هو به خيالي محبوبائن سان عشق نه ڪندو هو؛ طارق به ڇا نه خوب
چيو آهي ته: ”مون جيتريون به ڪهاڻيون لکيون آهن، ان جو ڪوبه ڪردار خيالي ناهي، ها،
مان انهن ڪهاڻيڪارن مان ناهيان، جيڪي خيالي محبوبائن سان عشق ڪندا آهن، جن جون ڪهاڻيون
ته انگور جي رس جهڙيون مدهوش ڪندڙ هونديون آهن، پر سندن مُک ڀت مٿان رهڙي لاٿل ڪنهن
سياسي پوسٽر جهڙا هوندا آهن.“
طارق، منهنجي نظر ۾، جديد سنڌي ادب جو پهريون اصلوڪو
۽ غير روائتي افسانه نگار آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا