پروفيسر
ڊاڪٽر محمد راجا الياس
روشنيءَ جو هڪ مُنارو
اسحاق
انصاري
چيڪوسلوواڪيا جو ذڪر هليو پئي، ۽ خاص طور تي هن وقت
اسان پراگ جو ذڪر ڪري رهيا هياسين ته اسانجو محترم استاد سائين راجا محمدا الياس صاحب
جي رٽائرمينٽ جي حوالي سان، مون سميت سندس شاگردن، دوستن ۽ چاهيندڙن هڪ پروگرم رٿيو،
ان حوالي سان مون لکت ۾ هڪ ننڍي ڀيٽا پيش ڪئي جيڪا هڪ شاگرد جي استاد کي ڀيٽا آهي،
ڇو جو والدين ۽ استادن جي احسانن کي ته ڪوئي لاهي ئي نه ٿو سگھي. بس هڪ ننڍي ڀيٽا پيش
ڪجي ٿي.
اهو ۱۹۸۱
جو سال هو، بي ايس سي جي امتحانن
کان پوءِ واندا ٿي يونيورسٽي ۾ داخلا جي انتظار ۾ هياسين. نيٺ داخلا جو وقت به اچي
پُڳو. مون وٽ بي ايس سي ميٿ ۽ فزڪس ۾ هجڻ ڪري موقعا هيا ته مان ميٿ، فزڪس يا وري اسٽيٽسٽڪس
يا آرٽس جي ڪنهن ٻي سبجيڪٽ ۾ پڙهان. ميٿ جيترو ڀُتو پاڻ ۾ نه پيو ڀانيان. فزڪس تان
وري اخلاق انصاري هٿ کڻائي ڇڏيو. جيڪو اتان جي استادن جي زيادتين جي ڳالهه ڪندو هو،
جن مان ڪي ٻوليءَ جي بنياد تي متعصب به هوندا هيا، انڪري هو پنهنجي مستقبل جي باري
۾ سدائين پريشان رهندو هو. سو مون به فزڪس واري پاسي سوچيو ئي نه. آفاق جو ڪلاس فيلو
قمر ڪلهوڙو اسٽيٽسٽڪس ۾ پڙهندو هو. جيڪو پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي باري ۾ مطمئن هيو سو مون
به سوچيو ته ان ۾ داخلا وٺندس ۽ شايد فارم به رڳو ان ۾ ئي ڀرايو هيم، ڪنهن ٻي ڊپارٽمينٽ
۾ فارم ڀرايو ئي نه هيم. داخلا به ان ئي ڊپارٽمينٽ ۾ ٿي. جيتوڻيڪ، ان وقت تائين منهنجي
اسٽيٽسٽڪس جي باري ۾ ڄاڻ ٻُڙي هئي.
اسان به هينگر تي ڪپڙا پائي(ياد رهي ته ان زماني ۾
اسان جي هاٺي اهڙي هوندي هئي ڄڻ هينگر تي ڪپڙا پيا آهن) پهرين ڏينهن، ڊپارٽمينٽ آياسين
جيڪا ان وقت جي ميٿ ڊپارٽمينٽ جي مٿان هوندي هئي. ان وقت جو چيئرمين يا انچارج انيس
مرزا صاحب هوندو هو. انهن ٻنهي ڊپارٽمينٽن جا استاد سنجيده ۽ ڪنهن حد تائين ڊيڄارڻ
جهڙا هوندا هيا. انهن ۾ ٻه چهرا ڄڻ ڪنهن تازي هوا جو جھوٽو لڳندا هيا، هڪڙو هيو جاويد خواجا ۽ ٻيو راجا الياس، ٻئي جوان
۽ ايڪٽو هوندا هيا.
