; سنڌي شخصيتون: حاجي محمد شفيع سانسي، ممتاز رياڙ، ڊگهڙي،
Showing posts with label حاجي محمد شفيع سانسي، ممتاز رياڙ، ڊگهڙي،. Show all posts
Showing posts with label حاجي محمد شفيع سانسي، ممتاز رياڙ، ڊگهڙي،. Show all posts

28 August, 2013

حاجي محمد شفيع سانسي

حاجي محمد شفيع سانسي
هڪ عظيم انسان
ممتاز رياڙ/ڊگهڙي
سنڌ ڌرتيءَ عظيم ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي خلوص ۽ سچائيءَ سان عوام جي خدمت ڪري، سندس نالو روشن ڪيو آهي. اهڙن ئي انسانن مان حاجي محمد شفيع سانسي به هڪ هو. سندن لاڏاڻو رڳو ڪنهن روايتي زميندار ۽ عام سياسي ماڻهوءَ جو لاڏاڻو ناهي پر هي ماڻهو ست راڄي جو چڱو مڙس ۽ پاڙي پتيءَ جو اونو رکندڙ ۽ مثبت سوچ رکندڙ انسان هو. وڏو زميندار هوندي به ايترو ته سادو هو، جو گاڏيءَ مان لهي هيٺ بيهندو هو، ته ڪير به اهو نه سمجهندو هو، ته اها گاڏي ڪا سندس آهي. صفا فقير منش ۽ پرهيزگار انسان هو.