علڻ فقير
عظيم لوڪ راڳي
ڪمال ڄامڙو
علڻ فقير، پنهنجي آواز ۽ انداز سبب، نه رڳو پاڪستان
۾ پر ٻاهرينءَ دنيا ۾ به مقبول هو. هو ڪانچ قميص ۽ اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي، هٿ ۾ يڪتارو يا
گهنگهرن وارو ڏنڊو کڻي الو ميان ڪندو هو ته ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن جا من موهي ڇڏيندو هو.
هو جڏهن نچڻ لڳندو هو ته پنڊال وارا به ساڻس گڏ نچندا هئا. هن کي اسٽيج تي ڳائڻ جي
ڏاڍي مهارت حاصل هئي. هو Stage
craft کان چڱيءَ
ريت واقف هو.
