; سنڌي شخصيتون: محمد الياس ڪنڀار- قادر بخش طالباڻي

23 July, 2013

محمد الياس ڪنڀار- قادر بخش طالباڻي

محمد الياس ڪنڀار
                                                           سنڌ جي مثالي استاد جو ڪردار
قادر بخش طالباڻي
سنڌ ڌرتيءَ ڪيترن ئي عالمن، اديبن، اُستادن ۽ سياستدانن کي جنم ڏنو، جن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ جيجل جي سرزمين تي رهندڙ پورهيتن ۽ مظلومن جي پيرن جي پڻي بڻجي، پنهنجي زندگي سندن خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي پر ان جو اجورو طلب ڪرڻ جي اميد نه رکي. اهڙن ماڻهن مان هڪ استاد الياس ڪُنڀار بابت سندس ڪيل پورهئي تي ٻه اکر لکڻ جي جسارت ڪريان ٿو.

محمد الياس ڪنڀار سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ خيرپور گنبو، تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ۱۹۳۵ع ۾ جنم ورتو. سندن والد محمد ابراهيم غربت ۾ ڪنڀارڪو ڪم ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو هو. ان وقت ڪنڀار کي ٺڪر ٺاهي وري فصل لهڻ تائين پنهنجي مزدوريءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو هو. ننڍڙو الياس ڇهن سالن جي عمر کان به وڏو ٿي ڀر واري پرائمري اسڪول ۾ پٽي پڙهڻ ويٺو، غربت ۽ جهالت سبب ننڍڙو الياس پنهنجي پڙهائي ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه وقت گهر ۾ ويهي پيءُ جي ڪرت ۾ حصو وٺڻ لڳو. سال ٻه گذري چڪا هئا، استاد هارون کٽي، شاگرد الياس کي گهران پيءُ کان وٺي وري پڙهائڻ لاءِ ويهاريو. سال ۱۹۵۵ع ۾ الياس فائينل جو امتحان پاس ڪري گهر ۾ پيءُ سان پورهئي ۾ حصيدار بنجي ويو. هن ٽي سال پورهيو ۽ مزدوري ڪئي، هن کي سال ۱۹۵۸ع ۾ پرائمري ماستريءَ جو آرڊر مليو. ڳوٺ ۾ ڪنڀارن جي گهر ۾ هڪ پرائمري استاد پيدا ٿي ويو هو. چاليهه روپيا مهيني جي پگهار تي هن پڙهائڻ شروع ڪيو. ۱۹۶۰ع ۾ هن کي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ٻن سالن جي سکيا لاءِ چونڊيو ويو، هن ۱۹۶۲ع ۾ اهو ڪورس پورو ڪيو.
ٻهراڙين جي ريتن رسمن سبب هن جي شادي ننڍي عمر ۾ڪرائي وئي. کيس ٽن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو.آخري پٽ ابراهيم جي ننڍي عمر ۾ ئي سندس گهر واري وفات ڪري وئي. اسڪول جي ڊيوٽيءَ سان گڏ کيس اولاد جي پرورش جي ڳڻتي به شروع ٿي، هن اسڪول جي ڊيوٽي ڏيڻ سان گڏ ٻارن جي تيمارداري جي نازڪ ڪم کي به پنهنجي ڪلهن تي کنيو. هن پنهنجي ڪرت سان عشق رکيو. ڳوٺ جي ماڻهن ۾ جهالت جي وبا پکڙيل هئي پر هن رات ڏينهن جي محنت سان ان جهالت واري ماحول مان ماڻهن کي نجات ڏيارڻ ۾ ڪافي ڪاميابي حاصل ڪئي. هن ٻارن جي مائٽن جي دکن دردن تي مرهم پٽيون ڪرڻ شروع ڪيون. هو ديسي نسخا ڏيئي، ڳوٺ ۾ حاذق حڪيم به بڻجي ويو، غربت ۽ بک سبب هوش ۽ حواس ختم ٿي ويل ماڻهن کي پاڻي ڏيئي سائو ستابو ڪيائين، مختلف ڪٽنبن جي جهيڙن ۽ سماجي براين خلاف هن ماڻهن ۾ روح ڦوڪيو ۽ دردن جو درمان بنجي ويو، هن پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ غربت کي تڙي ڀلائيءَ جي ڪمن لاءِ سوچي رکيو.
هن حيدرآباد مان هڪ روزاني اخبار جو چندو ڏيئي ڳوٺ وارن ۽ ٻارن لاءِ اخبار گهرائڻ شروع ڪئي، جيڪا اخبار پوسٽ رستي ملڪاڻي ايندي هئي، جتان ڪو نه ڪو ڳوٺاڻو اها اخبار کڻي ايندو هو. اخبار اچڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويندا هئا، اها اخبار اسڪول ۾ ٻار به پڙهندا هئا، شام جو اهي ڳوٺاڻا به ٻئي کان پڙهائي ٻڌندا هئا. اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن جي والدين جي غربت جي ڪري سائين الياس هر ٻار کي پٽي، سليٽ ۽ ڪتاب پنهنجي هڙان وٺي ڏيندو هو. ٻار ڪتابن ۾ ڏنل سبقن مان ڊراما ۽ ڊائلاگ ڪندا هئا، ”رامجي ٽي ٺڳ اڙي! او مهاڻا هيڏي آ يار....“ نظم جا ڪردار  ٻارڙا ادا ڪندا هئا، سڄو ڳوٺ انهن محفلن ۾ اچي شريڪ ٿيندو هو. برپٽ ۾ بازارين جهڙو سماع ٿي ويندو هو، سنڌي ادبي بورڊ جا ڇپيل ٻارڙن لاءِ رسالا، ڳجهارتون ۽ شاعريءَ جا ڪتاب اسڪول لاءِ سائين الياس جي گهرائڻ جي ذميواري ۾ شامل هوندو هو. سائين الياس اهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو، جو ڪڏهن کيس اتفاقي موڪل وٺڻي پوندي هئي، ته هو اها موڪل تعليمي آفيسرن بجاءِ ٻارڙن کان وٺندو هو. ٻارڙا ان موڪل واري ڏينهن تي رڙيون رانڀاڙ ڪري پنهنجو احتجاج سائين الياس وٽ رڪارڊ ڪرائيندا هئا. اهو ئي سبب هوندو هو، جو سائين اتفاقي موڪل جيڪا سال ۾ ويهه ڏينهن هوندي هئي، اها ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ڏينهن به وٺي نه سگهندو هو.
ٽنڊو باگو تعلقو زوري تعليم جي زمري ۾ ايندو هو پر سڄي تعلقي ۾ هي واحد اسڪول هوندو هو، جتي زوري تعليم جو هڪ به ڪيس داخل نه ٿيندو هو. پاڻ چوندو هو ته، تعليم ۽ زوري لفظ ٺهڪن ڪونه ٿا. هن پنهنجي نوڪري سچائي ۽ وفاداريءَ سان ڪئي ۽ اهڙي نموني پنهنجي اولاد جي پرورش به سچائيءَ سان ڪيائين، هو پنهنجن پيرن تي بيٺل ۽ اخلاق جو مجسمو بڻيل هو. ۱۹۹۵ ۾ عمر جا سٺ سال پورا ڪري تعليم کاتي مان رٽائرڊ ٿيو. هن پنهنجي سموري عرصي ۾ ڪيل خدمتن جي پرچار نه ڪئي، چوندو هو ته مون ڪي تير نه هنيا آهن. هي فرض جي ادائگي هئي، سا پوري ڪئي اٿم، جيڪا ٿي سگهي ٿي ته، اڃا به  اڻپوري هجي،
کيس پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ ٻن ٽن مرضن اچي وڪوڙيو پر هيڻي نه ٻوليائين. دوائن، دعائن سان منهن ڏيندو رهيو، ٻئي ڪنهن کي محسوس ٿيڻ نه ڏيندو هو ته، هي ڪو ايڏين وڏين بيمارين ۾ ورتل آهي. کيس آخر تائين مطالعي جو وڏو شرف هو، شل نه ڪو ڪنهن نئين سنڌي ڪتاب جي خبر پويس، پاڻ وڃي خريد ڪري وٺندو هو. سائين الياس ڪنڀار، سنڌ جو هي لڪل سپاهي ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۳ع تي وفات ڪري ويو. مونکي نيلسن منڊيلا جي ۹۵ هين سالگرهه تي لکين مداحن آڏو ڪيل فيصلا دل تي تري اچن ٿا. فيصلو اهو ڪيائون ته، منڊيلا ۶۶ سال قوم جي خدمت ڪئي. ان ڪري سڀ مداح اڄ کان فردن فردن ڇاهٺ منٽ قوم جي خدمت ۾ صرف ڪندا، سائين الياس کي خراجِ پيش ڪرڻ لاءِ سندس پونئيرن توڙي اسان سڀني تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته، اسان سنڌي قوم جي ڏتڙيلن مظلومن جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪا لاٽ ٻاريون.


No comments:

راءِ ڏيندا