آذر ناياب صديقي
ساري تن جون صورتون
لڙي لڙڪ پيا!
نقش ”ناياب“ منگي
آذر ناياب صديقي ۲-
اپريل ۲۰۰۶ع تي انتقال ڪري ويو. اِنا لله واِنا اليہ راجعون.
رب العالمين کيس جنت ۾ جايون جوڙي ڏئي. سندس رحلت سان روح رتپيو روئي ۽ جهڙ نيڻئون
لهي ئي نه ٿو!
علم ۽ حلم جي کاڻ آذر ناياب منهنجو مڪتبي معلم به ٿيو ته سخن جي دنيا
۾ به رهبر رهيو. سندس علمي ۽ ادبي شخصيت جو اثر منهنجيءَ دل تي اهڙو گهرو ويهجي ويو
جو سندس تخلص جي طرز تي مون به کڻي نقش ”ناياب“ تخلص اختيار ڪيو. تخلص جي ان نسبت سان
ڪي ادبي دوست - جي اڳ ۾ اڻ ڏٺا هئا- سي مون کي يا ته سندس پٽ سمجهندا هئا يا هم سبق
۽ هم استاد. بهرحال بهتر ٿيو جو ساڻس اهڙي نسبت جڙي، جا دائم ۽ قائم رهي. استاد ته
ٻيا به هئا، پر هن استاد جي ڳالهه ئي اور آ. سندس شخصيت ۾ جيترو علمي مايو هو، اوترو
ئي شفيق هو. ڪشمور هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيءَ جي دوران سندس رويو قابل تعريف ڏٺم. علمي
اعتماد سبب ڪنهن به بالا آفيسر جي اڳ پوءِ نه ڪيائين، گهرج موجب ۽ علمي توڙي تعليمي
حيثيت سارو سندن عزت ۽ احترام ڪيائين. استادن جو حد درجي جو احترام ڪندو هو. سندس هرهڪ
شيءِ جو وٽس هڪ معيار مقرر هو. جتي به جنهن شهر ۾ رهيو اُتي پنهنجي علميت ۽ شخصيت جو
سڪو ڄمايائين. کيس مادري ٻولي اردو کان علاوه انگريزي ۽ فارسي ٻولين جي ڄاڻ به هئي.
۱۹۴۹ع ۾ جيئن ئي بدايون ڇڏي سنڌ ۾ اچي رهيو، تيئن سنڌي
به سکيائين ۽ اردو توڙي فارسيءَ کان سواءِ سنڌيءَ ۾ به شعر چيائين. سندس سنڌي شاعريءَ
جو هڪ انتخاب منهنجي محسن محترم غلام رسول ميمڻ ”مهراڻ پبليڪيشن“ شڪارپور طرفان آگسٽ
۱۹۷۸ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“
هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”اهل زبان نه هجڻ جي باوجود سندس ڪلام ۾ پختگي، سادگي ۽ سلاست
جو هجڻ هڪ ڪرشمي کان گهٽ نه آهي. آذر غزل جو شاعر آهي. سندس غزل تصنع ۽ تڪلف کان پاڪ
آهي. هو جو ڪجهه لکي ٿو اهو سندس مشاهدي ۽ تجربي جي ترجماني آهي. سندس ڪلام ۾ حقيقت
تي گهڻو زور ڏنل آهي. هو ٿورن لفظن ۾ معنيٰ جا دفتر بيان ٿو ڪري ۽ غم جانان ۽ غم روزگار
سمائي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري ٿو وڃي، اميد ته هو سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ به هڪ نمايان
ڪردار پيش ڪندو.“
واقعي آذر ناياب جي پسند جي صنف ”غزل“ هئي. مون ڏٺو ته هو ان ڏکي صنف ۾ به جنهن رواني ۽ بي تڪلفيءَ
سان قلم هلائيندو هو تنهن مون کي حيران ڪيو. سندس طبيعت شاعريءَ لاءِ هر وقت موزون
ڏٺم، جنهن جا ڪيترائي مشاهدا منهنجي اکين ماڻيان پاڻ قلم کڻي ويٺو ته بنا ڪنهن گهڻي
ويچار سان ڪو غزل يا نظم لکي وٺندو هو. اهڙي ڪيفيت ۾ به مجال آهي جو سندس ڪلام ۾ ڪا
فني کوٽ لڳي. لکڻ دوران به ڪڏهن ائين نه ڏٺم ته ڪو لفظ ڪٽي ٻيو لکيو هجائين! وٽس ”لوحِ
جهان په حرف مڪرر نهين هون مين“ وارو ڪمال ڏٺم. اهو سمورو ڪمال سندس شاعريءَ جي رياضت
۽ علميت جو هو.
آذر ناياب صديقي عمر جي آخري دور ۾ وڃي ڪراچيءَ ۾ رهيو ته ڄڻ گوشه نشين
ٿي ويو. راڻيپور ۾ رهائش دوران تر ۾ ٿيندڙ مشاعرن جي محفلن ۾ ڪڏهن به ناغو نه ڪندو
هو، وس پڄندي وڃي شريڪ ٿيندو هو. حضرت سچل سرمست جي ڪلام سان کيس بيحد عقيدت هئي. هڪ
هنڌ ان جو اظهار به ڪيائين.
مون کي عيسيٰ وانگر زبان
جنهن ڏني
درازن ۾ اهرو سخن ور مليو
مليو زندگي جو سليقو مون
کي
ته نهج البلاغه مان آذر مليو.
آذر ناياب جا سنڌ جي سڀني شاعرن سان سٺا تعلقات هئا. پاڻ سنڌي شاعرن کي
اردو ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ وقت بوقت منظوم ترجمو به ڪندو هو. نهايت پختو مترجم هو. اردو،
سنڌي، فارسي ۽ انگريزي لفظن جو وڏو ذخيرو رکندڙ هو، جن جو استعمال وقت جي تقاضا مطابق
ڪري وٺندو هو. هن مهان ماڻهوءَ جو هرهڪ گفتو گوهر افشاني هو جو زندگيءَ جي تلخ تجربي
۽ گهري مطالعي جو نچوڙ نظر ايندو هو. پاڻ نهايت ڳنڀير شخصيت جو مالڪ هو. مطالعو سندس
محبوب مشغلو هو. ڪتاب ۽ قلم سان دوستيءَ جو ناتو آخر تائين قائم رکندو آيو. افسوس جو
سندس شاعريءَ جو ڪوبه مجموعو شايع ٿي نه سگهيو. هن مضمون جي پڄاڻيءَ تي سندس ڪلام جو
نمونو پيش ڪجي ٿو:
گل ٿا ڳولن پيا بهارن کي،
ڪيئن گلشن چوان مان گلشن
کي.
تنهنجي بخشش سان تنهنجي رحمت
سان،
غم ميسر آ غم پسندن کي.
آ حياتي جو مسئلو درپيش،
اڄ وساري ڇڏيو غريبن کي.
کٽيو کائيندي پيار ۾ دلڙي،
درد ملندو آ عشق وارن کي.
تنهنجي رحمت جو تنهنجي بخشش
جو،
آسرو آهي ميگسارن کي.
آهي سنڌي زبان ”آذر“ جي،
فخر آ جنهن تي سنڌ وارن کي.
-----
ڪو حڪم جو تعميل ڪيو ويندو
آ،
تڪڙ سان به تعجيل ڪيو ويندو
آ.
ماحول پنهنجو پاڻ نه ٿيندو
تبديل،
ماحول کي تبديل ڪيو ويندو
آ.
-----
راحت ۾ ڏکن جي يادگيري به
وئي،
ٿي ختم وفا به باضميري به
وئي.
سلطاني سهاڳ لئه اوجاڳا ڪڍيم،
سلطان ڪيو دل ۾ فقيري به
وئي.
سنڌي ادبي سنگت جي سالانه ميڙن ۽ ڪاليجن جي لطيفي مجلسن ۽ شامن ۾ سندس
ڳايل گيتن کيس نانءُ بخشيو. خاص طرح ون يونٽ وارن ڏينهن ۾ ڪرايل جلسا سندس ڳايل انقلابي
گيتن سبب سڄي سنڌ ۾ گونجي اُٿيا. ماهوار روح رهاڻ جي هلايل جديد ادبي تحريڪ ۾ جيجي
اسان جي سَٿ جي سرگرم ساٿياڻي هئي، جشنِ روح رهاڻ سنڌيت ڦهلائڻ جو وڏو ڏڻ هو. سڄي سنڌ
مِڙندي هئي. اسان جي ان دؤر جي شاعر جو هڪ
ئي پسنديده آواز هو، جيڪو کيس ڳائي پئي سگهيو ۽ سندس پرسوز آواز هوائن جي جهوٽن وسيلي
سنڌ جي ڳلي ڳلي گونجيو. اياز جي پڪار ۽ زرينه جو آواز!
”مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي!... تون مون تي زنجير وجهين.“
جشنِ روح رهاڻ ۾ سندس ڳايل اياز جي لولي عجب اثر رکندڙ هئي. اکيون آليون
۽ وار اُڀا ٿي ويندا هئا:
شال دولهه ٿئين! شال دودو
ٿئين!
شال سورهيه ٿئين، سنڌ تي
سر ڏئين
لوليون او ابا!
لوليون! لوليون.
مون اڄ به ڪيترن ئي گهرن ۾ سنڌ تان سر ساهه گهوريندڙ مائرن کي هيءُ گيت
اُنهيءَ ڌن ۽ سُر ۾ جهونگاريندي ٻڌو آهي. مون سندس اندر ۾ موجود ڪيترن ئي تهن ۾ هر
تهه جي هيٺان موتيءَ دُرَ جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ڳائڻ جو هنر هڪ موتي آهي ته سنڌيت جو
جولاني جذبو ٻيو موتي آهي.
- حميد سنڌي
”جيجي- زرينه بلوچ، شخصيت ۽ فن“
مرتب: نصير مرزا
(ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، ۲۰۰۶ع)
[مهاڳ II، ص ۱۶]
آذر ناياب صديقي
هڪ شاعر
منظور کوسو
سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيئي
عالم اديب، شاعر ۽ فنڪار اهڙا ٿي گذريا جن جي مادري ٻولي ته سنڌي ڪين هئي پر انهن
هتان جي ڪلچر ۽ ٻوليءَ کي اهڙو ته پنهنجو ڪيو جو مڪمل هتان جي رنگ ۾ رنگجي ويا. هي
سلسلو ڪو اڄ جو نه آھي پر هن ڌرتيءَ ۽ ان جي مٺڙي ٻوليءَ ۾ اهڙي ته محبت ۽ پيار سمايل
آھي جو جڳن کان پيار جو هي سلسلو جاري آھي. سنڌي پنهنجي جوهر ۾ مهمانواز ۽ محبت ڏيڻ
وارا ماڻھو آھن، ساڃھوند ماڻھو سندن محبتون قبولي ان جو اڻمٽ حصو بڻجي ويا. سنڌي
علم و ادب ۾ خاطرخواه خدمتون سرانجام ڏنائون. اھڙن ماڻھن مان آذر ناياب به هڪ آھي،
جنهن جي مادري ٻولي اردو هئي. هن اردو، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر چيو ۽ سنڌي زبان
۾ ھن غزل جي صنف تي تمام سٺي طبع آزمائي ڪئي آھي. اڳتي هلي ان جو مختصر جائزو پيش ڪنداسين.
سندس اصل نالو غلام حامد حيدر هو. ۵ جولائي ۱۹۲۸ع تي محمد افضال صديقي جي گهر بدايون (ڀارت) ۾ جنم ورتائين.
بدايون جي ڌرتي جيڪا علم و فضل ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ھئي. حضرت نظام الدين اولياءَ، “فوق”
محشر”، امير احمد امير، ابوالليث صديقي، شڪيل، آل احمد “سرور”، “قمر” فرشوري، جيلاني
بانو ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي ڪري بدايون جي ڌرتيءَ کي خاص امتياز
حاصل آھي. سياست ۾ به هن سرزمين جا باشندا پيش پيش رهيا. ۱۸۵۷ع واري جنگِ آزاديءَ ۾ خوب حصو ورتائون ۽
قربانيون ڏنائون، “مصحفي” جي هن شعر مان بدايون جي قربانين جو اندازو ڪري سگهجي ٿو؛
قاتل تيري گلي بھي
بدايون سے کم نهيں،
جس کے ھر ايک گھر ميں مزارِ شهيد ھے.
مولانا محمد علي جوهر
جو استاد ۽ سندس اخبار جو ايڊيٽر سيد محفوظ علي جو تعلق به بدايون سان آھي، جيڪو
ميرن جي دور ۾ خيرپور رياست جو وزير اعليٰ ٿي گذريو آھي. آذر ناياب ابتدائي تعليم
کان هائر سيڪنڊري تائين بدايون ۾ تعليم حاصل ڪئي، بي-اي آگره يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين.
ورهاڱي کان اڳ ئي بدايون مان لڏپلاڻ ڪري سنڌ آيا ۽ خيرپور ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. جتي
سندس مامو رياست خيرپور جي ميرن وٽ ملازم هو. قيامِ پاڪستان کان پوءِ انگلش لٽريچر
۾ ايم-اي جي سند سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. ايل ايل بي ۽ بي ٽي جون سَندون ڪراچيءَ
مان حاصل ڪري تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان نوڪري ڪرڻ لڳو. ڪافي عرصو شڪارپور
جي تاريخي گورنمينٽ نمبر ۱ هاءِ اسڪول ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سهڻي نموني نڀايائين. آخر
۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي عهدي تان رٽائر ٿي ڪري پاڻ کي شعر و سخن سان گڏوگڏ وڪالت
۾ مصروف رکيائين ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. هڪ ڀرپور زندگي گذاري ۲ اپريل ۲۰۰۴ تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. شڪارپور ۾ پاڻ
ليکڪ ۽ استاد حبيب الله ڀٽو جي صحبت ۾ گھڻو رهيو. بشير احمد مورياڻي، ڪامريڊ برڪت
علي آزاد، زيب ڀٽي، احسان بدوي ۽ نياز همايوني جو همعصر رهيو. مرحوم عطا محمد “حامي”
جا سندس لاءِ ويچار آھن ته “اهلِ زبان نه هئڻ جي باوجود سندس ڪلام ۾ پختگي، سادگي
۽ سلاست جو هجڻ ھڪ ڪرشمي کان گهٽ نه آھي. ” آذر ناياب کي شڪارپور سان بيحد محبت
هئي، جنهن جو اظھار هنن سٽن ۾ ڪيو اٿائين؛
شڪارپور تو مون کي
ماءُ جهڙو پيار ڏنو،
شعور ۽ عقل ڏنو، علم
۽ اعتبار ڏنو،
متاع عشق و وفا دل
کي ڪردگار ڏنو،
بشر کي تحفي ۾
رنگين تر بهار ڏنو.