اتفاق سان پهرين سيميسٽر ۾ راجا صاحب، مٿيميٽيڪل اسٽيٽسٽڪس
پڙهائيندو هيو جنهنکان وري مان ونءُ ويندو هيس پر وري به رٽو هڻي ڪم ڪڍندو هيس، شايد
ٻيا به سڀ شاگرد ائين ئي ڪندا هيا نه ته ڪٿي بائنومل ۽ نارمل ڊسٽريبيوشن جي ڊيريويشن
۽ ڪٿي اسان، ٿورن لفظن ۾ ڪٿي مهر علي، ڪٿي تيري ثنا واري ڳالهه هئي.
هڪ ڀيري مون پنهنجي وڏي ڀاءَ اشتياق انصاري سان پنهنجن
استادن جي ڳالهه ڪئي ته هن چيو ته راجا الياس صاحب سندس دوست آهي. مون کيس پارت ڪرڻ
لاءِ چيو. جيستائين مون کي ياد آهي ته هو مونسان گڏجي ڄامشوري نه آيو هو پر سائين راجا
صاحب سان ٽيچرس هاسٽل تي مليو هو يا وري ڪنهن ٻي هنڌ سندن ملاقات ٿي هئي، ياد رهي ته
اشتياق انصاري، ڪليم لاشاري ۽ راجا الياس صاحب جن ان وقت جي فوجي سکيا، جنهن کي اين
سي سي سڏيو ٿو وڃي، ان ۾ گڏ هيا، هاڻي ته اها ٽريننگ ڪاليج ۾ ڏني وڃي ٿي، پر ان زماني
۾ اها ٽريننگ، کين فوجين سان گڏ مختلف ڇانوڻين ۾ ڏني ويندي هئي، هنن جي خوشنصيبي يا
بدنصيبي جو ان زماني ۾ ۱۹۷۱ واري جنگ لڳي پئي ۽ هنن بارڊر تي به جنگ لڙڻ جا تجربا
حاصل ڪيا. پهرين سيمسٽر ۾ مونکي هڪ سبجيڪٽ ۾ سِي گريڊ مليو، ۽ ٻي ۾ بِي، باقي سڀني
۾ اي گريڊ هو. سِي گريڊ سائين عبدالله فاضلاڻي واري سبجيڪٽ ۾ هو، جيڪو پوءِ مون ٽين
سيميسٽر ۾ ڏئي اي کنيو، باقي رهيو بي گريڊ، ته ان ۾ ته امپرو ڪرڻ جي گنجائش ئي نه هئي.
پوءِ اهو سفارش جو فائدو هو يا نقصان، اهو سبجيڪٽ سائين راجا الياس صاحب جو هو. بهرحال،
فائينل ڪرڻ کانپوءِ منهنجن سڀني سبجيڪٽن ۾ اي گريڊ هيا، رڳو هڪ سبجيڪٽ ۾ بِي هو، جڏهن
مارڪ شيٽ ملي ته مان اها سائين راجا الياس صاحب کي ڏيکاري هئي، ۽ پڇيو هو ته سائين
هن ۾ اوهان کي ڪا اوپري ڳالهه نظر اچي ٿي؟ هو هڪدم سمجھي ويو، سياڻو ته آهي نه! پوءِ
مُرڪي مونکي چيائين، ته ”گھٽ ۾ گھٽ، سڄي زندگي ته توکي منهنجي ياد ايندي رهندي.“
راجا صاحب وسرڻ جو ڪٿي آهي، ياد ته هو مون کي سڄي زندگي
رهندو، چاهي اهو بِي گريڊ ڏئي ها يا نه ڏئي ها.
محترم راجا الياس صاحب، هڪ کليل دماغ وارو استاد آهي،
هن جو رويو پنهنجن شاگردن سان ڪڏهن به سختي ۽ داٻي وارو نه رهيو آهي. هن جي ان شفقت،
پيار ۽ اتساهه جي ڪري، گھڻن شاگردن جي زندگي ۽ ڪيريئر ۾ سندس وڏو ۽ اهميت ڀريو ڪردار
رهيو آهي.
اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ جو ماحول ٻوسٽ وارو هوندو هو،
جتي وجود زن جو وجود ملڻ مشڪل هوندو هو، شاگرد به ڇورا ڇورا، ڪا هڪڙي شاگردياڻي هوندي
هئي اها به نه جهڙي. استاد به پهلوان ۽ جانٺا جوان هوندا هيا، هڪ سينڊل جو کڙڪو ٿيندو
هو، جيڪو به جلد داغ مفارقت ڏئي ڪيناڊا هليو ويو، ته پوءِ رڳو اهو ڪلام، وڃي بچيو هو
ڪڏهن ولسو سهڻا سانولا...، پر سائين وڃڻ وارا ڪٿي ٿا موٽن. انکان علاوه ڊپارٽمينٽ
۾ جيڪي به سينڊل جي پينسل هِيل جا کڙڪا يا ائين چئجي ته دهڪا ٿيندا هيا اهي رڳو هڪ
شخص جي ڪري ٿيندا هيا. پڇبو هو ته ڪير آهن ته جواب ايندو هو ته راجا صاحب جا مهمان
آهن. اسان سنڌي هونئن ئي مهمان نواز پر اهي مهمان به اهڙا جو جان قربان ڪرڻ تي دل چئي.
پر اهي سڀ ڳالهيون اندر ۾ هونديون هيون جو سائين استاد هو ۽ اسان پنهنجي جان جي امان
چاهيندا هياسين ڇو جو راجا الياس صاحب جي چاهڻ وارا رڳو اهي نازڪ اندام نه هوندا هيا
پر انهن ۾ ڳاڙهين اکين وارا، خونخوار مُڇين وارا، ۽ ڏهه والن واري سٿڻ پائڻ وارا شاگرد
ليڊر به هوندا هيا. جڏهن ڪنهن جھڙالي موسم ۾ ڪي حسينائون چوڙيدار پاجامن ۽ لکنوي ڪُڙتن
۾ ملبوس، وڏي هِيل جا سينڊل پائي اينديون هيون ته اسانجون دليون هنن کي آداب ڪندي نرڙ
طرف وڌي وينديون هيون. هونئن به سائين نه رڳو نالي جو راجا آهي پر دلين جو به راجا
آهي.
هڪ ڀيري سائين اسان ڪجھه شاگردن سان ڊپارٽمينٽ جي ڪاريڊور
۾ ڪچهري ڪري رهيو هيو ته ڪي سينڊل جا کڙڪا ٿيا. ڏٺوسين ته ڪي ڇوڪريون آيون آهن، اسان
سڀني جا ڪن اڀا ٿي ويا. راجا صاحب به شاگردن جي رويي تي ڇرڪيو ۽ پوءَ پاڻ ئي چيائين؛
”وڃي مزو ڪيو اسان ته هتي اوهان لاءِ هر وقت حاضر آهيون.“
سائين راجا صاحب، سوشل ايڪيٽوٽي جو به بادشاه هوندو
هو. پوءِ اها ڪوئيز ڪامپيٽيشن هجي يا ڪو اسپورٽس جو ايونٽ، سائين جي موجودگي اتي ضروري
هوندي هئي، انڪري ته پوءِ اسپورٽس ۽ يونيورسٽي جي سينگار جا فرض به سائين کي سونپيا
ويا. حقيقت اها آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ اسان جي ڊپارٽمينٽ جي سڃاڻپ رڳو راجا صاحب جي
ڪري هوندي هئي. اسان جڏهن ڪٿي به ٻڌائيندا هياسين ته اسٽيٽيسٽڪس جا شاگرد آهيون ته
اڳلا هڪدم چوندا هيا راجا صاحب جي ڊپارٽمينٽ جا؟ اهو پڇڻ وارا رڳو استاد، شاگردياڻيون،
شاگرد نه پر ليڊر به هوندا هيا.
بهر حال هو اسان مان گھڻن شاگرن ۽ خاص طور تي منهنجي
لاءِ ته آئيڊيل ٽيچر آهي. سندس ڪپڙن پهرڻ جو ذوق، چانهن يا ڪافي پيڻ جو شوق ۽ انداز،
هاسٽل جي ڪمري يا گھر کي سجائڻ جو انداز، سندس جمالياتي ذوق جي نشاندهي ڪن ٿا.
مون ايم ايس سي ته ڪئي پر حقيقت اها آهي ته پبلڪ سروس
ڪميشن جا امتحان ٿين ڪو نه، جيڪي جڳهون ٿين اهي سفارش تي ڀرجيو وڃن پر اهو اسان جو
فرض هوندو هو ته ڪو به اشتهار ڏسندا هياسين ته درخواست ضرور ڏيندا هياسين. سنڌ يونيورسٽي جي لطيف ڪيمپس لاءَ به استاد ٿيڻ
جو اشتهار آيو. مون ڪڏهن به استاد ٿيڻ نه پئي چاهيو. پر ظاهر آهي ته اپلاءِ ته ڪرڻو
هو. انٽرويو جي تاريخ به اچي پهتي، مون به انٽرويو ڏنو. ان وقت ۱۹۸۵ ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر سائين مظهرالحق صديقي
هجي (اهو سندس پهريون ٽرم هو) سبجيڪٽ ايڪسپرٽ، سنڌ يونيورسٽي جي اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ
جو چيئرمين اسانجو عزت ڀريو ۽ شفيق استاد مرحوم پروفيسر عبدالحڪيم ڪلوڙ هجي ۽ لطيف
ڪيمپس جي اسٽيٽسٽڪس جو انچارج مرحوم پروفيسر عبدالغني ميمڻ هجي. انٽرويو ٿيو، مون کي
چونڊيو ويو. پر منهنجي دل ان نوڪري ڪرڻ تي نه پئي چاهيو پر ٻي ڪنهن نوڪري ملڻ جو به
ويجھڙ ۾ ڪو آسرو نه هو. ايم ايس سي ڪري به اٺ مهينا ٿي ويا هيا، انڪري، اڌ صفحي جو
سائيڪلو اسٽائيل آرڊر ملڻ کان پوءِ مون وڃي شاهه لطيف ڪيمپس خيرپور آڪٽوبر ۱۹۸۵ ۾ جوائن ڪئي. مون جڏهن جوائن ڪيو ته ان وقت ئي هڪ
وچن ڪيو ته جي استاد ٿبو ته پروفيسر ڊاڪٽر راجا الياس صاحب جهڙو ٿبو. اها ٻي ڳالهه
آهي ته گھڻين ڪوششن جي باوجود راجا ته نه ٿي سگھيس پر راڻو ضرورو ٿيس.
سنڌ يونيورسٽي مان نڪرڻ کان پوءِ مان سائين راجا وٽ
ضرور ويندو هيس ڇو جو اتان هڪ نئون اتساهه کڻي نڪرندو هيس. هو هميشه روشني جي مناري
جيان اسان کي ڀٽڪڻ کان بچائيندو هو. هونئن ئي سندس رويو دوستاڻو هوندو هو پر پوءِ ته
بالڪل دوست ٿي ويو. ان دوستي کي وڌيڪ قربت ۾ شامل ڪرڻ جو هڪ ٻيو سبب منهنجي پياري دوست
مرتضى سيال جو سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪرڻ به بڻيو. هو به راجا صاحب جي پيار ڪندڙن،
يا بهتر نموني کڻي ائين چئجي ته “متاثرين” ۾ شامل ٿي ويو. انڪري ڄامشوري اچجي، مرتضى
سان نه ملجي ۽ راجا صاحب جو درشن نه ڪجي. ائين ممڪن ئي ناهي.
ان وچ ۾ مان چيڪوسلوواڪيا مان پي ايڇ ڊي به ڪري آيس،
ساڍا ٽي سال شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ اسٽيٽ بينڪ ڪراچي ۾ آيس. جتان
به سائين سان ذاتي طور تي ته رابطي ۾ رهيس. پر ان سان گڏ سبجيڪٽ جي حوالي سان به ڪم
ڪندا رهياسين. اهو ٻڌائڻ مان ضروري ٿو سمجھان ته اسٽيٽ بينڪ ۾ هڪ سيمينار ٿيو هو جتي
راجا الياس صاحب ان وقت جي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين کي چيو هو ته بينڪ
جيڪي آفيسر کڻي ٿي ان ۾ مينيجمينٽ، اڪنامڪس، ۽ ميٿ وارا ته اپلاءِ ڪري سگھن ٿا ته باقي
اسٽيٽيسٽڪس وارن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، جيڪا ڳالهه هن مڃي ۽ هاڻي ڊائريڪٽ آفيسرن ۾ اسٽيٽسٽڪس
وارا به شامل آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجي هوندي ۱۳
سالن ۾ ڪو به سنڌ يونيورسٽي
يا لطيف يونيورسٽي جي اسٽيٽسٽڪس جو شاگرد نه ته جنرل بينڪنگ واري آفيسريءَ لاءِ ڪواليفاءِ
ڪري چڪو آهي نه وري اسٽيٽسٽيڪل آفيسر لاءِ ڪامياب ٿي سگھيو آهي. باقي ٻين يونيورسٽين
وارا ته هر سال اچن پيا.
ان دوران پروفيسر عطاءُالحق، وفاقي وزير تعليم ٿيو،
جنهن يونيورسٽي استادن جي پروموشن لاءِ پي ايڇ ڊي لازمي قرار ڏني. هڪ ڀيري مون راجا
صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته ”سائين، پي ايچ ڊي ڪيو. مان حاضر آهيان.“ منهنجي گھڻي چئه
چوان کان پوءِ سائين، ڊاڪٽر مير غلام حيدر وٽ رجسٽر ٿيو (ان جو سبب اهو هو ته پنهنجي
يونيورسٽي مان گائيڊ ڪرڻ سان کين سهولت حاصل هئي) ۽ مان سندس ڪو گائيڊ ٿيس. خير اهو
مرحلو ته پورو ٿيو پر، سائين ريسرچ ۾ ڪا گھڻي دلچسپي نه ڏيکاري ته، هتان مان فون ڪيان،
پر استاد، هجڻ ڪري ڪيئن کيس چوان ته پڙهائي تي ڌيان ڌري. سو انڪري چوندو هيم؛ ”سائين
نه ٿا سمجھو ته گھڻو ٽائيم گذري ويو آهي، ڪم صحيح رفتار سان نه ٿو هلي.“ سائين مرڪي
بس ڳالهه لنوائي ڇڏيندو هو. بهرحال، منهنجي ان چُرچ ۽ پڇ پڇان ۽ ڄامشوري ۾ وري ڊاڪٽر
پرويز پٺان جي ڪري سائين پي ايڇ ڊي ڪئي. جيڪو منهنجي لاءِ اعزاز آهي.
پي ايڇ ڊي ته ٿي وئي پر هاڻي تعارف ڪئين ڪرائجي، آ
کيس استاد ڪوٺيان ته وري سائين راجا صاحب وراڻي ته مان به سندس استاد آهيان، اڳلو تيستائين
پريشان، جيستائين وڃي ڳالهه جي ڳنڍ کلي.
ڄامشوري سان ڪيتريون به يادون وابسته ڇو نه هجن، ان
سان ڪيترو به پيار ڇو نه هجي پر ان جو تسلسل ٻه شخص آهن، هڪ سائين راجا الياس صاحب،
۽ ٻيو اسانجو پيارو، مرتضى سيال.
گھڻن ڏينهن کان هڪ سوال منهنجي ذهن ۾ ڪرُ کڻي بيٺو
آهي ته سائين راجا صاحب رٽائر ٿيو پر ڄامشوري ۾ رهيو پيو هو ته ٺيڪ هو پر هاڻي جڏهن
هن لاهور وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته ڄامشوري ۾، املتاس جا رنگ، ڪوئل جو ڪُو ڪُو، هوا
جي رفتار ۽ خوشبو گھٽ ته نه ٿي ويندي؟ جي ائين ٿيو ته پوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟
No comments:
راءِ ڏيندا