; سنڌي شخصيتون: استاد بڙي غلام علي خان- نصير مرزا

26 July, 2013

استاد بڙي غلام علي خان- نصير مرزا

استاد بڙي غلام علي خان
جادو لائي ويا جيءَ ۾
نصير مرزا
متان ڪو اعتبار نه به ڪري، پر اٿَو بابا حقيقت ته شهنشاهه گائڪ، استاد بڙي غلام علي خان کي، لفظ حيدر سان ڪا اهڙي ته حب هوندي هئي، جو اڻهئي رهيو حيدرآباد سنڌ ۾ پيو هوندو هو ۽ پوءِ وفات وڃي ڪيائين ته اها وري! هند واري حيدرآباد دکن ۾. خير.... حُسن جي ديوي مڌو بالا ۽ جذبات جي بادشاهه دليپ ڪمار واري فلم مغل اعظم لاءِ، راڳ پوريا ۾ ٻه ٺمريون، ’پريم ڪي مار ڪٽار....‘ ۽ ’پريم جوگن بن ڪي...‘ ۽ ڪيئي ٻيا به راڳ پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرائيندڙ، هي استاد بڙي غلام علي خان ته خير ٿيو پنهنجي جاءِ تي.... هُو ڀٽائي صاحب جي وائيءَ... ’جادو لائي ويا جيءَ ۾‘ ... کي ’سنڌڙو‘ راڳ ۾ ڳائيندڙ راڳ جو بي مثل استاد عاشق علي خان به، حيدرآباد ۾ شيش محل هوٽل واري ايريا اندر، هي اجهو رهندو ئي روڊ وارين ماين... نوابي ۽ گوليءَ جي آستاني تي ۽ اڙي بابا ٻڌائيندا آهن ته استاد عاشق علي خان جي ڳلي ۾ هي ڪو ميٺاج ۽ رس ڀريل هوندو هو! ۽ اهو به اهڙو جو، ماکي مصري ان جي آڏو پري وڃي اڇل ابا!؟ چون ٿا ڳائڻ وقت اهڙيون ته ڇُوٽ تانون وٺي هڻندو هو، جو ڀانءِ ته هر طرف هيرن، جواهرن ۽ موتين جا وڏ ڦڙا مينهن پيو ٿو وسائي، ۽ اهو ئي عاشق علي خان، جي لاهور ۾ وڃي رهندو هو ته هيرا منڊيءَ ۾ پنهنجي شاگرد زاهده پروين وٽ، جيڪا اتي خواجه فريد جي ڪافين سان آسمان سرن تي کنيو ويٺي هوندي هئي. هوڏانهن ملتان ۾ وري خانصاحب توڪل حسين خان، حسين بخش ڊاڊي ۽ پاڪ گيٽ وٽ اقبال بانو... ۽ هي سڀ وري ڪلاسيڪل راڳن ۽ ڪافين سان اتي ڄڻ جهنگل ۾ منگل مچايو ويٺا هوندا هئا. جڏهن ته هيڏانهن پاڻ واري پاسي حيدرآباد سنڌ ۾ وري استاد الهه ڏنو خان نوناري، استاد خير محمد خان، استاد بيبو خان ۽ ٿورو پوءِ استاد منظور علي خان ۽ کانئن ڪيئي ورهيه اڳ ڀٽائي صاحب واري ڀٽ تي پهتل اٽل ۽ چنچل، ۽ انهن بابت وڏڙا ٻڌائيندا آهن، ته گواليار وارا اهي راڳي جنهن وقت ڀٽ تي پهتا هئا، گلان ماڇاڻي دنبوري جي تار تي اتي جهمر پئي هنئين. تڏهن هو به ساڻ ساڻ پنهنجا سر منڊل کولي پلٿيون ماري، واريءَ تي ويهي رهيا هئا.

