شير ميربحر
سدا جرڪندڙ ستارو
شيخ عزيز
منهنجو پيءُ هڪ خلافتي ملو هئو،
تنهنڪري ترڪ ِموالات واري تحريڪ ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي وڃي افغانستان کان نڪتو. هن جو
چوڻ هو ته: “اسان جا وڏا چورن جون قبرون سڃاڻيندا هئا، اسان مَن چورن کي منهن تي سڃاڻو!”
ڳالهه جو ڳاٽو هيءُ آهي ته هاڻي
انهيءَ جدول جو مرد گذري ويو آهي. هاڻي ته چورن جون قبرون ته پري جي ڳالهه آهي، مڻيادار
ماڻهن کي جيئري به ڪونه ٿا سڃاڻون. اسان اڳين پيڙهين لاءِ چوندا هئاسون ته اهي
مرده پرست آهن، پر هاڻي ته اسان مان اهو افعال به نڪري ويو آهي.
ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي ته شير
ميربحر جو ڳڻ اُتر لاڙ، او ويندي بهاولپور تائين ڳائبو هئو. هو پنهنجي ڏندين ڏاند
هئو، وڏي ٽونئر وارو ماڻهو هو. پنهنجي شان مانَ سان گذاري کلندي ڪڏندي وڃي زمين
سان مليو؛ پر مجال آهي جو ڪنهن سرنديءَ واري، اقتدار جي ڌڻين مان ڪنهن هن جو مانُ
لهي کيس زمين جو ٽڪر، ڪو وسيلو ڏنو هجي.
مان ۱۹۵۷ع ۾ اخباري دنيا ۾ پير رکيو. سنڌي هئڻ جي ناتي ملهه، ونجهه وٽي ۽ اهڙين ٻين
راندين سان خاص لڳاءُ هئم، سو شير ميربحر سان ملڻ ڏکيو ڪونه هئو. ملياسين ته ڄڻ
ورهين جا دوست هئاسين. مان ان وقت رئيس نجم الدين سريوال جي اخبار ’ڪاروان‘ ۾ پروف
ريڊر هئس. شير جي ملڻ کان پوءِ اهو سوچيو ته اسان جي ليڊرن ۽ سرنديءَ وارن جي اهڙن
گڻيوان ماڻهن تي نظر ڇو نٿي پئي. دل ۾ سوچيم جڏهن ڪنهن سڀري اخبار ۾ ڪم ڪيم ته
ملهه کي مٿي کڻندس، ٿيو به ائين! تن ڏينهن ۾ قاضي خاندان’عبرت‘ اخبار ڪڍي. اخبار نڪرندي
ئي مون کي آڇ ٿي. نئين اخبار جو شوق، سو کڻي ها ڪيم. پوءِ ڪا ملهه، ملاکڙو ڇا، سنڌ
۾ ڪٿي به ٿيندو هئو ته آءٌ پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ وڃي پڄندو هئس. ائين ئي لڳو
ته ’عبرت‘ ملهه ۽ ملهه پهلوانن جي اخبار ٿي ويئي هئي.
انهيءَ سموري ڪم ۾ شير ميربحر
جي صلاح گڏ هوندي هئي. ان وقت اتر جي ٻاريءَ جو مهندار شير ميربحر هئو، جيڪو ان
وقت جي سمورن پهلوانن کي ماري وڃي مهندار ٿيو هئو؛ ڇاڪاڻ ته ان وقت لاڙ ۾ ڪو سڀرو
پهلوان ڪونه هئو، سو قلب علي جتوئي، اصل شڪاپور جو، لاڙ جي ٻاريءَ ۾ اچي ويهندو
هئو ۽ ائين لاڙ جي طرفان جتوئي مهندار ليکبو هئو.
فن جي لحاظ کان شير ميربحر صاف
ملهه ڪندو هئو. ڪڏهن ٺڳي يا ملت ڪري وڙهڻ ڪونه ڪيائين؛ باقي طبع سخي هئڻ ڪري، گهڻن
هيٺين ملهن سان وڙهي کين مٿئين جوڙ ۾ آڻيندو هو. قدآور، سڊول جسم، وضعدار شير ميربحر
وڏو راڄائتو ماڻهو هو. جيڪڏهن ڪنهن ملهه ۾ نبيرو نه ٿيو يا ٻئي ملهه گڏ ڪري پيا ته
شير ميربحر کي امين ڪري فيصلي لاءِ چوندا هئا. ان ريت ملاکڙو بدمزگيءَ کان بچي
ويندو هو.
شير جي ڏينهن ۾ جيڪي نالي وارا
ملهه هئا تن ۾ هئنڊل مڪراني، علي محمد ولاڻو، الهه جڙيو سمون، انب شيدي ۽ ان جو پٽ
بکر شيدي، رحيم جمعدار، يڪو خاصخيلي وڏا ملهه هئا. هنن سڀني سان شير ميربحر پنهنجي
دوستيءَ جو حق نڀائيندو آيو ۽ پڇاڙيءَ تائين اها عادت نه بدليائين.
انهيءَ دور تائين اخبارون ۽ ريڊيو
ملهه ۽ ملاکڙن جي خبرن تي ڌيان ئي نه ڏيندا هئا. مون اها روايت ٽوڙي، سنڌ جي هن
راند کي ملڪان ملڪ مشهور ڪري ڇڏيو.
۱۹۶۰ع واري
ڏهاڪي ۾ ٻين سنڌي اخبارن به ملهه تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو، پر مون کي دماغ ۾ ٻيو ڪجهه
هئو. منهنجو خيال هئو ته جيئن ڪرڪيٽ، فٽ بال ۽ هاڪي کي مختلف ادارا رانديگرن کي نوڪريون
ڏيئي همت افزائي ڪندا هئا، تيئن ملهه کي هٿي وٺائڻي هئي. اها ڳالهه شير سان ڪيم،
شير ٽڙي پيو. تيئن سگريٽ دکائي، مُٺ تي رکي ٻه ڪش هڻي چيائين: “عزيز صاحب، جيڪڏهن
اهو ٿي پئي ته سنڌ اُجري پوندي.” مون وراڻيو ته، “همت ڪريون ٿا، اميد ته ڪجهه نه ڪجهه
ٿيندو.”
ون يونٽ جو زمانو هئو، ايوب خان
کي سنڌ جي نالي تان ئي چڙ هوندي هئي. سو مون سوچيو ته مقامي سطح تي ڪا چئو چوائجي.
ان وقت نياز احمد ڪمشنر هئو جيڪو ايوب خان جو ڏاڍو دادلو هو. ان سان ڳالهه ڪيم، ٻڌي
چيائين: “ڳالهه ته ڏاڍي سٺي آهي پر لاهور مان ڪيئن ان لاءِ بجيٽ رکائجي ۽ خود
اسپورٽس کاتي وارن کي به گذارش ڪجي.” مان ڏٺو ته هن مان ٻوٽو ڪونه ٻرندو سو ماٺ ڪري
انتظار ڪرڻ لڳس. ون يونٽ ٽُٽو ۽ حميد آخوند ثقافت کاتي جو سيڪريٽري ٿي آيو، ان کي ٻڌايم،
ڳالهه هنئين سان لڳس. پنهنجي اختيارين کان ان مهل ئي پڇيائين ۽ ٻه نوڪريون ۱۶ گريڊ جون به ڪڍيائين. هڪ الهه جڙيي سمي کي ۽ ٻي قلب علي جتوئيءَ کي ڏنائين.
شير کي ٻڌايم، ڏاڍو خوش ٿيو. چيومانس: “شير جيڪڏهن حالتن ساٿ ڏنو ته اتي لطيف سرڪار
جي درگاهه تي ملهه جو ٽريننگ سينٽر کولينداسين. پوءِ ڏسجانءِ ته جپان جو سومو
پهلوان هتي ڪهي توهان سان ملهه وڙهڻ ايندو.” پر ڇا ڪجي، هميشه وانگيان حڪومتون
بدليون، آفيسر بدليا ۽ اڳوڻا ڪاڳر ئي ڪونه مليا. سو هڪ سال پگهار کڻڻ کانپوءِ انهن
ٻن پهلوانن جون نوڪريون به ويون.
مون کي هڪ واقعو ياد آهي ته
ميرپورخاص ۾ ملاکڙو هئو. انهيءَ ڏينهن گاما اسٽيڊيم ۾ اسلم پهلوان (ڀولو پهلوان جو
ڀاءُ) ۽ ٻِيا سندن پَٺا به آيا هئا، سو دنگل جي شهرت لاءِ وڪٽوريا گاڏيون ڪري شهر
۾ گشت پئي ڪيائون.
شير ۽ ٻيا پهلوان پڙ ۾ لٿا هئا،
ڪي سندرا وٽي رهيا هئا ته ڪي اڃا پڙ جو سلام ڀري رهيا هئا. اسلم پهلوان جو ٻڌو ته
هتي سنڌ جي پهلوانن جو دنگل آهي سو هنن جي دل هرکي پئي. اچي ڀر ۾ چيائون ته: “اسان
به وڙهنداسين.” شير تن ڏينهن ۾ طبيعت ۾ به ٺيڪ ڪونه هئو، سو يڪي خاصخيليءَ کي
چيائين ته “وڃي سندرو ڏينس.” شير، يڪي جا هٿ وجهرايا. يڪي ڇڪي پاڻ سان ملائي ٻئي ٻاهريون
هنيائينس. مٿو مٿي تي اسلم ڪريو ته سهي پر ٻڏي ويو. اسلم جي سيڪريٽري سليم چوڌريءَ،
انٽرنيشنل ريسلنگ وانگيان ڳڻڻ شروع ڪيو. شير اتي ويو، سليم کي چيائين: “ملهه جو ٻڏل
آهي. هزار تائين ڳڻ، ڪونه اٿندو.” انهيءَ تي سليم چيو، “پوءِ ڪيئن ڪريان.”
شير ٻه پٽيلا سڏيا جن اچي سندرو
کولي ڪلهن وٽان ٻه زور ڏنائونس ته اسلم اٿي ويٺو.
جڏهن ’جنگ‘ اخبار ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ
ويس ته غوث علي شاهه وزيراعليٰ هئو، ان حيدرآباد ۾ ٻين راندين سان گڏ ملهه جو به
انتظام ڪيو. مون کان جيڪي پڳو، جنهن تي شير مون کي نياپو ڪيو ته اهڙي موج ڪرائيندؤ
ته ملهه سنڌ مان ختم نه ٿيندي.”
’جنگ‘ مان ’ڊان‘ وارا مونکي
گهلي ويا. مون سوچيو ته، ’ڊان‘ جهڙي انٽرنيشنل پليٽ فارم تان گهڻو ڪجهه ڪري سگهبو.
پر هڪ ڏينهن اطلاع آيو ته شير ميربحر ڏيهه ڇڏي ويو. مان دل ۾ سوچيو ته گهٽ ۾ گهٽ
آخري سلام ضرور ڏيڻ گهرجي. لکيم: سادو هئو پر ڏاڍو دل لڀائيندڙ هئو. جيئن مان سنڌ
جي گهڻن ئي ماڻهن کي ياد ڪندو آهيان، شير لاءِ منهنجو آخري سلام، گهڻين يادن کي
تازو ڪرڻ لاءِ ڪافي هئو.
مرڻ قدرت جي هڪ سلسلي جي ڪڙي
آهي. پر ڇا اسان گڻي ماڻهن لاءِ سندن زندگيءَ ۾ ڪجهه نٿا ڪري سگهون؟ اسان کي مرده
پرستي جي زمري مان نڪرڻ گهرجي. اهو شير؟ اهڙن مڻيادار ماڻهن جي لاءِ بهترين
يادگيري آهي. هو هڪ سدا جرڪندڙ ستارو هئو.
شير ميربحر
هن جي وڇوڙي سان، ملهه به گذاري وئي!
حبدار ملاح
۲۸ مارچ، ۱۹۸۵ع ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال، سنڌ جي قومي راند ملهه
گذاري وئي. ها! اهو فاريسٽ آفيسر علي محمد ميربحر جو پٽ شير ميربحر نه هو پر ملهه
جو ٻيو نالو هو. منهنجو دوست پروفيسر علي رضا قاضي هڪ ڀيري چيو هو ته ’اسان جي ديس
جو آرٽ، انهن ماڻهن جي مرڻ کانپوءِ پاڻهي دم ٽوڙيندو آهي جيڪي انهي فن ۾ يڪتا هوندا
آهن.‘ نسيم کرل کي گولي لڳي، ڄڻ سنڌي ڪهاڻي کي گولي لڳي، استاد منظور علي خان انتقال
ڪري ويو، سر مومل راڻيءَ جا سڀ آلاپ پاڻ سان گڏ کڻي ويو. اهڙي طرح گڙدن جي مرض ۾
سال ۱۹۸۳ع کان مبتلا سنڌ جو عظيم سرمايو، استاد شير ميربحر به ۱۹۸۵ع ۾ پاڻ سان ملهه کنيو ويو. اهو شير ميربحر
جو لاش نه هو جيڪو هڪ ڀڳل ٽٽل ايمبولينس ۾ ڪراچي کان سندس اباڻي ڳوٺ پهلوان شيرميربحر
۾ آندو ويو پر ملهه راند جو ئي ته لاش هو. محبت ديري شهر ڀرسان ناٿن شاه جي مقام ۾ موجود بٺي به سنڌ جي قومي
غيرت جي استعاري ملهه راند جي ئي ته آهي. ڀرپاسي جا رهاڪو انهي قبر کي شير ميربحر
جي آخري آرامگاهه سمجهندا آهن.
’رستم سنڌ‘ شير
ميربحر جيڪو موهن جي دڙي جو ماڻهو هو. جئين موهن جي دڙي جي ڪري سنڌ جي شهرت سڄي دنيا
۾ ڌوم مچائي هئي ته هن شير جي هاڪ به ملڪان ملڪ ٿي هئي. حقيقت ۾ شير ميربحر موهن
جي دڙي جي دور ۾ ئي پيدا ٿيڻو هو پر وقت وچ ۾ هزارين سالن جو فاصلو آڻي ڇڏيو. باقي
جاگرافيائي لحاظ کان سندس اباڻي ڳوٺ جي ڪنهن
مٿاهين جاءِ تان بيهي نهاربو ته سامهون موهن جا کنڊر نظر ايندا آهن.
اڄ جڏهن ۲۸ مارچ تي هن جي ۳۴هين ورسي ملهائي پئي وڃي ته ڪيترن ئي ماڻهن
جي ذهنن تي هن جون ساروڻيون تري آيون آهن. جن ۾ ٺاروشاه ويجهو ڳوٺ دليپوٽا جو حاجي
فيض محمد سهتو به شامل آَهي. هو بس ايترو ٻڌائي ٿو ته ”ڪنهن زماني ۾ شير جو والد
علي محمد ميربحر، دليپوٽا جي ٻيلي تي فاريسٽ آفيسر طور مقرر هو، شير به هن سان گڏ
رهندو هو. شير ميربحر اسان جيڏو هو، شام ڌاري بنگلي جي ڀرسان ئي موجود موريل شاه
درگاه تي ملهه وڙهندا هئاسين، حيات پنهور، فقير آچر هن جي جوڙ جا هئا پر شير کي ڪنهن
به ملهه نه ماري، مضبوط جانٺي جسم جو هي جوان ڄڻ ملهه وڙهڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو،
ملهه جي راند ۾ هن جي پٺي جو ڌرتي سان ميلاپ اسان جو خواب ئي رهيو!!“
سنڌ جي هن عظيم پٽ
کي ’رستم‘ جي لقب سان سڏيو ويو. رستم، جيڪو ايران جو وڏو سورمو هو. پارسي ڏندڪٿائن
مطابق رستم هڪ اهڙو هيرو هو جنهن کي شڪست ڄڻ موت کي هارائڻ برابر هو. اسان جو رستم
به ته اهڙوئي هو. بس جي فرق رهيو ته قدر جو، ايران جي رستم کي فردوسي جهڙو شاعر ملي
ويو. جنهن ’شاهنامي‘ معرفت هن کي امر بنائي ڇڏيو، جڏهن ته اسان جي سنڌ جي رستم کي ڪوبه
فردوسي نه ملي سگهيو. بس هر سال ۲۸ مارچ تي هن جي علائقي جا ڪجهه لکاري سندس جي باري ۾
لکيل پراڻا پنا اٿلائيندا آهن پوءِ اخبارن ۾ اهي مضمونن جي شڪل ۾ ڇپجن ٿا. ٿيڻ ته
هيئن گهرجي جو هو جيڪو مڪمل ملهه راند جي تصوير هو، انهي تي ٿيسسز لکي وڃي. سندس
زندگي انهن سڀني پهلوئن تي روشني وڌي وڃي، سندس حياتي جا اهي سڀ پاسا ظاهر ڪيا وڃن
جن جي ڪري هو ملهه ۾ عظمتن جو استعارو بڻجي ويو.
شير ميربحر، ملهه ۾
ڪيترائي ڪارناما سرانجام ڏنا، هن هندستان جي مشهور پهلوان گرنام سنگهه جي غرور کي
مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، اهو شير ميربحر ئي هو جنهن آسٽريا جي آسٽن کي ٻڌايو ته ملهه رڳو
طاقت ۽ هاٿي جهڙي بدن سان نه وڙهي ويندي آهي پر ملهه هڪ مڪمل فن جو نالو آهي. رستم
سنڌ پنهنجي جوهرن سان اها شيءِ چيڪو سلاويڪيا جي زيبسڪي کي به سمجهائي ته ملهه فقط
ئي فقط سنڌ جي ارڏن اڙٻنگن جي راند آهي، جنهن ۾ زور کان وڌيڪ ڪسرت ۽ عقل جو
استعمال ٿيندو آهي.
مان هتي شير ميربحر
جي هڪ ملاکڙي جو اکين ڏٺو احوال رقم ڪرڻ چاهيندس جيڪو ڪنڊيارو ڪاليج جي پروفيسر
غلام شبير شاهه حسيني ”ساهتي“ مئگزين ۾ لکيو هو: راڻي پور جي ميلي ۾ شير ميربحر جي
مقابلي ۾ پنجاب جو مشهور پهلوان دوست محمد ولائي لٿو، ستن فوٽن جو هي همراهه پنهنجي
قد بت ۾ مڪني هاٿي جهڙو هو. هٿ پئجي ويا. سَندري ۾ هٿن وجهڻ جي وڏي ٽيڪنيڪ هوندي
آهي. شير جا هٿ سندس مامي ولي محمد ميربحر وجهرايا. پهرين دفعي ۾ شير، ولائي کي ڊوهه
ڏني هن کي هيڏي هوڏي چوري پنهنجي ويجهو آندو، ولائي جيئن ئي شير سان لڳو ته هن جي
مٿان چڙهت ڪري ويو. ملاکڙي ۾ هزارن جي انگ ۾ شوقين موجود هئا، هڪ لمحي لاءِ ته
ايئن لڳو ڄڻ شير پٽ پئجي ويو هجي، هر طرف خاموشي جو راڄ، چپ اهڙي جو ماڻهو ولائي
جي سهڪڻ جو آواز ٻڌي پئي سگهيا، اها خاموشي ڪجهه دير هلي اوچتو هوڪريا پئجي ويا شير،
دوست محمد ولائي کي پنهنجي مظبوط جانٺي سان ميدان جي ڌوڙ ڪري ڇڏيو. بس پوءِ ڇا هو،
ڌوڙ جا ڪڪر جڏهن ڪجهه ماٺا ٿيا ته شير پنهنجي مخصوص چال سان شوقينن طرف وڌڻ لڳو.
انهيءَ دم ڄڻ هزارن دعائون اگهامي ويون. دوست محمد ولائي پنهنجي هيءَ حالت ڏسي ٻي
ملهه کان نابري واري. اهڙي ريت سوڀ شير ميربحر جي مقدر جو ستارو بڻي.
پر مقدر جو ستارو
هن سان تيسيتائين ساٿي رهيو جيسيتائين هن جو جوڀن سندس سان همراهه هو. زندگيءَ جي ۵۸هين سال ۾ گڙدن جي بيماري هن سان سَندرا ٻڌڻ
شروع ڪيا، هو جيڪو سَندرن ۾ سڄي دنيا ۾ مشهور هو، گڙدن جي بيماري اڳيان جهڪي پيو،
هن جا گوڏا زمين تي لڳي ويا. ويتر بي وفا زماني جي اکين هن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا.
اهو شير ميربحر جنهن تي ڪنهن زماني م هزارين اپسرائون سر گهورينديون هيون، هزارين
مرد هن سان هڪ لفظ ڳالهائڻ لاءِ سِڪندا هئا. اهي شير ميربحر ويچارو ٿيو. اڪيلائي ۽
اٻاڻڪائي هڻي هنڌ ڪيو. آخر اهو ڏينهن به اچي ويو جڏهن اسان جو هي هيرو، پنهنجي هر
فتح کانپوءِ زندگي جي آخري ملهه هارائي ويو.
شير ميربحر
رستم سنڌ
پروفيسر غلام شبير شاھ حسيني
رستمِ سنڌ شير ميربحر ۲۱ جون ۱۹۲۴ع ڌاري
ڪنڊيارو تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ موسو ديرو ۾ هڪ فاريسٽ آفيسر، علي محمد ميربحر جي
گهر جنم ورتو. ابتدائي تعليم، ڳوٺ ڀونئر ۾ حاصل ڪيائين. ٻارائپ (ننڍپڻ) واري عمر ۾
ئي، سندس ملھ ڏي لاڙو خوب رهيو. ايتريقدر جو ننڍن ٻارن سان سندري ٻڌڻ ۾ ڪا به هٻڪ
نه ڪندو هو. آس پاس (آسي پاسي) جي ميلن ملاکڙن ۾، ملھ جي ميدان اندر سڀني کان
پھرين اچي حاضِر ٿيندو هو. ان شوقَ ۽ ذوقَ کي ڏسي، مائٽن به کيس ان ئي فن لاءِ
تيار ڪيو.کير مکڻ کارائي، سندس شوقَ ۾ اِضافو ڪيائون. ننڍي ميدان کان وڏي ميدان تي
پهچڻ ۾، هن به گھڻا ڏينهن ڪو نه لاتا. ڏسندي ڏسندي، هر ماڻهوءَ جي دِل جي ڌڙڪن
بنجي ويو. شوق رکڻ وارا ماڻھو، هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا وتن پيا ته؛ ‘يار اجهو اِهو
نوجوان جيڪو سانوري رنگ جو سامهون بيٺل نظر اچي ٿو اِهو اٿئي شير ميربحر. بابا هٿ
وجھڻ ۽ گهمائڻ ۾ دير ئي ڪو نه ٿو ڪري! ماشاءَالله سندس صورت به سھڻي آهي ۽ قد آور
جَوَانُ طاقت وارو ٿو ڏسجي. پر يار سندري ٻڌڻ سان ئي هٽي نه ٿو پر ڇڪي سوڙهو ڪري
اهڙو ته جانٺو ٿو هڻي جو ڪو ملھ جند ئي نه ٿو ڇڏائي سگهيس. وڏا ڪي ملھ جا گُرَ
اٿس. کَٻِي، اندرين، منڙي، ڪولابي تي کڻڻ، ڦيرائڻ پر ڇا ٻڌايانءِ وٺڻ ۽ دسڻ. ڀلا
جوان! تنهنجي سچي راند! مطلب ته ڏاڍو ڪو دلير آهي.’
شير جي پھلوانيءَ جي هاڪَ هلي ويئي. اُتَرَ
۽ لاڙ ۾ جيڪي به ملاکڙا ٿين پيا ته هر هڪ جي زبان تي اِهو آواز هو ته شير مير بحر
به ملھ وڙهڻ ايندو. شير مير بحر لاءِ هيءُ ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته اَگَرُ (جيڪڏهن) ڪو
پھلوان هن کي للڪاريندو هو ته کيس ائين (هيئن) چوندو هو ته؛ ‘تون سندرو ٻڌي ويھ!
فلاڻي پھلوان کي دسي، پوءِ تو کي به ٿو ڏسان.’ واقعي هڪ ملھ کي دسي ۽ ٻئي سان اُتي
جو اُتي شروع ٿي ويندو هو. جيڪڏهن ڪنھن ملاکڙي ۾ شير نه هوندو هو ته ماڻھو اُن
ملاکڙي کي اڌورو (اڻپورو) سمجهندا هئا. مطلب ته ملاکڙي جو ميدان به شير جو انتظار
ڪندو هو.
هن مايه ناز (عظيم) پھلوان، جيڪو ملھ جي فن
۾ پنھنجو نالو ڇڏيو آهي، سنڌ اُن کي صدين تائين وساري نه سگھندي.
رستمِ سنڌ پنھنجي سڄي عمر (ڄمار) هن شوق ۾
گذاري. ٻارائپ (ننڍپڻ ) کان جواني ۽ جوانيءَ کان پيريءَ تاءِ (تائين) هن ملڪي ۽
غير ملڪي جيڪو رڪارڊ قائم ڪيو، اهو (انجو) احوال مختصر (وِچُور) هن ريت آهي.
شير مير بحر ملھ جي باقاعده شروعات لاڙڪاڻي
ضلع جي نئين ديري شهر کان ڪئي هئي. ملاکڙو، ملھ پھلوان الھجڙيو سمون جي نگرانيءَ
۾، سنڌ سطح تي ٿيو. ان ميدان ۾ شير مير بحر ان وقت جي مشهور چئن وڏن پھلوانن؛ احمد
لھر، لال محمد ڦل، اقبال جوڳي ۽ پنڃل مھر کي دسي ”سونو ٻلو“ (سون جو تمغو) حاصل
ڪيو. ان بعد ۱۹۶۲ع ڌاري، ھالا سنڌ ۾ سَروَرِي جَمَاعَت جي روحاني پيشوا (رَهنُما)
مخدوم طالب الموليٰ جي نگراني ۾ ٿيل ”هالا دنگل“ ۾ هن ”چيڪو سلاويه“ جي پھلوان
”جارج زيبسڪو“ کي ملھ ماري، مُلڪَ جو مان مٿانهون ڪيو. اهڙيءَ طرح ۱۹۶۳ع ۾ نياز
اسٽيڊيئم حيدرآباد ۾ ٿيل، ھڪ بين الاقوامي ملاکڙي ۾ ھندوستان جي ناموَر (ناليواري)
پھلوان ٽائيگ گرنام سنگھ کي لاڳيتو ٻئي ملھون ماري، خوب داد حاصل ڪيو. ھڪ يادگار ۽
تاريخي مقابلو ”لکي محل“ ۾ ٿيو. جنھن ۾ ”فيلڊ مارشل صدرِ پاڪستان ايوب خان، يحيٰ
خان ۽ رياست خيرپور جي والي مير ”هز هائينس مير مراد علي خان“ شرڪت ڪئي. ان ملاکڙي
۾ شير مير بحر لاڳيتو ٽن وڏن پھلوانن کي ملھ ۾ ڏندڙائي (مُنهن ڀَر ڪيرائي) ڇڏيو.
جنھن تي صدر ايوب ۽ مير صاحب، شير کي خوب داد ڏنو ۽ ايوب خان چيو ته؛ ‘شير واقعي
”شير“ هي’ (شير اَصُلي شينھن آهي). اهڙيءَ طرح نيشنل اسٽيڊيئم ڪراچيءَ ۾ هڪ
آسٽريليا جي پھلوان ”آسٽن“ کي ڦيرائي پٽ تي اهڙو ھنيائين جو آسٽن به اٿي نه پيو
سگهي. آسٽريليا جو اھو پھلوان، شير مير بحر کان قد ۾ ٻيڻو هو. شير مير بحر اگر
(جيڪڏهن ) پهرين ملھ مارجي پوندو هو ته ساھ پٽڻ کانسواءِ ئي ملھ لاءِ للڪاريندو ھو
۽ پوئين ملھ ۾ سرسي ڪڍي سگنت سان ملندو هو. انڪري ھيءَ چواڻي به مشهور ٿي ويئي ته؛
‘پوئين ملھ شير جي آھي.’ لاڙ جا ملھ پھلوان، شير کان ڏاڍو ڪيٻائيندا هئا. خاص ڪري
شيدي ملھ پھلوان؛ انب شيدي، بکر شيدي، انبڙي شيدي، اسماعيل شيدي به وڏا مقابلا ڪيا،
آخر ڪار (نيٺ) آڻ مڃي ويٺا. ملھ جي خدمت ۾ راڻيپور جي سَيَّدَن شير مير بحر کي خوب
تاتيو. سيّد احمد شاھ جيلاني ته کيس پنھنجي بنگلي ۾ رهائي، سچا گيھَ، ڇيلا ۽ بادام
جا گهوٽا کارائي پئي شوق ملهايو ۽ ملاکڙن جا وڏا مقابلا ڪرائي پئي روح ريجھايو.
بھر حال ملھ جي پھلواني ھڪ عزت مند فن آهي،
جنھن سان انسان جي عظمت ۽ شان وڌي ٿو.
شير ميربحر
رستم سنڌ- پهرئين جوڙ جو
ملهه پهلوان
محمد سليمان وساڻ
اڄ ۲۸ مارچ سنڌ جي عظيم شخصيت ۽ پنهنجي وقت جي رستم سنڌ شير ميربحر جي ورسي جو ڏينهن
آهي۔ سنڌ جي قومي ملهه جو سدا حيات پهلوان رستم سنڌ شير ميربحر ۲۱ جون ۱۹۲۴ع ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد مير
بحر جي گهر ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڊيارو، ضلعي نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو۔ شروع ۾ ئي
سندس لاڙو ملھ ڏانهن هو ۽ سندس والدين به کيس کير مکڻ کارائي اصل پهلوان ڪري ڇڏيو۔
هن ملھه جي شروعات ته پنهنجي تر کان ڪئي پر باقائدي نالو ان وقت نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻو
۾ ٿيل ملاکڙي کانپوءِ ڪڍرايوجنهن ۾ هن پهرين جوڙ جي مشهور ملهه پهلوانن اقبال جوڳي،
پنڃل مهر ۽ هنڊال مڪراني کي شڪت ڏئي پهريون انعام کٽيو.
