حضرت قلندر لعل شھباز
رحه
مختصر سوانح حيات ۽
خدمتون
ڊاڪٽر محمد يعقوب
مغل
سنڌ صدين کان الله
وارن، ولين، درويشن ۽ صوفين جو آستان رھي آھي، جن ھميشه ماڻھن کي پيار، محبت، امن
آشتي ۽ ڀائيچاري جي تبليغ ۽ تلقين پئي ڪئي آھي. انھن عظيم صوفين ۽ اولياءِ ڪرام ۾
حضرت عثمان قلندر لعل شھباز رحه کي امتيازي حيثيت حاصل آھي ۽ سندن شخصيت سنڌ واسين
۽ سنڌ کان ٻاھران آيل معتقدن لاءِ قابلِ احترام آھي.
