ڪامريڊ محمد يعقوب جتوئي
انسان ۽ علم دوست شخصيت
ذبيح جتوئي
سکر ضلعي جي ڪچي ۾ سنڌوءَ ڪناري تي مشهور ٻيلي ڪيٽي شاهه ٻيلو جي جهنگ،
جهالت ۽ غربت ۾ جنم ورتل ڪامريڊ مرحوم محمد يعقوب جتوئي ۳۱/۱۹۳۰ع ڌاري شاهه ٻيلي ۾ چوپائي مال تي گذارو ڪندڙ جتوئي
پاڙي، برهماڻي جتوئي جي خاندان ۾ اخواني جتوئي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس والد بزرگوار
علماءِ ديوبند جي درگاهه هاليجي شريف جي پهرين گادي نشين حضرت حماد الله رح جن جو پهرين
صف جو مريد ۽ فقير هو.
مرحوم محمد يعقوب جتوئي، جڏهن اٺ ڏهه سالن جي عمر تي پهتو ته سندس والد
محترم کيس درگاهه هاليجي شريف جي نگراني ۾ پني عاقل شهر ۾ ”لوڙهي واري“ مشهور مدرسي
۾ ديني تعليم لاءِ داخل ڪرايو. مائٽن به پنهنجي پٽن کي محمد يعقوب سان گڏ پڙهڻ لاءِ
موڪليو. لڳ ڀڳ ٻن ٽن سالن کانپوءِ محمد يعقوب جو والد وفات ڪئي ته پني عاقل جي مدرسي
مان ڇڏي ڳوٺ هليو آيو ۽ نتيجي ۾ آهستي آهستي سندس سڀ مائٽ به مدرسو ڇڏي ڳوٺ اچي مال
چارڻ لڳا. پر ڪجهه مهينن جي وقفي کانپوءِ محمد يعقوب کي سندس وڏو ڀاءُ مرحوم محمد خان
جتوئي ديوبند جي مشهور درگاهه ٿريچاڻي شريف جي مدرسي ۽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو.
جتان هن سنڌي چار درجا ۽ عربي فارسي ۽ قرائت بابت ڪجهه ديني تعليم حاصل ڪئي. درگاهه
ٿريچاڻي شريف جا ان وقت حضرت ميان عبدالعزيز شيخ صاحب جن گادي نشين ۽ مدرسي جا مهتمم
جناب قاري عبدالڪريم بروهي جن هئا، جن جي مرحوم محمد يعقوب جي صلاحيتن سبب خاص شفقت
هوندي هئي. قاري عبدالڪريم بروهي مرحوم سنڌ جي مشهور شاعر جوهر بروهي جن جا والد هئا.
سال ۴۶-۱۹۴۵ع
جي زماني ۾ برصغير اندر هلندڙ مختلف تحريڪن ۾ علماءِ ديوبند ڪافي منظم نموني متحرڪ
هئا. درگاهه امروٽ شريف مدرسه ٺيڙهي، درگاهه هاليجي شريف، درگاهه ٿريچاڻي شريف ۾ تحريڪي
سرگرميون تيزيءَ سان هلنديون هيون. جتي ننڍي کنڊ جون وڏيون وڏيون شخصيتون مولانا عبيدالله
۽ ٻيا به اڪثر ايندا هئا. جن جي ڪري به مرحوم محمد يعقوب جتوئي کي علمي، ادبي، سياسي
۽ انقلابي جذبو جاڳيو. ان وچ ۾ درگاهه ٿريچاڻي شريف جي گادي نشين جو سئوٽ مولانا محمد
عثمان شيخ نواب شاهه ۾ ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندا هئا. جن محمد يعقوب جي صلاحيت ڏسي کيس
نواب شاهه ڪاروبار ۾ ملازمت جي آڇ ڪئي. هن پنهنجي وڏن ڀائرن جي صلاح سان ۽ غربت سبب
قبول ڪئي. تقريبن ۵۱-۱۹۵۰
ڌاري، نوابشاهه ۾ ملازمت شروع
ڪرڻ کانپوءِ، نواب شاهه جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ مذهبي ماڻهن سان ويجهڙائي ٿيڻ
سبب، انقلابي سياسي دلچسپيءَ سان سرگرم ٿيو. سال ۱۹۵۷ع ڌاري مولانا محمد عثمان شيخ صاحب جي وفات بعد هن موھني بازار نواب شاهه
۾ ميونسپل مارڪيٽ ۾ ذاتي ڪپڙي جو ڪاروبار شروع ڪيو، جيڪو ۱۹۸۵ع تائين قائم رهيو. سندس سياسي وابستگي قومپرست ۽ جمهوري پارٽين سان رهي.
خان عبدالولي خان جي نعپ ۽ غوث بخش بزنجو جي پاڪستان نيشنل پارٽي جو ضلعي عهديدار
۽ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر رهيو. ون يونٽ خلاف ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، سائين جي ايم سيد
۽ شيخ مجيب الرحمان جي گڏيل جدوجهد ۾ پيش پيش رهيو. جنهن دوران هفتو دڪان بند ڪري به
انقلابي جدوجهد ۽ بک هڙتالن ۾ شريڪ رهيو.
مرحوم محمد يعقوب جتوئي، نواب شاهه ۾ غريب آباد جي ريگل چوڪ ڀرسان مسواڙي
جاءِ ۾ وقت گذاريو جتي عالم، اديب، شاعر، سياسي، سماجي ۽ قومي انقلابي اڳواڻ ۽ ڪارڪن
اڪثر اچي ڪچهريون ۽ گڏجاڻيون ڪندا هئا. ڄام ساقي، شهيد نذير عباسي، عبدالواحد آريسر،
مولانا عزيز، مرحوم نور عباسي، تاج جويو، جوهر بروهي، نياز همايوني، رسول بخش جمالي،
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، احمد خان جمالي انجنيئر، مير محمد عمر ٽالپر، منير احمد پيرزادو،
مرحوم سيد امداد محمد شاهه، قاضي حنيف محمد مرحوم، سيد رشيد احمد شاهه مرحوم، صالح
بلو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، شعيب حميدي، ابراهيم چنو، احمد خان جمالي، شاهه محمد شاهه،
عبدالحڪيم ارشد ۽ منير احمد ماڻڪ کانسواءِ اڻ ڳڻيا دوست سندس دڪان توڙي جاءِ تي اڪير
مان ملڻ ايندا هئا. سندس خاص دوست ۽ ٻانهه ٻيلي سنڌ جو مشهور صحافي ۽ قومي ڪارڪن تاريخ
نويس مرحوم محمد صالح عاجز به ساڻس رهائش گاهه تي هميشه گڏ رهيا. ان کان علاوه تعليم
حاصل ڪندڙ سندس ڀائٽيا نظام الدين، ذبيح الله ۽ صفي الله پڻ ڪجهه سال ساڻس گڏ زير تربيت
رهيا.
محمد يعقوب جتوئي، مولانا محمد صالح عاجز جي هفتيوار ”صبح صادق“ اخبار
۾ سب ايڊيٽر ۽ مختلف ڪتابن ۽ اخبارن ۾ مضمون نويسي ڪندا رهيا. ڪيترن ئي غريب دوستن
جي اولاد کي تعليم ۽ تربيت لاءِ مالي مدد ۽ اعليٰ عهدن ۽ آفيسريءَ تائين پهچائڻ ۾ تعاون
ڪندا رهيا. سندن مخلصاڻي ۽ پرهيزگار طبيعت سبب، مطلب ۽ مفادن کان بالاتر رهيا. پنج
ئي وقت نماز، روزن ۽ سالانه زڪوات ڏيڻ جا پابند هئا. ڪوڙ، فراڊ يا غلط ماحول کان نفرت
ڪندڙ هيا. رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي مرحوم ۽ سندس ڀائرن سان گهرا ۽ پراڻا ذاتي واسطا
هجڻ باوجود به سندس وزارت اعليٰ جي زماني ۾ ڪڏهن ڪا لالچ يا مفاد کڻي نه ويا، توڙي
جو کيس مختلف آڇون به ڪندا هئا.
مرحوم محمد يعقوب جتوئي ۱۹۸۵ع
۾ نواب شاهه کي الوداع چئي سانگي ڳوٺ ۾ ڀائرن سان گڏ دڪان ۽ ڪچي جي زمين سنڀالڻ لڳو.
سال ۱۹۸۶ع ۾ طبيعت ناساز ٿي پين. مختلف علاجن باوجود ۳۰ ڊسمبر ۱۹۸۸ع بروز جمع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائون.
No comments:
راءِ ڏيندا