عبدالڪريم گدائي
عوامي ۽ قومي شاعر
بشير ڪالاڻي
/ڄامشورو
سنڌ جي عوامي، ترقي پسند، قومي، انقلابي، رومانوي شاعر ۽ صحافي ميان عبدالڪريم
گدائيءَ جي اڄ ۲۸ جنوريءَ
تي ورسي آهي، هن پهرين جنوري ۱۹۰۱ع
تي ڳوٺ ڪريم آباد کوسا تعلقي ٺل ۾ بجار خان لاشاريءَ جي گهر ۾ اک کولي. عبدالڪريم گدائي
پرائمري اسڪول ٺل مان پنج درجا پاس ڪرڻ بعد، ۱۹۱۱ع ڌاري جيڪب آباد ميونسپل جي ائنگولر ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي. ۱۹۱۸ع ۾ پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ کيس ڪلارڪي ملي، پر اتان ڪجهه
سببن ڪري ٿوري وقت کانپوءِ استعيفيٰ ڏنائين، ان بعد پوليس کاتي ۾ ننڍو منشي مقرر ٿيو،
پر ان کي به خير آباد چيائين. گدائي پنهنجي شاعريءَ جي شروعات ۱۹۲۳ع ۾ ان وقت جي نوجوان شاعر ۽ بهادرپور اسڪول ۾ مقرر
نائب ماستر ۽ تاريخي محقق لطف الله بدوي سان صحبت ۾ رهڻ دوران ڪئي. ۱۹۳۲ع ۾ سندس مشهور نظم آخر فنا، ليوڪس پارڪ، مولانا امروٽي،
اهي ڏينهن، ان وقت جي هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيا هئا. گدائي صاحب ان عرصي دوران ڪانگريس
پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ۱۹۴۲ع تي ٺل ڪانگريس ڪاميٽيءَ
جو سيڪريٽري به رهيو، ورهاڱي کانپوءِ هارين ۽ مزدورن تي وڏيرن ۽ جاگيردارن جو ظلم
۽ ستم ڏسي ضلعي هاري ڪاميٽيءَ جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري، پوءِ جيڪب آباد جي نيشنل
عوامي پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ ان پارٽيءَ سان آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تائين وابسته رهيو، ان عرصي دوران گدائي صاحب اليڪشن
جي حوالي سان ڪيترائي نظم تخليق ڪيا. جن ۾ ”وري آئي اليڪشن ۽ وري ڀوتارن نڪري پيا“،
”خبردار هاري جو ڀوتار آيا!“ سر فهرست آهن. تاريخي محقق، شاعر، اردو ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو
نياز همايوني گدائي صاحب لاءِ لکي ٿو ته، ”عبدالڪريم گدائي پاڪستان کان پهرين ۽ پوءِ
سنڌي ادب جي مختلف دورن ۾ مختلف مڪتب رکندڙ تنظيمن سان وابسته رهندي، هو عملي ۽ فڪري
لحاظ کان هميشه عوام ۽ ڌرتيءَ ڏانهن جوابده رهيو.“ گدائي صاحب بيت، ڪافيون، گيت ۽ غزل
به مهارت سان لکيا آهن، پر نظمن ۾ سندس اندر جي اُڇل تمام زوردار محسوس ٿئي ٿي، بيتن
۾ جتي هن بيحد دردمنديءَ سان ساڻيهه جي سورن جو وستار ڪيو آهي، اتي سندس مزاحمتي ڪردار
به مثالي آهي:
هي شهر به ڪڏهن شهر هيو،
هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي،
ڇا مهر ڀريا هت ماڻهو هئا،
هر دل ۾ راڄ هو اُلفت جو.
سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکي ٿو ته، ”ميان
عبدالڪريم گدائي، سنڌ جي چوٽيءَ جي ترقي پسند شاعرن مان آهي، هو مخلص قومي ڪارڪن، سنجيده
طبع، سمجهدار، بي ڊپو ۽ انقلابي مجاهد آهي.“ گدائي صاحب صحافت ۾ به پيش پيش رهيا.سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا ”ساڻيهه جا سُور“، ”پکڙا
۽ پنهوار“، ”پئماني تي پئمانو“ سندس ئي زماني ۾، جڏهن ته، ”رات ٻرندي رهي“ ۽ ٻيا ڪتاب
بعد ۾ ڇپجي چڪا آهن. سنڌ جو هي عوامي، قومي شاعر، کاهوڙي ۽ ترقي پسند رهنما صحافي عبدالڪريم
گدائي ۲۸ جنوري
۱۹۷۸ع تي وفات ڪري ويو.
No comments:
راءِ ڏيندا