خير مون ڳالهه پئي ڪئي، استاد عاشق علي خان جي، جنهن بابت مٽياري واري مهان موسيقي شناس سائين پير زمان شاهه ڪنهن وقت ٻڌايو هئم ته استاد بڙي غلام علي خان کي هڪ ڀيرو شوق جاڳيو ته استاد عاشق علي خان سان هڪ هڪاڻي وارو ڪو دنگل ڪري. ان بعد ۾ اهڙي معرڪي لاءِ تاريخ ۽ هنڌ به مقرر ٿيو ۽ اهو اتي اڃا شروع ئي ٿيڻ وارو هو، جو بڙي غلام علي خان جي والد بزرگوار استاد علي بخش کي مقابلي جي سُڻس پئجي وئي، ۽ ان کان پوءِ ته ائين  ٿيو، جو هو ڊوڙندو.. پيرن اگهاڙو.... گوڏ گنجيءَ ۾، دنگل واري هنڌ تي پهتو ۽ پٽ جي پيرن تي اچي ڪري پيو.. چيائينس اهڙو ظلم نه ڪر ٻچا.. عاشق علي خان شهنشاهه گائڪ ۽ تون فقير جو ٻار... هارائي وئين، ته صدين تائين راڳ دنيا ۾ منهن ڏيکارڻ جهڙا نه رهنداسين ۽ ختم ٿي ويندو پنهنجو خاندان ۽ انهي قصي بعد سائين زمان شاهه ٻڌائڻ لڳو... عاشق علي خان سالن جا سال مون وٽ مٽياريءَ ۾ رهيو پيو هوندو هو. نهايت سمارٽ سخي ۽ فقير منش انسان هوندو هو ۽ اهو به اهڙو، جو ڪنهن تن جا ڪپڙا گهريس، ته اهي به هو ڏيئي ڇڏيندو هو. تڏهن چوندو هومانس! ”استاد سائين! هي اهو ڇا ڪيئي!؟“ ته جهٽ چوندو هو.. ”بس صاحب... دي ديئي..“ پوءِ ٻڌائڻ لڳو... استاد عاشق علي خان جي مقابلي ۾ هي بڙي غلام علي خان، بدن ۾ بي حد ڀاري ڀرڪم هوندو هو... يعني سولي سنڌيءَ ۾ چئجي ته متارو مڙس هو. ٽنگون سنهيون، پر ڇاتي موڪري هئس ۽ پيٽ وڏو، رنگ سانورو، مڇون وڏيون وڏيون يعني باقاعده شهپر ۽ انهن جون ڪنڊون مروڙيل، مٿي تي وڏو ٽوپلو پائيندو هو ۽ ان جي چوڌاري وري صافو ويڙهي ڇڏيندو هو ۽ عام ڪلاسيڪل راڳين جي ابتڙ، تانپوره جي بدران سُر منڊل جهوليءَ ۾ رکي پوءِ راڳ ڳائيندو هو. ائين راڳ شروع ڪرڻ کان پهرين سُر منڊل تي جڏهن آڱريون ڦيريندو هو ته ماحول ڄڻ موسيقيءَ جي سمونڊ ۾ لڙهڻ لڳندو هو. هڪڙي ڀيري.... حيدرآباد جي هاڪاري طبله نواز غلام محمد عرف غلامون ماڙيچي، سندس باري ۾ ٻڌايم پئي! سائين!! وڏو غلام علي اسان واري پاڙي جمال شاهه جي پڙ ۾ هڪ ڀيري ڳائڻ آيو ته ان وقت هن سان پنهنجو طبلي وارو به گڏ هو، پر مون کي حڪم ڪيائين.. ”غلامون آج تو ميري نال بجا..“ هاڻي سائين هڪڙو ان ڏينهن چانڊوڪي رات، مٿان راڳ بهاگ ڇيڙي ڇڏيائين ۽ اهو به اهڙو، جو دل منهنجي چاهي پئي ته، طبلي مان هٿ ڪڍي رڳو ويٺو راڳ جي هن ديوتا کي ڏسان ۽ ٻڌان. بهرحال... جيئن تيئن ڪري نڀائي ته ويس، پر وقت ڏاڍو ڪشمڪش ۾ گذاريم ۽ اجهو ان ئي بڙي غلام علي خان بابت عيني آپا لکيو آهي ته ڦوهه جوانيءَ ۾ جڏهن هو سارنگي نواز هو، تڏهن ايڏي ته ڦڙتيءَ سان اهو ساز وڄائيندو هو، جو راڳ جي درت وقت ’گز‘ تيزيءَ سان سارنگيءَ تي ائين ته هيڏانهن هوڏانهن ڪندو هو، جو لڳندو هو، ٻڌندڙن جا سر ڌڙن کان ڌار پيو ڪري. سارنگيءَ تي ايڏي مهارت سبب پوءِ هن کي بازار حسن واري خوبصورت گائيڪا عنايت ٻائي ڊيران واليءَ پنهنجو ساٿي وڄتو بنائي ڇڏيو هو. بازار حسن جا پراڻا ”هيراڪ“ ٻڌائين ٿا ته عنايت ٻائي ڪا سهڻي هوندي هئي!؟ ۽ هي به پيا چوندا هئا، ته قهر هئي قهر... نازڪ نفيس ۽ نرمل نرمل به اهڙي جهڙي ريشم جو تاڪيو، (ڪو چاهي، ته يُو ٽيوب تي، سندس آواز ۾ هي مجرو به ٻڌي سگهي ٿو، ناز والي نياز ڪيا جاني) هاڻي عاشق سڀاءُ غلام علي خان ان سان واسطو وڌائڻ جي جرئت ڪئي، ته ڪنڊن ۾ اٽڪي پيو، تڏهن اهڙي عشق ۾ منهن ڀر جو ڪريو، ته سارنگي سوڌو پاڻ کي راوي درياهه ۾ ٻوڙڻ لاءِ ڊوڙيو.. دوستن بر وقت پهچي بچائي ورتس، ته سارنگيءَ جا اٺ ٽڪر ڪري، گوڏو کوڙي راڳ جي رياضت ۾ پوءِ ايڏو ته هيٺ لهي ويو، جو پاتال مان اڀريو ته ڪنول جو گل ٿي ظاهر ٿيو. پوءِ گلاب جو عطر هڻي شاهدره لاهور ۾ جهانگير جي مقبري آڏو پهرين پهرين پبلڪ پرفارمنس ڏنائين، ته ماڻهن کان دانهون ڇڏائجي ويون. اڙي بابا... هي ٿورو ٻڌو ته.. دنيا کي نئون تانسين ملي ويو آهي....
هونئن هتي ڇا حرج آهي، جي هي به لکندو هلان، ته بڙي غلام علي خان جو چاچو ڪالي خان به وڏو گوَيو هو ۽ ڇا ته برڙ باڪاس گويو هو. سندس نالو ڇاڪاڻ ته ڪالي خان هو ۽ پاڻ شڪل شبيهه ۾ به جيئن ته ڀُوت جيان لڳندو هو، ان ڪري کيس سڏيندا ئي هئا ڪالي خان ڀُوت گويا... هاڻي هتي سوال ته پاڪستان ۾ ايڏي هاڪ ڌاڪ جي باوجود هن پنهنجي بڙي غلام علي خان هندستان ڏانهن ڇو هجرت ڪئي!؟ ته ان بابت هڪڙا محقق چون ٿا، لاهور جي ساڙ سڙين راڳين ڪنهن محفل ۾ عين ان وقت هن جڏهن مالڪوس ۾ ٺمري پئي ڳائي! ڪوئليا بولي... هن جي مٿان ڏيڏرن جو ڀريل ٻورو نائي ڇڏيو هو، ۽ سندس ان محفل ۾ افراتفري پيدا ڪري ڇڏي هئي، جنهن سبب هو بد دل ٿيو. ٻيا محقق چون ٿا ته ريڊيو جي بالا آفيسر، زيڊ اي بخاري هن کي برداشت نه پئي ڪيو، سو اهڙي صورتحال ۾ جواهر لال نهرو هن کي هندستان اچڻ جي دعوت موڪلي ته پاڪستان ڇڏي هو دهلي ايئرپورٽ تي وڃي لٿو، جتي لهڻ سان هيرن جواهرن جو پهريون هار ئي نهرو صاحب پاران کيس ڳلي ۾ پارايو ويو، پوءِ هاٿي تي سوار ڪرائي ڍول تاشن سان دهليءَ جي ڳلين ۾ هن جو سواگت ڪيو ويو. پوءِ پدم ڀوشن جهڙو وڏو ايوارڊ کيس ڏنو ويو. ڪي آصف سندس آواز ۾ ڳري معاوضي سان فلم مغل اعظم لاءِ ٻه ٺمريون رڪارڊ ڪيون. پر افسوس سندس بي پناهه شهرت سبب، ڪنهن ناظرو جي نظر هن کي کائي وئي ۽ هو فالج ۾ مبتلا ٿي ويو. سندس محقق چوڌري ’حزين‘ لکيو آهي ته استاد کان ڪنهن وقت پڇبو هو ته ڪائنات جي زنده آوازن مان اوهان جي پسند جا آواز!؟ ته يڪدم چوندو هو مون کي ننڍڙن ننڍڙن پکين مان جهرڪين جي چر ٻر ڏاڍي وڻندي آهي، ۽ الاس! بقول چوڌري حزين جي پوءِ علالت جي بستري تي نڍال، انهي فالج زده استاد بڙي غلام علي خان جي عيادت لاءِ آئون جڏهن حيدرآباد دکن پهتس ۽ سندس ڪمري ۾ ڪي گهڙيون گهاري اهي اجهو ننڍڙن ننڍڙن پکين جي معصوم آوازن سان بي پناهه پيار ڪندڙ غلام علي خان کان موڪلائي پوءِ ٻاهر پئي نڪتس ته پويان کان جهيڻي ۽ بيزاريءَ ڀريي آواز سان التجا ڪندي... سڏ ڏنائين... او ڀائي.... اوبرادر، او منهنجا هڏ ڏوکي وينٽي ليٽر تي هي جيڪي جهرڪيون چر چر لائي ويٺيون آهن، انهن کي اتان ٿورو اُڏائيندو ته وڃ، جو منهنجي مٿي ۾ انهن جي آوازن ته ٽونگ ڪري ڇڏيا آهن بابا!


No comments:

راءِ ڏيندا