شير
ميربحر ٽن ڏهاڪن تائين ملاکڙي جي ميدان ۾ ناقابل شڪست رهيو ۽ ان عرصي ۾ هن ملڪي ۽
غير ملڪي پهلوانن کي زير ڪري ”رستمِ سنڌ“ جو اعزاز پاڻ وٽ رکيو۔ هن ملڪي پهلوانن
کي ته ملاکڙي جي ميدان ۾ زير ڪيو پر ۱۹۶۲ع ۾
هالا ۾ ٿيندڙ دنگل ۾ چيڪو سيلواڪيه جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي ملڪ جو مان
مٿانهون ڪيو ۽ شير سنڌ جو لقب حاصل ڪيو، هن ملاکڙي جو اهتمام مخدوم محمد الزمان
طالب المولى ڪيو. ٻيو مقابلو هندوستان جي گرنام سنگهه سان نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾
ٿيو جنهن کي پڻ شڪست ڏنائين.
ان
کانپوءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ انگلينڊ جي پهلوان آسٽن جيري کي شڪست ڏئي پنهنجي ملڪ
۽ قوم جو نالو روشن ڪيو. هڪ ٻيو يادگار مقابلو خيرپور ميرس ۾ ٿيو جيڪو صدر ايوب
خان ۽ والي رياست مير مراد علي خان پڻ ڏٺو. ان ملاکڙي ۾ پهلوان شير ميربحر
افغانستان جي پهلوان قطب خان سميت ٽن پهلوانن کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن
تي ايوب خان کي مجبور ٿي چوڻو پيو ته شير واقعي شير آهي.
شهيد
ذوالفقار ڀٽي سندس خدمتن کي ڏسندي ۱۹۷۴ع ۾
کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هو. پر ۱۹۷۷ع ۾ عوامي حڪومتن کي ختم ڪندڙ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق سندس
قومي ڪوچ وارو عهدو ختم ڪري ڇڏيو، جيڪو بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جي بحال ڪيو
ويو.
سڄي
عمر پهلوانن سان مقابلو ڪندڙ هي شير آخرڪار ۱۹۸۴ ۾ بڪين جي بيماري سبب اسپتال ۾ داخل ٿيو. ۽ ۲۸ مارچ ۱۹۸۵ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري
آرام گاهه ڳوٺ پهلوان شير ميربحر ۾ آهي.
شير ميربحر
رستم سنڌ
شبير ملاح/ڪنڊيارو
۲۸ هين مارچ،
۱۹۸۵ع ۾ ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ سنڌ جي قومي
راند ملهه جو هيرو شير ميربحر پنهنجي زندگيءَ جي جنگ هاري ويٺو. منهنجي هڪ دوست چيو
هو ته، ’اسان جي ديس جو آرٽ، انهن ماڻهن جي مرڻ کانپوءِ پاڻهي دم ٽوڙيندو آهي، جيڪي
انهيءَ فن ۾ يڪتا هوندا آهن.‘ اهڙيءَ طرح گڙدن جي مرض ۾ سال ۱۹۸۳ع کان مبتلا سنڌ جو عظيم سرمايو، استاد شير ميربحر به ۱۹۸۵ع ۾ پاڻ سان ملهه کنيو ويو. ’رستم سنڌ‘ شير ميربحر جيڪو موهن جي دڙي جو
ماڻهو هو. جيئن موهن جي دڙي جي ڪري سنڌ جي شهرت سڄي دنيا ۾ ڌوم مچائي هئي ته، هن شير
جي هاڪ به ملڪان ملڪ ٿي هئي. شايد شير ميربحر موهن جي دڙي جي دور ۾ ئي پيدا ٿيڻو هو،
پر وقت وچ ۾ هزارين سالن جو فاصلو آڻي ڇڏيو.
اڄ جڏهن ۲۸ مارچ تي هن جي ورسي ملهائي پئي وڃي ته، ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهنن تي هن
جون ساروڻيون تري آيون آهن، جن ۾ ٺاروشاهه ويجهو ڳوٺ دليپوٽا جو حاجي فيض محمد سهتو
به شامل آهي. هو بس ايترو ٻڌائي ٿو ته، ”ڪنهن زماني ۾ شير جو والد علي محمد ميربحر،
دليپوٽا جي ٻيلي تي فاريسٽ آفيسر طور مقرر هو، شير به هن سان گڏ رهندو هو، شير ميربحر
اسان جيڏو هو، شام ڌاري بنگلي جي ڀرسان ئي موجود موريل شاهه درگاهه تي ملهه وڙهندا
هئاسين، حيات پنهور ۽ فقير آچر هن جي جوڙ جا هئا، پر شير کي ڪنهن به ملهه نه ماري،
مضبوط جانٺي جسم جو هي جوان، ڄڻ ملهه وڙهڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو“.
سنڌ جي هن عظيم پٽ کي ’رستم‘ جي لقب سان سڏيو
ويو، رستم، جيڪو ايران جو وڏو سورمو هو، پارسي ڏند ڪٿائن مطابق رستم، هڪ اهڙو هيرو
هو، جنهن کي شڪست ڄڻ موت کي هارائڻ برابر هو، اسان جو رستم به ته اهڙو ئي هو، بس جي
فرق رهيو ته قدر جو، ايران جي رستم کي فردوسي جهڙو شاعر ملي ويو، جنهن ’شاهنامي‘ معرفت
هن کي امر بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته اسان جي سنڌ جي رستم کي ڪو به فردوسي نه ملي سگهيو.
بس هر سال ۲۸ مارچ تي هن جي علائقي جا ڪجهه لکاري سندس
باري ۾ لکيل پراڻا پنا اٿلائيندا آهن، پوءِ اخبارن ۾ اهي مضمونن جي شڪل ۾ ڇپجن ٿا.
ٿيڻ ته ائين گهرجي جو هو جيڪو مڪمل ملهه راند جي تصوير هو، انهيءَ تي ٿيسسز لکي وڃي.
سندس زندگيءَ جي انهن سڀني پهلوئن تي روشني وڌي وڃي، سندس حياتيءَ جا اهي سڀ پاسا ظاهر
ڪيا وڃن، جن جي ڪري هو ملهه ۾ عظمتن جو استعارو بڻجي ويو. شير ميربحر، ملهه ۾ ڪيترائي
ڪارناما سرانجام ڏنا، هن هندستان جي مشهور پهلوان گرنام سنگهه جي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي
ڇڏيو، اهو شير ميربحر ئي هو جنهن آسٽريا جي آسٽن کي ٻڌايو ته ملهه رڳو طاقت ۽ هاٿي
جهڙي بدن سان نه وڙهي ويندي آهي، پر ملهه هڪ مڪمل فن جو نالو آهي. رستم سنڌ پنهنجي
جوهرن سان اها شيءِ چيڪو سلاويڪيا جي زيبسڪي کي به سمجهائي ته ملهه فقط ئي فقط سنڌ
جي ارڏن اڙٻنگن جي راند آهي، جنهن ۾ زور کان وڌيڪ ڪسرت ۽ عقل جو استعمال ٿيندو آهي.
جيسيتائين هن جو جوڀن هن سان همراهي هو. زندگيءَ جي ۵۸هين سال ۾ گڙدن جي بيماري هن سان سَندرا ٻڌڻ شروع ڪيا، هو جيڪو سَندرن
۾ سڄي دنيا ۾ مشهور هو، گڙدن جي بيماري اڳيان جهڪي پيو، هن جا گوڏا زمين تي لڳي ويا.
ويتر بي وفا زماني جي اکين هن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. اهو شير ميربحر جنهن تي ڪنهن
زماني ۾ هزارين اپسرائون سر گهورينديون هيون، هزارين مرد هن سان هڪ لفظ ڳالهائڻ لاءِ
سِڪندا هئا. هاڻي شير ميربحر ويچارو ٿيو. اڪيلائي ۽ اٻاڻڪائي هڻي هنڌ ڪيو. آخر اهو
ڏينهن به اچي ويو، جڏهن اسان جو هي هيرو، پنهنجي هر فتح کانپوءِ زندگيءَ جي آخري ملهه
هارائي ويو.
شير ميربحر
رستمِ سنڌ پهلوان ورسيءَ جي مناسبت سان
شهاب ملاح
هيءَ
فاني دنيا چئن ڏينهن جي چانڊوڪي آهي. جنهن جي گذرڻ ۾ ڪا دير ئي ڪانه ٿي لڳي. هر
نفس و روح کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. هڪ ڏينهن ڌڻيءَ جي درٻار ۾ حاضر ٿيڻو آهي. وڃڻ
وارا انهيءَ ناتي دارالبقا ڏانهن روانا ٿين ٿا. پر ساڻن محبت ڪندڙن کي سخت صدمو
اچي ٿو. ڪن انسانن جي محبت ۽ خدمت پنهنجي گھر تائين ڪن جي پاڙي تائين، ڪن جي ڳوٺ
جي حد تائين، پر ڪن سڄڻن جي خدمت ۽ محبت جو ڄار پوري ملڪ ۽ قوم تائين هوندو آهي.
انهن سڄڻن مان سنڌ ڌرتي جي قومي، ثقافتي راند ملهه جو سدا حيات پهلوان رستمِ سنڌ
شير ميربحر به هڪ هو، جنهن کي جدا ٿئي اڄ ٻٽيهه سال پورا ٿي ويا آهن. پر اڄ به سنڌ
جي هر وستي ۽ هر واهڻ ۾ سندس نالو زنده آهي. چوندا آهن ته انسان ته فاني آهي پر ان
جي ڳالهه نه مري، سو ان وانگر پهلوان شير ميربحر ته وڇڙي ويو، پر، سندس نالو زنده
آهي. جيستائين سنڌ ڌرتيءَ جو وجود آهي، تيستائين پهلوان شير ميربحر جو نالو به
زنده رهندو.
رستم
سنڌ شير ميربحر ۲۱ جون ۱۹۲۴ع تي علي محمد ميربحر جي گھر ۾ جنم ورتو. کيس ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
پرائمري اسڪول ڀونئرن ۾ داخل ڪرايو ويو، پر سندس سڄو ذهن ملهه جي طرف هوندو هو.
آخرڪار پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ تعليم کي خير باد چئي باقاعده ملهه وڙهڻ
شروع ڪئي ۽ جلد ئي پنهنجي قابليت جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو. سندس پهريون
مقابلو نئون ديرو جي ملاکڙي ۾ ٿيو، جيڪو ان وقت زوار در محمد ميربحر ڪرائيندو هو.
در اصل هي مقابلو پهلوان شير ميربحر جو امتحان هو. هن ملاکڙي ۾ پهلوان شير ميربحر
ان وقت جي چئن مشهور ملهه پهلوانن اقبال جوڳي، لعل محمد، احمد لهر ۽ پنجل مهر کي شڪست
ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن ۾ ميڊل، ٻِلو انعام کنيو. نئون ديرو جو ملاکڙو ان وقت
سڄي سنڌ ۾ ڀٽائي جي ملاکڙي جيان مشهور هيو.
رستم
سنڌ پهلوان شير ميربحر، ۲۲ سالن
تائين ملهه جي ميدان ۾ ناقابلِ شڪست رهيو، انهيءَ عرصي دوران هن ڪيترن ئي ملڪي ۽
غير ملڪي پهلوانن کي شڪست ڏئي ملهه جي فن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. شير واقعي شير هو،
شير ميربحر ۽ ملاکڙو هڪ ٻئي لاءِ لازمي هوندا هئا. جنهن ملاکڙي ۾ شير نه هوندو هو
ته اهو ملاکڙو اڌورو ليکيو ويندو هو.
هونئن
ته رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر ڪيترن ئي پهلوانن کي شڪست ڏني، پر ”هالا دنگل“ ۾ چيڪو
سلاويڪيا جي پهلوان زيبسڪو کي تاريخي شڪست ڏئي پنهنجي ملڪ جو مانُ مٿانهون ڪيو. هن
مقابلي کانپوءِ شير ميربحر نياز اسٽيڊيم حيدر آباد ۾ ٿيل بين الاقوامي مقابلي ۾
هندستان جي پهلوان گرنام سنگھه کي زبردست شڪست ڏني، جنهن کانپوءِ شير ميربحر کي
”رستم سنڌ“ جو خطاب ڏنو ويو، جيڪو آخر تائين سندس نالي جو حصو ٿي ويو.
رستم
سنڌ پهلوان شير ميربحر جو هڪ ٻيو يادگار مقابلو ”لکي محل“ خيرپور ميرس ۾ ٿيو، جنهن
جو مهمان خاص ان وقت جو صدر پاڪستان فيلڊ مارشل محمد ايوب خان هو ۽ ان سان گڏ سابق
والي رياست مير علي مراد خان ٽالپر به هو. هن مقابلي ۾ شير ميربحر ٽن پهلوانن کي شڪست
ڏني، ايوب خان هن جي پهلوانيءَ کان ايترو ته متاثر ٿيو جو هن کي اٿي بيهي تاڙيون وڄائي
پهلوان شير ميربحر کي داد ڏنائين ۽ هار پارايائين ۽ چيائين ته:”شير واقعي شير
آهي.“ ان کانپوءِ پهلوان شير ميربحر کي ان وقت جي اڀرندڙ پهلوان الهه جڙيي سمي
ملهه جو چئلينج ڏنو، جيڪو هن قبول ڪيو ۽ الهه جڙيي سمي کي لڳاتار ست ملاکڙن ۾ شڪست
ڏئي پنهنجو ”رستم سنڌ“ وارو اعزاز برقرار رکيو. رستم سنڌ شير ميربحر پنهنجي سڄي
حياتي ملهه جي فن جي خدمت ڪندي گذاري، اهو هن جي ئي ڪوششن جو نتيجو آهي جو اڄ ملهه
کي سنڌ جي راندين ۾ اهم ۽ نمايان مقام حاصل آهي.
