استاد
بڙي غلام علي خان
جادو
لائي ويا جيءَ ۾
نصير
مرزا
متان ڪو اعتبار نه به ڪري، پر اٿَو بابا حقيقت ته شهنشاهه
گائڪ، استاد بڙي غلام علي خان کي، لفظ حيدر سان ڪا اهڙي ته حب هوندي هئي، جو اڻهئي
رهيو حيدرآباد سنڌ ۾ پيو هوندو هو ۽ پوءِ وفات وڃي ڪيائين ته اها وري! هند واري حيدرآباد
دکن ۾. خير.... حُسن جي ديوي مڌو بالا ۽ جذبات جي بادشاهه دليپ ڪمار واري فلم مغل اعظم
لاءِ، راڳ پوريا ۾ ٻه ٺمريون، ’پريم ڪي مار ڪٽار....‘ ۽ ’پريم جوگن بن ڪي...‘ ۽ ڪيئي ٻيا به راڳ پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ
ڪرائيندڙ، هي استاد بڙي غلام علي خان ته خير ٿيو پنهنجي جاءِ تي.... هُو ڀٽائي صاحب
جي وائيءَ... ’جادو لائي ويا جيءَ ۾‘ ... کي ’سنڌڙو‘ راڳ ۾ ڳائيندڙ راڳ جو بي مثل استاد
عاشق علي خان به، حيدرآباد ۾ شيش محل هوٽل واري ايريا اندر، هي اجهو رهندو ئي روڊ وارين
ماين... نوابي ۽ گوليءَ جي آستاني تي ۽ اڙي بابا ٻڌائيندا آهن ته استاد عاشق علي خان
جي ڳلي ۾ هي ڪو ميٺاج ۽ رس ڀريل هوندو هو! ۽ اهو به اهڙو جو، ماکي مصري ان جي آڏو پري
وڃي اڇل ابا!؟ چون ٿا ڳائڻ وقت اهڙيون ته ڇُوٽ تانون وٺي هڻندو هو، جو ڀانءِ ته هر
طرف هيرن، جواهرن ۽ موتين جا وڏ ڦڙا مينهن پيو ٿو وسائي، ۽ اهو ئي عاشق علي خان، جي
لاهور ۾ وڃي رهندو هو ته هيرا منڊيءَ ۾ پنهنجي شاگرد زاهده پروين وٽ، جيڪا اتي خواجه
فريد جي ڪافين سان آسمان سرن تي کنيو ويٺي هوندي هئي. هوڏانهن ملتان ۾ وري خانصاحب
توڪل حسين خان، حسين بخش ڊاڊي ۽ پاڪ گيٽ وٽ اقبال بانو... ۽ هي سڀ وري ڪلاسيڪل راڳن
۽ ڪافين سان اتي ڄڻ جهنگل ۾ منگل مچايو ويٺا هوندا هئا. جڏهن ته هيڏانهن پاڻ واري پاسي
حيدرآباد سنڌ ۾ وري استاد الهه ڏنو خان نوناري، استاد خير محمد خان، استاد بيبو خان
۽ ٿورو پوءِ استاد منظور علي خان ۽ کانئن ڪيئي ورهيه اڳ ڀٽائي صاحب واري ڀٽ تي پهتل
اٽل ۽ چنچل، ۽ انهن بابت وڏڙا ٻڌائيندا آهن، ته گواليار وارا اهي راڳي جنهن وقت ڀٽ
تي پهتا هئا، گلان ماڇاڻي دنبوري جي تار تي اتي جهمر پئي هنئين. تڏهن هو به ساڻ ساڻ
پنهنجا سر منڊل کولي پلٿيون ماري، واريءَ تي ويهي رهيا هئا.