صوفي صادق شاهه
اقرار پنهور
صوفي لفظ چئن اکرن جو مجموعو آهي. جنهن ۾ هر اکر جي معنى کي ڏسجي ته ڪجهه
هن طرح ٺهي ٿي. ص: سان صبر، و: سان وحدانيت، ف: سان فڪر ۽ ي: سان يقين. هڪ شخص جنهن
۾ صبر به هجي وحدانيت جو مڪمل قائل هجي، فڪر ڪرڻ وارو به هجي ۽ پنهنجي پالڻهار ۾ پختو
يقين به هجيس. اهڙي شخص کي، جنهن ۾ اهي چار ئي گُڻ شامل هجن، ڪامل صوفي چئجي ٿو.
صوفي صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو،
تهان پوءِ ٿيوم جيئري پسڻ پرين
کي.
صوفي اندر جي ورق کي پهرين ڌوئي صاف ٿا ڪن پوءِ چار ئي منزلون يعني شريعت،
طريقت، معرفت ۽ حقيقت کي ماڻي وڃي پنهنجي معبود سان ٿا ملن. اهو ئي سبب آهي جو صوفين
هميشه ڪٺن ۽ ڏکيو سفر اختيار ڪيو. سندن نظريي موجب ته يار جي ملڻ جو راز ڏکن تڪليفن
کي صبر سان برداشت ڪرڻ ۾ ئي آهي. جيستائين جان جوکي ۾ نه پوندي، تيسين ديدار يار نه
ٿيندو. ان ڪري صوفين هميشه آرام ۽ آرائش کي ترڪ ڪري بر، بحر، جهنگل ۽ ويرانه آباد ڪيا
جتي اڄ به سندن مزارون ۽ مقبرا اوچا ڳاٽ ڪيو هزارين ڀٽڪيل ماڻهن جي آسن ۽ اميد جا اهڃاڻ
آهن. اهڙن سنڌ جي ڪيترن ئي نالي وارن صوفين
۽ اولياءَ الله وارن مان حضرت صوفي محمد صديق عرف ”صادق شاهه“ به هڪ آهي جنهن جي ولادت
باسعادت ڪڇ ۽ لاڙ جي ڪناري ڏاڏي آدم جي ”ٻني“ ويجهو شوال ۱۱۷۰ هجري بمطابق ۱۷۵۶ع سومر ڏينهن سج لٿي، دين محمد سومرو ولد فقير جلال
الدين صوفي شهيد جي گهر ۾ ٿي.
سندن والد مالوند هو. مال جي واپار سانگي اڪثر ڪڇ کان لاڙ ۽ اتر ڏانهن
سفر ڪندو رهندو هو. ان ڪري سائين صادق فقير جو ننڍپڻ هلچل ۽ مشاهدي ۾ گذريو. روايتن
موجب صوفي پنجويهن ڇويهن سالن تائين ڏاڍا مڙس
۽ چوراڻي سنگت ۾ شامل هئا. جيڪا ڳالهه پري پري تائين پکڙيل هئي. سندس چوريءَ جا قصا
به مشهور هئا. پر ان جا هن اصول جوڙيا هئا ته پنهنجي تر ۾ ڪا به ڏاڍ مڙسي يا چوري نه
ڪبي. غريبن کي ڪڏهن به تنگ نه ڪبو. هٿ لڳل مال مان بي پهچ، لاچار ۽ غريبن جي مدد ڪبي.
هڪ روايت آهي ته صوفي صاحب چوري جي خيال سان پنهنجي ٽولي سان وڃي رهيا هئا ته ڪنهن
ٻڍڙي مائي صدا هنئين ته خدا ڪارڻ منهنجي مالي مدد ڪيو. پاڻ ان ڪراڙي سان واعدو ڪيائون
ته دعا ڪيو، موٽي اچي تنهنجي مدد ڪنداسون. قدرت خدا جي، ان ڀيري مال تمام گهڻو هٿ لڳي
وين. صوفي فقير موٽندي، مائيءَ سان ڪيل واعدي مطابق، مدد مدد ڪئي. پاڻ پنهنجي پوري
حصي جو مال ان مائي کي ڏيئي ڇڏيائين. جنھن تي ٻين ساٿيارين سندن سخاوت ڏسي سندي حصي
جو مال به ٻڍڙي کي ڏئي ڇڏيو. فقير صاحب جي سچائي ۽ سخاوت ڏسي، عورت دعا ڪئي ته تون
وڏو درويش ٿيندين. پوءِ جلد ئي صوفي صادق فقير جن جو سفر جهوڪ شريف (ميرانپور) ڏانهن
ٿيو. جتي صوفين جي سرتاج ”جو کيڙي، سو کائي“ جو نعرو هڻندڙ حضرت صوفي شاهه عنايت الله
شاهه شهيد جو آستانو هو. ان وقت جهوڪ شريف جي سجاده نشين جن جو ننڍو ڀاءُ حضرت فضل
الله شاهه عرف داتا شاهه قلندر، شاهه ڪريم بلڙي جي ويجهو، پراڻي ميرانپور لڳ، جوڳ
۾ ويٺل هئا. هڪ ڏينهن ويٺي اوچتو پنهنجي مريدن
کي فرمايائون ته ”اڄ هتي وڏو خليفو ٿو اچي.“ سڀ مريد سوچڻ لڳا ته مريدن ۾ ته وڏو خليفو
نورنگ فقير آهي سو به موجود آهي ته پوءِ ”وڏو“ خليفو ڪير ٿو اچي؟ ڪجهه دير گذري ته
صوفي صادق فقير پنهنجي ساٿين سان گڏ چوري جي خيال سان اتان وڃي گذريا. پاڻ صادق فقير
کي ڏسندي فرمايائون ته اڄ دريا ”پلٽي ڪوزي ۾ ٿو پوي.“ پوءِ ته بس فقير صاحب کي اهڙي لنئون لڳي جو دنيا
ڀلائي پنهنجي وجود کي فنا في الله ۾ گم ڪري، پنهنجي مرشد داتا پير ”شاهه قلندر“ جي
صورت کي سيني ۾ سمائي چِلا، ڏها ۽ چاليها ڪٽي،
پنهنجي نفسياتي خواهشن کي اهڙي ته مات ڏنائين جو نفس سندس طابع ٿي ويو. مرشد جي در
جي حاضري ڀريندي اٺاويهن ٽيهن سالن جو عرصو گذري ويو. ان دوران صادق فقير جي اندر
۾ مُرشد پاران سونپيل ڪرامتن پلٽا کاڌا. ڪيئي ڪرامتن جا جوهر ظاهر ٿيا. سندس ڪرامتن
سان گڏ جيڪا سندس اندر ۾ وڏي تبديلي آئي سا هئي ”شاعري.“ مرشد جي سامهون جڏهن صادق
فقير پنهنجي عقيدت جا گل صوفي شاعري ۾ نڇاور ڪندا هئا ته مرشد کي به محمد صديق تي فخر
ٿيندو هو. ان خوشي ۾ مرشد کيس ”شاهه“ جو لقب عنايت ڪيو.
ان ڏينهن کانپوءِ محمد صديق سومرو ”صوفي صادق شاهه“ جي نالي سان سڏجڻ
لڳو. پاڻ پنهنجي مرشد جي محبت ۾ ڪيترا ئي بيت چيا اٿن، جيئن:
اڀرندي کان اڀريو ڪري گيڙو گل،
هادي هدايت جو سندن ڪونهي ملهه،
صادق ڳالهه مَ سل، فضل الله شاهه فقير جي.
يا وري
نم نوراني پير جا نمن وسي نور،
قلندر شاهه ڪرم سان ڀريو ڏئي ڀرپور،
منجهان نور ظهور، وڻ به وڃن واسيا.
جڏهن صادق شاهه پنهنجي مرشد جي صُحبت ۾ رچي ريٽا ٿيا تڏهن مرشد وٽان حڪم
ملين ته؛ هاڻ پنهنجي ڳوٺ ”اُهر شريف“ وڃي، موجوده صوفي فقير جي نالي سان مشهور، ذڪر
فڪر ۽ ماڻهن جي اصلاح ڪيو. حڪم تي لبيڪ چئي، عمر ڪوٽ کان ۱۵
ڪلوميٽر اولهه طرف اچي، مرشد
پاران ڏنل هدايتن تي عمل ڪيائون. تمام ٿوري وقت ۾ تر جي ماڻهن کان علاوه ٻين علائقن
جي ماڻهن به اچي سندس هٿ تي بيعت ڪئي. ڏسندي ڏسندي وٽس ماڻهن جا ميلا مچي ويا. پاڻ
هميشه پنهنجي مريدن کي هدايت ڪندا هئا ته ”حق هميشه هيڪڙائي ۾ آهي.“ الله هر انسان
جي اندر ۾ وسي ٿو، ان ڪري نفرت نه ڪيو. دنيا جا سڀ مذهب هڪٻئي سان پيار ڪرڻ سيکارين
ٿا. ان ڪري ڀلو مسلمان اهو آهي، جيڪو پوري انسانيت لاءِ ڀلو سوچي. اهو ئي سبب آهي جو
هن درگاهه جا مريد نه فقط مسلمان پر هندو به آهن. پاڻ اڪيلائي ۾ ذڪر، فڪر سان گڏ شاعري
به ڪندا هئا ۽ ”راڳ نامون“ رسالو جنهن ۾ ۲۷
کان مٿي سُر آهن، سو لکيائون.
ان کان سواءِ ”درد نامون“ پڻ لکيائون، جيڪو پنهنجي مرشد فضل الله شاهه، ”داتا پير“
جي جدائي جي فراق ۾ آهي. جيئن:
هو جي ٿورا سڄڻين، سو مون ڀانيان سور،
پهتس تان نه پور، ڳڻ ڳڻيندين تن جا.
پاڻ ۹۵ سالن جي عمر ۾ ۱۱ رمضان المبارڪ ۱۲۶۵هه مطابق ۱۸۴۸ع تي وفات ڪيائون. سندن مزار مبارڪ صوفي فقير ۾ آهي. جتي هر سال ۱۱،۱۲،۱۳
ربيع الثاني تي سندس عرس مبارڪ
(ميلو) ٿيندو آهي. جتي سنڌ ۽ هندکان مريد اچي حاضري ڀريندا آهن ۽ سماع ۾ شريڪ ٿيندا
آهن.
جيڪي آهي اڄ، سڀان ناهه صديق چئي،
واڄي وانگر وڄ مٿي کي مرلي ڪري.
پڙهڻ ات پورو ٿيو جتي ويو وجود
ري سجدو سجود، سڀوئي سبحان ٿيو.
No comments:
راءِ ڏيندا