ملهه
جي فن جي ڪيل خدمتن کي مدنظر رکندي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کيس ملهه جو
قومي ڪوچ سن ۱۹۷۴ع ۾ مقرر ڪيو هو. جتي پهلوان
شير ميربحر نَوَنِ سکندڙن کي ملهه جي تربيت ڏيندو هو. پر جڏهن ۱۹۸۴ع ۾ بُڪين جي بيماريءَ سبب پهلوان شير ميربحر سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو
ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ سندس علاج ڪرائڻ بدران سندس قومي ڪوچ وارو عهدو ختم ڪري مٿس
روزگار جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. هڪ ته عمر جي آخري حصي ۾ ٻيو وري بيماري ۽ مٿان
روزگار به ختم! ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي، جنهن ماڻهوءَ پنهنجي سڄي زندگي ملڪ ۽
قوم لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ ان سان اهڙو ناروا سلوڪ ڪيو وڃي، جڏهن ته سنڌ حڪومت ان وقت
جي هڪ ڳائڻي اخلاق حسين جي بيماريءَ تي ۲۵ لک روپيه خرچ ڪيا. پر سنڌ ڌرتيءَ جي هن عظيم پهلوان شير ميربحر لاءِ سرڪار
۲۵ لک ته ٺهيو پر ۵ لک به خرچ نه ڪيا. افسوس صد افسوس! ان وقت جي آمريت سنڌ جي قومي رانديگر
کي به بخش نه ڪيو. کيس ڀٽو جو لاڏلو ورڪر هئڻ واري جرم جي سزا ڏني وئي. پهلوان شير
ميربحر نه صرف ملهه پهلوان هو پر سنڌ جي لڄ، قومي ثقافت ملهه جو قيمتي سرمايو به
هو، هن دنيا جي چوٽيءَ جي رانديگرن کي چوٽ ڏئي، ميدان ماڻي ملڪ جو مان مٿانهون ڪيو.
شير جون سنڌ جي ثقافت لاءِ ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. تاريخ پنهنجن ورقن ۾ اڄ
به کيس سنهري اکرن سان رقم ڪندي اچي ٿي.
رستم
سنڌ پهلوان شير ميربحر بُڪين جي بيماريءَ ۾ ۲۸ مارچ ۱۹۸۵ع تي گذاري ويو. سندس آخري آرام
گاهه ڳوٺ ’پهلوان شير ميربحر‘ تعلقي ڪنڊيارو ضلعي نوشهرو فيروز ۾ آهي. جتي هر سال
باقاعدي سندس وارثن پاران ورسي ملهائي ويندي آهي. جتي سنڌ جي هر حصي مان هزارين ماڻهو
سندس ورسيءَ ۾ شريڪ ٿي کيس خراج پيش ڪندا آهن.
ضرورت
ان ڳالهه جي آهي ته رستم سنڌ جي ڪيل خدمتن کي مدنظر رکندي پهلوان شير ميربحر جي
نالي صدارتي ايوارڊ ڏنو وڃي، ڀٽ شاهه ۽ قلندر لعل شهباز رحه جي سالياني ملاکڙن ۾
باقاعده هر سال ملهه پهلوانن کي شير ميربحر ايوارڊ ڏنو وڃي. ڀٽ شاهه تي ٺهيل ملاکڙا
اسٽيڊيم جو نالو ”شير ميربحر ملاکڙا اسٽيڊيم“ رکيو وڃي ته جيئن پهلوان شير ميربحر
سان ڪيل ناانصافين جو ڪجھه تدارڪ ٿي سگھي. باقي واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم اختيارين
جو....!!
شير ميربحر
رستم سنڌ
مولائي
ملاح
زماني ۾
اُهي ماڻهو ڪيڏا نه ڀاڳوان ليکيا ويندا آهن جن جا ستارا ۽ جنم- ڏڻ، ڪن عظيم شخصيتن
سان ملندا آهن. ائين جئين رستم سنڌ شير ميربحر جو جنم ڏڻ ۽ سنڌ راڻيءَ محترمه بينظير
ڀٽو جو جنم ڏڻ ساڳيو ئي ۲۱ هين جون آهي. شايد ته اهو ئي سبب آهي جنهن شير ميربحر کي
محبت جي ديري مان سڪ ڇڪي اچي رتيديري آندو، ۽ پوءِ زماني به ڏٺو ته اهي محبت جا رشتا
شير ميربحر رت جي رشتن جيان ڪيئن نڀايا. آمريت جي ڪاري دور ۾ ورديءَ وارن جي وچ ۾ بيهي
هن ڀٽو جي مظلوميت جا هوڪا ڏنا، جنهن جي پاداش ۾ هن ڀوڳنائن کي پيريءَ تائين به پئي
ڀوڳيو.
ملڪ ۾ مڙهيل
ايوبي آمريت وارن ڏهاڙن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جنرل ايوب کان بغاوت ڪري ۳۰ نومبر ۱۹۶۷ع
تي جڏهن ڊاڪٽر مبشر حسن جي گھر لاهور ۾ پنهنجي عوامي پارٽيءَ جو خاڪو ٽيبل تي رکيو
ته اتي ويٺل ستن دوستن ان کي ان مهل ئي اکين تي رکي دل سان قبول ڪيو. جنهن کانپوءِ
قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام وٽ آيو؛ ته عوام به کيس دل جي اٿاهه گهراين سان
ڀليڪار ڪيو. انهن ئي ڏهاڙن ۾ سنڌ جي سرزمين تي عوامي ميڙن ۽ ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجين
شهزور ادائن سان سنڌ جو هڪ ٻيو شير به گجگوڙ ڪري دنيا جي پهلوانن کي للڪاري رهيو هيو.
هن جڏهن سنڌ جي شير جي لاهور ۾ ٿيل چنگھاڙ ٻڌي ته ان وقت ئي هن اهڙي چنگھار کي سگھارو
بڻائيندي پنهنجي چنگھاڙ ۾ چيو ته: سنڌ جا ملاح ۽ ملهه برادري به ڀٽو سان گڏ آهن. اهو
سمو به ڄڻ ته اياز جي سٽن جي وراڻيءَ جيان هيو ته :
کير ٿر جي
پٺيان ڪائي چنگھاڙ آ ...!
رستم سنڌ
شير ميربحر پ پ پ سان پنهنجي عملي محبت جو اظهار هيئن ڪيو جو انهن ڏهاڙن ۾ هن پنهنجي
ملاح برادريءَ ۽ ملهه برادريءَ جون گڏجاڻيون ڪوٺائي انهن جي ساٿ ۽ سهڪار سان پيپلز
پارٽيءَ ۾ شموليت جو باقائدي اعلان ڪيو، جيڪا خبر انهن ڏهاڙن جي اخبارن ۾ هيئن هلي
ته: رستم سنڌ شير ميربحر ۽ مشهور پهلوان درمحمد عالماڻيءَ پنهنجن شاگردن سميت پيپلز
پارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي.
سنڌوءَ جي
ساڄي ڪپ جي شير (ڀُٽي) جي ڏنل عوامي حقن جي پيغام لاءِ، سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ جي شير
(ميربحر) جڏهن عوامي هجومن ۾ بيهي گجگوڙ ٿي ڪيو ته آمريت جا ڀاري برج لڏي ٿي ويا. ميلن
ملاکڙن، اوتارن ۽ اوطاقن تي گڏ ٿيل ماڻهن جي انبوهه ۾ بيهي شير ميربحر جڏهن ڀُٽي جي
عوامي پيغام جي پرچار ڪندو هيو ته سندس ڳالهيون عام ماڻهو توڙي پرستارن جي دل، دماغ
۾ پيهي وينديون هيون. هن وس آهر هر محاذ تي ڀُٽي جو ساٿ ڏنو. ياد پيم ته: جڏهن ڀُٽي
جي حڪومتي دور آگسٽ ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ آئي هئي ته انهن ڏهاڙن ۾ شير مير بحر پنهنجي
هڪڙي تڪڙي پريس ڪانفرنس ۾ عوام، ملاح برادريءَ کي ٻوڏ متاثرين جي واهر لاءِ اپيل ڪئي
هئي. اهو به چيائين ته هو بنا ڪنهن معاوضي
جي ڪچي ۾ ٻوڏ جي ڦاٿل ماڻهن کي سُڪيءَ تي کڻي اچن. (ڪنڊيارو ۳۱ - (ن - ع ) رستم سنڌ شير ميربحر پنهنجي برادريءَ کي اپيل ڪئي آهي ته هو ڏتڙيل
۽ ٻوڏ جي ستايل عوام جي خدمت ڪن ۽ درياهه ۾ ٻيڙيون هلائڻ وارا ملاح اندر ڦاٿل ماڻهن
کي ڪڍڻ لاءِ ڪوبه معاوضو نه وٺن. هن چيو ته هو ملاکڙا ڪري انهن جي آمدني وزيراعظم جي
امدادي فنڊ ۾ ڏيندو.“
قائد عوام
ذوالفقار علي ڀٽو سنڌي ڪلچر جو عاشق هيو، جنهن ڪري ملهه راند کي پسند ڪندو هو. ڳالهه
رڳو پسند تائين ئي دنگ نه ڪيو پر ڀٽي صاحب ملهه پهلوان شير ميربحر جو قدر به ڪيو، اهو
شير جي شخصيت ۽ فن جو ڪمال به چئجي جنهن دنيا جي رنگينين کي ڇهندڙ عاشق مزاج ماڻهوءَ
کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو، اهو ئي سبب هيو جو ڀٽو صاحب سندس راند ڏسڻ جو ساڻس واعدو ڪيو
هيو. پر اوچتو ٻاهرين ملڪ جي دوري سبب اها راند سندس اچڻ تائين ملتوي ڪئي وئي.
ڊڪٽيٽر جنرل
ضياءَ جڏهن ڀٽو کي قصوريءَ جي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ قيد ڪيو هيو ته هن ان ڏهاڙن ۾ به احتجاج
ڪيو، ۽ جڏهن ڀٽي کي بيگناهه ڦاسي ڏئي سندس جسد خاڪيءَ کي رتيديري ڏانهن موڪليو ويو
ته انهيءَ خبر سندس جيءَ کي جھوري وڌو هو. گھرڀاتين کان ويندي دوستن تائين سڀني سڄڻن
سندس روح کي پهريون ڀيرو اهڙي انداز ۾ لڇندي ڏٺو، جنرل ضياءَ جي آمريتي دور ۾ ڀٽي جو
نالو وٺڻ به ڄڻ ته ڪاريهر تي پير اچڻ هو، هن شير سندس مارشلا جي ڪابه پرواهه نه ڪندي
اعلان ڪندي چيو ته: ”نواب شاهه ۲۹ (پ-ر) رستم سنڌ، شير ميربحر پهلوان ظاهر ڪيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
جي ٻارهي (ورسيءَ) تي سنڌ ۾ شاندار ملاکڙو لڳايو ويندو، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا ناميارا
پهلوان شريڪ ٿيندا، ملاکڙي جو نگران شير ميربحر هوندو. هن چيو ته؛ شاهه لطيف قلندر
۽ راڻيپور ۾ لڳندڙ ملاکڙن وانگيان، شهيد ڀٽو جي ياد ۾ به ساليانو ملاکڙو لڳايو ويندو.“
شهاب الدين ملاح چواڻي ته: ”پوءِ اهو ملاکڙو ۱۸ مارچ ۱۹۸۰ع ۾ نئين ديري ۾ لڳرايو ويو
هو. جنهن جي نگراني پاڻ ڪيائين. جيڪا ڳالهه رڪارڊ ۾ اڄ به موجود آهي.“ شير ميربحر رڳو
ملهه ئي نه پر هڪ سمجھدار راڄوڻو ماڻهو به هيو ته پنهنجي اندر ۾ هڪ سماجي ۽ ڀٽي جو
سچو سياسي ورڪر به هيو، جنهن کي غريب جي بکئي پيٽ سمهڻ ۽ انگ اگھاڙي جيون جو احساس
هيو.
ڀٽي جي شهادت
کانپوءِ سنڌ جي سڪتي ورتل ڪيفيت کي ٽوڙڻ لاءِ، هن
عوام کي ملاکڙي بهاني ڀٽي جي مزار تي گڏ ڪري؛ هڪ طرف جنرل ضياءَ جي آمريت کي
ٺوڪر هنئين، ته وري ٻئي طرف عوامي ميڙ ۾ ليڊرن کي ان بهاني عوام سان مخاطب ٿيڻ جو هڪ
موقعو فراهم ڪيو، جنهن عوام کي مزاحمت لاءِ اتساهه ڏنو. جڏهن سال کان سڪايل ۽ ڏکايل
ورڪر اهڙيءَ ريت اتي گڏ ٿيا ته: هو هڪ ٻئي کي ڏسي، ڀٽي جي غم جا اکين مان وهندڙ لڙڪن
جا نيسارا روڪي نه سگھيا. هن اهڙو ڪردار ادا ڪري ڀُٽي جي سچي ساٿي هجڻ جو حق ادا ڪيو.
اهڙين ڪٺن حالتن ۾ ائين ملاکڙو مچائڻ وڏي ڳالهه هو. جنهن کي دنيا ڏٺو ۽ پابندي ورتل
ميڊيا لکيو. اهو ڀُٽي سان سندس سچي محبت جو ثبوت هو؛ جنهن وڙ ۽ ورثي کي اڄ تائين سندس
لائق فرزند شهاب دين ملاح صوبائي صلاحڪار ضياءُ الحسن لنجار جي ساٿ سان ايمان جي سلامتيءَ
سان نڀائيندو اچي ٿو.
جنرل ضياءَ
جي ڪارندن شيرميربحر کي آمريتي دور ۾ ڀٽي جي ورسي ملهائڻ جي سزا اها ڏني جيڪو ڀٽي صاحب
سندس لاءِ وظيفو مقرر ڪيو هيو اهو هنن بند ڪري ڇڏيو جنهن کي پوءِ ڪورٽ سڳوريءَ وڃي
بحال ڪيو. اهو ئي نه پر هن جو صدارتي ايوارڊ وارو حق به کيس نه ڏنو ويو جيڪو هاڻ پ
پ پ جي صوبائي قيادت جي ڪوششن کانپوءِ سندس اولاد کي آزاديءَ واري ڏينهن تي ڏنو ويندو.
شير، سنڌ
جي ڪلچر، قومي راند ملهه کي رڳو سنڌ ئي نه پر پوري دنيا ۾ به متعارف ڪرايو، هي هن ملڪ
جو هيرو هجڻ جي باوجود به پاڻ کي سنڌ ڄائو، سنڌ جو شير سڏائڻ تي زندگيءَ جو وڏو اعزاز سمجھندو هو. اهو ئي سندس
پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي ڪلچر سان عشق جو سچو اظهار آهي. ۲۱ هين جون ۱۹۲۴ع تي سنڌ امڙ
جي ڪُکِ مان جنم ورتائين ۽ اڄ هو ان ئي امڙ جي هنج ۾ سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ هيٺ آرامي آهي.
سندس سُورهيه جهڙي بهادري ڏيکارڻ تي سنڌ کيس جنم ڏڻ تي ياد ڪندي کيس سلام پيش ڪري ٿي.
