; سنڌي شخصيتون: حاجي محمد شفيع سانسي

28 August, 2013

حاجي محمد شفيع سانسي

حاجي محمد شفيع سانسي
هڪ عظيم انسان
ممتاز رياڙ/ڊگهڙي
سنڌ ڌرتيءَ عظيم ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي خلوص ۽ سچائيءَ سان عوام جي خدمت ڪري، سندس نالو روشن ڪيو آهي. اهڙن ئي انسانن مان حاجي محمد شفيع سانسي به هڪ هو. سندن لاڏاڻو رڳو ڪنهن روايتي زميندار ۽ عام سياسي ماڻهوءَ جو لاڏاڻو ناهي پر هي ماڻهو ست راڄي جو چڱو مڙس ۽ پاڙي پتيءَ جو اونو رکندڙ ۽ مثبت سوچ رکندڙ انسان هو. وڏو زميندار هوندي به ايترو ته سادو هو، جو گاڏيءَ مان لهي هيٺ بيهندو هو، ته ڪير به اهو نه سمجهندو هو، ته اها گاڏي ڪا سندس آهي. صفا فقير منش ۽ پرهيزگار انسان هو.

حاجي شفيع سانسي ملڪ جي پهرين بلدياتي چونڊن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر جو ميمبر چونڊيو ويو. ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ پ پ جو سرگرم ڪارڪن به رهيو. حاجي شفيع سانسي هن وقت مسلم ليگ (ن) ۾ شامل هو. تازو وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات دوران هن ٿر جي ڪوئلي سميت، علائقي جي مسئلن بابت آگاهي ڏني ۽ ميان صاحب علائقي ۾ اچي مسئلا حل ڪرڻ جو کيس يقين به ڏياريو.
مرحوم شفيع سانسي علائقي ۾ ڪيترا ئي خوني جهيڙا ختم ڪرائي انصاف ڀريا فيصلا به ڪيا. هن ڀوتارڪي دور ۾ به حاجي شفيع سانسي ننڍي وڏي، امير توڙي غريب سان هڪ جهيڙو پيش ايندو هو. حاجي شفيع سانسي جي انسانيت جي پرک ان مان به ڪري سگهجي ٿي، ته هن سڄي زندگيءَ ۾ ڪو به دشمن پيدا نه ڪيو. سندس سياسي مخالف به ذاتي طور تي هن جي وڏي عزت ڪندا هئا. هن علائقي ۾ تعليم ۽ ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون. پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن جي بحاليءَ لاءِ ڪيل جدوجهد ۾ حاجي شفيع سانسي جو ڪردار ڪڏهن به وسارڻ جوڳو ناهي. هو هڪ انسان دوست غريب پرور انسان هو، جنهن کي علائقي واسي هميشه ياد رکندا.


No comments:

راءِ ڏيندا