اسلم
چانڊيو
اهڙو
دوست جيڪو پنهنجي زندگي مان جبري ريٽائر ٿي ويو!
اُستاد نظاماڻي
پهرين جولاءِ جي اخبار منهنجي سامهون آئي ۽ جڏهن مون
اسلم چانڊيو جي اوچتي وڇوڙي جي خبر پڙهي ته ڪافي افسوس ٿيو، جڏهن به ڪو انسان کلندي
هلندي شام جو اوهان سان ڪچهري ڪري موڪلائي ۽ ٻئي ڏينهن اوچتو اوهان کي اطلاع ملي ته
اوهان جو دوست هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي تڏهن اهڙي موت تي واقعي حيرت به ٿئي ۽ ڏک
به، سچ پڇو ته اسان پنهنجي هڪ دوست ۽ مهراڻ اخبار جي سينئر خدمتگار کان محروم ٿي وياسين.
هُن جي خدمتن کي ڳڻڻ لاءِ اسان وٽ شايد ايترا لفظ نه هُجن پر هي ڪارڪن مهراڻ جي آب
۾ لوڻ جيئان ڳري ملي ويو.
مهراڻ اخبار ۾ جيڪڏهن مُنهنجي ڪنهن گهڻي واقفيت رهي
ته اُهو دوست ماما اسلم چانڊيو هوجيڪو مهراڻ سان ائين واڳيل هو جيئن گُل سان خوشبو
هُجي.
مُنهنجو هن سان واسطو به ويهن سالن کان هو، مون پهريون
دفعو ۱۹۸۸ع ۾ اخبار مهراڻ لاءِ مضمون لکيو هو، ائين مان مسلسل
مهراڻ ۾ لکندو رهيس، گهڻي وقت تائين لکڻ باوجود ڪڏهن به اخبار جي آفس ۾ نه ويو هوس،
اخبار ٽنڊو ولي محمد، گُڊس ناڪه، کان سفر ڪندي جڏهن بابن شاه ڪالوني ٺنڊي سڙڪ تي پُهتي
ان کانپوءِ به گهڻو وقت بعد مهراڻ اخبار جي آفس ۾ وڃڻ ٿيو هو ۽ مُنهنجي ملاقات منٺار
مڱريو صاحب سان ٿي ڇاڪاڻ ته مان منٺار صاحب کي ئي مان سڃاڻيندو هوس (پر ملاقات نه هُئي)
۽ ان کي ئي پوسٽ ذريعي مضمون موڪليندو هوس
جيتوڻيڪ هو اڃا ايڊيٽر به نه بڻيو هو.
جڏهن مان پهريون دفعو اخبار جي آفس ويس پهرين ملاقات
۽تعارف ٿيو ته منٺار صاحب مونکي سُٺي ريسپيڪٽ ڏني اسلم چانڊيو کي سڏي چيائين جيڪواُستاد
نظاماڻي پاڻ کي مضموون موڪليندو آهي اُهو هي اٿئي اها نه صرف منٺار صاحب سان مُنهنجي
پهرين ملاقات هُئي پر اسلم سان به اها پهرين ملاقات هُئي. اُن وقت صبح جو۱۱ وڳي اسلم ئي مهراڻ جي آفس ۾ منٺار سان ويٺل هو. هي شايد ۱۹۹۲ع يا ۱۹۹۳ع جي ڳالهه آهي، مونکي به گهڻو شوق هوندو هو لکڻ،
پڙهڻ ۽ ڇپجڻ جو، اُن دور ۾ اخبار ۾ ڇپجڻ اسان لاءِ وڏي خوشي جي ڳالهه هوندي هئي، ڪالم
مضمون ڇپندو هو ته دوستن ۾ اسان جو قد ڪجهه وڌي ويندو هو ۽ سٺو ريسپانس ملندو هو. انهن
ڏينهن ۾ هلال پاڪستان، عبرت، آفتاب عوامي آواز جو پنهنجو معيار هو، (انهن اخبارن ۾
به پوءِ مضمون ڇپجڻ شروع ٿيا) مهراڻ ۾منهنجا مضمون سفرنامه ڪتابن تي تبصره پڻ شايع
ٿيندا رهيا. اخبار مهراڻ سان گهڻوواسطو رهيو، جيتوڻيڪ مان ٻين اخبارن کيبه مضمون ڪالم
موڪليندو رهيس گهڻو سارو مواد ٻين اخبارن ۾ به ڇپبو رهيو پر مهراڻ اخبار جهڙي پنهنجائپ
ڪٿي؟ ان ڪري جڏهن به حيدرآباد وڃڻ ٿئي مهراڻ جي آفس ضرورحاضري ڀربي، اهڙي طرح اسلم
سان ملاقات به ٿيندي رهندي هُئي. ڪجهه لمحا ڪچهري به ٿيندي هُئي. خاص طور صبح جي وقت
هي ئي واحد ملازم ويٺل نظر ايندو هو.
اسلم جي سامهون ڪيترائي ايڊيٽر صاحب آيا سردار علي
شاه کان ويندي موجود هجاکوڙي ايڊيٽر نعيم ملڪ تائين، هن سڀني سان گڏجي ڪم ڪيو، ڪيترا ته اسلم کان هي
ڪاغذ قلم وارو هنر به سکيا، (اها ٻي ڳالهه آهي ته پنهنجي اُستاد جي قدر نه ڪيائون)
هن ماڻهو ڪڏهن به ترقيون ماڻڻ لاءِ شارٽ ڪٽ نه ڳوليو، ڪڏهن ڪنهن جي خلاف ڪنهن سازش
جو حصو نه بڻيو، نه ئي ڪنهن پروفيشنل صحافي جيئان پئسي جي ڪمائي پُٺيان مهراڻ کي ڇڏيائين
حالانڪ هن کي ٻين اخبارن مان سُٺي پگهار جون آفرون به ٿيون پر هي اخبار مهراڻ سان ئي
پرواني جيئان لاڳاپيل رهيو. اهڙو اخبار جو وفادار شايد ڪنهن ٻي اخبار ۾ هُجي، هي ماڻهو
پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو هو جيڪي ملندو هُيس رب جي رضا تي خوش رهيو، اخبار مان نه گهر
ٺاهيائين نه ئي ڪي پنهنجي لاءِ ڪي آسائشون ڳوليائين، گهڻو عرصو مهراڻ جي خدمت ڪندي
پنهنجي زندگي به مهراڻ کي ارپي ڇڏيائين هن پنهنجي رت ست ڏيئي مهراڻ جي خدمت ڪئي هن
جا جونيئر گاڏين، بنگلن جا مالڪ بڻجي ويا پر هي مزدور جو مزدور رهيو؛ فقيري ۾ ئي اسان
سڀني کي اوچتو الوداع چئي هليو ويو.
مون محسوس ڪيو هو زندگي جي آخري ڪجهه سالن ۾ ٿڪل مسافر
جيئان پنهنجي حياتي کي سگريٽ جي ڦلي جيئنان ڇاڻيندو رهيو هو، اخباري ملازمن جي جيڪا
زندگي گُذري ٿي اُن جو اندازو ته اُهي ئي ورڪر لڳائي سگهن ٿا جن اسلم چانڊيو جيترو
عرصو اخبارن ۾ ڪم ڪندي گذارويوهُجي.
سموري زندگي قلم ۽ ڪاغذ تي خبرون لکندي ڪڏهن ڪنهن جي موت جي خبر، ڪنهن حادثي جي خبر، ۽ڪڏهن
ڪنهن بم ڌماڪي جي خبر ٺاهيندي، ائين خبرون ٺاهيندي انساني وحشت هٿان چچريل انسانيت
تي لڙڪ، لاڙيندي زنگي ڳري وئيس جڏهن اهڙيون
دردناڪ خبرون لکندي سندس چشمي جي شيشي هيٺان نم اکيون صاف ڪندو شايد اهي خاموش ڳوڙها ڪنهن ڏٺا هُجن، انسان اهڙي
ماحول ۾ رهي آهسته آهسته پاڻ به احساس پروف ٿيو وڃي. پوءِ ڪو به المناڪ حادثو کين روئاري
نه سگهندو آهي پوءِ پروفيشنل صحافي اهڙين خبرن جو انتظار ڪرڻ لڳندا آهن ڇو جو اهي المناڪ
حادثه سندن زندگي جو حصو ٿيو وڃن، زندگي جي انهي خُشڪ رڻ ۾ ٿوهر ڦُٽيو پون.
اهڙيون خبرون ٺاهيندڙ اسلم کي اهو ڀرپور احساس هو ته
ڪنهن وقت سندس جاءِ تي ڪو ٻيو سندس ساٿي سندس .موت جي خبر جا پروف چيڪ ڪري رهيو هوندو........
اسلم گُذريل سانوڻي ۾ سانگهڙ آيو هو پهريون دفعو هو
مايوس ۽ ٿڪل پئي لڳو، مُنهنجي اُن سان ملاقات الفقراءَ پريس تي ٿي هُئي جتي هو عاجز
منگي صاحب سان ملڻ آيو هو، ٽي بي جو ڪورس هليس پئي، پاڻ ٻُڌايائين ته مالي مجبورين
جي ڪري هو پنهنجو علاج صحيح نه پيوڪرائي سگهي، هي اُها گهڙي هوندي آهي جڏهن انسان سروس
مڪمل ڪري آرام ڪندا آهن؛ پر اسان جو معاشرو اهڙو آهي جو هتي سٺ سال جي پوڙهي ماڻهو
کي به پنهنجن ٻچن لاءِ مزدوري ڪرڻي پوندي آهي. اها حالت اسلم جي به هُئي کيس خبر هُئي
ته جيستائين سندس رت سان جوت ٻرندي رهندي ايستائين گهر ۾ به زندگي جو چراغ ٻرندو رهندو
پر آخر ڪيستائين انسان معاشري جي هن گهاڻي ۾ پيڙجندو رهندو؟
مان سمجهان ٿو اسان وٽ اخبارن ۾ پينشن يا گريجوٽي،
گروپ انشورنس وغيره جو ڪو رواج ڪونهي تنهن هوندي به مهراڻ اخبار کي اسلم زندگي ڏيئي
ڇڏي هئي. ڏيئي جي جوت وانگي ٻرندي ٻرندي پاڻ
به ٻري ويو. هن کي اسان جيا داري يا حر جماعت جي سرندي وارن طرفان ان جي اهل عيال لاءِ
مالي سهائتا ٿيڻ گهرجي. هي اهڙو زمانو آهي جو جيڪڏهن انسان زندگي جي اسڪرين تي آهي
ته ياد هوندو ڪجهه لمحن لاءِ ڊرامي جي ايڪٽ کان آئوٽ ٿيو ته وسري ويندو، هن پورهيت
انسان کي ڀلاٻيو ڪير ياد ڪندو، پر جيستائين مهراڻ جو سفر جاري رهندو اسلم جو نانءَ
ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن پڙاڏي جيئان گونجندو رهندو.
No comments:
راءِ ڏيندا