شير ميربحر
وفا شر قادري
”راند ته ملهه ۽ ملهه ته شير ميربحر.“ هيءَ چوڻي ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾، ان وقت مشهور ٿي هئي جڏهن
ليمن ۽ انبن جي باغن جي حوالي سان سنڌ ۾ پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ ساهتي پرڳڻي جي
تعلقي ڪنڊيارو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ موسوديري ۾ جنم وٺندڙ نوجوان، شير ميربحر سنڌ جي
روايتي راند ملهه ۾ نوان رڪارڊ قائم ڪيا. سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ مان اڀري آيل هن نوجوان
نه رڳو سنڌ، پاڪستان پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين سنڌ جي راند ملهه کي متعارف ڪرايو.
هن نوجوان کي دنيا اڄ به ”رستم سنڌ“ شير ميربحر جي نالي سان ياد
ڪري ٿي. ان دور جا حال حيات جهونا، اڄ به شير جي ساروڻين کي ساري، پاڻ کي جوان
محسوس ڪن ٿا. جڏهن نئون ديرو ۾ ملهه راند جي شوقين زوار در محمد ميربحر پاران
ڪرايل ملاکڙي ۾، ان وقت جي بظاهر سيکڙاٽ هن نوجوان ملهه، چئن نامور پهلوانن لال
محمد ڦل، احمد لوهر، اقبال جوڳي ۽ پنجل مهر کي شڪست ڏني. وري هالا ۾ مخدوم طالب
الموليٰ پاران ڪرايل هالا دنگل ۾، چيڪوسلاويا جي پهلوان زيبسڪو کي زبردست شڪست ڏئي،
شير ميربحر دنيا آڏو اهو ثابت ڪيو ته اسين هر دنگل کٽي سگهون ٿا. ان کان علاوه
نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيل بين الاقوامي ملاکڙي ۾ شير ميربحر هندوستان جي پهلوان
گرنام سنگهه کي شڪست ڏني. لکي محل خيرپور ميرس ۾ هڪ ٻئي يادگار ملاکڙي ۾، جنهن ۾
ملڪ جو تڏهوڪو صدر فيلڊ مارشل ايوب خان ۽ اڳوڻو والي رياست خيرپور مير علي مراد
خان ٽالپور موجود هئا، اتي شير جي ڏات کي ڏسي صدر ايوب خان چيو هو ته ”شير واقعي
شير آهي“.
شير ميربحر ڪراچي جي نيشنل اسٽڊيم ۾ ٿيل هڪ ٻئي دنگل ۾ آسٽريليا جي
پهلوان آسٽن کي ٻئي ملهون ماري، ملڪ جو نالو روشن ڪيو. ان دنگل جي ڪامينٽري ريڊيو
پاڪستان تان سڌيءَ ريت نشر ڪئي وئي هئي. شير ميربحر جي خدمتن کي سامهون رکندي
عوامي دور جي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ۱۹۷۴ع ۾ کيس ملهه جو ڪوچ مقرر ڪيو. جنهن دوران هو سيکڙاٽ ۽ نوجوان
رانديگرن کي سکيا ڏيندو هو ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ ملاکڙن جي نگراني ڪندو هو.
۱۹۸۴ع ۾ جڏهن سنڌ جو
هي املهه ماڻڪ، بڪين جي بيماريءَ سبب اسپتال داخل ٿيو ته ان وقت جي ماڊل ڊڪٽيٽر
جنرل ضياءَ الحق سندس سهائتا ڪرڻ بجاءِ، الٽو سندس قومي ڪوچ واري نوڪري به ختم ڪري
ڇڏي ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ پاران ملندڙ وظيفو به بند ڪري ڇڏيو. تاريخ ۲۱ جون ۱۹۲۴ع تي، فاريسٽ آفيسر علي محمد ميربحر جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شير ميربحر
۲۸ مارچ ۱۹۸۵ع تي، انتهائي ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ اسان کان هميشهه لاءِ جدا ٿي
ويو.
شير مير بحر
رستمِ سنڌ
ساجد علي ملاح/نوابشاهه
اهو ۱۹۵۶ع وارو دور هو، جنهن ۾ هونئن ته ڪيترا ئي ملهه پهلوان ملاکڙي جي پڙ ۾ زور آزمائي فن
جو مظاهرو ڪندا هئا، پر انهن مان ”شير مير بحر“ هڪ خاص مقام حاصل ڪيو.
شير ميربحر ۲۱ جون ۱۹۲۴ع تي اڳوڻي ضلعي نوابشاهه
۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهرو فيروز جي هڪ ڳوٺ موسي ديري ۾ اکيون کوليون.
شير ميربحر پهرين ميلي تي وڏن ملهه پهلوانن کي
ملهه ماري ورتي. ميلي تان هر موٽندڙ جي زبان تي صرف شير جي ڳالهه هئي. ان وقت ۾ انب
شيدي، هينڊل مڪراني، پنجل مهر، استاد هوشو، دوست محمد ڪلهوڙو، تڳيو ڦل، قلب علي جتوئي،
بخشل ڊکڻ، ڪريم بخش شيدي ۽ اقبال جوڳي پهرين جوڙ وارا ملهه پهلوان هئا.
خيرپور ميرس ۾ مير علي نواز ٽالپر پاران غير
ملڪي ۽ ملڪي پهلوانن جو مقابلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ صدر ايوب مهمان خاص هو. انهن ۾ شير
ميربحر انڊيا جي گرنام سنگهه، آسٽريليا جي آسٽن ريسلرن کي شڪست ڏني.
رستمِ سنڌ، شير ميربحر جا نياز اسٽيڊيم حيدرآباد،
نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ به ڪيترا ئي ملاکڙا يادگار رهيا.
رستمِ سنڌ شير ميربحر پنهنجي زندگي هن قديم ثقافتي
راند ملهه جي خدمت ڪندي گذاري. پر افسوس جڏهن هو بيمار ٿيو ته سندس اسپورٽس بورڊ مان
نوڪري ختم ڪئي ويئي. هن ثقافتي راند جي هيري جي ڪا به سار نه لڌي وئي، آخر بيماريءَ
واري حالت ۾ سنڌ جو هِي ملهه پهلوان زندگيءَ جي ملهه هارائي ويو ۽ ۲۸ مارچ ۱۹۸۵ع تي
پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.
شير ميربحر
ملهه پهلوان ’شير سنڌ‘
محمد عثمان ميمڻ
ملهه راند صدين کان سنڌ ۾ کيڏي ويندڙ هڪ مشهور
راند آهي. هن جو شمار ثقافتي راندين ۾ ٿئي ٿو. اڄ هيءَ راند ٻين راندين جيئن تباهيءَ
جي ڪناري تي آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ قومي راند طور سڃاتي ويندڙ ملهه
راند جي مقبوليت ۾ حڪومت جي لاپرواهي، عام ماڻهن جي عدم دلچسپي ۽ ملهه پهلوانن جي سهائتا
نه ٿيڻ جي ڪري ڏينهون ڏينهن گهٽتائي اچي رهي آهي. جنهن سبب ملاکڙن ۾ ملهه پهلوانن کان وڌيڪ عام ماڻهن جي شرڪت گهٽجي
وئي آهي. ماضيءَ ۾ ملاکڙن ۾ اڳ ملهه پهلوانن کي هزارين روپيا پوندا هئا. پر هاڻ کين
سَوَن ۾ داد ملڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. سنڌ جي هيءَ قديمي راند پنهنجي اهميت وڃائيندي
پئي وڃي. ماضيءَ ۾ سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ ملهه وڙهڻ لاءِ پهلوان جڏهن سندرا ٻڌي ميدان
تي لهندا هئا ته هر طرف خوشيءَ جو عجيب سما هوندو هو. دهلاري دهل ۽ شرنائي نواز شرنائي
وڄائيندو هو ته اک ڇنڀ ۾ هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا پر افسوس جو اڄ ملهه راند جو
سنڌ ۾ صرف نالو وڃي بچيو آهي. ملهه راند ۾ ڪيترائي ملهه پهلوان مشهور رهيا. جن ۾ جهلڻ
گوداورو، الهبچايو مهر، هنڊل، هوشو، شير ميربحر، يڪو خاصخيلي، غلام سرور جتوئي وغيره
قابل ذڪر آهن. شير ميربحر پنهنجي دؤر جو هڪ مشهور ملهه پهلوان ٿي گذريو آهي. ملهن جو
مهندار، ملهه پهلوان شير مير بحر جو پورو نالو شير محمد ولد علي محمد ميربحر هو. پنهنجي
بهادريءَ ۽ جوان مرديءَ سبب کيس ”رستم سنڌ“ جو اعزاز مليل هو. جنهن بعد ”رستم سنڌ“
جي نالي سان پڻ مشهور ٿيو. شير ميربحر جو جنم ۲۱ جون ۱۹۲۴ع تي ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڊيارو، ضلعي
نوشهروفيروز ۾ٿيو، سندس تعليم پنج درجا هئي. شير ميربحر ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد
باقاعده ملهه وڙهڻ شروع ڪئي ۽ جلد ئي پنهنجي پهلواني ۽ قابليت جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور
ٿي ويو. هن ملهه جي سکيا پهرين پهلوان لقمان خشڪ کان ۽ پوءِ پهلوان لالا نواز خان پٺاڻ شڪارپور واري کان حاصل ڪئي. هي سنڌ جي سمورن پهلوانن
کان معتبر ليکيو ويندو هو. هيءُ ٽيهن سالن تائين ملهه جي ميدان ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو.
هن ڪجهه وقت سکيا محمد اسماعيل بڙدي کان پڻ ورتي. شير ميربحر جنهن کي ”رستم سنڌ“ جو
اعزاز مليل هو. هن لاءِ اهو مشهور هوندو هو ته ”هو هڪ ملهه سان هٿ ڳنڍي ٻئي ملهه کي
چوندو هو ته سندرو ٻڌي ويهه ته آئون هن کي دسي پوءِ توسان ٿو وڙهان“ شير نه رڳو نالي
شير هو پر واقعي به شير هو. ملاکڙو ۽ شير ميربحر هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم هوندا هئا.
شير مير بحر جو نالو ملاکڙي جي ڪاميابيءَ جي ضمانت هوندو هو. هو طاقتور سگهارو ملهه
هو، ڏسڻ ۾ به شينهن ايندو هو. هو ٽيهن سالن جي ڊگهي عرصي تائين ملهه جي ميدان ۾ ناقابل
شڪست پهلوان رهيو. جيڪو سندس هڪ ريڪارڊ پڻ آهي.
شير ميربحر جا ملهه واري عرصي ۾ سندس ملڪي ۽
غير ملڪي پهلوانن سان مقابلا ٿيندا رهيا. هن ملڪي توڙي غير ملڪي ناليوارن ملهه پهلوانن
کي شڪست ڏئي ملهه جي فن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. ۱۹۶۲ع ۾ هالا دنگل ۾ چيڪو سيلواڪيه جو پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي شير
ميربحر پنهنجي سنڌ جو مان مٿانهون ڪيو ۽ ان دوران ”شير سنڌ“ جو لقب حاصل ڪيو. سندس
ٻيو يادگار مقابلو هندوستان جي مشهور ملهه پهلوان گرنام سنگهه سان ٿيو. هيءَ مقابلو
۱۹۶۴ع ۾ حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ ٿيو هو.
جنهن ۾ شير ميربحر هندوستان جي پهلوان کي زبردست ۽ تاريخي شڪست ڏئي پنهنجو پاڻ مڃرايو.
سندس هڪ وڌيڪ يادگار مقابلو لکي بنگلي خيرپورميرس ۾ ۱۹۵۱ع ۾ ٿيو. جيڪو ان وقت جي صدر پاڪستان محمد ايوب خان ۽ سابق واليءَ رياست
خيرپور مير علي مراد خان ٽالپر گڏجي ڏٺو. هن مقابلي ۾ پهلوان شير ميربحر ٽن پهلوانن
کي شڪست ڏني هئي جنهن بعد تڏهوڪو صدر پاڪستاني ايوب خان کانئس ايترو ته متاثر ٿيو جو
سنڌ جي هن پهلوان کي اٿي تاڙيون وڄائي کيس داد ڏنو ۽ انعام ڏيندي اهو پڻ چيو ته ”شير،
واقعي به تون شير آهين.“
شير ميربحر پنجاب جي ڀولو پهلوان جي مقابلي جي
آڇ قبول ڪئي ۽ اهو ملاکڙو ميرپورخاص ۾ ٿيو. ان وقت اتي ڊپٽي ڪمشنر تعلقي ڳڙهي ياسين
واسي ڪئپٽن محمد عثمان عيساڻي هو. شير ميربحر مقابلي وقت چيو هو ته ”ڀولو پهلوان لاءِ
ته منهنجو يڪو پهلوان ئي ڪافي آهي.“ واقعي به يڪي. پهلوان ڀولو پهلوان کي هارايو. ان
کانپوءِ شير مير بحر جو مقابلو بين الاقوامي سطح تي ٿيڻ لڳو. شير ميربحر جيڪڏهن پهرين
ملهه ڪرندو هو ته ٻانهي ۾ هرگر نه ويهندو هو ۽ ميدان ۾ ئي پنهنجي مد مقابل جو انتظار
ڪندو هو.
شير ميربحر سڄي زندگي ملهه جي فن جي خدمت ڪندي
گذاري، اهو هن جي ڪوشش جو ئي نتيجو آهي جو ملهه اڄڪلهه سنڌ جي اهم ۽ ثقافتي راند تسيلم
ڪئي وڃي ٿي. هن جي ذاتي ڪوششن سان ۱۹۷۴ع ۾ ڪراچيءَ
۾ هڪ شاندار ملاکڙو منعقد ٿيو. جيڪو پاڪستان ٽيليويزن تان به ٽيلي ڪاسٽ ڪيو ويو هو.
ملهه جي فن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سندس ڪيل خدمتن ۽ جدوجهد کي مدنظر رکندي ۱۹۷۴ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هو، ليڪن ۱۹۸۴ع ۾ شير ميربحر جڏهن بڪين جي بيماريءَ سبب سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل
ٿيو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ اسلام آباد طرفان سندس ملازمت بنا ڪنهن سبب جي ختم ڪئي
وئي، جنهن ماڻهو پنهنجي سموري زندگي ملڪ ۽ فن جي خدمت ڪندي گذاري، افسوس جو ان ماڻهو
جي عمر جي آخري حصي ۽ بيماريءَ واري حالت ۾ نوڪري ختم ڪري سندس دل آزاري ڪئي وئي. پاڻ
انهيءَ حالت ۾ بڪين جي بيماريءَ سبب ۲۸ مارچ ۱۹۸۵ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ پهلوان شير ميربحر تعلقي
ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ آهي. تاريخ ۾ هن ملهه پهلوان جون خدمتون هميشه ياد رکيون
وينديون.
شير ميربحر
رستم سنڌ،
جنھن ملھ راند کي عالمي حيثيت ڏياري
ساجد ملاح
دنيا ۾ قومن کي صحتمند رکڻ لاءِ راندين جنم
ورتو مطلب ته صحتمند معاشري لاءِ راندين جو ھجڻ ضروري آهي تاريخ ۾ جيئن قومن کي
ترقي ملي ٿي ائين ئي انهن جي کيڏي ويندڙ راندين ۾ ترقي ۽ تبديلي جا مختلف دور نظر
اچن ٿا، دنيا ۾ کيڏي ويندڙ زور آزمائي وارين راندين جو مرڪزي خيال ساڳيو ئي ملھه
وارو آهي پر کيڏڻ جو انداز جدا آهي انهن ملڪن ۾ چيڪوسلاويڪيه، جاپان، چين، روس،
ايران، ھندستان، آسٽريليا، افغانستان، ترڪي سميت ڪيترائي ملڪ شامل آهن ملھه راند
جي مھارت جا خاص انگ اکر يا دائو پيچ سنڌي ٻولي ۾ اصطلاح طور به ڪم آندا ويندا آهن
جئين وارو ڪرڻ، جانٺو ھڻڻ، کڻي گهمائڻ، اٺ ڏانوڻ، ڪانو بلاٽي، مڪڙو ڦاسائڻ، پٺو يا
پاسو ھڻڻ، مونڙي، ڦنڊو، ٻلھڻ
يا ٻيلھاڙي وغيره شامل آهن. ملھه راند سنڌ جي قديمي ثقافتي راند آهي ملھه راند جيڪا
ڏٺي وڃي ته سنڌ ۾ موھن جي دڙي کان به آڳاٽي کيڏي ويندڙ ملھه راند قديم آهي سنڌ جي
ثقافت ملھه جيڪا سنڌي قوم جي سڃاڻپ ۽ ورثو آهي سنڌ ڌرتي اھڙن ڪردارن کي جنم ڏنو
آهي جن جو نانءُ سدائين امر ۽ تاريخ جي ورقن ۾ سدا زنده رھندو ”مون کي تاريخ ۽
تقدير ڏني پڪ آ، جو سنڌ سنواري سو
جيئندو رھندو.“
ان دور ۾ ھونھن ته ڪيترائي ملھه پھلوان ملاکڙي
جي پڙ ۾ زور آزمائي فن جو مظاهرو ڪندا ھئا پر انهن مان شير ميربحر کي ھڪ خاص مقام
حاصل ھو شير ميربحر ۲۱ جون ۱۹۲۴ع تي نوشھرو فيروز جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ موسي ديري
۾ اکيون کوليون. شير ميربحر جو ننڍپڻ
کان ملھه راند جو شوق ھو. رستم
سنڌ شير ميربحر جي سگهاري جسم جي بناوت ۽ بيھڪ به انفراديت واري ھوندي ھئي. جھڙو ڏسڻ ۾ مضبوط ۽ سگهارو ھو، تھڙو طاقتور ۽ سگهارو به ھو. سال کن خوراڪ کان پوءِ، شير ميربحر کي ملھه جي ميدان ۾ باقاعده لاٿو ويو. شير ميربحر، پھرين ڌمال ۾، وڏن وڏن ملھه پھلوانن کي دسي داد ماڻيو. ميلي
تان ھر موٽندڙ جي زبان تي صرف شير ميربحر جي ڳالهه ھئي. ان وقت ۾ انب شيدي، دوست محمد ڪلھوڙو، تڳيو
ڦل، عبدالڪريم ميربحر، يعقوب خاصخيلي،
لالو ڦل، جمعدار رحيم، نورالدين ٻٻر، نواز علي پٺاڻ، قلب علي جتوئي، علي بخش چاڪي،
بخشل ڊکڻ، رمضان مگسي، ڪريم بخش شيدي، ھوشو ھالائي ۽ اقبال جوڳي پھرئين جوڙ وارا ملھه پھلوان ھئا ۽ حاجي خان خشڪ،
قمبر حاجاڻو، خان محمد، محمود خان جمالي ۽ محمد بخش بڙدي، ٻئي جوڙ وارا پھلوان ھئا.
حضرت مخدوم محمد زمان طالب المولي جي سر
پرستي ھيٺ ھالا شھر ۾ يورپ جي پھلوان جارج زيبيسڪو سان رستم سنڌ شير ميربحر جو
مقابلو ٿيو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڏيھه ۽ پرڏيھه جا وڏا وڏا شوقين ڪھي آيا. يورپ جو پھلوان ۴ پاٽيون ڌونئري جون کائي نيرن ڪندو ھو. سندس وزن ١۴٠ ڪلو گرام کان به وڌيڪ ھو. شير، جڏهن
يورپ جي پھلوان جي سندري ۾ ھٿ وڌا ته شير ان جي اڳيان ٻار لڳي رھيو ھو، شوقينن جو خيال ھو ته شير ھن مقابلي کان
پوءِ ملھه ڇڏي ويندو. پر شير
ميربحر انگريز ريسلر پھلوان کي وارا پٽي جاٺا ھڻي، پٽ تي اڇلائي ڇڏيو ته ٻانھين ۾ ھوڪرا پئجي ويا. ماڻهن دھل ۽ شرنانين تي رقص ڪري شير ميربحر
کي ڪلھي تي کڻي گهمايو. شير جو ھڪ ٻيو دلچسپ مقابلو انڊيا جي پھلوان گرنام سنگھه
سان، حيدر آباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ ٿيو. ان مقابلي لاءِ انڊيا جي پھلوان گرنام
سنگھه، شير ميربحر کي للڪاريندي چيو ھو ته؛ ھو شير جي چيلھه ڀڃي ڇڏيندو. ڀارتي پھلوان جو چوڻ ھو ته؛ ھو شير جي ٻانهن جي زور سان چيلهه ڀڃندو. شير
ميربحر ڀارتي پھلوان جي للڪار جي موٽ ۾ چيو ھو ته؛ ھو ڀارتي پھلوان جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيندو. ڀارتي پھلوان، تازو ئي شير ھندستان جو لقب کٽيو ھو. ان
مقابلي جي باري ۾ اڪثر نانو ولي محمد ۽ فتح محمد ڏسيندا ھئا ته ڀارتي پھلوان جي للڪار
کانپوءِ، شير جي اکين جو رنگ مٽجي ويو ۽ ھو
مقابلي ٿيڻ تائين پٽ تي نه ويٺو. ٻئي پھلوان، ملھه جي ميدان ۾ لٿا. ڀارتي پھلوان، شير کي سندري کان پڪڙي فخر مان مسڪرائي
رھيو ھو. ٻنهي
پھلوانن جي ھٿ پوڻ کانپوءِ، وارن، جاٺن، اندرين ٻاھرين ۽ ھر قسم جا انگ اکر استعمال ڪيا ويا. ڀارتي پھلوان شير جي سيني تي زور ڏئي
شير جي مٿان چڙهي آيو ۽ ائين پئي لڳو ته واقعي شير جي چيلهه ڀڄڻ واري آهي پر شير ڀارتي پھلوان کي ھيٺان ئي
پٽي، وارو کڻي، ھوا مان ڦٽو ڪري ڇڏيو. اھڙي سخت مقابلي کانپوءِ، ٻانهين ۾ شير ميربحر جي دليريءَ ۽ پھلوانيءَ جون ڳالهيون ھلي رھيون ھيون. شير ميربحر جو ٽيون عالمي مقابلو، آسٽريليا جي مشھور پھلوان ريسلر آسٽن سان، ڪراچي نيشنل اسٽڊيم ۾ ٿيو. جنهن ۾ پڻ آسٽريليا جي ريسلر پھلوان کي شڪست
ڏئي، پنهنجي ملڪ جو دنيا ۾ مان مٿانھون ڪيو
۽ سرسي حاصل ڪئي. بعد ۾ خيرپورميرس ۾ اڳوڻي صدر ايوب خان جي خاص مھماني ھيٺ، افغانستان جي ملھه پھلوان قطب خان سان ٿيو. ان مقابلي ۾ ٻنهي پھلوانن وچ ۾، ننھن چوٽيءَ جو مقابلو ٿيو. آخر ۾
شير پنهنجو پسنديده داءُ، ’وارو پٽي‘ افغانستان جي پھلوان کي ڊاھي
پٽ ڪيو. جنهن تي ايوب خان ڏاڍو خوش نظر آيو. شير ميربحر کي انعام پڻ ڏنائين. اٿي بيھي تاڙيون وڄائي ۽ سندس پٺي ٺپي چيائين؛ ”شير واقعي شير ھي.“
رستم سنڌ، شير ميربحر، سنڌ جي
ملھه پھلوانن جو استاد ھو. ھن
پھلوان، ڀٽ شاهه
تي پنهنجي مدد پاڻ، ملھه ٽريننگ
جو ادارو کوليو، جنهن ۾ نون سيکڙاٽ
پھلوانن ۽ وڙھندڙ ملھه پھلوانن کي سکيا ڏيندو
ھو. سندس ڪيترا ئي شاگرد پھلوان، جن وڏو
نالو ڪمايو، تن ۾ پھلوان غلام قادر لغاري، در محمد عالماڻي،
پھلوان ظفرالدين ميربحر، منور الدين ميربحر، پھلوان سڪندر قريشي آھن. پھلوان رستم سنڌ، شير ميربحر جي خدمت ڪندڙن ۾ پھلوان مامو
ولي محمد ميربحر، پھلوان عنايت جوڳي شامل آهن. ھن ثقافتي ھيري رستم سنڌ شير ميربحر جي سياستدانن، ليکڪن، شاعرن، اديبن، فنڪارن، سگهڙن، ۽ ٻين
ثقافتي ماڻهن سان گهڻي ويجهڙائي رھي. جن ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، مخدوم طالب المولي، پير آف راڻيپور
سائين ميران سائين، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سائين ممتاز مرزا، محرم علي ڀٽي، علڻ فقير،
اسلم آزاد، جلال چانڊيو. سنڌ جي
قومي راند، ملھه جي عظيم ڪردار رستم سنڌ شير ميربحر
۳۵ سال گذري ويا آهن. اڄ تائين سندس ورسي سندس خاندان طرفان
ملھائـي وڃي ٿي، جيڪا سرڪار طور
ملھائي وڃي. سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن
ملاکڙن شھباز لعل قلندر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ۽ ٻين ٿيندڙ ملاکڙن ۾
ملھ پھلوانن کي شير ميربحر ايوارڊ ڏنا وڃن. سنڌ جو ثقافت کاتو، سنڌ اسپورٽس بورڊ شير ميربحر جي نالي يادگار ٺھرايا
وڃن. رستم سنڌ شير ميربحر ۲۸ مارچ ۱۹۸۵ع تي ڪراچي جي اسپتال ۾ زندگي جي ملھه ھارائي ويو.
شير ميربحر
رستمِ سنڌ - عالمي سطح
تي سوڀ ماڻيندڙ پھلوان
سرمد ملاح
سنڌ جيجل امان
پنھنجي ڪک مان وڏن وڏن ڪردارن، سپوتن، دليرن، مانجھي مڙسن کي جنم ڏنو آهي، ڇو ته ڪي
ڪي اھڙا ڪردار ھوندا آھن ڀلي ورھيه صديون گذريون وڃن پر اُھي عظيم شخصيتون، ڪين
وسري سگھجن ٿيون، اھڙي طرح شيخ اياز جون ڪجھه سٽون آھن:
تو کي ڪير وساري سائين،
تو کي وسارڻ اوکو ھوندو.
پنھنجو پاڻ سان دوکو ھوندو،
جيسين موت نه ماري سائين!
تو کي ڪير وساري سائين..
امر ڪردارن جا
نانءُ، ڳڻ ھر لب تي پيا ڳائيجندا آھن، ۽ ھميشه جي لاءِ ھر دل ۾ زنده ھوندا آھن. سنڌ
۾ کيڏي ويندڙ ”ملھه” سنڌ جي ثقافت آھي. ھيءَ راند گھڻو ڪري سنڌ جي بزرگن، اوليائن،
۽ پيرن فقيرن، جي درگاھن، اوتارن تي لڳندڙ ميلن ۽ عام خوشيءَ موقعن تي کيڏي ويندي
آهي. ڪنھن دور ۾ ته ھن راند جو وڏو اوج ھو. ماڻھو پري اوري کان ڪھي وڃي ملهه ڏسڻ
لاءِ ملاکڙي ۾ شريڪ ٿيندا ھئا، توڙي جو انھن ڏينھن ۾ سواريءَ جون سھوليتون موجود
نه ھيون، پر جيئن شوق جي ڪا بھا نه ٿيندي آھي تيئن شوق ۾ ماڻھو پنڌ ۽ خرچ نه ڏسندا
آھن. رانديون، رانديگرن سان سڃاپجنديون ۽ سونھنديون آهن، رانديگر، راند جي اميج image کي ٺاھيندا
آھن، راند جڏهن عالمي معيار تي کيڏي ۽ ان جا رانديگر به ان ليول جا ھجن، ته پوءِ ڏسندڙن
۾ انھيءَ راند جو مقام ۽ درجو وڌي وڃي ٿو. ۶۰-۵۰ واري ڏھاڪن ۾ سنڌ ملھ راند جو باقاعده عروج وارو دور ھو، انھن ڏھاڪن
۾ رستم سنڌ شير ميربحر جو نالو ھر ڪنھن جي زبان تي بظاهر ھو ۽ آهي، ھڪ جانٺو جوان،
ڪپڙن، بيھڪ ۽ ھاٺيءَ ۾ ڪو موھن جي دڙي جو ماڻهو، وڏيون اکيون، رعبدار، ھلي ته ڌرتي
ڌڏي ، ڳالھائي ته دوست خوش لڳن، ۽ دشمن جون دليون دھلجن. شير ميربحر ملھ راند جو
اھڃاڻ ۽ سڃاڻپ ھو، ھن ملھ راند کي سنڌ ۾ متعارف ڪرائي، سڄيءَ دنيا ۾ اعليٰ مقام تي
پھچايو، ھن نه رڳو سنڌ جي وڏن وڏن ملھ پھلوانن کي شڪست پٺيان شڪستون ڏنيون، پر ھن
عالمي ليول تي پرڏيهي ملھ پھلوانن کي به شڪستون ڏئي عالمي فاتح بڻيو ۽ ملھ راند کي
سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائي ۽ ھڪ مڃيل مقام عطا ڪيو،
اهو ۱۹۵۶ع وارو دور هو، جنهن ۾ هونئن ته ڪيترائي
ملهه پهلوان ملاکڙي جي پڙ ۾ زور آزمائي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، پر انهن مان ”شير
مير بحر“ هڪ خاص مقام حاصل ڪيو. ملھ لفظ جو بنياد يا ڌاتو آھي. ميل +لھه- ميل
معنيٰ گڏجڻ ۽ پاڻ ۾ ملڻ ۽ لھه معنيٰ لاھي تي يا ھيٺ ڀرو- ميل لھه جي ڪثرت استعمال
سان، لفظ ملھ بڻجي ويو. ۽ ان جي ڪرتب ڏيکاريندڙکي ملھ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو ڌڱ مڙس يا
پھلوان ھوندو آھي. شير ميربحر ۲۱ جون ۱۹۲۴ع تي ضلعي نوشهرو فيروز جي تعلقي ڪنڊيارو جي هڪ ڳوٺ موسي ديري ۾ جنم ورتو.
