; سنڌي شخصيتون: موهن ڪلپنا

24 July, 2013

موهن ڪلپنا

موهن ڪلپنا

رکيل مورائي



موهن ڪلپنا ڇنڇر ڏينهن ٻاويهه نومبر، اڻويهه سئو ٽيهه عيسوي تي بولچند منگها رام لالا جي گهر ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ جنم ورتو، ان ڪري سندس روح به ڪوٽڙيءَ ڄاول سنڌي ٻوليءَ جي يگاني ڪهاڻيڪار علي بابا جيان ڪٿي ٽڪاءُ ڪري نه سگهيو. هن جو روح جيڪڏهن ڪنهن هنڌ ٿانيڪو ٿي ويٺو ته اها فقط تخليق جي ڇانَو هئي. جنهن سبب ئي شايد جڏهن موهن ڪلپنا کي پڙهبو آهي ته ان ۾ ڪردارن جي بيچيني ۽ رولاڪي ڏسي محسوس ڪبو آهي ته اها سموري تخليقي اڻت موهن ڪلپنا جي ورح جي آس پاس جي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو قبول ڪيو ويو آهي ته تخليق ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح تخليڪار موجود هوندو آهي، ان ڪري سنڌ جا پڙهندڙ ائين محسوس ڪندا رهندا آهن ته موهن جي لکڻيءَ ۾ جيڪا به ڪردارن جي چرپر آهي، ان جي پٺيان دراصل سندس ئي موجودگي آهي . ممڪن آهي ائين هجي يا نه پر اهو ضرور آهي ته جيڪڏهن موهن ڪوٽڙيءَ ۾ ئي وڏو ٿئي ها ۽ هتي ئي رهي ها ته هو ايڏو وڏو تخليڪار شايد نه بڻجي سگهي ها! ۽ نه سندس روح ۾ ايڏي وڏي بيچيني هجي ها. ان جي نسبت ۾ تفصيل ڏيڻ هن موضوع جي دائري کان ٻاهر آهي.

موهن ڪلپنا جي خوش نقصيبي اها به آهي ته هن کي جيترو هند ۾ پڙهيو ويو آهي ان کان گهڻو سنڌ ۾ پڙهيو ويو آهي. ۽ اڄ جي تاريخ تائين پڙهيو وڃي ٿو. موهن ڪلپنا ۽ نارائڻ شيام لاءِ سنڌ ۾ خاص جڳهه آهي، جيڪا ٻيو ڪو اديب شايد ولاري نه سگهي. جيتوڻيڪ موهن ڪلپنا سنڌ ۾ نارائڻ شيام کان اڳ ۾ ڪافي سڃاڻپ پيدا ڪري چڪو هئو، موهن کي جنهن پيار ۽ احترام سان پرهيو ويو آهي. ان جو مثال نٿو ملي پر سنڌ ۾ موهن ڪلپنا جي سڃاڻپ ڪرائڻ وارن انهن ٻن شخصن کي به نٿو وساري سگهجي جيڪي آهن، دادا هري موٽواڻي ۽ طارق اشرف!

موهن، سهڻي رسالي جي معرفت سنڌ ۾ پڙهيو ويو ۽ ڏسندي ڏسندي هن سنڌي پڙهندڙن جي دل ۾ پنهنجي لاءِ هڪ اهم جڳهه جوڙي ورتي. سندس ڪتاب پوءِ سنڌ ۾ شايع ٿيا. موهن جون ڪهاڻيون توڻي ناول سنڌ ۾ هڪ جيترو پڙهيا ويا آهن، سبب شايد اهو به هجي ته موهن جي ڪهاڻين توڻي ناولن جي ڪردارن جي اندر جي بيچيني ۽ ٻاهران رومانوي رويو، ان نسل لاءِ پنهنجي اندر جو آواز ٿي اڀريو، جنهن نسل ورهاڱي کان پوءِ لڳاتار سياسي ڏاڍ جي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري سماج ۾ ساهه ٿي کنيان.. خاص طور ۱۹۷۰ع واري هڪ نئين ورهاڱي کان پوءِ سنڌي، ماڻهو پاڻ کي مڪمل، ويڳاڻو ۽ ننڌڻڪو محسوس ڪرڻ لڳو، جنهن جي انتها اسي واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي سموري شدت سان ظاهر ٿي.

موهن جو ناول ”جلاوطني“ جڏهن سهڻيءَ رسالي ۾ طارق اشرف ڇپيو، تڏهن رسالو ته گهڻو وڪرو ٿيو، موهن جي پذيرائيءَ هڪ گهڻو پڙهيو ويندڙ طور آسمان تي پڳي، ناول فوٽو اسٽيٽ ٿي پڙهندڙ تائين پڳو، پر ان جي عيوض سهڻي تي بندش پئي ۽ طارق اشرف جيل ياترا ڪئي. اهو ناول هاڻ ڪنهن نيئن نالي سان ڇپيو آهي. ٻيءَ طرح موهن ڪلپنا جا ڪهاڻي ڪتاب ۽ ناول ڪيترا ئي ڀيرا وري وري سنڌ ۾ ڇپيا آهن. جيتوڻيڪ سندس گهڻو اختلافي ڪتاب ”سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش“ سنڌ ۾ شايع نه ٿيو. سندس هن ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ سندس لکڻيءَ جي تکائي ۽ غصو ته ظاهر ٿئي ٿو، پر سندس لکڻي ادب جون حدون اورانگهي ٻاهر نٿي وڃي، جئين سندس ادب تي لکندڙ رچنا جي ”موهن ڪلپنا خاص انڪ“ ۾ لعل پشپ جو مضمون، هن جي ادب کا ٻاهر نڪري هن جي ذات ڏانهن هليو ويو آهي.

موهن ڪلپنا جي لکڻيءَ جو معيار سدائين اوچو رهيو، اهو هيٺ نه لٿو. جيتوڻيڪ هن بابت تنقيدي توڻي تعريفي طور گهڻو ئي لکيو ويو آهي. پوءِ به اهو سڀ ڪن خاص پڙهندڙن يا نقادن تائين آهي، عام پرهندڙ توڻي سنڌ جي لکندڙ جي وڏي حصي ۾ موهن ڪلپنا هڪ قدآور ليکڪ طور موجود آهي. ۽ گهڻو وقت رهندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو هر ايندڙ نسل موهن ڪلپنا کي چاهه سان پڙهندو رهيو آهي ۽ پڙهندو رهي ٿو. جنهن سبب ائين قبول ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ موهن ڪلپنا سدائين رهڻو آهي. ٻئي طرف هند ۾ موهن جو جيڪو ادب مرتبو طئه ڪيوآهي، اهو به مستند آهي، جنهن کي ڪو لهر لوڏو نه آهي.

ناول ۽ ڪهاڻيءَ کان سواءِ موهن ڀلي تنقيدي ادب گهٽ لکيو پر هو جديد نقاد طور به نالي سان سڃاپندو، سندس نئين ڪوتا بابت مضمون ۽ ليکڪ اهڙي شاهدي ڏين ٿا، موهن ڪلپنا ”جهاز جي ڊيڪ تي“ جهڙو نثري ڪوتائن جو ڪتاب به سنڌي ادب کي ڏنو آهي، پوءِ به هو پنهنجي هڪ تنقيدي ليک ۾ پنهنجي شاعر/ ڪوتاڪار هجڻ جو انڪاري آهي، پر سچ ته اهو آهي ته هن جي ”جهاز جي ڊيڪ تي“ کان سواءِ سندس ڪهاڻين ۽ ناولن جو نثر به شاعريءَ جو گمان ڏيندڙ آهي. سندس ڪهاڻي ۽ ناولن جا ڪيترا حصا، نثري بيهڪ ٽوڙي، نظم ۾ لکيا وڃن ته اهي نثري نظم ٿي پوندا. اهو سندس نثر جو ڪمال آهي، موهن، هڪ ليکڪ جي حوالي ۾ گهڻ پاسائون ليکڪ آهي. هن جو ٻارن لاءِ لکيل ناول ” سرڳ جي ڳولا“ ان جو مثال آهي، اها ٻي ڳالهه آهي، اهو ناول ٻال ساهتيه کان ڪجهه مٿي آهي. عام پڙهندڙ ٻار ان کي تڪڙ ۾ پنهنجو ڪري نه سگهندو ۽ نه ئي ناول ٻار کي پاڻ سان جوڙي رکندو، پو به ٻال ساهتيه ۾ ان جو ذڪر اوس ايندو. ۽ ان کان پوءِ اچن ٿيون، موهن پاران لکيل ٽي جيونيون، جيڪي الڳ الڳ شخصن/ اديبن بابت آهن، جن ۾ به موهن جي ليکڪ واري اک گهڻي تيز نظر اچي ٿي، هن انهن شخصن جي اندر توڻي ٻاهر کي جيئن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو تيئن انهن کي پنهنجي لکڻين ۾ اظهاريو آهي. موهن جون لکيل هي ٽئي جيونيون پنهنجي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائين ٿيون. جن جا نالا آهن. (۱) فنڪار ۽ فيلسوف (۲) آفتابِ انقلاب (۳) انسان دوست سلامت پرسواڻي.

۽ مان ڄاڻي واڻي موهن جي بيمثال آتم ڪٿا جو ذڪر آخر ۾ ئي ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن کي ڇپڻ جو اعزاز ادي گل ٽالپر سان گڏ سنڌ کي آهي، جو ان جو پهريون ڇاپو سنڌ ۾ ڇپيو ۽ رڪارڊ نه فقط وڪرو ٿيو پر جنهن جا اڄ تائين ڪيترائي ڇاپا ظاهر ٿي چڪا آهن. ان کان الڳ/ اڳ توڻي پوءِ ادب ۾ جيڪا سنڌ اندر جڳهه موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا جوڙي اهڙي جڳهه هندستان جو شايد ئي ڪو ڇپيل ڪتاب جوڙي سگهيو هجي، ” بک عشق ۽ ادب“ جي نالي سان ڇپيل موهن ڪلپنا جي هيءَ آتم ڪٿا پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ۽ سنڌي ادب جي عاليشان هڪ هٿ تي ڳڻڻ جيترين آتم ڪٿائن مان هڪ آهي. هند توڻي سنڌ ۾ لکيل ۽ ڇپيل آتم ڪٿائن ۾ موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا نه رڳو مختلف آهي، پر اها گهڻين ئي اسهمتين جي باوجود، بيحد موهيندڙ به آهي، ته نثر جو لاجواب نمونو به، ته موهن جي زندگيءَ جو دل ڀڄائيندڙ داستان به !

هن ڪتاب تي به تعريفي توڻي تنقيدي، لکڻيون هند ۾ لکيو ۽ ڇپيون، ان جي باوجود موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا، هند توڻي سنڌ ۾ لکيل آتم ڪٿائن ۾ هڪ مٿاهون هنڌ والاري ٿي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ مون کي نه آهي. موهن ۾ جيڪا اظهار جي قوت آهي ۽ ممڪن حد تائين جيڪا سچ لکڻ جي طاقت آهي، ان جو مظاهرو هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ تخليقي انداز سان ڪيو آهي. سندس ڪن اظهارن سان اسهمتي هجڻ جو مقصد اهو بنهه نه آهي ته هن جي آتم ڪٿا کي تنقيد جي گهاڻي ۾ پيڙي ڇڏجي، جيڪڏهن ڪي شخص/ اديب ائين ڪرڻ جي خواهش رکندا هوندا تڏهن به انهن لاءِ اهڙو عمل مشڪل ٿيندو، اها ٻي ڳالهه آهي ته موهن جي ڪن دوستن پاران اهڙي شعوري ڪوشش سندس جيئري به ڪئي وئي ته سندس مئي پڇاڻا پڻ! پر موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا اڄ به هند ۾ ڇپيل سڀني آتم ڪٿائن جو نڪ آهي.

چيو ويندو آهي ته تخليڪار جڏهن تخليق نه ڏئي سگهندو آهي ته پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪندو آهي. ممڪن حد تائين ڪي مثال اهڙا آهن، جيئن اسان وٽ سنڌي ڪهاڻيءَ جي هاڪاري نالي جمال ابڙي صاحب جڏهن محسوس ڪيو ته هاڻ هو ڪهاڻي نه لکي سگهندو ته هو ڪهاڻيءَ کان بنهه پري هليو ويو ۽ آخر ۾ پنج جلد پنهنجي آتم ڪٿا جا لکيائين پر اهو به سچ آهي ته سنڌ ۾ جمال ابڙي صاحب جي ڪهاڻين جو اڄ به ساڳيو مرتبو آهي، جيڪو چاليهه سال اڳ هئو. ان جي ابتڙ شيخ اياز جو مثال آهي ته هن سنڌي ادب جي هڪ بيمثال لکڻي، پنهنجي آتم ڪٿا طور چئن جلدن ۾ ڏني ۽ ان کان پوءِ به ڪيترا تخليقي ڪتاب لکيا. ائين موهن ڪلپنا به پنهنجي آتم ڪٿا کان پوءِ به تخليقون ڏنيون. پر خود ”بک عشق ۽ ادب“ هڪ شاندار آتم ڪٿا آهي، جنهن کي ڪنهن به تخليقي لکڻيءَ سان ڀيٽي سگهجي ٿو. تنقيد ۽ تعريف جو لاڳاپو ڪنهن به تخليق سان گهڻو پوءِ جڙي ٿو. ”بک عشق ۽ ادب“ ۾ جيڪو سنڌ سان پيار جو تخليقي ۽ جذباتي اظهار آهي، ان خود سنڌ جي پڙهندڙ جي دل ۾ موهن ڪلپنا لاءِ هڪ خاص جڳهه جوڙي ورتي. ادب جي حوالي ۾ موهن بابت لکيل لعل پشپ جي لکڻين مان ڪي حوالا جائز به سمجهجن تڏهن به موهن جو جذباتي پڻو خود موهڻ جهڙو آهي. موهن جذباتي هئو، اهو تاثر سڀن هند جي اديبن وٽ آهي. پر ان جذبات جيڪو هند ۽ سنڌ کي ڳنڍيو، اهو خود هڪ مثبت پهلو آهي، موهن جي ادب جو.

ڪنهن ڌرتيءَ جي خاص حصي سان لڳاءُ، ڪنهن خاص ٻوليءَ سان لڳاءُ، ڪنهن خاص ثقافت سان لڳاءُ، ڪنهن به ليکڪ جي سڃاڻپ لاءِ اهم هوندو آهي، ان کان پوءِ هن جو ادب ۽ ويچار اچن ٿا. ان ڪري موهن جو سنڌ سان جذباتي لڳاءُ اهڙو ئي آهي، جهڙو ادب کان ٻاهر، عام هندستان ۾ رهندڙ سنڌين جو آهي، جلاوطني هر شخص لاءِ روحاني عذاب هوندي آهي، ان ۾ اديب ۽ غير اديب جو سوال نه آهي، ۽ موهن ڪلپنا جهڙي حساس ۽ جذباتي شخص جو سنڌ سان لڳاءُ ته بنهه فطري آهي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ حساس شخص به آهي، هڪ سوچيندڙ ليکڪ به آهي ته هڪ جلاوطن ڪيل سنڌي به آهي ۽ مان ڀايان ٿو ان جذبات جيڪا موهن جي لکڻين ۾ ڪشش پيدا ڪئي آهي، اها هن کي هند ۾ رهندڙ ڪيترن اديبن کان الڳ ڪري بيهاري ٿي. سچيت پڙهندڙ اهو ڄاڻن ٿا ته  موهن ڪلپنا جو ادب فقط ان جذبي جي ٻاهران نٿو ڦري. هن پنهنجي سماج جي الڳ الڳ حوالن کي پنهنجي ڪهاڻين توڻي ناولن ۾ آندو آهي ۽ ائين ڪري هن پنهنجي ادب جي ويڪري دائري ۾ پنهنجي اهم سڃاڻپ ڏني آهي. جيڪا نج تخليقي آهي. هو اول آخر هڪ تخليقار آهي، پوءِ سندس ٻيون سڃاڻپون شروع ٿين ٿيون. سنڌ سان بيحد عشق به هن جي هڪ سڃاڻپ آهي. ٻيا عشق هن جا الڳ آهن. جيڪي به نه وسرڻ جهڙا آهن، سندس ڪتابن وانگر.

اهو بنهه درست نه ٿيندو جيڪڏهن موهن ۽ ڀاڀي ڪمل جي اهم ترين تخليق جو ذڪر سندس حوالي ۾ نه ڏجي، ۽ اها تخليق آهي ”گيتا“ موهن ڪلپنا ۽ ڀاڀي ڪمل جي سموري ڪائنات! جيڪا هاڻ به شايد الهاسنگر ۾ رهي ٿي. موهن ڪلپنا جمع جي ڏينهن ۱۹ جون ۱۹۹۲ع تي دل بيهي وڃڻ سبب ديهانت ڪيو. سندس ديهانت ڇا هئو، هند ۽ سنڌ جي اديبن ۽ پڙهندڙن جون اکيون آليون ٿيون، جن مان ڳوڙها ٽميا، جن کيس هڪ عظيم ليکڪ طور ڀيٽا ڏني. اڄ هو پنهنجي ڪتابن وسيلي اسان سان گڏ آهي. هونئن به ورهاڱي کان پوءِ اسان ڪڏهن به کيس الڳ نه سمجهيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا