محمد يوسف
پيارا ڪٿي آهين؟
نصير مرزا
بابا، هي ’گورنمينٽ‘ جا ڪي ماڻهو هئا، ۽ اسان جي ٽئين نمبر تلاءُ واري
گهر جو دروازو، ايڏو ته زور زور سان وڄائڻ لڳا جو ڀانيم، پوري پاڙي ۾ ڀونچال اچي ويو
آهي..... ۽ اجهو هي قصو، ماهر لئه ڪار زوار لونگ فقير مڱڻهار جي ساده سڀاءُ زوجه محترمه،
ڪيئي ورهيه اڳ، اکين ۾ حيرانگيون ڀري ۽ ذوق شوق سان مون کي ٻڌائيندي پئي وئي.... چيائين:
منهنجو نيڻن ٺار محمد يوسف، ماڙيءَ تي گهاٽي ننڊ ۾ ستو پيو هو، جو رات، ڪنهن محفل مان
دير سان موٽيو هو. ٻيو پٽ فقير محمد عيسى، جيڪو گهر جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ موجود هو. ڊوڙندو
دروازي تي، ”ها بابا... جي بابا“ چوندو پهتو،
اتان موٽيو، ته پگهريل هو، چيائين، ڪي سرڪاري ڪارندا آهن، چون پيا آٽو ڀان واري ڄام
صادق علي جي بنگلي تي ڀٽو صاحب پهتو آهي، چيو اٿس، محمد يوسف کي ٻڌڻ چاهيان ٿو. کيس
جلدي وٺي اچو. ڪارندن جو حڪم ٻڌي، هاڻي رکي رئو مٿي تي، ڏاڪڻ جا ٻٽا ٻٽا ڏاڪا چڙهندي،
خوشي خوشي اگهور ننڊ ۾ ستل يوسف کي وڃي ڌُونڌاڙيم. چيومانس: ”بابا! ذوالفقار علي ڀٽي
صاحب سڏرايو اٿئي. سجاڳ ٿي پٽ، دروازي تي ماڻهو گاڏيون جهليو بيٺا آهن.“ اڙي هان؟ هي
ڇا! يوسف اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾، پاسو ورائي... نابري واريندي بيزاريءَ مان چيو: ”وڃي چوين
امان ته، ”يوسف گهر ۾ آهي ئي ڪو نه،“ ”ائي مُٺيس.... نه ڪر پٽ ائين. ڏاهو ٿي... خُلم
نه ڪر،“ مون کيس سمجهائيندي چيو... ”اهي ڪارندا جي زوري گهر ۾ گهڙي پيا ته راڄ ۾ منهن
ڏيکارڻ جهڙا ڪو نه رهنداسين...“ ته بس، منهنجي اهڙي چتاءُ تي، کٽ تان ٽپ ڏيئي هو اٿيو.
منهن تي ڇنڊُو پاڻيءَ جو هنيائين ۽ ڀاءُ عيسى کي ساڻ ڪري در ڏانهن هليو ويو....