ملھه سنڌ جي قومي
راند آھي، جيڪا وڙائتي، مانائتي راند آھي، جنھن ۾ امن پسندي، انصاف ۽ قرباني جا
انگ سمايل آھن. ھن راند جا شرط، اصول، قاعدا ۽ ضابطا سڀ مھذبانه ۽ شريفانه آھن ۽
اھوئي سبب آھي جو، ھي راند 4 ھزار ورھيه ق – م کان اڄ تائين پنھنجي شان شوڪت سان
قائم ۽ دائم آھي ۽ ڪيترن ئي انقلابن اچڻ کان پوءِ به اسان جا ملھه، پنھنجي تاريخي
۽ ثقافتي روايتن کي قائم رکندا اچن ٿا، ۽ وقت پئي، پنھنجي فن جو مظاھرو ڪن ٿا. اھڙن
ملھه پھلوانن مان علي شير ميربحر جو نالو سرِ فھرست آھي، جيڪو سنڌ جي ڳوٺن ۽ وستين
۾، پنھنجي فني صلاحيت مڃرائي چڪو آھي ۽ ڳوٺاڻن جي دلين جي ڌڙڪن آھي. سنڌ جي انمول
ھيري رستم سنڌ شير ميربحر جي لاءِ لکيل منھنجو ھڪ شعر آھي:
تاريخ ۾ پيا لکجن ”شير“ مڙس ارڏا،
ھر دل سڏي پئي، تو سان چاھ ماروئڙن جو.
شير ميربحر، سنڌ جي
پھلوانن جو مُک ھو. ھو ملاکڙي جي مرڪ ۽سونھن ھو. ملھه جي فني نقطئه نگاھ کان، سھڻو
ملھه اھو آھي جو افعالن به سھڻو ھجي ۽ انگين به سھڻو ھجي. افعالن معنيٰ ڪپڙن لٽن،
شڪل شبيھه، بُت، سڊول ۽ سھڻو ۽ انگين جو مطلب آھي، ملاکڙي ۾ گھڙي ته ملھه وڙھڻ لاءِ
اڳواٽ تيار ھجي ۽ ڪنھن جي چؤ چوا تي نه اٿي. جڏھن وڙھي ته خوشي سان، ھڪ ڪلھو ڏي ۽ ٻيو
وٺي ۽ ملھ وڙھڻ وقت، ساٿيءَ سان کوٽ ۽ ٺڳي نه ڪري. ھٿن وجھڻ کان پوءِ، بيھي نه ۽ ھڪجھڙي
پھلوان کي پنھنجو ڪري وڃي ماري. شير ميربحر ۾ اھي سڀ خوبيون موجود ھيون. ھن کي ملھ
جو شوق سندس چاچي پيرل خان ميربحر ڏياريو. ھن جي ملھ جو استاد پھلوان لقمان خشڪ
ھو. شير علي ٽئين جوڙ کان ملھ وڙھڻ شروع ڪئي. سندس پھرين ملھ محبت ديري تعلقي ڪنڊياري
جي ھڪ ملاکڙي ۾ ٿي ۽ پوءِ ھو لاڳيتو، ملھه وڙھندي ٻن سالن اندر ٻئي جوڙ ۾ پھتو. ھڪ
سال ۾ ٻئي جوڙ جي سڀني ملھهن کي دسي، پھرين جوڙ ۾ پھتو.
پھرين جوڙ لاءِ ھن
لالانواز علي پٺاڻ کي استاد ڪيو. شير ميربحر ۳۰ سالن جي ڊگھي عرصي تائين ملھ جي
ميدان ۾ ناقابلِ شڪست پھلوان رھيو. ھن ان عرصي ۾، ملڪي ۽ غير ملڪي پھلوانن کي شڪست
ڏيئي، ملھ جي فن ۾ پنھنجو ڌاڪو ڄمايو. ھن کي پھريون انعام نئين ديري واري ملاکڙي
۾، نواب امداد علي خان ڀٽي ۽ نواب پير بخش خان ڀٽي ڏنو. ھن جا ڪيترائي يادگار تاريخي
مقابلا آھن، جن مان ٽي مقابلا مشھور آھن. پھريون ھالا دنگل، جنھن ۾ چيڪو سلاويه جي
پھلوان جارج زيڊسڪو کي شڪست ڏيئي ملڪ جو نالو مٿاھون ڪيو. ان کان پوءِ، ھن
ھندوستان جي مشھور پھلوان گرنام سنگھه کي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ زبردست تاريخي شڪست
ڏيئي، ماري مڃايو. سندس ٽيون يادگار مقابلو، لکي بنگلي خيرپور ۾ ٿيو، جنھن ۾ ھن ٽن
پھلوانن کي ھڪئي وقت شڪست ڏني. جنھن تي ان وقت صدر ايوب خان، خوشيءَ مان تاڙيون وڄايون،
داد ڏنو ۽ نقد انعام به ڏنائين. ان کان سواءِ ھن پنجاب، بھاولپور، رحيم يار خان ۽
صادق آباد جي ڪيترن ئي پھلوانن سان مقابلا ڪيا ۽ کين ماري مڃايو. ھن جي ھيءَ عادت
ھئي ته، جي پھرين ملھ ۾ ڪرندو ھو ته ٻانھين ۾ نه وھندو ھو، پر ميدان ۾ ئي پنھنجي
مدمقابل جو انتظار ڪندو ھو ۽ قدم قدم گھمندو رھندو ھو ۽ پوئين ملھ دسي، پوءِ دم پٽيندو
ھو. ان ڪري چونداھئا ته “پوئين ملھ شير جي آھي.” سندس بھادري ۽ ملھ ۾ سرسي ڏيکارڻ
تي، سنڌ جي عوام کيس رستمِ سنڌ ۽ شير جا خطاب ۽ لقب ڏنا. ايوب خان به کيس چيو ھو
ته “تون واقعي شير آھين” شير ميربحر، ساري زندگي ملھ جي فن جي خدمت ڪندي گذاري.
اھو ھن جي ئي ڪوششن جو نتيجو آھي، جو ملھه کي اڄڪلھ سنڌ جي “قومي راند” تسليم ڪيو
ويو آھي ۽ ٻاھرين دنيا کان پھلوان ھت ملھ وڙھڻ اچن ٿا.
شير ميربحر
سنڌ جو سدا حيات پھلوان
محسن ملاح/ محراب
پور
ملهه، سنڌ جي قومي ۽
ثقافتي راند آهي، جيڪا ڪيترن ئي سالن کان سرڪاري بي ڌيانيءَ جو ورچڙهيل آهي. سنڌ جي هن ملهه راند کي جيئارڻ جا
جتن ڪندڙن شوقينن ۽ رانديگرن ۾ رستمِ سنڌ پهلوان مير بحر جو نالو به ڳڻيو وڃي ٿو،
جنهن ٻانهُن جي ٻَل تي هن راند کي ٻهراڙي جي ڳوٺن مان ڪڍي شهر جي اسٽيڊيم کان عالمي
سطح تي آڻي ملڪ جو نانءُ روشن ڪيو. شير
ميربحر، فاريسٽ آفيسر علي محمد ميربحر جي گھر ۲۱ جون ۱۹۲۴ع تي جنم ورتو. هن سنڌي پرائمريءَ جا چار
درجا پنهنجي ئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد عبداللطيف آگرو وٽ پڙهيا، نامور ليکڪ،
محقق غلام رباني آگرو سندس ڪلاس فيلو هو. هن پهرين ملهه پنهنجي پاڙي جي پير “جھنگلي
شاهه” محبت ديرو جتوئي جي ميلي تي وڙهي سوڀ ماڻي. ملهه جي پهرين سکيا تعلقي ڪنڊيارو
جي شهر خانواهڻ جي ٻاهران ڳوٺ “سعيد خان خشڪ” جي رهواسي پهلوان لقمان خشڪ کان ورتي
پوءِ اسماعيل بڙدي بعد ۾ مشهور پهلوان لالا نواز علي خان پٺاڻ آف ڳڙهي ياسين کان ورتائين.
هن پهرين ملهه پاڻ کان سينئر، پهرين جوڙ جي پهلوانن سان وڙهي جنهن ۾ سوڀ ماڻيائين،
پوءِ همعصر پهلوانن سان وڙهيو، بعد ۾ جونيئر پهلوانن کي شڪست ڏنائين. هن پهرين
ملهه ۴۷/ ۱۹۴۶ع ۾ نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ زوار در محمد ميربحر پاران ڪرايل ملاکڙي ۾ پهرين
جوڙ جي مشهور پهلوانن لال محمد ڦل، حاجي احمد لُهر، اقبال جوڳي، پنجل مهر، هوشو
شيدي هالائي، محمد بخش مهر، يڪي خاصخيليءَ ۽ هينڊل مڪرانيءَ کي ماري انعام حاصل ڪيو.
ٻئي جوڙ ۾ پنهنجي همعصر پهلوانن جن ۾ قلب علي خان جتوئي، مَٽر شيدي، مُلان شيدي،
بکر شيدي شامل هيا. آخر ۾ هن نئين ٽهيءَ جي اڀرندڙ پهلوانن جي چئلينج کي قبوليو،
جن ۾ “فخر سنڌ” الهه جڙيو سمو سانگھڙ، سيد سمن شاهه “چيمپئن سنڌ” کي شڪستون ڏنائين.۱۶ هين سيپٽمبر ۱۹۵۱ع ۾ والي رياست هزهائينيس مير علي مراد خان ٽالپر
جي تاج پوشيءَ وقت ان وقت جي وزير اعظم لياقت علي خان، سندس زال رعنا لياقت علي، ۽
صدر جنرل محمد ايوب خان جي موجودگيءَ ۾ فيض محل خيرپور ميرس ۾ تاريخي مقابلو ٿيو
جنهن ۾ پهلوان انب شيدي، هوشو شيدي ۽ پهلوان هينڊل مڪرانيءَ کي هن شڪست ڏني جنهن
تي فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان کيس انعام ڏيڻ مهل چيو ته “شير واقعي شير هئي، جيسا سنا
ويسا هي ديکا.” شير، عمر جي اڌ حصي، ۵۰ سالن تائين پهچڻ کانپوءِ به اڀرندڙ پهلوانن سان ملهه وڙهندو
رهيو، الهه جڙيي سمي کيس ست مقابلن جو چئلينج ڏنو جنهن ۾ هنن جو پهريون مقابلو، ۱ مارچ ۱۹۶۸ع ۾ جشن خيرپور ۾ ٿيو. مقابلو ٻن ڏهاڙن
تائين هلڻ جي باوجود به ٻنهي پهلوانن ۾ نبيرو نه ٿي سگھيو، آخر ۾ مهمان خصوصي ڊپٽي
ڪمشنر خيرپور ڊويزن اسلم باجوا، ٻنهي پهلوانن کي انعامي ڪپ ڏنا، پهريون ڪپ شير
ميربحر کي ٻيون ڪپ الهه جڙيو سمون کي مليو. الهه جڙيو سمي کي اتي “فخر سنڌ” جو لقب
مليو، ان بعد هنن جو ٻيو مقابلو “جشن لاڙڪاڻو” پوءِ ميرپورخاص گاما اسٽيڊيم، ٽنڊو
آدم ۽ آخري مقابلو مسلم ڪاليج حيدر آباد طرفان منعقد ٿيل شاندار ملاکڙي ۾ ٿيو. هن
ملاکڙي ۾ سمي جي ڏنل چئلينج جو نبيرو ٿيو، جنهن ۾ شير جو رستم سنڌ وارو خطاب برقرار
رهيو. سن ۱۹۶۲ع ۾ مخدو طالب المولى جن هالن ۾ هڪ دنگل ڪرايو جنهن ۾ هن چيڪو سلواڪيا جي
پهلوان “جارج زيبسڪو” کي شڪست ڏني جتي کيس “رستم سنڌ” جو خطاب مليو، ان بعد ۱۹۶۶ع ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ ٻئي بين
الاقوامي مقابلي ۾ هندستان جي پهلوان “گرنام سنگھه” کي ٻئي ملهون ماري ملڪ جو شان بلند
ڪيائين. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ آسٽريليا جي نامور پهلوان “آسٽن” کي بري شڪست ڏنائين
جنهن جي ڪامينٽري ريڊيو تان سڌيءَ ريت نشر ٿي. شير، پنهنجي زندگيءَ ۾ سوَن جي
تعداد ۾ انعام حاصل ڪيا، جن ۾ هي انعام زندگيءَ جي يادگار مقابلن جيان اٿس جن ۾ هن
پهريون انعام ۴۷/ ۱۹۴۶ع ۾ ذالفقار علي ڀٽي جي ڀاءُ نواب امداد علي خان ڀٽي ۽ نواب پيربخش خان ڀٽي
کان نئين ديري ۾ حاصل ڪيو، جنرل ايوب کان خيرپور، ۽ هالا ۾ مخدوم طالب المولى ۽
جنرل موسى خان کان پڻ انعام حاصل ڪيائين. هن فن جي کيتر ۾ ڪيترا ئي شاگرد به ٺاهيا؛
جن جو ڳاڻيٽو ججھو آهي. تن ۾ محمد بخش بڙدي، سينگار سنڌ، شير گوپانگ، رستم دادو،
غلام قادر لغاري، پهلوان در محمد عالماڻي ۽ ٻيا به شامل آهن. جيڪي ملاکڙن جو سينگار
رهيا. شير، سٺي لباس سان گڏ سٺي سواريءَ جو به شوقين رهيو، وٽس سواريءَ لاءِ هڪ اعلى
نسل جي گھوڙي هوندي هئي. ڪجهه وقت کانپوءِ هن ۱۹۶۸ع ۾ ۶۴ ماڊل وليز جيپ پڻ ورتي جيڪا پنهنجي ڀاءُ غلام قادر ميربحر
کان سکڻ بعد پاڻ هلائيندو هو.شير، پهلوان کان علاوهه پنهنجي برادريءَ ۾ ڳوٺ جو پَريو
مُڙس پڻ هو، ۱۹۶۰ع صدر ايوب جي حڪومت ۾ ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ هي پنهنجي ڳوٺ مان ميمبر چونڊيو
ويو هن کي زندگيءَ ۾ هڪڙي حسرت رهي جيڪا پوري نه ٿي سگھيس، هو چوندو هوته: “آئون سنڌ
جو عالمي ليول جو قومي رانديگر آهيان، ان لاءِ صدارتي ايوارڊ منهنجو حق آهي جيڪو مونکي
ملڻ گھرجي.” هن ملهه راند کي ترقي وٺرائڻ لاءِ. ۷۷- ۱۹۷۶ع ڌاري “ملهه ايسوسيئيشن نواب شاهه” جو بنياد رکيو. شهيد
ڀٽو کيس ۱۹۷۴ع ۾ ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو، جمهوريت تي راتاهي کانپوءِ جنرل ضياءَ ۱۹۷۷ع ۾ اهو عهدو ختم ڪيو، جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾
اپيل ڪرڻ کانپوءِ بحال ٿيو. زندگيءَ جي آخري گھڙين ۾ بڪين جي بيماريءَ سبب اسپتال ڀيڙو
ٿيو ته جنرل ضياءَ جي آمريتي ٽولي کيس ملندڙ معاوضو به بند ڪري ڇڏيو، هن ۲۸ مارچ ۱۹۸۵ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس آخري آرامگاهه
محبت ديرو جتوئيءَ کان ۲ ڪلو ميٽر ٻاهر سندس نالي پٺيان قائم، ڳوٺ “پهلوان
شير ميربحر” ۾ موجود آهي. پهلوان شير ميربحر، جي زندگي تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري
ليکڪ مولائي ملاح جا ٻه ڪتاب: شير ميربحر، فن ۽ شخصيت ۽ ٻيو ڪتاب: ملهه جو عالمي
فاتح شير ميربحر. جي نالي سان آيل آهن. ڀلوڙ
ليکڪن شير ميربحر تي آيل ڪتابن ۾ لکيو آهي
ته: شير سنڌ، ثقافت جو هيرو هو. هي سنڌ جي قومي راند ملهه جو عالمي فاتح هو. شير ملهه
راند کي ڳوٺن مان کڻي عالمي ليول تي پهچايو. جتي دنيا جي مڃيل پهلوانن کي شڪست ڏئي
ملڪ جو نالو روشن ڪيو. پر پاڻ سڄي حياتي صدارتي ايوارڊ کان محروم رهيو. ضرورت ان ڳالهه
جي آهي ته، سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي راند ملهه کي ٻيهر اوج ڏيارڻ لاءِ ڪي ترت جوڳا
اپاءَ ورتا وڃن. پهلوانن جي سهائتا ڪري ملهه راند جي مالڪي ڪئي وڃي. رستمِ سنڌ پهلوان
شير ميربحر کي مُئي پڄاڻان صدارتي ايوارڊ ڏنو وڃي. ڀٽ شاهه ۽ سيوهڻ اسٽيڊيم سندس نالي
سان منسوب ڪيو وڃي.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾، ۲۸ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
شير ميربحر
رستم سنڌ - سنڌ جي
ثقافتي راند جو عظيم ڪردار
سرمد ملاح
سنڌ امڙ پنھنجي ڪک
مان وڏن وڏن ڪردارن، سپوتن، دليرن، مانجھي مڙسن کي جنم ڏنو آهي، ڇو ته ڪي ڪي اھڙا ڪردار
ھوندا آھن جو ڀلي صديون گذريون وڃن پر اُھي عظيم شخصيتون، ڪينَ وسري سگھجن ٿيون، اھڙي
طرح شيخ اياز جون ڪجھ سٽون آھن ته :
توکي ڪير وساري
سائين،
توکي وسارڻ اوکو ھوندو
.
