گدائي
ھيڻن جو ھمراھ
شاڪر کوسو
ويهين صديءَ جي شروعات ۽ سندس پهرين سال جي پهرين تاريخ تي ٺل تعلقي جي
ناليواري زمينداربهادر خان کوسي جي ڪمدار بجار لاشاريءَ جي گهر ۾ پٽ جي ولادت ٿي،پٽ
جي آمد تي خوشيءَ جا ڳيچ ڳايا ويا،سندس ڇٽيءَ تي اوڙي پاڙي ۽ بجار لاشاري جي ڪمداري
هيٺ آيل هارين جي عورتن جي مبارڪباديءَ لاءِ اچ وڃ رهي هوندي،ان ڏينهن بجار پاران پتڪڙي
پٽ جي ڇٽيءَ جو نالو ”بگن“ رکيو ويو جيڪو بعد ۾ بانبڙا پائڻ ۽ پهرين شرارت کان پوءِ
”بگن“ مان ڦري ”بگو-بگو“ سڏجڻ لڳو. خيال اهو ٿو ڪجي ته سندس والد پاران ڀوتارڪي راڄ
هيٺ سندس ”درخشان مستقبل“ لاءِ دعائون گهريون ويون هونديون ۽ دل ئي دل ۾ اهو سوچي گد
گد ٿيو هوندو ته ”بگن“ وڏو ٿي سندس ”منصب“ سنڀاليندو پر هن کي ڪهڙي ڪل ته اڄ جو ”بگو“
سڀاڻي جي سنڌ جو ”عبدالڪريم گدائي“ بڻجي ڏيهه جي ڏاڍن ۽ بگڙيل ڀوتارن خلاف بغاوت جا
الم بلند ڪري ”ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي“ بڻجي گونجار ڪندو!
سچ ته عبدالڪريم گدائي ويهين صديءَ جي پهرين سال جي پهرين ڏينهن جو خداتعالي
پاران مظلوم مخلوق لاءِ خلقيل تحفو آهي پاڻ جڏهن سندس شاعريءَ جي ڪليات ”لاٽ ٻرندي
رهي“۾ گهرون ٿا ته سندس شاعري ڄڻ ته اسان منجهه سرايت ڪري وڃي ٿي ۽ سندس شاعري اتساهه
ڏيارڻ لاءِ هيئن ٻارڻ جو ڪم ڪري ٿي؛
نيٺ گدائي ٻارڻ ٻرندا
انسانن جا وارا ورندا
ڪنڊن مان ئي ڦول اڀرندا
ظالم سڙندا،ڳرندا،مرندا
ماڻهو ٿيندا شاد
دنيا ۾ نيٺ ته ٿيندو دادٰ !
سندس شاعري پڙهي خواهش ٿي جنم وٺي ته ڪاش!اسين به گدائيءَ کي روبرو ٻڌون
ها پر موت ته اوس اچڻي ئي آهي،جنهن مان هن جهان جا وڏا وڏا عالم، مدبر، سائنٽسٽ، مفڪر
شاعر اديب ۽ سياستدان به پلئه پاند نه ڇڏائي سگهيا آهن بهرڪيف هر اهو ماڻهو جيڪو هن
جهان کي الڳ ۽ منفرد زاويي سان ڏسي ٿو اهو پنهنجن قولن، فعلن، عملن ۽ سچاين ڪري هر
دور ۾ زنده جاويد رهي ٿو، اڄ ”گدائي“ صاحب ان ڪري زنده جاويد ناهي ته هو هڪ ناليواري
زميندار جي ڪمدار جو پٽ هو پر اڄ هو اسان جي نوجوانن، نياڻين ۽ پوڙهن جي دلين جي ڌڙڪن
انڪري بڻيل آهي جو هو اسانجو ترجمان آهي، اسانجي خيالن جي عڪاسي ڪندڙ، اسانجي جذبن،
امنگن، احساسن ۽ ڌرتيءَ کي دين ڌرم مڃيندڙ محب وطنن جو ايمان آهي!
جڏهن ڀٽي صاحب اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته گدائي صاحب پنهنجن
خواهشن کي هيئن بيان ڪيو؛
ڪر سڻايون ٿين ديس ۾ شل!
اجهو، لٽو ۽ اٽو، ان جال جام ٿئي!
گدائي صاحب پنهنجن مختلف شعرن ۾ فيض احمد فيض جيان اسان سان مخاطب ٿيندي
چيو آهي ته حيات انساني جي اجتماعي جدوجهد جو ادراڪ ۽ پوءِ ان جدوجهد ۾ حسب توفيق شرڪت
ئي نه رڳو زندگيءَ جي تقاضا آهي پر فن جي گهرج پڻ! ۽ گدائي صاحب بذات خود انهيءَ جدوجهد
۾ بر سر پيڪار رهيو، سياسي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن ۽ وطن جي گھڻ گهرن کي ملندڙ صعوبتون،اذيتون،قيد
تنهايون، ۽ عملدارن جا مڪروه ٽهڪ انهيءَ سڄي عملي ڪم جا روشن مثال آهن، اسين سمجهون
ٿا ته شاعر ۽ اديب جو ڪم فقط ۽ فقط ”غير جانبدار“ ٿي لکڻ آهي ۽ غير جانبدار ٿي لکڻ
سان ئي حقيقتن جي صحيح عڪاسي ڪري سگهجي ٿي ۽ انقلاب جو رستو ”غير جانبدار“ ادب مان
ئي تعين ڪري سگهجي ٿو.
گدائي صاحب جي شاعريءَ جا ڪيترائي پاسا آهن، هڪڙي پاسي دنيا جي تلخ حقيقتن
۽ ظلمتن جو درد آهي ته ٻئي پاسي وري گدائي صاحب حسن و محبت جي حڪايتن جا گيت ٻڌائيندڙ
آهي، گدائي صاحب ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍ ڏهڪاءُ جبر جي ڪوٽن کي مضبوط ۽ ويچاري انسان کي
سورن ۾ورتل ڏسي دانهين ٿو.
سندس شاعريءَ جا ڪيترائي رنگ ۽ پاسا آهن دل ته چئي ٿي ته سندس مڪمل ”ڪليات“ هتي ڏيئي ڇڏيان.
گدائي صاحب جي شاعري اڄ جي حالتن سان به ٺهڪندڙ آهي جيتوڻيڪ گدائي صاحب
کي هن دنيا مان وئي ڪيئي ورهيه گذريا آهن پر هو پنهنجي شاعري وسيلي ”بني نوع انسان“
جي بقا تائين زنده جاويد رهندو. اچو ته اُن عظيم انسان کي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس
ئي سٽن ۾ ڀيٽا ڏيون:
جيئي سنڌ! جيجل جو آهي قسم،
ته جيسين آ سينو ۽ سيني ۾ دم،
ٿئي ديس خاطر جي سر ڀي قلم:
ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي!
No comments:
راءِ ڏيندا