عبدالجبار لغاري المعروف ببلي
عزيز گوپانگ
تڏهن سنڌ ۾ اڃا ڪوچ سروس شروع ڪانه ٿي هئي، نه ئي ڪي
”بائي پاس“ ئي ٺهيا هئا، جي ٽي ايس ”گورنمينٽ ٽرانسپورٽ سروس“، جيڪا بعد ۾ ايس آر ٽي
سي ”سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ سروس“ ۾ تبديل ٿي هئي ۽ خانگي بسون روڊن تي ڊوڙنديون هيون، انهن
ئي ڏينهن ۾ گول باڊي واريون بسون به رواج ۾ اچي ويون هيون، تڏهن سڪرنڊ جي بس اسٽاپ
تي هڪ اڌڙوٽ عُمر جو شخص ڪڇ ۽ هٿن ۾ اخبارن جا تها ۽ ڪُجهه رسالا کڻي هر بيهندڙ بس
۾ چڙهي ايندو هو!
ڪلفيون، ماوا، شربت، کٺمٺڙا، ڳنڍيريون، لائي جي هوڪن
جا آواز ننڊ پيل مسافرن کي ڪنهن نئين شهر يا اسٽاپ جي اچڻ جو اطلاع ڏيندا هُئا، تڏهن
اهڙن هوڪن جي وچان هِڪڙو آواز الڳ ٿي بيهندو هو ڪتاب ۽ اخبارون کپائڻ وارو آواز! سنڌ
جيڪا اڄ به ۷۵ سيڪڙو اڻ پڙهيل آهي، اُها اڄ کان ٽيهه- پنجٽيهه سال اڳ ۹۰ سيڪڙو اڻ پڙهيل
هئي، ضياءَ جي دؤر ۾ اخبارون سينسر ٿيل هونديون هيون ۽ رسالن جو معدو، مواد کان خالي
هوندو هو، اِن لاءِ ماڻهو اخبار پڙهڻ کان وڌيڪ قُلفي کائڻ کي ترجيح ڏيندا هُئا، سو
سڪرنڊ جي بس اسٽاپ تي سالن جا سال گاڏين ۾ چڙهي اخبارون ۽ رسالا وڪرو ڪندڙ شخص سمورو
ڏينهن ايترا ته هوڪا ڏيندو هو، جيترا سندس اخبارن ۾ اکر به ڪو نه هوندا هئا، ڪو ورلي
ئي کانئس اخبار وغيره خريد ڪندو هو! هڪڙي اخبار پوري بس جا مسافر پڙهي وٺندا هئا ۽
جيڪي بچندا هئا سي لؤڻا هڻي ٻئي جي هٿ ۾ جهليل اخبار پڙهي وٺندا هُئا، تڏهن ئي هِڪ
ڏينهن اخبارن جا هوڪا ڏيندي، هُن کان بس مان لهڻ وسري ويو ۽ هو سانگهڙ ۾ اچي لٿو.
اُن ڏينهن هُن سان عجب لقاءُ ٿيو! بس جي هلڻ سان ئي
هو ڇوهو ٿي هلندڙ بس جي گيٽ کان ٽپو ڏيئي هيٺ لهي ويندو هو ۽ پويان آيل ڪنهن ٻي بس
۾ چڙهي ويندو هو، پر اُن ڏينهن هو بس مان پاڻمرادو نه لٿو يا لهي نه سگهيو، ڪجهه نٿو
چئي سگهجي، الائجي ڪيئن کانئس سڀ ڪُجهه وسري ويو. اخبارون، رسالا، هوڪا، بس، بس ۾ چڙهڻ
۽ ٽپو ڏئي لهڻ، نه رڳو ايترو پر اُن ڏينهن هو پاڻ کان به وسري ويو، بس جي وچ تي کتل
ڏنڊي سان سڌو ٿي جو بيٺو ته اچي سانگهڙ لٿو، بس مان هِڪ هِڪ ٿي سڀ مسافر لهي ويا، هي
بيٺو ئي رهيو، بس جو ڪلينر جڏهن بس جون دريون بند ڪرڻ لڳو تڏهن هُن جي اندر جي دري
کُلي! هُن پهرئين پاڻ کي ڏٺو، خالي بس ۾ هُن ۽ سندس پيرن وٽ ڪريل اخبارن ۽ رسالن کان
علاوه ٻيو ڪير به ڪو نه هو. هو جيڪو ڇوهو هوندو هو ۽ ٽپا ڏئي بسن ۾ چڙهندو ۽ لهندو
هو، اُن ڏينهن آهستي آهستي در ڏانهن وڌيو ۽ بس کان لهي هيٺ ٿي بيٺو. هُن ڪا اخبار کنئي
۽ نه ئي هيٺ ڪريل ڪو رسالو، اصل ۾ هُن پاڻ کي به ڪو نه کنيو ۽ بنا پنهنجي، اچي سانگهڙ
جي روڊ تي بيٺو.
سانگهڙ جي رقيبن جي ڄمڻ جي شرح عاشقن کان چئوڻ تي هوندي
آهي، اُن شهر ۾ لهندي ئي هُن پاسي واري کيسي مان ڪنهن دؤر ۾ سڪرنڊ مان ورتل رومال ڪڍي
پنهنجون اکيون اگهيون! لڙڪ هُئا يا اڄاتا مهمان، الائجي ڪٿان پئي آيا. هُن روڊ ڪراس
ڪري هِڪ هوٽل جي ڪنڊ ورتي ۽ گوڏن ڀر ويهي رهيو، ائين جيئن عاشق اڏيءَ تي ڪنڌ رکڻ وقت
ويهندا آهن! هُن گهڻي دير تائين پئي پنهنجيون اکيون اگهيون، ننڍڙن ٻارن وانگيان کانئس
روئڻ کي روڪڻ وسري ويو. رومال جڏهن پورو پُسي آلو ٿيو ته هُن قميص جو اڳ کڻي مُنهن
تي ورايو، تڏهن سانگهڙ کيس پهريون ڀيرو گهوري ڏٺو.
هو ڪيترائي ڏينهن بيگانگيءَ کي گڏ کڻي شهر جي روڊن
رستن تي هلندو رهيو، بُک وڌي وڃي ته ماڻهو پيٽ سان پٿر به ٻڌي ڇڏيندا آهن پر جي ڏک وڌي وڃي
ته اکيون پاڻ پٿر ٿي وينديون آهن!
پٿرايل اکيون کڻي هُو حيرانيءَ وچان سانگهڙ جي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ رُلندو رهيو. کيس
ڪنهن جي ڳولا هئي، هُن ڪجهه نه پئي ڄاتو، بس هُن کي ايتري خبر هئي ته ڪنهن هٿ وڌائي
کيس پنهنجي ئي اندران ڇڪي ڪڍي پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي، جيئن ڪنهن سوٽي ڪپڙي جي وچان
ڌاڳو ڇڪي ڪڍي وٺجي!
اِهو ڪيئن ٿيو؟ هُن کي ڪابه خبر ڪانهي. بس کيس ايترو
ئي ياد رهيو ته اُن ڏينهن جڏهن هو سڪرنڊ بس اسٽاپ تي اخبارون ۽ رسالا کڻي سانگهڙ ڏانهن
ويندڙ هِڪ بس ۾ چڙهيو هو ته ليڊيز سيٽ تي ويٺل هِڪ ڇوڪري هٿ وڌائي کانئس رسالا ڏسڻ
لاءِ ورتا هُئا، ان ڇوڪري رسالا اُٿلائي پُٿلائي ڏٺا! وڌيڪ هُن کي ڪُجهه به ياد ڪونهي
ته هُن انهن رسالن مان ڪو رسالو ورتو به هو يا نه، کيس واپس ڪيا به هُئا يا نه! بس
هو ڪنهن پُراڻي گهر جيان پنهنجي اندر ۾ ئي ڪرندو ڍير ٿيندو رهيو ۽ ان وقت هوش ۾ آيو
جڏهن سانگهڙ پُهچڻ تي ڪلينر بس جون دريون بند ڪرڻ لڳو!
اهو ڏينهن سندس حياتيءَ ۾ ائين آيو هو جيئن دري کولڻ
تي هوا گهر ۾ ڪاهي ايندي آهي، جنهن جي زور سان ابتيون سبتيون رکيل شيون ٽڙي پکڙي وينديون
آهن! هُن جو اندر به اُن ڇوڪريءَ جي پهرين نگاهه سان پنهنجي ترتيب وڃائي ويٺو! جتي
دِل هُئي اُتي درد، جتي اکيون اُتي اوسيئڙو ۽ جتي زندگي هُئي اُتي ويراڳ اچي ويٺو!
هُن کان سڪرنڊ وسريو، مِٽ مائٽ وسريا، ڪم ڪار، وهنوار وسريا ۽ پاڻ کان به وسريو!
وقت گذرندو رهيو، سانگهڙ جون هوائون کيس ڌُڌڙ سان ڌوئينديون،
وهنجارينديون رهيون، گهنڊيدار وار ويتر ويڙهجي ڳنڍيون بڻجي ويا! وچولي قد، ڀريل هاٺي،
وڏي مُنهن ۽ ڳورئي آواز وارو هي ماڻهو مٽي ۾ ملڻ کان اڳ ۾ مِٽي مِٽي ٿي ويو، تڏهن ڪجهه
ماڻهن کيس ڇڪي حمام تي وٺي آيا، کيس وهنجاري ڏاڙهي، مڇون ۽ وار سنوت ۾ آڻي، هٿن سان
ماني کارائي، پاڻي پياري، سانهن ستيءَ ۾ کانئس سندس نالو پُڇيو!
هُو ڪيتري دير تائين سڀنيءَ کي چتائي ڏسندو رهيو، رکي
رکي هُن سامهون ڀت تي ٽنگيل شيشي ۾ پاڻ کي به ٽيڊي اک سان نهاريو ٿي ۽ پاڻ کي سڃاڻڻ
جي ڪوشش پئه ڪيائين ته ڪڏهن ڪڏهن ٽپو ڏئي ائين اٿڻ جي ڪوشش پئه ڪيائين جيئن جهوڪ ۾
ويٺل اٺن مان ڪو اٺ اوچتي پوُر پوڻ تي ٽپ ڏئي اُٿندو آهي! سندس اهڙي ڪوشش تي کيس حمام
تي وٺي ايندڙ همراهن ڪلهن کان جهلي وري ويهاري ٿي ڇڏيو.
”بابا تنهنجو نالو ڇاهي؟“ کيس گهيرو ڪري ويٺل
همراهن مان هڪ ڄڻي کانئس پُڇيو، هُن اکين جا ڇڀر زور سان مٿي کڻي کيس نهاري ۽ بي ساخته
چيو عبدالجبار! هُن پنهنجو نالو ائين کنيو جيئن ڪو ٻار ڪنهن سائن بورڊ تي لکيل تحرير
پڙهندو آهي، اڌ کليل چپن مان سندس نالو ائين نڪتو جيئن ڪو قيدي جيل جي دروازي مان ٻاهر
نڪرندو آهي! اِهو ٻيو لمحو هو جڏهن کيس سڀ ڪُجهه ياد اچڻ لڳو!
هُن ٻڌايو ”منهنجو نالو عبدالجبار آهي، مان ذات جو
لغاري آهيان، حمل فقير لغاري مُنهنجو ويجهو سيڻ آهي، مان بسن ۾ اخبارون ۽ رسالا کپائيندو
آهيان.“ ايترو ٻُڌائي هو چپ ٿي ويو. کيس حمام تي وٺي آيل همراهه هِڪ هِڪ ٿي روانا ٿي
ويا. هي حجم جي دڪان تان اُٿي آهستي آهستي اڳتي وڌيو!
ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ آيل هوش کيس هِڪ ٻي بيهوشيءَ
۾ وٺي ويو. هُن سانگهڙ کي پنهنجو گهر ڪري ڇڏيو. ڪتاب گهرن تان رسالا ۽ اخبارون کڻي
وري بسن ۾ کپائڻ لڳو. فرق فقط ايترو هو جو اڳ ۾ هُو هر ڪنهن کي کپائڻ لاءِ هوڪا ڏيندو
هو، پر هاڻي هُو فقط اُن ماههِ جبين لاءِ هوڪا ڏيندو هو، جنهن سڪرنڊ جي بس اسٽاپ تي
کانئس هٿ وڌائي رسالا ورتا هُئا! اُها ڇوڪري وري کيس نظر نه آئي.
هو هڪ بس مان ٻي بس تي چڙهندو رهيو، شهر جي سياڻن هن
ديواني تي ”ببلي“ نالو رکيو ۽ هُن قبولي ورتو. وقت گذرندو رهيو، هُن کان اِهو به وسري
ويندو هو ته ڪڇ ۾ کنيل اخبارون ڪيترن ئي ڏينهن جون پراڻيون آهن، جن کي ڪير به وٺڻ وارو
ناهي، رسالا به سندس ڪپڙن وانگر ميرا ٿي چُڪا آهن، هُو اجنبي ڇوڪريءَ کي ماههِ جبين
جي نالي سان پڪاريندو ۽ في البديھ شاعري ڪندو رهندو هو، جنهن جو خاندان سندس ديوانگيءَ
جي جن کان لڪي وڃي ڪراچي وسيو! اِها خبر وڄ وانگي سندس مٿان وٽجي سَٽجي ڪري. هو سڙيو
ته اڳ ۾ پيو هو، پوءِ ڪوئلو ٿيو ۽ سانگهڙ جي ماڻهن کيس خاڪ ٿيندي به ڏٺو!
۽ پوءِ هِڪ ڏينهن سالن کان بعد وري بس ۾ ويٺو،
سڪرنڊ مان ٿي پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ حمل فقير جي پاسي ۾، سج وانگي لهي ويو!
ٻيهر ڪنهن ٻئي جنم ۾ وري رسالا ۽ اخبارون کپائڻ لاءِ! پر سانگهڙ، سندس رومال ۽ اُن
سان اگهيل لڙڪن جو اڃا قرضي آهي، جيڪو هُن ڪڏهن سڪرنڊ مان خريد ڪيو هو!
No comments:
راءِ ڏيندا