پنھنجو پاڻ سان
دوکو ھوندو،
جيسين موت نه ماري
سائين!
توکي ڪير وساري
سائين . .
امر ڪردارن جا نانءُ،
ڳڻ ھر زبان تي پيا ڳائجندا آھن، ۽ ھميشه جي لاءِ ھر دل ۾ زنده ھوندا آھن .
سنڌ ۾ کيڏي ويندڙ “ملھ
ه” سنڌ جي ثقافت آھي. ھيءَ راند گھڻو ڪري سنڌ جي بزرگن، اوليائن، ۽ پيرن فقيرن، جي
درگاھن، اوتارن تي لڳندڙ ميلن ۽ عام خوشيءِ جي موقعن تي کيڏي ويندي آهي. ڪنھن دور
۾ ته ھن راند جو وڏو عروج ھو. ماڻھو پري اوري کان ڪھي وڃي ملھ ه ڏسڻ لاءِ ملاکڙي ۾
شريڪ ٿيندا ھئا، توڙي جو انھن ڏينھن ۾ سواريءَ جون سھولتون عام موجود نه ھيون، پر
جيئن شوق جي ڪا به بھا نه ٿيندي آھي تيئن شوق ۾ ماڻھو پنڌ به نه ڏسندا آھن. رانديون،
رانديگرن سان سڃاپجنديون ۽ سونھنديون آهن، رانديگر، راند جي اميج “image”کي ٺاھيندا
آھن، راند جڏهن عالمي معيار تي کيڏي وڃي، ۽ ان جا رانديگر به ان ليول جا ھجن، ته پوءِ
ڏسندڙن ۾ انھيءَ راند جو مقام ۽ درجو وڌي وڃي ٿو.
۶۰-۵۰ وارن ڏھاڪن ۾ سنڌ ۾ ملھ راند جو باقاعده عروج وارو دور ھو، انھن ڏھاڪن ۾
رستم سنڌ شير ميربحر جو نالو ھر ڪنھن جي زبان تي ظاهر ھو ۽ اڄ به آهي، ھڪ جانٺو
جوان، ڪپڙن، بيھڪ ۽ ھاٺيءَ ۾ ڪو موھن جي دڙي جو ماڻهو، وڏيون اکيون، رعبدار، ھلي
ته ڌرتي ڌڏي، ڳالھائي ته دوست خوش لڳن، ۽ دشمن جون دليون دھلجن. شير ميربحر ملھ ه راند
جو اھڃاڻ ۽ سڃاڻپ ھو، ھن ملھ ه راند کي سنڌ ۾ متعارف ڪرائي، سڄيءَ دنيا ۾ اعليٰ
مقام تي پھچايو، ھن نه رڳو سنڌ جي وڏن وڏن ملھ ه پھلوانن کي شڪست پٺيان شڪستون ڏنيون،
پر ھو عالمي ليول تي پرڏيهي ملھ ه پھلوانن کي به شڪستون ڏئي عالمي فاتح بڻيو ۽ ملھ
ه راند کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرايو.
اهو ۱۹۵۶ع وارو دور هو، جنهن ۾ هونئن ته ڪيترائي ملھ
پهلوان ملاکڙي جي پڙ ۾ زور آزمائي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، پر انهن مان “شير مير بحر”
هڪ خاص مقام حاصل ڪيو.
ملھ، لفظ جو بنياد
يا ڌاتو آھي. ميل +لھ- ميل معنيٰ گڏجڻ ۽ پاڻ ۾ ملڻ ۽ لھ معنيٰ لاھي تي يا ھيٺ ڀرو-
ميل لھ جي ڪثرت استعمال سان، لفظ ملھ بڻجي ويو. ۽ ان جي ڪرتب ڪندڙ کي ملھ ه سڏيو وڃي
ٿو، جيڪو ڌڱ مڙس يا پھلوان ھوندو آھي.
شير ميربحر ۲۱ جون ۱۹۲۴ع تي ضلعي نوشهرو فيروز (اڳوڻي نوابشاھ) جي
تعلقي ڪنڊيارو جي هڪ ڳوٺ موسي ديري ۾ جنم ورتو ,شير ميربحر پهرين ميلي تي وڏن ملھ
پهلوانن کي ملھ ماري ورتي. ميلي تان هر موٽندڙ جي زبان تي صرف “شير” جي ڳالھ ۽ ھاڪ
هئي. ان وقت ۾ انب شيدي، هينڊل مڪراني، پنڃل مهر، استاد هوشو، دوست محمد ڪلهوڙو، تڳيو
ڦل، قلب علي جتوئي، بخشل ڊکڻ، ڪريم بخش شيدي ۽ اقبال جوڳي پهرين جوڙ وارا ملھ
پهلوان هئا.
خيرپور ميرس ۾ مير
علي نواز ٽالپر پاران غير ملڪي ۽ ملڪي پهلوانن جو مقابلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ صدر
ايوب مهمان خاص هو. انهن ۾ شير ميربحر انڊيا جي گرنام سنگھ، آسٽريليا جي آسٽن
ريسلرن کي شڪست ڏني.
رستمِ سنڌ، شير ميربحر
جا نياز اسٽيڊيم حيدرآباد، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ به ڪيترا ئي ملاکڙا يادگار
رهيا.
رستمِ سنڌ شير ميربحر
پنهنجي زندگي هن قديم ثقافتي راند ملھ جي خدمت ڪندي گذاري.
ملھ سنڌ جي قومي
راند آھي، جيڪا وڙائتي، مانائتي ۽ انگائتي راند آھي، جنھن ۾ امن پسندي، انصاف ۽ قرباني
جا انگ سمايل آھن. ھن راند جا شرط، اصول، قاعدا ۽ ضابطا سڀ مھذباڻي ۽ شريفاڻا آھن
۽ اھو ئي سبب آھي جو، ھيءَ راند ۴ ھزار ورھيه ق م کان اڄ تائين پنھنجي شان شوڪت سان قائم ۽
دائم آھي ۽ ڪيترن ئي انقلابن اچڻ کان پوءِ به اسان جا ملھ، پنھنجي تاريخي ۽ ثقافتي
روايتن کي قائم رکندا اچن ٿا، ۽ وقت پئي، پنھنجي فن جو مظاھرو پڻ ڪن ٿا. اھڙن ملھ پھلوانن
مان شير ميربحر جو نالو سرِ فھرست آھي، جيڪو سنڌ جي ڳوٺن ۽ وستين ۾، پنھنجي فني صلاحيت
مڃرائي چڪو آھي ۽ ڳوٺاڻن جي دلين جي ڌڙڪن آھي.
شير ميربحر، سنڌ جي
پھلوانن جو مُک ھو. ھو ملاکڙي جي مرڪ ۽سونھن ھو. ملھ جي فني نقطئه نگاھ کان، سھڻو
ملھ اھو آھي جو افعالين به سھڻو ھجي ۽ انگين به سھڻو ھجي. افعالين معنيٰ ڪپڙين لٽين،
شڪل شبيھ، بُت، سڊول ۽ سھڻو ۽ انگين جو مطلب آھي، ملاکڙي ۾ گھڙي ته ملھ وڙھڻ لاءِ اڳواٽ
تيار ھجي ۽ ڪنھن جي چؤ چوا تي نه اٿي. جڏھن وڙھي ته خوشيءِ سان، ھڪ ڪلھو ڏئي ۽ ٻيو
وٺي ۽ ملھ وڙھڻ وقت، ساٿيءَ سان کوٽ ۽ ٺڳي نه ڪري. ھٿن وجھڻ کان پوءِ، بيھي نه ۽ ھڪجھڙي
پھلوان کي پنھنجو ڪري وڃي ماري.
شير ميربحر ۾، اھي
سڀ خوبيون موجود ھيون. ھن کي ملھ جو شوق سندس چاچي پيرل خان ميربحر ڏياريو. ھن جي
ملھ جو استادپھلوان لقمان خشڪ ھو. شير علي ٽئين جوڙ کان ملھ وڙھڻ شروع ڪئي. سندس
پھرين ملھ محبت ديري تعلقي ڪنڊياري جي ھڪ ملاکڙي ۾ ٿي ۽ پوءِ ھو لاڳيتو، ملھ وڙھندي
ٻن سالن اندر ٻئي جوڙ ۾ پھتو. ھڪ سال ۾ ٻئي جوڙ جي سڀني ملھن کي دسي، پھرين جوڙ ۾ پھتو.
پھرين جوڙ لاءِ ھن لالا نواز علي پٺاڻ کي استاد ڪيو. شير ميربحر ۳۰ سالن جي ڊگھي عرصي تائين ملھ جي ميدان ۾ ناقابلِ
شڪست پھلوان رھيو. ھن ان عرصي ۾، ملڪي ۽ غير ملڪي پھلوانن کي شڪست ڏئي، ملھ جي فن
۾ پنھنجو ڌاڪو ڄمايو. ھن کي پھريون انعام نئين ديري واري ملاکڙي ۾، نواب امداد علي
خان ڀٽي ۽ نواب پير بخش خان ڀٽي ڏنو. ھن جا ڪيترائي يادگار تاريخي مقابلا آھن، جن
مان ٽي مقابلا مشھور آھن.
پھريون ھالا دنگل، جنھن
۾ چيڪو سلاويه جي پھلوان جارج زيڊسڪو کي شڪست ڏيئي ملڪ جو نالو مٿاھون ڪيو. ان کان
پوءِ، ھن ھندوستان جي مشھور پھلوان گرنام سنگهھ کي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ زبردست
تاريخي شڪست ڏيئي، ماري مڃايو. سندس ٽيون يادگار مقابلو، لکي بنگلي خيرپور ۾ ٿيو، جنھن
۾ ھن ٽن پھلوانن کي ھڪئي وقت شڪست ڏني. جنھن تي ان وقت جي صدر ايوب خان، خوشيءِ مان
تاڙيون وڄايون، داد ڏنو ۽ نقد انعام به ڏنائين. ان کان سواءِ ھن پنجاب، بھاولپور، رحيم
يار خان ۽ صادق آباد جي ڪيترن ئي پھلوانن سان مقابلا ڪيا ۽ کين ماري مڃايو. ھن جي
ھيءَ عادت ھئي ته، جي پھرين ملھ ۾ ڪرندو ھو ته ٻانھين ۾ نه وھندو ھو، پر ميدان ۾
ئي پنھنجي مدمقابل جو انتظار ڪندو ھو ۽ قدم قدم گھمندو رھندو ھو ۽ پوئين ملھ دسي، پوءِ
دم پٽيندو ھو. ان ڪري چونداھئا ته “پوئين ملھ شير جي آھي. ” سندس بھادري ۽ ملھ ۾
سرسي ڏيکارڻ تي، سنڌ جي عوام کيس رستمِ سنڌ ۽ شير جا خطاب ۽ القاب ڏنا.
ايوب خان به کيس چيو
ھو ته “تون واقعي شير آھين”شير ميربحر، سڄي زندگي ملھ جي فن جي خدمت ڪندي گذاري. اھو
ھن جي ئي ڪوششن جو نتيجو آھي، جو ملھ کي اڄڪلهھ سنڌ جي “قومي راند” تسليم ڪيو ويو
آھي ۽ ٻاھرين دنيا کان پھلوان ھت ملھ وڙھڻ اچن ٿا. شير جي ذاتي ڪوششن سان، ڪراچيءَ
۾ ھڪ شاندار ملاکڙو ٿيو، جيڪو پاڪستان ٽيليويزن تان به ٽيليڪاسٽ ڪيو ويو. ملھ جي
فن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ زندگيءَ جي ھر قدم تي ھو جدوجھد ڪندو رھيو. سندس انھن ڪوششن
کي ڏسندي، ۱۹۷۴ع ۾ کيس حڪومت طرفان، ملھ جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو ويو، جتي ھو ملھ جي مقابلن
جي نگراني ڪندو ھو ۽ نون سيکڙاٽن کي تربيت به ڏيندو ھو. شير ميربحر ۲۸ مارچ ۱۹۸۵ع ۾، بڪين جي بيماريءَ ھي فاني جھان ڇڏيو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا