علڻ فقير
عظيم لوڪ راڳي
ڪمال ڄامڙو
علڻ فقير، پنهنجي آواز ۽ انداز سبب، نه رڳو پاڪستان
۾ پر ٻاهرينءَ دنيا ۾ به مقبول هو. هو ڪانچ قميص ۽ اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي، هٿ ۾ يڪتارو يا
گهنگهرن وارو ڏنڊو کڻي الو ميان ڪندو هو ته ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن جا من موهي ڇڏيندو هو.
هو جڏهن نچڻ لڳندو هو ته پنڊال وارا به ساڻس گڏ نچندا هئا. هن کي اسٽيج تي ڳائڻ جي
ڏاڍي مهارت حاصل هئي. هو Stage
craft کان چڱيءَ
ريت واقف هو.
علڻ فقير پهريان ڪو ڳائڻو نه هو. هو هڪ مزاحيه اداڪار
ٻين لفظن ۾ مسخرو هو. هو ان سان گڏ دهل ۽ شرناءِ تي نچندو به هو. هوريان هوريان شادين
۾ لوڪ گيت ڳائڻ/ دُهل وڄائڻ لڳو. هو شروع شروع ۾ دادوءَ کان حيدرآباد يا ڪوٽڙيءَ وغيره
جي وچ هلندڙ بسن ۽ ريل گاڏين ۾ مسافرن کي لطيفا ۽ شاهه جا بيت ٻڌائي پيٽ گذر ڪندو هو.
ان زماني ۾ هو پينٽ ۽ شرٽ پائي گهمندو هو. تڏهن ڳوٺن ۾ پينٽ ۽ شرٽ جو رواج نه هو. ماڻهو
سندس اهو لباس ڏسي کلندا هئا. ان وقت علڻ پاڻ کي ”علڻ آزاد چڪر وارو“ سڏائيندو هو.
هو سنڌ ۾ شادين مرادين، ميلن ملاکڙن ۽ مختلف درگاهن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ ويندو
هو. اهڙي ريت حيدرآباد، ميرپور خاص، سانگهڙ، ٺٽي، ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن ۾ مقبول ٿي ويو.
علڻ فقير ۱۹۳۲ع ۾ جمعي ڏينهن پنجين شعبان تي ضلعي دادوءَ جي تاريخي ڳوٺ آمريءَ ۾ ڄائو.
هن جي پيءُ جو نالو ڌمالي فقير مڱڻهار هو. جيڪو مشهور دهلاري هو. علڻ فقير جو خاندان
دهل ۽ شرناءِ وڄائڻ کانسواءِ ڳائيندو به هو. ان ريت علڻ کي ڳائڻ وڄائڻ ورثي ۾ مليو.
علڻ جو اصل نالو ٽونئرُ فقير (يعني گُل) هو. جيڪو اصل ۾ سندس ڏاڏي جو نالو هو. جڏهن
علڻ فقير ڄائو ته سندس ڏاڏي زندهه هئي. جيئن ته هن جي مڙس جو نالو ٽونئر هو تنهن ڪري
پوٽي کي ان نالي سان سڏڻ مناسب نه هو. تنهن ڪري هن پنهنجي پوٽي جو نالو ٽونئر مان مٽائي
علي ڏنو، پوءِ علي بخش ۽ آخر ۾ علڻ رکيو. هونءَ به اسان وٽ علي ڏني يا علي بخش کي پيار
۾ علڻ يا بخشڻ يا ڏنل به سڏيندا آهن. علڻ پاڻ سان گڏ ڪشتو ۽ ڏنڊو به رکندو هو. ڏنڊي
۾ گهنگهرو ٻڌل هوندا هئا. وڏن مڻين وارو ڪنٺو به پائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن جوڳين فقيرن
واري هڪ مخصوص ٽوپي به پائيندو هو. اها ٽوپي رليءَ وانگر مختلف رنگين اڳڙين يا ڪپڙي
جي ٽڪرين مان ٺهيل ٿئي ٿي.
علڻ فقير کي فني دنيا ۾ اڀارڻ وارن ۾ سنڌ جي چئن علمي،
ادبي ۽ ثقافتي شخصيتن جو وڏو هٿ هو. انهن ۾ ممتاز مرزا صاحب، غلام حسين شيخ صاحب، ظفر
ڪاظمي صاحب ۽ منصور ويراڳي صاحب شامل آهن. ڪاظمي صاحب ۽ منصور ويراڳي صاحب سندس ڳوٺائي
هئا، جڏهن ته ممتاز مرزا ۽ شيخ غلام حسين حيدرآباد ۾ رهندا هئا.
ممتاز مرزا صاحب علڻ فقير کي حيدرآباد ريڊيي تي وٺي
آيو ۽ شيخ صاحب ان کي چمڪايو. مرزا صاحب علڻ کي ٽي ويءَ تي به موڪليو، جتي عبدالڪريم
بلوچ کيس متعارف ڪرايو.
ممتاز مرزا صاحب سان علڻ جي پهرين ملاقات چوڏهين آڪٽوبر
۱۹۶۱ع ۾ حيدرآباد جي بسنت هال ۾ ٿيل ڪل سنڌ مزاحيا ڪانفرنس
۾ ٿي. اها ڪانفرنس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي ڪوششن سان ٿي. ان
ڪانفرنس ۾ علڻ فقير به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ آيو هو. ان کان پوءِ ريڊيو پاڪستان
جي نالي واري پروڊيوسر مرحوم شيخ ابراهيم جي شاديءَ ۾ ممتاز مرزا صاحب علڻ کي نچندي
ڏٺو. پوءِ ڀالوا ڳوٺ ٿر ۾ ٿيندڙ مارئيءَ جي ميلي ۾ مرزا صاحب، علڻ کي شاهه جا بيت ڳائيندي
ٻڌو. ان کان پوءِ مرزا صاحب کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وٺي آيو.
علڻ ريڊيو، ٽي ويءَ ۽ اسٽيج کانسواءِ فلم لاءِ به ڳايو.
هن سنڌي فلم طوفان جا نغما ڳايا. شاهه، سچل ۽ قلندر جي سالياني ميلي تي به ڳائيندو
هو. هن سنڌي، اردو ۽ سرائڪيءَ ۾ ڳايو. شاهه جي درگاهه تي ته روزانو يا هفتيوار ڳائيندو
رهندو هو. هو ۱۴هين آگسٽ ۽ ۲۳
هين مارچ تي اسلام آباد ۾
ٿيندڙ سرڪاري تقريبن ۾ سنڌ جي فلوٽ تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو هو.
علڻ ترڪيءَ، انگلينڊ، آمريڪا، جرمنيءَ، جپان، سنگاپور،
دبئيءَ، منيلا، بيلجيم، اٽليءَ ۽ روس وغيره ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو.
علڻ فقير کي فني خدمتن جي مڃتا ۾ مختلف ايوارڊ به ڏنا
ويا، جن ۾ پاڪستان سرڪار جو سهڻي ڪارگذاريءَ جو تمغو، شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست
ايوارڊ ۽ قلندر لعل شهباز ايوارڊ وغيره شامل آهن.
علڻ فقير چوٿين جولاءِ ۲۰۰۰ع تي الله سائينءَ کي پيارو ٿي ويو.
- ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل تڏهن ملنداسين
No comments:
راءِ ڏيندا