شاعري حالتن ۽ واقعن
جي ترجمان ٿئي ٿي، ان معاشري جي عڪاس ٿئي ٿي، جنهن ۾ شاعر پاڻ رهي ٿو ۽ حالتن جو اثر
وٺي ٿو. شاعريءَ جي تخليق ۾ فقط فنِ شاعريءَ جو عمل دخل نه آھي پر شاعر جي اندر جي
بيچيني، اضطراب ۽ حالتن جو ادراڪ هن کي شعر چوڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي اندر
جي آنڌ مانڌ کي لفظي روپ بخشي ٿو، تڏهن ته اڪثر دانشورن چيو آھي ته “شاعري جذبن جي
منظم اظھار جو نالو آھي. ” آذر ناياب ۱۹۵۴ کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ مختلف طرحي ۽ غير طرحي
مشاعرن ۾ پنهنجو ڪلام پڙھندو رهيو ۽ سنڌي خواه اردو رسالن ۾ به هن جو ڪلام شايع ٿيندو
رهيو. ۱۹۷۸ع ۾ مهراڻ پبليڪيشن سکر هن جو مجموعو “جھلڪيون” شايع ڪيو، جيڪو هن وقت منهنجي
سامهون آھي. ان ۾ ھڪ غزل جون ڪجھ سٽون اوهان آڏو رکان ٿو. هي غزل آذر ۱۹۵۴ ۾ لوڪل بورڊ جيڪب آباد ۾ منقعد ٿيل هڪ مشاعري ۾ پڙھي. هن ڪوِتا ۾ ڇا ته سندس
سوچ ترقي پسندانه ۽ حقيقتن تي مبني آھي؛
چوان ٿو مان هن ملڪ
جي شاعرن کي،
ڪريو ٿا ڇو برباد شعر
و سخن کي.
ڇڏيو اڄ ته بلبل کي،
گل کي چمن کي،
توهان جي ضرورت آ
ملڪ ۽ وطن کي.
اسان جو وطن اهڙو آ
جو ان ۾،
ميسر به نه ماني آ
مزدورن کي.
ٿئي زندگي ۾ ٿو حاصل
نه ڪپڙو،
مرڻ بعد لاشا ٿا ڳولن
ڪفن کي.
هي ۱۹۵۴ جي ڪوِتا حالتن جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ جڏهن
شاعر کي حالتن جو ادراڪ ٿيو ته هي اظھار تي مجبور ٿيو ۽ غزل جي روپ ۾ ھيءَ ڪوِتا
اسان آڏو پيش ڪيائين. کڻي ڪٿي ڪٿي مبالغه آرائي به هوندي پر هيءَ تخليق گهڻي قدر
ان وقت جي حالتن جي عڪاس آھي. هونئن به قيامِ پاڪستان کي مني صدي گذرڻ کانپوءِ به
ماڻھن جي حالتن ۾ ڪا خاص تبديلي ڪين آئي آھي، اڄ به ويچارا ڳڀي جي ڳولا ۾ پريشان ۽
سرگردان آھن، مئلن لاءِ ڪفن ڇا، هتي ته جيئرا به اگهاڙو انگ ڍڪڻ لاءِ حيران آھن. بيروزگاري،
بدامني ۽ مهانگائي ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. هنن بيرحم حالتن ۾ ماڻھو بلبل،
گل ۽ چمن جي چرچي کان ڇا لطف حاصل ڪندا.
’ڍؤ بنا ڍولا، ناهي
ساڃھ سونهن جي‘ يا اهڙين حالتن ۾ بلبل ۽ گل کان حالتن جي بيرحمي جو شڪار ٿيل ماڻھن
کي ڪهڙو فائدو؟ هن شعوري عمر جو ڳچ حصو بدايون ۾ گذاريو، شعر و سخن جو قدردان هئڻ ڪري
پاڻ شاعريءَ جو سٺو مطالعو ڪيائين. اهي اثر سندس شاعريءَ ۾ به موجود اٿس، پنهنجي
مطالعي جا ڏس هيٺين شعر ۾ پيو ڏئي،
اسان ماهر؛ تڪلم جا،
زبان جا،
اسان جي پارسي، اردو
۽ سنڌي،
لطيف، غالب و حافظ
اسان جا.
اهو ئي اهل دل ماڻھن
جو ڪمال آھي ته هو لطيف، غالب ۽ حافظ کي پنهنجو سمجهي ٿو، پر ساڳئي وقت هي ڪٿي ڪٿي
اختلاف به رکي ٿو، جيئن محبت جهڙي نفيس احساس لاءِ غالب چيو آھي ته؛
بلبل کے کاروبار په ھيں خنده ھاۓ گل،
کهتے ھيں جس کو عشق خلل ھے دماغ کا.
جڏهن آذر سنڌي شاعري
۾ لطيف جو مطالعو ڪيو، سچل سرمست سان ته سندس عقيدت جي حد تائين محبت هئي، جنهن
لاءِ چيو اٿائين؛
جبينِ شوق تنهنجي
آستان کي ڳولي لڌو،
زمين تي سجده گه آسمان
کي ڳولي لڌو.
سنڌي شاعريءَ جي اڀياس
کان پوءِ غالب جو شعر ڄڻڪ هن جي دل ۾ چڀڻ لڳو ۽ پنهنجي شعر ۾ غالب کي هيئن جواب ڏنائين،
هتي آذر جا ٻه شعر پيش ڪيان ٿو جن مان آخري ٻه سٽون غور طلب آھن؛
جڏهن هو جان غزل
هوندو آ،
منهنجو گهر تاج محل
هوندو آ.
جيڪو سمجهي ٿو محبت
کي خلل،
ذھن ۾ ان جي خلل
هوندو آ.
هي غالب سان اختلاف
ته پنهنجي جاءِ تي، ڇوته هر شاعر جا پنهنجا احساس ۽ اظھار جا الڳ رنگ ڍنگ آھن پر آذر
ناياب جي شاعري اردو، هندي، فارسي ۽ سنڌي جو حسين امتزاج آھي فن ۽ تخيل جي لحاظ
کان هن جو غزل رنگا رنگ ۽ خوبصورت آھي، جيئن هنن سٽن ۾ ڇا ته ڪمال جو سخن نهايت ئي
سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو اٿائين. ٻولي، تخيل، رواني ۽ فني لحاظ کان هي شاندار سٽون
طرح طرح جي خوشبوئن سان معطر آھن، جنهن کي فقط فن ۽ سخن جا قدردان ئي محسوس ڪري
سگهن ٿا؛
جهانِ عشق جو هي
انقلاب آ ساٿي،
جو چشمِ حسن مون لئه
پرآب آ ساٿي.
جتي حسن ۽ عشق محبت
جهڙن نفيس ۽ لاثاني جذبن جو اظھار اسان کي آذر جي غزلن ۾ ملي ٿو، اتي هن پنهنجن ڪوِتائن
۾ ظلم خلاف مزاحمت جو به ڀرپور اظھار ڪيو آھي، جيئن هي سٽون؛
شاعرن جي هٿن مان ڪلڪ
وٺي،
حيدري ذوالفقار ڏينداسين،
تون جو سچ ڳالهائيندين
آذر،
تو کي باغي قرار ڏينداسين.
هن جي غزلن توڙي
رباعين ۾ اسان کي هر قسم جا احساس ملندا، جن جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اها ئي راءِ ٿي
جڙي ٿي ته آذر ڪيفيتن جو شاعر آھي. زندگيءَ جي ٻين شعبن جيان ادب ۾ به مونکي اقربا
پروري جام نظر آئي آھي. انهن روين جي ڪري مان سمجهان ٿو آذر به نظرانداز ڪيو ويو
آھي، هن مادام ايلسا جي نثري نظمن کي رباعي ۾ ترجمو ڪيو، شيخ اياز جي جنم جنم جيت
کي اردو ويس پهرايائين ۽ ڪافي اردو ۽ فارسي جو اڻڇپيل ڪلام به اٿس جيڪو اڃان تائين
ڪنهن به اداري پاران ڪونه ڇاپيو ويو آھي. هڪ شاعر جي تخليقي پورهئي جو قدر ڪندي
سندس پورهيو شايع ڪيو وڃي. سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي ادارن کي کپي ته هن طرف ڌيان ڏئي.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۳۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
آذر ناياب صديقي
ويسر جي واءُ ۾ وسري ويل
هڪ اديب ۽ سَماج جو مُحسن!
نسيم بخاري
ورهاڱي کانپوءِ هندستان
مان سنڌ لڏي آيلن مان ڪي اهڙا انسان به ٿي گذريا آهن، جَن سنڌ ديس کي پنهنجي ڌرتي
۽ پنهنجو ديس تصور ڪيو آهي. هِتان جي ٻولي نه رڳو سِکي ۽ ڳالهائي آهي، پر اُن جي
واڌ ويجھ لاءِ به پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙن ئي عظيم انسانن مان اتر پرديش
جي تاريخي بدايون شهر مان ۱۹۴۹ع ۾ سنڌ آيل غلام حامد حيدر ولد محمد افضال حسين به هو، جنهن
جو جنم ۰۴ جولاءِ ۱۹۲۸ع تي ٿيو هو. هُن جو ننڍپڻ بدايون ۾ گذريو، ابتدائي تعليم به اتان ئي حاصل ڪيائين،
ايم اي اردو ۽ ايم اي انگلش هو، ايل ايل بي ۽ بي ٽي جا امتحان به پاس ڪيا هئائين. هُن
پاڪستان پهچي آذر ناياب جي نالي سان تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ نه رڳو پاڻ ملهايو، پر
پنهنجي هڪ مُنفرد سُڃاڻپ سان به سامهون آيو. حضرت سچل سرمست جي معتقد ۱۹۵۴ع ۾ شڪارپور ۾ پهچي نه رڳو عالمن، اديبن ۽
شاعرن جي صُحبت ۾ سنڌي ٻولي سِکي ۽ سَمجهي، پر سنڌيءَ ۾ شعر به لکيائين. هُن جي
علمي ادبي ذوق، چاھ ۽ تخليقي پورهئي کان متاثر ٿي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي کيس
نوڪري ڏني. هاءِ اسڪول ون سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جي اسڪولن ۾ استاد جي حيثيت
سان نه رڳو شاگردن جي گهڻ رُخي بهترين تربيت ڪيائين، پر ڪيترن ئي سنڌي شاعرن کي
اردوءَ ۾ ترجمو به ڪيائين. شڪارپور هُن جي زندگي ۽ ذهن تي ايترو اثرانداز ٿي جو
اُن کي پنهنجي شاعريءَ جو مَحور به بڻايائين. هُن جي شڪارپور سان محبت هيٺين تخليق
مان چڱيءَ ريت جَهلڪي ٿي:
شڪارپور توکي ماءُ
جهڙو پيار ڏنو،
شعور، عقل ڏنو، علم،
اختيار ڏنو،
حسين شهر جا ٿورائتا
اسين آهيون،
اسان ته ڪجھ نه ڏنو،
هن لکن جو پيار ڏنو،
گداگرن کي انهي شهر
مالا مال ڪيو،
سلوڪ “ساميءَ” جا، بدويءَ
جو افتخار ڏنو،
شڪارپور سان
ورهايون فراغتون “آذر”،
مگر نه ڪنهن به رهاڪو
کي دل راز ڏنو!
خبر ناهي ته آذر
ناياب صديقي گداگرن جو حوالو پنهنجي دور ۾ ڪهڙن ڪردارن جي حوالي سان ڪتب آندو هو، پر
اِها خبر ضرور آهي ته اڄ به جيڪڏهن اسان پنهنجي آسپاس نهارينداسين ته اُهو پتو
ضرور پوي ٿو ته شڪارپور گداگرن کي نه رڳو ماضيءَ ۾ نوازيندي آئي آهي، پر اُن جي
اُها ريت اڄ به برقرار آهي. اِها الڳ ڳالھ آهي ته اُهي شڪارپور جا احسان لاهين ٿا يا
نه، پر شڪارپور جي تاريخ هنن تي ڪيل “ٿورن” کي ضرور رقم ڪيو آهي. شڪارپور جا ڪي
جهونا استاد اڄ به آذر
(ڏھاڙي ڪوشش
حيدرآباد ۾ ڇپيل)
’آذر‘ ناياب صديقي بدايوني
سهڻي شاعر جي ۱۸هين ورسيءَ جي مناسبت
سان
ياسر قاضي
درد بڻجِي ويو
شاعري ساٿيو!
سنڌي ساهت، موسيقيءَ
توڙي ٻين سماجي علمن جي ميدان ۾ اها ڳالھ ڪا اڻ ٿيڻي، نئين يا حيران ڪُن ناهي رهي،
ته اهڙن تخليقڪارن به سنڌ جي سينڌ سنواري آهي، جن جي مادري ٻولي سنڌي ناهي رهي. سُر
۽ سنگيت جي دنيا ۾ ڏسنداسين ته اسانکي سنڌ ۾ ڄاولَ گواليار گھراڻي جي هر فرد کان وٺي
(بشمول استاد منظور علي خان، فتح علي خان، وحيد عليءَ ۽ رجب عليءَ جي)، سينگار علي
سليم ۽ صادق عليءَ تائين، ته شاعريءَ جي ميدان ۾ وفا ناٿن شاهيءَ کان وٺي فهيم
شناس ڪاظميءَ تائين ۽ علم ۽ دانش جي ٻين شعبن ۾ ادريس راجپوت کان وٺي ٻين ڪيترن
نالن تائين، سنڌ جا اهڙا اڪيچار سپوت ملن ٿا، جن پنهنجي جنم ڀوميءَ جيان ورهاڱي پڄاڻان
هجرت کان پوءِ سنڌڙيءَ کي به پنهنجي ماتر ڀوميءَ جو درجو ڏئي، ان جي ٻوليءَ کي دل
سان پنهنجايو ۽ ان کي پنهنجي اظهار جو رستو بڻايو. اهو کڻي انهن جو سنڌ تي احسان
نه به هجي ۽ سندن پنهنجي ضرورت ئي هجي، پر پوءِ به سنڌ، اهڙن سھ ڳُڻن کي نالي توڙي
عزت سان نوازيو آهي. اهڙن تخليقڪارن جي تسلسل ۾ ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر بدايون
جي قاضي ٽولا محلي ۾ ويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ سال ۱۹۲۸ع ۾ ۵ جُولاءِ تي، افضال حسين صديقيءَ جي گھر پيدا ٿيندڙ ۽
ورهاڱي کان ٿورو پوءِ ۱۹۴۹ع ۾ سنڌ اچي، سچل جي پاڙي ۾ راڻيپور کي پنهنجو مسڪن بڻائيندڙ سهڻو شاعر، “آذر”
ناياب صديقي بدايوني به هڪ هو، جيڪو سنڌيءَ سان گڏوگڏ اردوءَ ۽ فارسيءَ جو به برجستو
شاعر آهي، جنهن مختصر تعداد ۾ ئي سهي، پر سنڌي ساهت کي اهڙو شعري خزانو ارپيو، جنهن
۾ فصاحت به آهي ته سلاست به! عشق پرستي به آهي، ته سنڌ دوستي به! زماني جي ڏوجھرن
جو ذڪر به آهي، ته هڪ مثالي سماج اڏڻ جي خواهش به! جنهن جو فڪر به سگھارو آهي ته
منجھس فني برجستگي به آهي. شاعر سان گڏوگڏ هو هڪ ڪامياب مترجم به آهي ۽ هن ڪجھ اهم
ترجما به ڪيا.
آذر، سچل سرمست جي
فڪر ۽ فلسفي جو وڏو عاشق هو، جنهن جو ذڪر هو پنهنجي ڪلام ۾ جابجا ڪري ٿو. مونکي
اها خبر ناهي ته سنڌ هجرت ڪري اچڻ کانپوءِ، راڻيپور ۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻ جي ڪري
کيس سچل سائينءَ سان عشق ٿيو؟ يا سچل سان عشق سبب هن راڻيپور ۾ رهائش اختيار ڪئي، پر
بهرحال سچل سان سندس چاھ ديدني هو. راڻيپور کانپوءِ روزگار سانگي سندس رهائش سنڌ
جي مختلف شهرن ۾ رهي، جن مان ’سنڌ جي پيرس‘ شڪارپور به آهي، جتي گورنمينٽ هاءِ اسڪول
شڪارپور ۾ هن مستقبل جي اڏيندڙن جي شعوري تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. جنهنڪري
هن شڪارپور کي به پنهنجي ’ماءُ.. ڌرتي‘ ڪري ڄاتو ۽ هڪ جاءِ تي پنهنجي هڪ نظم ۾ چيو
به، ته:
شڪارپور! تو مونکي
ماءُ جهڙو پيار ڏنو
شعور ۽ عقل ڏنو، علم
۽ اعتبار ڏنو
’آذر‘ صديقي
صاحب پيشي جي لحاظ کان سيڪنڊري استاد هو ۽ شڪارپور جيان سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جي
هاءِ اسڪولن جو انتظامي سربراھ به رهيو، پر گڏوگڏ هو هڪ قانوندان به هو، جنهن پيشي
کي هن تعليم کاتي مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي روزگار جو وسيلو بڻايو. سندس مائٽاڻو
نالو غلام حامد حيدر هو. سندس خانداني نسب حميد الله گنوريءَ جي معرفت اسلام جي
پهرين خليفي، حضرت ابوبڪر صديق رضه سان نسبت رکندڙ ٻڌائي وڃي ٿي. ’آذر‘، پرائمريءَ
کان هاير سيڪنڊري اسٽينڊرڊ تائين جي تعليم بدايون شهر مان ئي حاصل ڪئي. جنهن بعد
آگري يونيورسٽيءَ مان بي. اي. جو امتحان پاس ڪيائين. سندس ڪٽنب ورهاڱي کان اڳ ئي
سنڌ ۾ ميرن واري خيرپور رياست لڏي آيو هو، جتي سندس مامو ٽالپرن وٽ ملازم هو. ’آذر‘
صاحب پنهنجي والدين سان ورهاڱي کان ٻه سال پوءِ ۱۹۴۹ع ۾ سنڌ پهتو. هتي اچڻ کانپوءِ ڪجھ عرصو آذر
صاحب جو تعليمي سلسلو تعطل جو شڪار رهيو، پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن سنڌ يونيورسٽيءَ
مان انگريزي ۽ اردو ادب ۾ ايم. اي. ۽ ڪراچيءَ مان ’بي. ٽيءَ. ‘ جي سندَ ۽ قانُون
جي ڊگري ’ايل. ايل. بي. ‘ ماڻي ۽ ان بعد استاد مقرر ٿيو. هو سنڌ جي مختلف شهرن ۾
استاد توڙي هيڊ ماستر جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏيڻ سان گڏوگڏ تعليم کاتي ۾ انتظامي
عهدن تي به فائز رهيو ۽ ۱۹۸۸ع ۾ “ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن” جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين، جنهن بعد هن سنڌ
هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت جي باقاعدي مشق شروع ڪئي. ان ئي روزگار جي سلسلي تحت
هُن پنهنجي عمر جا آخري ورھ ڪراچيءَ ۾ گذاريا.
آذر ناياب صديقيءَ
جو ادبي سفر سندس نؤعمريءَ ۾ ئي شروع ٿي چڪو هو. هُو اڃا هندوستان ۾ ئي هو، ته ۱۹۴۰ع ۾ اڃا فقط ۱۲ سالن جي ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ سندس دل اندر ڪٿي نه ڪٿي لڪلَ، سخن جي تمنّا کيس، مُنشي
تمنّا حسين ’تمنّا‘ بدايونيءَ جي صحبت ۾ اردو توڙي فارسيءَ ۾ شعر چوڻ تي مجبور ڪيو
۽ ايئن سندس شعر چوڻ جي شروعات ٿي. رڳو تمنّا سان رهڻ جي تمنّا ئي هن جي سخن سان
عشق جو ڇيھ نه هئي، پر هُو شاعرن جي شهر ’بدايُون‘ جي ٻن ٻين اهم سخن شناسن، حافظ
ظهور احمد “اختر محوي” بدايونيءَ ۽ ڄام نوائي بدايوني کان به شاعريءَ جي اصلاح ڪرائيندو
رهيو. سنڌ اچڻ کان اڳ تائين هو رڳو اردو ۽ فارسيءَ ۾ ئي شعر چوندو رهو. هن سنڌ اچڻ
کانپوءِ جيئن سنڌي ڳالهائڻ سکي، ته ۱۹۵۴ع کان سنڌيءَ ۾ به شاعري شروع ڪئي ۽ ان وقت جي مڪاني سطح
تي منعقد ٿيندڙ طرحي توڙي غير طرحي مشاعرن ۾ شرڪت جو آغاز ڪيو، جنهن کانپوءِ سندس
مشاعرن ۾ شرڪت جو اهو سلسلو تا دير جاري رهيو. گڏوگڏ سندس ڪلام جي اشاعت جو سلسلو
به جاري رهيو. سندس ڪلام، سنڌي توڙي اردوءَ جي ڪيترن ئي ادبي رسالن ۾ ڇپبو رهيو. آذر
صديقيءَ جي سنڌي ڪلام جو مجموعو “جهلڪيون” جي نالي سان آگسٽ ۱۹۷۸ع ۾ مهراڻ پبليڪيشن سکر پاران شايع ڪيو ويو.
جنهن کانسواءِ ۱۹۷۹ع ۾ سندس ٻه انگريزي ڪتاب “مهراڻ ليٽر رائيٽنگ” ۽ “ماڊرن ميٿڊس آف ٽيچنگ”
(جيڪي سندس تدريس جي شعبي جُون پيشاوراڻيون تصنيفون هيون) پڻ ڇپجي پڌرا ٿيا، جيڪي
شاگردن توڙي استادن جي رهنمائيءَ لاءِ ڪارائتا ڪتاب سمجھيا ويا. هن ترجمي جي ميدان
۾ به ڪجھ ڪامياب تجربا ڪيا، جن ۾ مسز ايلسا قاضيءَ جي نثري نظمن جا رُباعين جي ويس
۾ منظوم سنڌي ترجما ۽ شيخ اياز جي ڪتاب “جنم جنم جِي جيتَ اياز” جو اردو ترجمو
شامل به آهي. سندس اڻ ڇپيل مجموعن ۾ ٻين امڪاني ڳٽڪن سان گڏ، اردو ۽ فارسي ڪلام جو
مجموعو “اصلاحِ سخن” به شامل آهي.
’آذر‘ جيتوڻيڪ
سنڌي غزل جي روايتي دؤر جو شاعر آهي ۽ سندس اظهار، فارسي جامي ۾ ويڙهيل آهي، پر وٽس
جيڪو موضوعاتي تنوّع آهي، اهو کيس روايتي دؤر جي شاعرن ۾ به بهرحال هڪ ڌار مقام ڏياري
ٿو بيهاري. سنڌي غزل ۽ رباعيءَ جي برجستي شاعرَ، پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمّد “حاميءَ”
جا آذر صاحب بابت چيل (لکيل) هي لفظَ، ’آذر‘ صديقيءَ جي شاعراڻي قد ڪاٺ بابت ڪنهن
سنَدَ کان گھٽ ناهن، ته:
“ ’آذر‘ غزل
جو شاعر آهي. سندس غزل روايتي آهي، پر ان ۾ اڳتي وڌڻ جا رجحان به موجود آهن. هو
عاشقانه جذبات جي ترجمانيءَ سان گڏ سياسي، معاشي ۽ تهذيبي معاملن جي عڪّاسي به ڪري
ٿو. سندس غزل تضّع ۽ تڪلف کان پاڪ آهي. هُو جو ڪجھ لکي ٿو، اهو سندس مشاهدي ۽
تجربي جي ترجماني آهي. سندس ڪلام ۾ حقيقت ۽ واقفيت تي گھڻو زور ڏنل آهي. هو مطلب
جي ٿورن لفظن ۾ معنيٰ جا دفتر بيان ٿو ڪري ۽ ’غمِ جانان‘ ۾ ’غمِ روزگار‘ سمائي پنهنجيءَ
دل جو بار هلڪو ڪري ٿو وڃي. اميد ته هُو سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هڪ نمايان ڪردار پيش ڪندو.
”
’آذر‘ جي شعر
۾ توجهّه کي موهيندڙ هي اظهار پڙهي ڏسو:
ڪڏهن واٽ ويندي جو “آذر”
مليو
پريشان و حيران و
ششدر مليو
لب و رُخ مليا، يا
ته گل تَر مليو
هر هڪ نقش بهتر کان
بهتر مليو
هڪ غزل ۾ “آذر” جو
هي نرالو انداز ملاحظه ڪيو:
سنڌّڙيءَ جو ضمير
ياد آيو
اڄ ’وتايو فقير‘
ياد آيو
پائي ڀاڪر جڏهن ڪو
دوست مليو،
دلڙِي ياد آئي تِير
ياد آيو
گھٽَ گِھٽين ۾ ڏسي
نوان رانجھا،
جھنگَ ۾ حُسنِ هِير
ياد آيو
غزل جيان رُباعيءَ
جهڙي اهم صنف ۾ به سندس انداز ڀرپُور آهي:
مظلوم تي رحم جي نظر
ڀي ٿيندي
دنيائي ستم زير و
زبر ڀي ٿيندي
جو وقت ڏکيو آھ، سُکيو
ڀي ٿيندو
آئي آ جو شب، پوءِ
سحر ڀي ٿيندي
’آذر‘ جي
شاعري پڙهندي، مونکي ان ڳالھ جو شدّت سان احساس ٿيو، ته کيس پنهنجي جنم ڀوميءَ
’بدايُون‘ سان تمام گھڻو پيار آهي. ايتريقدر جو ڪڏهن ڪڏهن هُو ان کي ڀٽ شاھ، درازا
شريف ۽ سيوهڻ سان به وڃي ملائي ٿو ۽ اهڙو اظهار ڪري ٿو ته بدايُون جو شمار دنيا جي
پوتر زمين جي ٽڪرن ۾ آهي. ’آذر‘ جي ڪلام کي پڙهي اهو به احساس ٿئي ٿو ته کيس
پنهنجي ۽ پنهنجي ڪلام جي تابندگيءَ ۽ هميشه ياد رکيو وڃڻ ۾ وڏو ويساھ آهي. شاعرن جي
اڪثريت وانگر هُو به حسن جو پُوڄارِي ۽ مھ جبينن جو مشتاق آهي ۽ عشقِ بُتان هن جي
دل جي دؤلت آهي.
۷۶ ورهن جي ڄمار ۾، اڄ کان ۱۸ ورھ اڳ، ۲ اپريل ۲۰۰۴ع تي سنڌ جي راڄڌانيءَ، ڪراچيءَ ۾ وڇڙي ويل ٽن ٻولين جي
هن ٻهڳڻي شاعر، ’آذر‘ ناياب صديقيءَ بابت مونکي اها خبر ته ناهي ته سندس شاعريءَ
جي عمر ڪيتري آهي ۽ هو توڙي سندس ڪلام ڪيتري عرصي تائين سنڌي ادب ۾ ياد رکيو ويندو،
يا ڊاڪٽر حاميءَ جي اها اميد ڪيتري قدر پوري ٿيندي ته ’هُو سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هڪ
نمايان ڪردار پيش ڪندو‘، پر ايتري پڪ ضرور آهي، ته جتي جتي سندس ’درد‘ شاعري بڻيو آهي
۽ ان سندس دل ۾ وسيل سهڻن بُتن جي عشق کي ’اوور ليپ‘ ڪيو آهي، سندس اُهو اهو سخن
يادگار، ديرپا ۽ هر دؤر جو پسنديده ڪلام بڻجڻ جي سگھ ضرور رکي ٿو.
دل ۾ “آذر” جي عشقِ
بُتان سان ملي،
درد بڻجي ويو شاعري
ساٿيو!
(ليکڪ طرفان فيسبڪ
تي نوٽ: سنڌي، اردوءَ ۽ فارسيءَ جي قادرالڪلام شاعر ۽ مترجم، ’آذر‘ ناياب صديقي
بدايونيءَ جي ۱۸هين ورسيءَ جي مناسبت سان، ڇنڇر، ۲۹ شعبان ۱۴۴۳ هجري، ۲ اپريل ۲۰۲۲ع تي، روزاني “عوامي آواز” ڪراچيءَ ۾، “درد بڻجِي ويو
شاعري ساٿيو!” جي عنوان سان ڇپيل، منهنجو مضمون)
(ڏھاڙي عوامي آواز
ڪراچيءَ ۾ ۲ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
آذر ناياب صديقي
حساس جذبن جو ترجمان
فقير محمد سنڌي
ڀونءِ ڍرڪي پوي ڪِران جي مان،
اُڀ ڦاٽي ٿو، جي اُٿان ٿو مانَ.
برصغير جي ورهاڱي ڌرتيءَ
جي فڪري فردن کي لتاڙيو، للڪاريو، ڇرڪايو ۽ ڌرتيءَ ماءُ جي هنج کان ڌار ڪري آزاديءَ
جي نئين روايت کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ اڻاڳو رستو مهيا ڪيو جنھن تي ڪيترائي برصغير جا
رهواسي “آذر” ناياب صديقي وانگر پنهنجي سفر تي روانا ٿيا ۽ پنهنجي ڪردار کي نروار ڪري
ڏيکاريائون. حساس جذبن جو ترجمان، “آذر” ناياب صديقي، جنھن کي “آذر” ناياب بدايوني
به چيو وڃي ٿو، سو سنڌي، اردو ۽ فارسي ٻوليءَ جي شاعر ۽ مترجم سان گڏ هڪ معلم هو ۽
قانوندان جو ڪم به سندس حصي ۾ شامل آهي.
“آذر” ناياب
صديقي جو خانداني پس منظر :
“آذر” ناياب
جو اصل نالو غلام حامد حيدر ولد افضال حسين صديقي آهي. ۵ جو لاء ۱۹۲۸ع تي ڀارت جي شهر بدايون جي قاضي ٽولا محلي ۾ جنم ورتو. خانداني سلسلي نسب
جو سلسلو حميد ﷲ گنوري کان ٿيندو حضرت ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو.
هن سماجي زندگيءَ ۾
حسب نسب کان پوءِ پنھنجو شخصي ڪردار به انسان کي اتم رکي ٿو. محبت جي منزل سڀني کان
نياري رهي آهي، ڪٿي اها محبت آهي جو تماچيءَ کي تماچيءَ بڻائڻ ۾ هڪ مهاڻيءَ جو ڪردار
آهي، اهڙي ڪردار ۾ سنڌ جي ڌرتي جيڪا امن جي ڌرتي ۽ انساني همدردي جو درس ڏيندڙ ڌرتي
آهي تنهن “آذر” ناياب صديقي کي به ماڻهپي وارا سڀ رستا مهيا ڪري ڏنا. تڏهن ته هنن
سٽن جو سرجڻهار بڻيو.
سنوارڻ اگر قوم کي چاهيو
ٿا،
نئين زندگي بخشيو پنھنجي
فن کي.
“آذر” ناياب
صديقي جي تعليم ۽ نوڪري تي مختصر نظر :
سائين آذر ناياب پرائمري
۽ سيڪنڊري تعليم بدايون ۾ پڙهيو آگره يونيورسٽيءَ مان بي اي پاس ڪيائين. برصغير جي
ورهاڱي کان پوءِ خيرپور ۾ رهيو ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي انگريزي ۽ ڪراچيءَ مان
بي ٽي توڙي ايل ايل بي جون سندون حاصل ڪيون. تعليم پوري ٿيڻ کان بعد استاد مقرر ٿيو،
محنت ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي عهدي تان رٽائرمينٽ ڪيائين، اڃان به عشق سلامت
هئس جيڪو جستجو جي عمل ۾ سرگردان رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ وڪالت جي شعبي کي اهميت
ڏنائين. نوڪري جي سلسلي ۾ سنڌ گهمڻ جو موقعو مليس، خيرپور، شڪارپور، ڪشمور، ڪراچي
۽ ٻيا شهر شامل آهن. پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي قديمي شهر شڪارپور کي ياد به ڪيو اٿس.
شڪارپور تو مون کي
ماءُ جهڙو پيار ڏنو،
شعور ۽ عقل ڏنو، علم
۽ اعتبار ڏنو.
نھار جو شعور ٿورن
فردن ۾ موجود هوندو آهي، نھار اصل ۾ تعميري ڪم ڪرائيندي آهي ۽ جکري جهڙو ويساھ آڇيندي
آهي ۽ اهو ئي ويساھ ثابت قدم رکي ٿو ۽ اتساھ بخشيندو رهي ٿو .
“آذر” ناياب
صديقي جي نھار جو حسين سنگم آهي :
۱۹۴۰ع کان منشي تمنا حسين بدايوني جي نهار هيٺ اردو ۽ فارسي شاعريءَ جي شروعات ڪيائين،
اهڙي طرح ادبي سفر کي سڦلو ڪندي حافظ ظھور احمد بدايوني ۽ ڄام نوائي بدايوني کان
اصلاح جي نينهن جو ناتو جوڙيو. جنھن جو ثمر ڪتابي صورت اختيار ڪئي( ۱) جهلڪيون، مهراڻ پبليڪشن سکر ۱۹۷۸ع شايع ڪيو، (۲) مهراڻ ليٽر رائيٽنگ( ۳) ماڊرن ميٿڊس آف ٽيچنگ ۱۹۷۹ع تي اشاعت هيٺ آيا. آذر ناياب صديقي جي
زندگي روايتن کان ٿيندي جديد ادب جي دائري ۾ داخل ٿي. ورهاڱي ۽ جيون ڪٿا کي آذر
ناياب غور سان ڏٺو به ۽ پرکيو به. ان پرک جا اولڙا هيٺين شاعري طور آذر ناياب جي
زندگي تي رشڪ ڪن ٿا.
جي تو اڃا نه ڄاتو،
آ ڪير ديس واسي،
تنھنجو جنم اجايو، تنھنجي
مٽي اڻاسي.
( شيخ اياز )
آهيان ته بوند پوءِ
به لهرون ڏسي ڏسي،
اڇُلون ڏئي ٿي دل
ته پوان ھوند سمنڊ ٿي.
( نارائڻ شيام
)
آذر ناياب صديقي جو
اڻ ڇپيل مواد به خاصو آهي، جنھن ۾ “اصلاح سخن”، اردو ۽ فارسي جو مجموعو، ايلسا
قاضيءَ جي نثري نظم جو رباعي جي صورت ۾ سنڌي زبان ۾ منظوم ترجمو، شيخ اياز تي لکيل
ڪتاب “جنم جنم جيت اياز” جو اردو ۾ ترجمو شامل آهن جيڪي ڇپجي نه سگهيا آهن.
لفظن جي هجوم ۾ جنم
وٺندڙ “آذر” ناياب ڪيترن نسلن کي لفظ ۽ انگ اکر سنڀالي سمجهايا، اهو “آذر” پاڻ اڄ
اهڙن انگ اکرن جي ڳوڙهن ۾ شامل ٿي ويو آهي. اهي انگ اکر هي آهن ته ۲ اپريل ۲۰۰۶ع تي آذر ناياب صديقي ڪراچي ۾ راھ رباني
ورتي.
(ڏھاڙي ارادو لاڙڪاڻو
۾ ۲ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
“آذر” ناياب صديقي جي شاعريءَ تي هڪ نظر
حسيب ناياب منگي
ورهاڱي کانپوءِ سنڌ
۾، سنڌ جي ماڻهن خودمختياري جو جيڪو نعرو هنيو، تنهن نعري سان کين پنهنجي ٻوليءَ
جي بقا ۽ صوبي اندر ٿيندڙ انتظامي ورهاڱي يا لساني جهيڙن جو وڌيڪ خوف ۽ خطرو پيدا ٿيو.
هڪ طرف پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ غير سنڌي سنڌ ۾ پنهنجو اثر قائم ڪرڻ لاءِ ڪي
موقعا حاصل ڪرڻ لڳا ته ڪي الياس عشقي، شفيع صديقي، آفاق صديقي، وفا ناٿن شاهي ۽ “آذر”
ناياب صديقي وانگر سنڌ کي پنهنجو تسليم ڪري کيس ماءُ جو درجو ڏيندا رهيا. پنهنجي
مادري ٻوليءَ کي پاسيرو ڪندي هنن سنڌ ۾ رهي سنڌي ٻوليءَ سکي ۽ لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ
لڳا، ڇو جو کين يقين هو ته سنڌي ٻوليءَ سان سندن جڙندڙ تعلق کين هميشه لاءِ پنهنجو
بڻائڻ سان گڏ امر به ڪري ڇڏيندو.
ورهاڱي کانپوءَ جن
اردو شاعرن سنڌي زبان سان پنهنجو نينهن نڀايو ۽ سنڌيءَ ۾ شعر لکي پنهنجو پاڻ
ملهايو انهن ۾ “آذر” ناياب صديقي جو شمار به ٿئي ٿو، سندس سموري سنڌي شاعري سنڌي
ماحول ۾ سرجيل هئڻ ڪري هتان جي سياسي، سماجي، تعليمي ۽ ادبي حالتن جي عڪاسي ڪري
رهي آهي. سنڌ ۾ جيڪي به ورهاڱي کانپوءِ تحريڪون جنم وٺڻ لڳيون، تن ۾ سنڌي شاعرن جون
ڪاوشون به آٿت جو سبب بڻيون، ون يونٽ کانپوءِ سنڌ ۾ جتي اديبن پنهنجي صلاحيتن سبب نثر
۾ ڪي نقش ڇڏيا، اتي شاعرن به پنهنجو پاڻ کي اڳتي آندو ۽ شعر لکي قوم پرستيءَ يا ڌرتيءَ
سان پيار ڪرڻ جو جذبو ظاهر ڪيو. سنڌ جو ناميارو شاعر “نياز” همايوني جيڪڏهن انهن ڏينهن
۾ اهڙين حالتن لاءِ وطن دوستيءَ جو مثال قائم ڪرڻ لاءِ لکي ويو ته:
وطن جي دوستيءَ ۾
وفا جا حوصلا کپن،
جي سر ڏيڻ جي سگھ ڏين،
اهي ئي ولولا کپن.
ته بدايون مان لڏي
آيل ترقي پسند شاعر “آذر” ناياب صديقي به خاموش نٿو ويهي، کيس اها پڪ به آهي ته هو
هندستان مان لڏي آيل آهي پر پوءِ به هو سنڌ کي پنهنجو سمجهي ان جي بهتريءَ لاءِ جاڳرتا
جو حصو بڻجي ٿو ۽ جيڪب آباد ۾ رٿيل هڪ مشاعري ۾ پنهنجي تخليق پيش ڪرڻ وقت ٻين
تخليقڪارن کي سڏيندي، حالتن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي پڪاري ٿو ته:
ڇڏيو اڄ ته بلبل کي،
گل کي، پمن کي،
توهان جي ضرورت آ، ملڪ
و وطن کي.
جڏهن ون يونٽ جي
زنجير ٽُٽي ٿي ۽ خوشيءِ جي لهر ڇائنجي وڃي ٿي، هر طرف انقلاب جي ڳالھ ٿئي ٿي ته ٻين
سنڌي شاعرن سان گڏ “آذر” ناياب صديقي به پيش پيش نظر ٿو اچي. هن وٽ اردو هجي يا سنڌي
شاعريءَ ۾ خيالي يا جذباتي پهلو ناهي پر سنجيدگي سان ٻين سنڌي شاعرن وانگر “آذر”
ناياب صديقيءَ به انقلاب جي ڳالھ ڪئي ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته سندس نظريو ترقي پسند
آهي. اهڙي ماحول ۾ محمد بخش “واصف” جيان اسان جي سائين “آذر” ناياب صديقي به
انقلاب جي ڳالھ ڪئي آهي:
ويا اڳيان سنڌي هليا،
ٻولي به سا ناهي اڳين،
ڇو نه پو ايندو رهي،
سنڌي زبان ۾ انقلاب. (محمد بخش “واصف”)
هي دور ڪيترو نازڪ
نظر اچي ٿو اڄ،
قدم قدم تي نئون انقلاب
آ ساٿي! (“آذر” ناياب صديقي)
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي
ادب جيتري قدر متاثر ٿيو، اوترو ئي سنڌي ٻوليءَ کي به ڇيهو رسيو، پنهنجي سنڌي ٻوليءَ
کي تمام گهڻو للڪاريو ويو، پوءِ وري به سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن وري به همت نه هاري ۽
وري اهڙو ماحول جوڙيو جو سنڌي ادب ترقيءِ ڏانهن تيزيءَ سان وکون کنيون. سنڌي ٻوليءَ
کي به شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ ڀيٽائون پيش ڪيون. ورهاڱي کانپوءِ جي شاعرن ۾ گهڻن ئي ڪوين
جا شعر اڄ جي لاءِ املھ موتي آهن. ٻين شاعرن وانگر قادر بخش “بشير” سنڌي ٻوليءَ
لاءِ جيڪڏهن ڪجھ لکي ويو آهي ته “آذر” ناياب صديقي وٽ به فڪر، فن، ماحول ۽ معاشري جي
عڪاسي ڪرڻ جو گهڻو ڏانءُ هو. کيس سنڌي زبان سان جا سڪ ۽ اڪير هئي، تنهن جو ثبوت اڄ
اسان جي سامهون سندس سنڌي ڪلام آهي.
ڇو ٿا چون ڪي ماڻهو
آهي خسيس سنڌي،
منهنجي ته واسطي آ ڄڻ
شهد شير سنڌي. (قادر بخش “بشير”)
آهي ســنڌي زبان “آذر”
جي،
فخر آ جنهن تي سنڌ
وارن کي.
“آذر” ناياب صديقي
جڏهن سنڌ آيو، هتان جي ماحول ۾ هتان جو ٿي ويو ته هن جو تعلق سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ
سان نهايت ئي گهرو ٿيندو ويو. سنڌ جي ٻين شاعرن وانگر “آذر” ناياب صديقي به سنڌ جي
ماڻهن جي ڏتڙيل حالت ۽ سماجي ناانصافين تي لکيو. “آذر” ناياب صديقي جي دور جي ڀلوڙ
شاعرن جيڪو درد ٻڌايو، تنهن درد تي “آذر” ناياب به لڇيو آهي. هر شاعر پنهنجي خيال
سان انهن ڏينهن جي ماحول جا ڪي رُخ بيان ڪيا آهن، جيڪي اڄ سندن شاعريءَ جي ڪتابن ۾
درج ٿيل نظر اچن ٿا:
هر عيش ۽ آرام، اميرن
کي ميسر،
محروم سدا محنتي
محنت جي ثمر کان. (عبدالڪريم “گدائي”)
سنڌي شاعري جي سفر
۾ ناانصافين، بي رحمي، ڏاڍ، ظلم ۽ ناانصافيءَ سان گڏ ناجائزين تي به گهڻو ڪجھ لکيو
ويو آهي. “آذر” ناياب صديقي به جديد شاعرن جيان هر هر ظلم تي آواز اٿاريو آهي. مظلومن
جو آواز بڻجي ظالم کي للڪاريو آهي. وقت جي تبديليءَ جي ڳالھ جتي سنڌي ادب جي جديد
شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ ڪئي آهي، سا اسان کي خاموشيءِ سان پنهنجي سر ڪم ڪرڻ واري سادي
۽ سچي انسان “آذر” ناياب صديقيءَ جي ڪلام ۾ به نمايان آهي.
نئون جڳ سو ئي سگهندو
ٺاهي،
هي جڳ جو به ڇڏيندو
ڊاهي. (تنوير عباسي)
مظلوم تي رحم جي
نظر ڀي ٿيندي،
دنياي ستم زير و زبر
ڀي ٿيندي.
جو ڏکيو آ وقت سکيو
ڀي ٿيندو،
آئي آ جو شب پوءِ
سحر ڀي ٿيندي. (“آذر” ناياب صديقي)
اهڙي ريت جيڪڏهن “آذر”
ناياب صديقيءَ جي ڪلام کي طبقاتي جنگ، مسئلن، محرومين، تبديلين، محبت، شخصيتن کي
ساراهڻ، شهرن جي تعريف ڪرڻ، سياسي ۽ سماجي حالتن کي بيان ڪرڻ وغيره جي عنوانن ۾ ٻين
نامور سنڌي شاعرن جي ڪلام سان پيش ڪبو ته اهو آساني سان چئي سگهبو ته “آذر” ناياب
صديقيءَ جو پيغام به اهو آهي جيڪو جديد سنڌي شاعرن پنهنجي سوچ جي مطابق ڏنو آهي. “آذر”
ناياب صديقي غزل سان گڏ رباعيءَ جو به شاعر آهي، سندس حمد، نعت، نظم ۽ مرثيه وغيره
به عروض جي بندش سان گڏوگڏ خيال جي گهرائي کي به ظاهر ڪن ٿا. ائين ضرور آهي ته “آذر”
ناياب صديقي به ٻين شاعرن جيان ڪجھ ڪجھ ڌارين ٻولين جي لفظن جو استعمال پنهنجي ڪلام
۾ ڪيو آهي پر بنيادي طور تي غير سنڌي هئڻ واري حيثيت اهو اعتراض به رد ڪرڻ لاءِ ڪافي
آهي. “آذر” ناياب جي غزل ۾ جيڪي تشبيهون ۽ اشارا آيل آهن، سي سهڻا ۽ وڻندڙ آهن. سندس
ڪلام نهايت سادو آهي. “آذر” ناياب صديقي ۱۹۵۴ع کان سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو، ان کان اڳ هو
اردو زبان ۾ ۱۹۳۶ع کان ۽ ۱۹۵۰ع کان فارسيءَ ۾ شعر چوڻ لڳو هو. پاڻ ۴ جولاءِ ۱۹۲۸ع ۾ بدايون ۾ پيدا ٿيو هو ۽ ۲ اپريل ۲۰۰۶ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۳ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا