سنڌ جو ابو الڪلام
سهيل ميمڻ
هالا سنڌ ۾ اهو علائقو آهي، جنهن ۾ لطيف سرڪار ۽ مخدوم
نوح جهڙين هستين جو جنم ٿيو. سنڌ جي سرزمين تي عظيم انسانن جنم ورتو آهي، جن مان حفيظ
قريشي به هڪ هو. حفيظ قريشي هالا پراڻا ۾ جنم ورتو، سڄي عمر سنڌ سان عشق ڪيو، جيل ڪاٽيا،
سنڌ جي ڀلي جي تبليغ ڪئي، نه جُهڪيو، نه ٽُٽو ۽ نه ئي وِڪاميو، واپس اچي انهيءَ هالا
پراڻا جي زمين ۾ آرامي ٿيو. اها عقل جي گهٽتائي چئبي، جو اسان جي نوجوانن جي اڪثريت
حفيظ قريشيءَ جهڙي شخصيت جي تقريرن کي کل ڀوڳ ۽ چرچي ۾ وڌيڪ وٺندي رهي آهي، انهن تقريرن
جي گهرائين ۾ جاچجي، ته کين خبر پئجي ويندي، ته حفيظ قريشي ڪيڏو وڏو عالم، مدبر، سنڌ
شناس، مذهبن جو ڄاڻو، تاريخ نويس ۽ لطيف شناس هو. چاچو حفيظ قريشي، ۱۹۴۰ع جي ڏهاڪي
۾ سائين جي ايم سيد سان سنڌ جي عشق جي قافلي ۾ جُڙيو، ته کيس مرندي گهڙيءَ تائين ڪو
به، سيد ۽ سنڌ کان جُدا ڪري نه سگهيو، ايستائين جو ذوالفقار علي ڀٽو سان ويجهي سنگت
۽ اقتداري عهدن جي پيشڪش به کيس پنهنجي سنڌ دوستيءَ واري نظريي تان هٽائي نه سگهي.
خانداني طور سُکيو ستابو، وڏي زمين ۽ جائيداد جو مالڪ حفيظ قريشي، پاڪستان ٺهڻ کان
اڳ هندستان ۾ تعليم حاصل ڪندو هو، هڪ واقعو بيان ڪندي هن ٻڌايو ته، مان ۽ نبي بخش
(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) وئڪيشن تي ڳوٺ پئي موٽياسين، ڦوهه جواني هئي، ريل گاڏيءَ جو انتظار
هو، لاهور جي اسٽيشن تي بلوچ صاحب چيو ته، قريشي! لطيف ٻُڌاءِ. مون چيو ته، لطيف ڇا
ٻڌايان، لطيف ۾ آهي ڇا؟ رڳو اديون ڙي ڀينر.. اوهان ڇا ڏٺو، جيڪي ڏٺو سو مون! غالب چئو،
اقبال چئو ته ٻڌايان، باقي لطيف تون ٻڌاءِ، بلوچ صاحب چيو: مان نه ٻڌائيندس، لطيف تنهنجي
ڳوٺ هالا جو آهي، ان لاءِ تون ٻڌاءِ. ڳوٺ پهتس، گهر واريءَ کان موڪل وٺي ڀِٽ شاهه پهتس
جو شرمسار پئي محسوس ڪيم. ڊاڪٽر بلوچ ٽوڪ هنئي هئي ته، لطيف جي ڳوٺ جو آهيان ۽ لطيف
نه ٿو اچي، ان ڪري ٿورو ڏسان ته ماجرا آهي ڇا؟! درگاهه تي راڳ پئي هليو، سمجهه ۾ نه
آيو، ته چون ڇا پيا، هڪ همراهه ڏٺم، راڳ تي رُنو پئي، سوچيم اُنَ کان پڇان، ٻيا همراهه
ته مون وانگر وائڙا ويٺا هئا. سو ان همراهه کي چيم: ڪر خبر! روئين ڇو پيو؟ انهن راڳين
آخر چيو ڇا پئي، جو تون آخر روئين پيو. ان همراهه جواب ڏنو ته، ”ٻيلي ڳالهه سمجهه
۾ مونکي به نه ٿو اچي، بس، پنهنجي رمز ۾ روئان پيو ويٺو. بس پوءِ اهڙين اڻ ڄاڻائين
بعد حفيظ قريشيءَ لطيف پڙهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن لطيف سمجهه ۾ اچي ويس، ته چاچو حفيظ چوندو
هو ته، ”پوءِ ڇا جو غالب، ڇا جو اقبال، منهنجي زندگي ئي تبديل ٿي ويئي.“
حفيظ قريشيءَ جهڙا ماڻهو، ورلي پيدا ٿيندا آهن. عالم،
مدبر، غضب جو مقرر، قانون جو وڏو ڄاڻو، هڪ حقيقي دانشور، پئسي ۾ تمام وڏو زميندار،
پر لَٽي ڪپڙي، اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ تمام سادو. عزت، وقار ۽ شان جو ايترو خيال رکندو هو،
جو چوندو هو، ڊي ڪلاس ٿي سگهجي ٿو ڊي گريڊ نه! ان جي سمجهاڻي ڏيندي چوندو هو ته، ”گلاس
نه هجي، ته ٻُڪَ ۾ پاڻي پيئو، بسترو نه هجي، ته زمين تي سُمهي پئو، پر ڪو انسلٽ (بيعزتي)
ڪري ته اها برداشت نه ڪريو.“ حفيظ قريشيءَ کي جيڏو عشق لطيف، سنڌ ۽ سيد سان هو، اوترو
ئي عشق کيس ”انبن“ سان هو. انب ائين کائيندو هو، جو ٻانهن تان رس ڳڙندي هيس، چوندو
هو، انب ائين ئي کائبو آهي. چاچو حفيظ ڪڏهن ڪڏهن رَڙ ڪندي چوندو هو ته، ”مينگو از دي
ڪنگ آف فروٽ“ (انب ميون جو بادشاهه آهي). سندس زندگيءَ جي آخري سالن ۾ هالا جا ٻه نوجوان
اصغر خانوٺي ۽ ذوالفقار شاهه کيس ڪافي ويجهو هئا. خاص ڪري اصغر خانوٺي ساڻس ڪافي سفرن
۾ گڏ رهيو، مون کي به چاچي حفيظ قريشيءَ سان قربت جو شرف حاصل ٿيو. صدر ريگل ۾ ڪَلاڪن
جا ڪَلاڪ فُٽ پاٿَ تي پراڻا ڪتاب گڏجي کنگاليندا هئاسين. ٽائيم مئگزين جا پراڻا شمارا
ڍيرن جا ڍير وٺندو هو. ان مان خبر پئي ته تمام گهڻو ۽ تيز پڙهندو هو. روايتن ۽ رواداريءَ
جو امين ايترو جو هڪ ڀيري مون ڏانهن هالا کان ڪراچي نياپو ڪيائين ته، فلاڻو ڊاڪٽر انگلينڊ
کان ڪراچي اچي رهيو آهي، ان کان مون لاءِ چيڪ اپ جي تاريخ وٺو. مون ڊاڪٽر کان ٽائيم
وٺي کيس ٻڌايو، چاچو چيڪ اپ ڪرائي واپس ويو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد مون کي پوسٽ ذريعي سندس
خط مليو، جنهن ۾ پورو هڪ صفحو صرف ان شڪريه ادائيءَ لاءِ لکيل هو، ته مون سندس لاءِ
ڊاڪٽر کان تاريخ ورتي.
چاچا حفيظ قريشي ٻڌائيندو هو ته، ”ڀُٽو صاحب سندس دوست
هو پر سائين جي ايم سيد ان کان مون لاءِ تمام گهڻو مٿي آهي.“ هڪ ڀيري ٻڌايائين ته،
ڀٽو صاحب ”ڦاروا“ ڏاڍو پسند ڪندو هو، ذوالفقار علي ڀٽي جي اها تقرير به سپريم ڪورٽ
جي رڪارڊ تي آهي، جڏهن هن اي ڪي بروهي کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته، ”بروهي! تون هڪ ڊڪٽيٽر
پويان آهين، پر ملڪ جو عوام مون سان گڏ آهي. هن عدالت جي ڪمري ۾ ويٺل حفيظ قريشيءَ
ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو ته، ”حفيظ قريشي سنڌ مان مون لاءِ آيو آهي.“ ڀٽو صاحب، چاچي
حفيظ قريشيءَ کي ’ماءِ ايور فرينڊ‘ چوندو هو.
۲۹ جولاءِ ۱۹۹۷ع تي چاچا حفيظ قريشي هالا جي ڌرتيءَ
۾ وڃي ابدي آرامي ٿيو. سندس سنڌ، سيد ۽ لطيف
سان رشتو اڻ ٽُٽ رهيو ۽ سدائين چوندو هو ته، ”سنڌ لطيف کي تَپايو، لطيف جي ايم سيد
کي تَپايو ۽ جي ايم سيد اسان کي تَپايو ۽ اسان پيا سنڌ جي عشق ۾ لوڙيون.“
چاچو حفيظ
سنڌ، سيد ۽ لطيف جو عاشق
سھيل ميمڻ
هو سنڌ جو مدبر سياستدان، غضب جو مقرر، سنڌ ۽ سيد جو عاشق، قانون جو وڏو ڄاڻو،
هن صديءَ جي سنڌ جي اهم ۽ صحيع معنٰي ۾ دانشورن مان هڪ هو. حفيظ قريشي جي سنڌي قومپرستي
جذبات تي نه پر حقيقي بنيادن تي ٻڌل هئي، ان جو سبب سندس تمام وڏو مطالعو ۽ مشاهدو
هو. سڄي دنيا جي مختلف سياسي نظرين توڙي تاريخ ۽ مذهبن جي گهري پڙهائي ڪيل هيس.
هالا جو هجڻ باوجود لطيف شناس نه هجڻ ڪري هڪ ڀيرو کيس پشيماني کي منهن ڏيڻو. ان تي
لطيف جو مطالعو ڪيائين ۽ پوءِ لطيف سندس پرائمري عشق هو، جيڪو کيس سنڌ سان عشق ڏانهن
ڇڪي ويو. قصو ائين آهي ته قريشي صاحب پاڪستان
ٺهڻ کان اڳ هندستان ۾ پڙهندو هو. هڪ ڀيري اتان جو هڪ واقعو ٻڌايائين ته، ”مان ۽ ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ وئڪيشن تي سنڌ پئي موٽياسين، ڦوهه جواني هئي، لاهور جي اسٽيشن تي
بلوچ چيو ”قريشي لطيف ٻڌاءِ.“ مون چيو، ”لطيف ڇا ٻڌايان؟ لطيف ۾ آهي ڇا رڳو اهو ته
”اديون ڙي ڀينر اوهان ڇا ڏٺو، جيڪي ڏٺو سو مون!“ غالب چئو، اقبال چئو ته اهي ٻڌايانءِ.
باقي لطيف تون ٻڌاءِ!“ بلوچ چيو، مان نه ٻڌائيندس، لطيف تنهنجي ڳوٺ هالا جو آهي،
تون ٻڌاءِ! هالا پهتس. گهرواريءَ کان موڪل وٺي ڀٽ شاهه جي درگاهه تي پهتس ته ٻيلي
لطيف جي ڳوٺ جو آهيان، پر لطيف نٿو اچي، ان ڪري ٿورو ته ڏسان ته آهي ڇا ماجرا؟
درگاهه تي راڳ پئي هليو، سمجهه ۾ نه آيو ته چون ڇا پيا؟ ڏٺم ته هڪ همراهه راڳ تي
رنو پئي. سوچيم ان کان پڇان، ٻيا همراهه ته مون وانگر وائڙا ويٺا هئا. سو ان
همراهه کي چيم، ”ڪر خبر، ڇو پيو روئين؟ انهن راڳين آخر چيو ڇا ٿئي، جو تون روئين
پيو.“ همراهه جواب ڏنو ته ”ٻيلي ڳالهه سمجهه ۾ مون کي به نٿي اچي، بس پنهنجي رمز ۾
روئان پيو ويٺو.“ بس پوءِ ان واقعي بعد حفيظ قريشي لطيف پڙهڻ شروع ڪيو، جڏهن کيس
لطيف سمجهه ۾ اچي ويو ته پوءِ رڙ ڪري ٻڌائيندو هو ته لطيف سمجهڻ بعد ڇا جو غالب؟ ڇا
جو اقبال؟ منهنجي ته زندگي ئي تبديل ٿي ويئي.
شاهه جي رسالي ۽ قرآن پاڪ تي کيس دسترس حاصل هئي. تقرير جي عروج واري لمحي
۾ گجگوڙ ڪندي چوندو هو ته، ”سنڌ لطيف کي
تپايو، لطيف جي ايم سيد کي تپايو ۽ جي ايم سيد اسان کي تپايو، نه ته ڪير ڪشالا ڪڍي
ها؟“ حفيظ قريشي تمام وڏو زميندار هو، پر لٽي ڪپڙي، اٿڻي ويهڻيءَ ۾ تمام سادو هو.
وقار، عزت، شان جو ايترو خيال رکندو هو، جو سندس چوڻ هو ڊي ڪلاس ٿي سگهجي ٿو، پر ڊي
گريڊ نه. ان جي سمجهاڻي هو ائين ڏيندو هو ته گلاس نه هجي ته ٻڪ ۾ پاڻي پيئو، بستر
نه هجي ته زمين تي سمهبو، پر ڪو انسلسٽ ڪري ته اها برداشت نه ڪريو. جولاءِ جي
مهيني ۾ ۲۹ تاريخ فوت ٿيندڙ حفيظ قريشي جولاءِ جي مهيني ۾ ئي ۲۶ جولاءِ ۱۹۲۰ع تي پراڻا هالا ۾ جنم ورتو ۽ اتان ئي
پرائمري تعليم پرائي. وڌيڪ تعليم ٽنڊو باگو ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. اعلٰي
تعليم جونا ڳڙهه، علي ڳڙهه ۽ بمبئيءَ مان ورتائين. ۱۹۴۷ع ۾ استاد طور به پڙهايائين، بعد ۾ ڪراچي ۽
پو حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين، جيڪا لوئر ڪورٽ کان هاءِ ڪورٽ ۽ پو سپريم ڪورٽ
تائين پهتس. چاچا حفيظ قريشي جي سياست خاڪسار تحريڪ کان شروع ٿي، جيئي سنڌ تحريڪ ۽
سائين جي ايم سيد تي ختم ٿي. سائين جي ايم سيد سان عشق جي حد تائين تعلق جي پويان اصل ۾ قريشي صاحب جو سنڌ سان
ازلي ناتو هو. قريشي صاحب نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) جو سنڌ جو صدر به رهيو. نعپ تي
ذوالفقار علي ڀٽو پابندي هڻي ڇڏي هئي. چاچا حفيظ قريشي عوامي تحريڪ جو بنياد وجهندڙ
ميمبر به رهيو پر قومي سوال تي رسول بخش پليجو کان ڌار ٿيو. قريشي صاحب جي
ذوالفقار علي ڀٽو سان گهري سنگت هئي. پيپلز پارٽي ٺاهڻ دوران سنڌ جي پهرين دوري ۾
هو ڀٽي صاحب سان گڏ هو، پر سندس زور بار ۽ هجت باوجود سنڌ جي قومي سوال سبب ساڻس
نه گڏيو. اقتدار سامهون هو ۽ اقتدار جي تخت تي ويهندڙ به سندس ويجهو دوست هو، پر
پو به چاچا حفيظ قريشي سنڌ جي قومي سوال تي ڀُٽي سان اختلاف رکيو ۽ ساڻس نه گڏيو.
چاچا حفيظ قريشي چوندو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو سندس دوست آهي، پر جي ايم سيد سندس
سڀ ڪجهه آهي.
قريشي صاحب هڪ ڀيري ٻڌايو ته؛ ڀٽو صاحب ”فاروا“ ڏاڍا پسند ڪندو هو. سپريم ڪورٽ
جي رڪارڊ تي ڀٽو صاحب جي اها تقرير اڄ به موجود آهي، جڏهن هن اي ڪي بروهيءَ کي مخاطب
ٿيندي چيو هو ته؛ ”بروهي! تون هڪ ڊڪٽيٽر پويان آهين، پر ملڪ جو عوام مون سان گڏ
آهي.“ هن ڪورٽ ۾ ويٺل حفيظ قريشيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو ته؛ ”حفيظ قريشي سنڌ
مان مون لاءِ آيو آهي.“ ڀٽو قريشيءَ کي ”ماءِ ايور فرينڊ“ چوندو هو ۽ قريشي صاحب ٻڌايو
ته هن هڪ پ پ پ ليڊر کي صلاح ڏني ته ڪجهه ”قانون جا ڌڻي“ خريد ٿا ڪريون. ان پ پ پ
ليڊر کيس چيو؛ ”قريشي تون هاڻي وڏيرن وانگر ٿو سوچين.“ حفيظ قريشيءَ کيس ڪاوڙ
منجهان چيو؛ ”ڀٽو بچايو، پوءِ ڪيئن به بچي. مان وڪيل آهيان، مون کي خبر آهي ته ڪيس
ڪيئن وڙهبو آهي.“ حفيظ قريشي ايوب خان، يحيٰي، ڀُٽو، جنرل ضياءَ ۽ بينظير جي حڪومتن
۾ جيل به گهاريا.
حفيظ قريشي ايترو باذوق، نفيس ۽ مزاح
واري حس رکندڙ انسان هو، جيڪو پنهنجي دل جي باءِ پاس واري آپريشن دوران به
مذاق ڪندو رهيو. لنڊن ۾ سندس دل جو باءِ پاس ٿيو. آءِ سي يو وارڊ ۾ سندس بيهوشيءَ
مان اک کلي مس ته ڏسي ته سندس تيمارداريءَ تي هڪ ڪاري رنگ واري نرس لڳل آهي. ڳالهائي
نه پئي سگهيو، اشاري سان نرس کان پين پنو وٺي اسپتال جي انچارج ڏي خط لکيائين ته
”مان اڳ ۾ ئي دل جو مريض، مٿان وري تو اهڙي نرس مون مٿان مقرر ڪئي آهي، جو ڏسي پيو
هانءُ سڙي!“ اسپتال جو سربراهه سندس خط پڙهي وٽس پاڻ آيو ۽ سندس ذوق جي تعريف ڪندي
اسپتال جي سڀ کان خوبصورت نرس سندس تيمارداريءَ تي مقرر ڪيائين.
چاچا حفيظ قريشيءَ جا ڪجهه خط اڄ به مون وٽ محفوظ آهن، جن ۾ هو مون سان
پنهنجيءَ تمام گهڻي محبت ۽ شفقت جو اظهار ڪندو هو. جيتوڻيڪ حفيظ قريشيءَ جي اها
وصيت ته کيس سن ۾ سائين جي ايم سيد جي پيرن ۾ دفن ڪيو وڃي، سائين امداد محمد شاهه
جي لک ڪوششن جي باوجود ڪجهه سببن ڪري پوري نه ٿي سگهي، پر تنهن هوندي به حفيظ
قريشيءَ جو رشتو سنڌ، سيد ۽ لطيف کان ٽٽل ناهي!
No comments:
راءِ ڏيندا