; سنڌي شخصيتون: سيد بچل شاهه - ناصر قاضي

26 July, 2013

سيد بچل شاهه - ناصر قاضي

سيد بچل شاهه
خلق جو خدمتگار
ناصر قاضي
خلق جي خدمت هڪ اهڙو گڻ آهي، جنهن سان هڪ طرف ته رب پاڪ جي ذات بابرڪات جي خوشنودي حاصل ٿئي ٿي ته ٻئي طرف وري دنيا اندر اهڙو ڪردار پيدا ٿئي ٿو، جو دشمن به سڄڻ ٿي وڃن ٿا. هن پوري ڪائنات ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي نورِ مجسم هستيءَ جي سيرت طيبه جا خلق جي خدمت يا حقوق العباد متعلق اڻ ڳڻيا واقعا ملن ٿا، جيڪي يقيناً انسان ذات لاءِ هڪ سبق جي حيثيت رکن ٿا. ان سلسلي کي ويهي ويچاربو ته معلوم ٿيندو ته اوتارن، درويشن، بزرگن ۽ خلق جي خدمت واري جذبي سان پاڻ ارپيندڙ عظيم انسانن پڻ ساڳئي پت کي پاڙيو آهي.

هن دنيا ۾ نبين، ولين ۽ غوثن کان علاوه ٻيا به اهڙا انسان ٿي گذريا آهن، جن خلق جي خدمت وارو زيور پنهنجي پوري زندگي، پنهنجي سر تي اهڙو ته سهڻي انداز سان سجايو، جو سندن مرڻ پڄاڻان اجنبي به اوڇنگارون ڏيندا رهيا. اهڙين شخصيتن ۾ پرڏيهي ملڪن جي ناليوارن خدمتگذارن، فلسفين ۽ انقلابين ۾ سنڌ جي الله لوڪ انسانن جو حصو ڀلي ڀت ڳڻجي ٿو، جن ۾ شاهه عنايت شهيد، ڀڳت ڪنوررام، شاهه حيدر سنائي کان ويندي دؤر جديد تائين ڪيترائي انيڪ نالا ۽ حوالا آهن، جن پنهنجي پوري زندگي، مسڪينن جي مدد، بي واهن جي واهر ۽ هيڻن جي هڏڏوکائپ لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ حق جي حاصلات لاءِ ناحق سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا.
اهڙين شخصيتن ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري جي هڪ هاڪاري شخصيت سيد بچل شاهه نقوي جي به آهي، جنهن جي در تان ڪڏهن به ڪو سوالي خالي نه موٽيو، سندس سماجي خدمتون صرف هڪ شهر، هڪ پاڙي، يا هڪ حلقي تائين محدود ڪونه هيون، بلڪ هي سيد بادشاهه پوري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ وس وارن تائين بي وسن جي دانهن پهچائيندڙ هڪ اعلى ظرف وارو عملي خدمتگار هو.
سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي رفيق، سيد بچل شاهه ولد سيد وريل شاهه ۱۹۳۲ع ڌاري رتيديري ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم کان وٺي سنڌي فائينل تائين تعليم رتيديري مان حاصل ڪئي. کيس سياسي ۽ سماجي خدمت وارو گڻ پنهنجي والد محترم کان ورثي ۾ مليو. سندس والد سيد وريل شاهه آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. سندس سياسي لاڳاپو آل انڊيا مسلم ليگ سان هو. مسلم ليگ جي مرڪزي رهنما فضل الله قاضي جي ويجهن ساٿين ۾ ان جو شمار ٿيندو هو ۽ هو مسلم ليگ لاڙڪاڻي جو صدر به رهيو.
سيد بچل شاهه کي ۱۹۷۰ع ڌاري ميونسپل ڪاميٽي رتيديري جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، جتي هن عوامي رابطن کي وڌائڻ سان پنهنجي سماجي سرگرمين جو آغاز ڪيو. ڪوئي به منجھيل شخص وٽس ڪو مسئلو کڻي پهچندو هو ته ان سواليءَ سان هر حال ۾ نڪري پوندو هو ۽ وس وارن جي درن تي دانهين ٿيندو هو. سيد بچل شاهه بنا ڪنهن سياسي، سماجي ۽ مذهبي فرق جي هر ڪنهن منجھيل، لاچار ۽ بيوس جو سهارو بڻجندو هو. هو عملي طور تي سماجي خدمت لاءِ هر وقت تيار هوندو هو، ايتريقدر جو مقامي سطح تي اهو ڏٺو ويو ته سندس ذاتي عاليشان اوطاق، جيڪا رتيديري شهر جي مرڪزي امام بارگاهه تي اڄ به واقع آهي، ان اوطاق کي ڪنهن به قسم جي ڪمپائونڊ وال ڏنل ناهي، سيد بچل شاهه