; سنڌي شخصيتون: محمد لائق - عزيز گوپانگ

01 July, 2013

محمد لائق - عزيز گوپانگ

محمد لائق
ايم اي انگريزي پاس
عزيز گوپانگ
سٺ واري ڏهاڪي جو اهو ئي سال هو، جڏهن نيلو جي پهرئين فلم، باڪس آفيس تي هيٺ ويئي هُئي. سندس مٿان فلمايل مشهور گانو ”آئي موسم رنگيلي سهاني، جيا نهين ماني، تو ڇُٽي لي ڪي آجا بالما“ ٻُڌي سرڪاري ملازم مؤڪلون وٺي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن لاءِ روانا ٿي رهيا هئا، سرڪاري دفتر خالي پئي ٿيا، سرڪار مؤڪلن تي پابندي وڌي! ۽ تڏهن محمد لائق لاهور ۾ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي گيسٽ هائوس جي ٻه ماڙ ڪمري جي دري کولي، نيلو جي نالي جو هِڪ زوردار نعرو هڻي ٽپو ڏنو!

عشق جو اِهو ٽپو کيس ورثي ۾ مليو هو، سندس ويجهو عزيز مرحوم غلام نبي گوپانگ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪري جڏهن واپس ڳوٺ پهتو ته کيس سرڪار هِڪ وڏي نوڪريءَ جي آڇ ڪئي، پر فرسٽ پوزيشن حاصل ڪندڙ غلام نبي ڪابه نوڪري نه ڪئي ۽ وڃي پنهنجي اندر ۾ ڪنهن جي ٺاهيل اوتاري ۾ ويٺو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين اُن در تان نه اٿيو.
سو، سٺ واري ڏهاڪي ۾ ايم اي انگريزي پاس ڪندڙ محمد لائق نيلو جي سڏ تي گيسٽ هائوس جي در مان ٻاهر اچڻ جي بجاءِ دريءَ مان ٽپو ڏنو ۽ گوڏي وٽان ٽنگ ڀڃائي ويٺو.
ٽنگ ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ هُن ڇانگا مانگا جا سڀ وڻ کپائي اُنهيءَ دؤر ۾ هِڪ لک روپيو جمع ڪيو ۽ وڃي نيلو جي سامهون ٽيبل تي ويٺو! سندس مامو نور محمد، جيڪو سندس بورچي به هو ٻُڌائي ٿو ته هُن هِڪ لک جا ڏهه سير تور جيترا نوٽ بيگ مان ڪڍي نيلو جي اڳيان رکيا ۽ کيس سڌي شاديءَ جي پيشڪش ڪيائين! نيلو سندس پئسن جي ڍيريءَ کي پير سان پري ڪري چيو ته مُنهنجي شادي رياض شاهد (لالي ووڊ جي هاڻوڪي مشهور اداڪار شان جو پيءُ) سان ٿيڻ واري آهي، تون پنهنجي هنن پئسن مان هِڪ دکي وٺ ۽ دِل کي ڌوئي اُن ۾ سنڀالي رک!
دريءَ مان ٽپو ڏئي هُن ٽنگ ته اڳ ۾ ٽوڙائي هُئي، نيلو جي اهڙي جواب سندس دِل به ٽوڙي! ڪنڊياري جي ڪچي واري علائقي جو رهواسي، محمد لائق گوپانگ ٽٽل دِل ۽ ڀڳل دِل سان گلبرگ جي گلين جي دز ٿي ويو! فاريسٽ آفيسرن کي اُن وقت فوجي ورديءَ جهڙو لباس ڏنو ويندو هو، هُن پنهنجي اُها وردي لاهي هِڪ عدد استعيفيٰ کيسي ۾ وجهي، آفيس جي ٽيبل تي رکي ۽ لاهور جي فلمي اسٽوڊيوز ٻاهران نيلو جي هِڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ چڪر ڪاٽڻ لڳو!
سندس مامي نور محمد، پهرين ته اِهو ڀانيو ته هو ٺيڪ ٿي ويندو، ٿڪجي پوندو ۽ پوئتي موٽ کائيندو پر هي جرواري، ڇنڊڻ شاخ يا روهڙي ڪئنال ۾ ڏنل ٽپو نه هو، جنهن مان جيئرو يا مئل ماڻهو ٻاهر ڪڍي سگهجي، هي ته عشق جو ٽپو هو، جنهن مان نه ماڻهو مُئل نڪرندو آهي ۽ نه ئي جيئرو! بس غرق في سبيل الله!
آهستي آهستي سندس ڪپڙا ميرا ٿيندا ويا، عشق سندس اندر ايترو اُجاريو جو هُن وهنجڻ به وساريو ته تيل ڦليل به ترڪ ڪيا، هُن کان ن.ي.ل.و (نيلو) کان علاوه الفابيٽ جا بچيل باقي سمورا لفظ وسري ويا ۽ جڏهن هُن کان پنهنجو نالو به وسريو ته نور محمد کي واقعي به پڪ ٿي وئي ته محمد لائق کي عشق ناهي لڳو، هُو وڃي عشق ۾ لڳو آهي ۽ سنڌا سنڌا ٿي، ڀاڱا ڀاڱا ڪريو آهي، ان ڪري هِن کي اُٿارڻ ائين آهي جيئن اڏ تي ويٺل اُٺ کي اٿارڻ. سو هُو ٽڪيٽ وٺي اچي ڳوٺ رسيو! هُو محمد لائق کانسواءِ، اڪيلو ڳوٺ ڪڏهن به ڪونه آيو هو، سو ساڻس محمد لائق کي گڏ نه ڏسي سڄو ڳوٺ مٿس اچي مڙيو! لائق ڪٿي آهي! اسان جي وڏي مامي دُر محمد کاؤنس پنهنجي پُٽ جو پڇيو! نور محمد صفا چُپ، ڪڇي جهڙي ڀت! محمد لائق جي امڙ سُور جيان سُري اڳيان وڌي ۽ ساڳيو سوال ڪيائين. نور محمد وري به چُپ، صفا چپ، رڳو سندس چپ پئي ڦڙڪيا، ائين جيئن تازي ڪٺل جانور جي گوشت جا رشيا ڦڙڪندا آهن! نيٺ اسان جي ڏاڏي، حاجي خان گوپانگ زائفائن ۽ مردن جي هجوم کي ڪپڙي جيان وچان ڏار وجهي اڳيان وڌيو ۽ سانت سماعت واري انداز ۾ کاؤنس حال احوال ورتا! هُن وراڻيو!
محمد لائق چوري ٿي ويو آهي! ڪيئن؟ سڀني گڏجي پڇيو. هُو جو جواب ڏيئي، ڏاڏي وچ ۾ ڳالهه جي ڳنڍ کوليندي چيو، عشق لڳو هوندس ٻيو وري ڪيئن! اِها اسان جي اَڍ آهي، ڪڏهن به، ڪنهن ۾ به اچي سگهي ٿي! جنهن بعد نور محمد سربستو احوال ڪري ٻُڌايو. ڳوٺان اسان جي ڏاڏي نور محمد سان گڏ ڏهه ٻارنهن ٻيا جانٺا جوان گڏي ڏنا، هُن ڄاتو پئي ته عشق جي ماريل ماڻهوءَ جو لاش چار ماڻهو نٿا کڻي سگهن! گڏوگڏ هُن سڀني عزيزن جي پٽڪن جا ور کولي اڌ ٻوري پئسن جي به کين ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مائي ”نيلو“ مڃي ته لائق کي پرڻائي اچو ۽ جيڪڏهن نه مڃي ته کڻائي اچو!
هي ڏهه ٻارنهن جوان لاهور ڏکيو پهتا ۽ نيلو وٽ اڃان به ڏکيو! هُنن پئسن جي ڀت ٺاهي سندس اڳيان بيهاري، مگر نيلو جي دِل ۾ محمد لائق لاءِ ڪابه جڳهه ڪانه جُڙي، جو رياض شاهد اُن ۾ پنهنجو گهر ڪُجهه اهڙي ريت ٺاهي چُڪو هو جو اُن ۾ وڌيڪ هِڪ سِر رکڻ جي جاءِ به ڪانه بچي هُئي! سو سڀني مايوس ٿي محمد لائق کي، اِن کان اڳ ۾ جو هُو ڀڄي وڃي، کڻي ٻک وڌو! هُو به گهڻو سگهو هو، کانئن ڇڏائي ڀڄي وڃي ها پر بنگل خان جي ڀاڪر مان ڇڏائڻ آسان ڪونه هو، هُن جي ڀاڪر ۾ ته موت جو ساهه منجهندو هو، سو ائين محمد لائق کي سامان ۾ ويڙهي، ريل ۾ وجهي، ڳوٺ لاءِ روانا ٿيا.
اُنهن محمد لائق جا ڪپڙا به کنيا، بوٽ به، سيرب جو سامان به، پر هڪڙي شيءِ کين نه لڌي سا نه لڌي! ۽ اُها هُئي محمد لائق جي دِل جيڪا عشق جي واچوڙي جي وچ ۾ اچي وئي هئي، جنهن پئي کيس رقص جا نوان سبق سيکاريا!
لاهور مان ڪنڊياري کڄي آيل محمد لائق جون اکيون، ڳوٺ وارا ٻُڌائن ٿا ته تڏهن ٽانڊن جيان ٻريون پئي، گِگ چپن جي بند ۾ روڻيون پئي وڌيون، نيلو جي نالي جا نعرا هَڻي هُن اڀ ۾ ڏار پئي وڌا، ڇرڪِ سان پئي واڍون ڇنايائين، سو سڀني گڏجي کيس ٻٻر جي وڻ سان ٻَڌو! ٻڌجڻ کانپوءِ هُن جي ڦٿڪڻ سان ٻٻر جو ٻور سندس پيرن ۾ ڪرندو ۽ ڍير ٿيندو رهيو، نيلو سان سندس عشق کي، ٻٻر پاران ڏنل اِها پهرين ڀيٽا هُئي!
سج مٿس اڀرندو لهندو رهيو، راتيون مٿس ڪرنديون رهيون، ڏينهن کيس پري کان ڏسندا رهيا، هُن پهرئين کائڻ ۽ پوءِ پيئڻ ڇڏيو، بدن ۾ بچيل سندس اُها طاقت، جيڪا ماکي، لسي ۽ مکڻ جي چاڻن جي صورت ۾ سندس ماءُ کيس ننڍي لاڪئون ڏيندي آئي هُئي، اُها سندس سرير کان الڳ ٿي بيهي رهي، هُن لڇڻ ڪڇڻ ڇڏيو ته مائٽن به کيس ٻٻر مان ائين ڇوڙيو جيئن مُئل مينهن کي ڪلي مان ڇوڙي الڳ ڪبو آهي.
۽ پوءِ هيون حڪيمن، طبيبن ۽ فقيرن جون ڦڪيون! سي به فرق ڪن ها، جيڪڏهن سندس عشق ۾ ڪو فرق هُجي ها، هُن ته دِل انهيءَ حد تائين نيلو کي نذراني ۾ ڏني هئي، جيستائين اُن جون سرحدون هيون، پاڻ وٽ ته خالي سينو رهجي ويو هئس، جنهن جي رستي رڳو ساهه پئي کنيائين! ڳوٺ وارن اِهو پهريون ڀيرو ڏٺو جڏهن دِل لاهور ۾ ڌڙڪي ۽ اُن جو آواز ڪنڊياري ۾ ٻُڌجي.
محمد لائق ته ايم اي انگريزي پاس ڪري لاهور نوڪري ڪرڻ ويو هو. پاس ڪرڻ لاءِ قسمت وري کيس ڪهڙي امتحان ۾ ويهاريو هو، جنهن ۾ نه ڪو پنو هو نه پين، نه ڪو سوال هو نه ڪو جواب، نه پاس ٿيڻ جي خوشي ۽ نه فيل ٿيڻ جو صدمو! هِڪ اهڙو امتحان جنهن ۾ پنا لکجن ته لوهه ۽ خالي ڇڏجن ته ڊوهه!
حڪيمن ۽ طبيبن ٿڪجي مٿن تي هٿ رکيا، درد جون سڀ دوائون، محمد لائق جي نڙيءَ مان هيٺ لهي، اکين مان ٿي، واپس لڙڪ لڙڪ ٿي سندس اُنهيءَ سيني تي ڪريون پئي، جنهن مٿان، نيلو جو مٿو رکي هُن سندس وارن ۾ آڱرين ڦيرڻ جا خواب ڏٺا هُئا!
روز صبح جو ڳوٺ جي ويجهو کان گذرندڙ فيڊر نالي ريل گاڏي ۾ نيلو جي نالي هجر جا پارسل موڪلڻ لاءِ هو ڊوڙون پائيندو هو، پر نيلو نيلو جي پَڪار ۽ ريل جي ڇڪ ڇڪ پاڻ ۾ ملي درد جي هڪ اهڙي تراني ۾ تبديل ٿي ويندي هئي، جنهن کي ٻڌي عاشق پنهنجي نئين ڏينهن جي سبق جي شروعات ڪندا هُئا!
وقت گذرندو رهيو، نيلو فلمن مٿان فلمون ڪندي ويئي، محمد لائق جواني جي ڪومي مان نڪري پيريءَ جي هوش ۾ اچڻ لڳو، سندس هوش ۾ اچڻ ۽ نيلو جي سج لهڻ جي وچ وارو عرصو ٽيهن سالن تي ٻڌل هو!

۽ اڄ جڏهن محمد لائق 75 سالن جي عمر ۾ دِل کانسواءِ جيئندڙ دنيا جي اڪيلي انسان طور، عشق جي پهرئين ٽپي ۾ ڀڃايل ٽنگ سان ڳوٺ حاجي خان گوپانگ ۾ لٺ جهلي، هلندي ڏسندو آهيان تڏهن منهنجي هِڪ نگاهه لاهور جي گلبرگ ٽائون ڏانهن به ويندي آهي، جتي ڪنهن بنگلي جي اڪيلي ڪمري ۾ نيلو سُتل هوندي ۽ سندس پلنگ جي پاسي ۾ ٺيڪ اُن جاءِ تي محمد لائق جي دِل به رکيل هوندي، جتي سندس پهرئين ملاقات ٿي هوندي.

No comments:

راءِ ڏيندا