پنهنجي زندگيءَ ۾ هر وقت پنهنجي اوطاق تي موجود هوندو هو ۽ ڪمپائونڊ وال نه هجڻ باوجود به عام ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ اڪثر اوطاق جي آڳر تي ڪرسيون رکرائي ويهندو هو ته جيئن ڪنهن بيڪس کي وٽس پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف پيش نه اچي، سندس اوطاق وٽان گذرندڙ هر واٽهڙوءَ کي پري کان ئي شاهه صاحب جي موجودگيءَ جو پتو پئجي ويندو هو. ايتريقدر جو ورلي سندس غير موجودگيءَ ۾ به سندس اوطاق کليل رهندي هئي ۽ اوطاق جي ٻاهران گھڙامنجيءَ تي ڪيترائي مٽڪا رکيل هوندا هئا، جن ۾ ٿڌو پاڻي هر وقت موجود رهندو هو، جيئن ٻاهران آيل ڪنهن مسافر وغيره کي پسار ڪرڻ لاءِ اجھو پاڻي ميسر هجي. سيد هجڻ باوجود به روايتي پيري مريديءَ واري ننڍ وڏائيءَ کان ڪوهين ڏور، خوشحال ۽ شاهوڪار هوندي به اجائي ٺٺ ٺانگر کي ناپسند ڪندڙ سيد بچل شاهه کي مقامي سطح تي هر وقت رستي سان پيادل ايندي ويندي ڏٺو ويو، ساڻس ڪو به ننڍو توڙي وڏو، عام توڙي خاص، امير توڙي غريب ملندو هو ته پنهنجي هڪ مخصوص انداز سان ملڻ واري جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکي ’مولا لڄ رکئي‘ جو جملو چئي کيس دعا ڏيندو هو.
سيد بچل شاهه ۱۹۷۲ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سحر انگيز شخصيت کان متاثر ٿي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بنيادي ميمبرن جي سٿ ۾ شامل ٿي ويو ۽ عمر جي آخري حصي تائين پيپلز پارٽيءَ جي سرگرم ڪارڪن جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. رتيديري شهر، تعلقي توڙي لاڙڪاڻي ۾ ضلعي سطح تي منعقد ٿيندڙ پيپلز پارٽيءَ جي هر گڏجاڻيءَ ۾ کيس امتيازي حيثيت سان مدعو ڪيو ويندو هو ۽ پارٽيءَ جي اهم مشورن بابت سندس راءِ کي خاص اهميت ڏني ويندي هئي، پر هن هميشه پارٽيءَ سطح تي وڏن وڏن اعلى عهدن تي رهڻ بجاءِ هڪ ڪارڪن ٿي رهڻ پسند ڪيو. سندس شخصيت جو هڪ ٻيو اهم پهلو اهو به هو ته هو اسٽيج جو هڪ برجستو مقرر پڻ هو. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پڻ سندس تقرير واري انداز کي ساراهيندي هئي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سرگرم ڪارڪن هجڻ جي حوالي سان عوامي رابطن وارن جلسن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو سان هميشه گڏ رهندو هو، جنهن سبب سندس تقرير کي وڏي اهميت حاصل هوندي هئي.
سيد بچل شاهه سياسي ۽ سماجي شخصيت هجڻ سان گڏ هڪ اديب ۽ دانشور پڻ هو، هن تابش نقوي جي نالي سان ادبي کيتر ۾ به پنهنجون ادبي سرگرميون انجام ڏيندي کوڙ سارو نثر سرجيو، جيڪو قلمي صورت ۾ سندس پونئيرن وٽ محفوظ آهي. نيب جو سابق چيئرمين ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس سيد ديدار حسين شاهه سندس سؤٽ ۽ ناميارو غزل گو شاعر سيد غضنفر علي شاهه راجا سندس ننڍو ڀاءُ آهي.
سيد بچل شاهه ۲۹ مئي ۲۰۰۳ع تي رتيديري ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه ’وڏو علم پاڪ رتوديرو‘ واري قبرستان ۾ آهي. سندس وفات کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين سندس قائم ڪيل روايتون رڪيون ناهن، پر اڄ به سندس لائق فرزند ڊاڪٽر سيد اطهر حسين شاهه ۽ ان جا ڀائر هڪ نئين جوش ۽ جذبي سان ساڳين روايتن کي زندهه رکندا اچن ٿا.
مرندا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات.......

(شاهه)

No comments:

راءِ ڏيندا