; سنڌي شخصيتون: مهيندر ديو لاکاڻي - جي ايم ڪنڀر

28 July, 2013

مهيندر ديو لاکاڻي - جي ايم ڪنڀر

مهيندر ديو لاکاڻي
“رين بسيرا” ۽ ٿر جو مثالي خدمتگار
جي ايم ڪنڀر
هر ماڻهو جڳ ۾ پنهنجي ڪم ڪري سڃاتو وڃي ٿو اهي ڪم ڪاج کيس فرش کان عرش تي پهچائي ڇڏين ٿا عوام اهڙن انسانن کي ديوانن وانگي چاهي ۽ برسات جي ڦڙن وانگر چاهت جي ورکا ڪري ٿو سونهاري سنڌ اهڙن لاتعداد تاريخي ڪردارن سان ڀري پئي آهي، هنن ڪردارن جو جڏهن جتي به ذڪر هلندو ته اتي سنڌ جي تاريخي شهر عمرڪوٽ جي سرزمين تي جنم وٺندڙ امر ڪردار سماج سڌارڪ مهيندر ديو لاکاڻي جو ذڪر ايندو. هن جي هڪڙي سڃاڻپ سندس والد تمام وڏي سماجي شخصيت صدارتي ايوارڊ يافته سرڳواسي ڊاڪٽر هرچندراءِ لاکاڻي آهي. جنهن سندس تربيت ڪئي ته ”پنهنجي لاءِ هر ڪو جيئي ٿو، پر اوهان ٻين خاطر جيئو.“

مهيندر جي اندر ۾ هتي جي غريب ٿري ماڻهن لاءَ تمام وڏو درد سمايل ٿو نظر اچي. هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مصروف نظر ايندا آهن. سندس جنم عمرڪوٽ شهر ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۶۲ تي ٿيو. شروعاتي تعليم عمرڪوٽ ۾ حاصل ڪئي. هن ۱۹۸۲ ۾ حيدرآباد ۾ انٽر جي تعليم حاصل ڪئي. هن پنهنجي گهر جو نالو رکيو ”رين بسيرا“
شروع کان ئي سماجي ڪاج ۾ سرگرم نظر آيو ۽ پاڻ هن حوالي سان عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر، ٿر جي صحرا ويندي ٺٽي جي ساحلن تائين عوام جي هر ڏک ۽ مصيبت ۾ ڪم آيو آهي، چاهي ٻوڏون هجن، رياستون هجن يا زلزلا.  هن ڏکويل ماڻهن جا لڙڪ اگهي انهن ۾ محبتون ورهايون آهن سندن گهر “رين بسيرا” جا دروازا هر وقت عمرڪوٽ ۽ ٿر جي ڏکويل عوام جي داد رسي لاءَ کليل نظر ايندا آهن جتي پاڻ صبح کان رات دير تائين ويٺل نظر اچن ٿا جتي ٿر جي علائقن کان ويندي عمرڪوٽ ضلع جا ماڻهو پنهنجا مسئلا کڻي ايندا آهن، کيس اهو به اعزاز حاصل آهي ته پاڻ چاليهه سال پراڻا پنهنجي سوٽهڙ برادري جا مسئلا حل ڪرائي نفرتون ختم ڪيون آهن، جنهن ڪري سوٽهڙ برادري کيس پوري سنڌ جو سردار چونڊيو آهي.
مهندر ديو نه صرف سماجي پر سياسي حوالي سان به علائقي ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو. پاڻ اقليتي سيٽ تي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي پڻ ڪامياب ٿيا پر ڪجهه سيٺين ۽ وڏيرن کان سندن جي ڪاميابي هضم نه ٿي، جنهنڪري پاڻ وري خاموشي اختيار ڪري ورتي. هاڻوڪي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي سيد علي مردان شاهه ۽ نواب محمد يوسف ٽالپر جي عمرڪوٽ مان ڪاميابي ۾ سندن جو وڏو هٿ رهيو ۽ کيس ايڊوانس ڪاميابي جون مبارڪون ڏنيون جيڪي سندن وٽ مٺائي کڻي اچي پهتا.
جيڪي به ماڻهو سندن وٽ رين بسيرا تي ايندا آهن تن کي اها نصيت ڪندو آهي ته اولاد کي تعليم ڏيارو ڪوڙين ڊگرين کان ڀڄي پاسو ڪريو انسان علم بنا نا مڪمل آهي علم اسان جو اصل هٿيار آهي پاڻ ٿورڙي وقت ۾ وڏا ڀلائي جا ڪم ڪيا آهن سندس کي ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن سندن گهر رين بسيرا هڪ عجائب گهر وانگر نظر ٿو اچي جتي سنڌ جي روحاني شخيصيتن جي تصويرن کان ويندي تاريخي سڪا تجوڙي ٿري لباس جا نمونا ڏسي سگهجن ٿا جيڪي سندن پتا سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ لاکاڻي جون ڇڏيل امانت آهن جن کي هو انتهائي پيار وچان سنڀالي رکي ويٺو آهي ڪيترائي ملڪي توڙي غير ملڪي سياح انهن کي ڏسڻ لاءَ سندن جي رين بسيرا هائوس تي ايندا رهندا آهن. عمرڪوٽ ۽ ٿر ۾ رين بسيرا هائوس کي تمام وڏو مقام حاصل آهي جتي سماجي ڪارج ثقافت سياست سميت زندگي جا سمورا رنگ پسڻ لاءِ ملن ٿا.
مهيندر ديو لاکاڻي انهن ڳالهين ڪري سموري سنڌ ۾ ڳائجي ٿو ۽ ماڻهو سندن کان پيار ڪن ٿا پاڻ پنهنجي پتا سرڳواسي ڊاڪٽر هرچندراءِ لاکاڻي جي شخصيت کان متاثر آهن ۽ انهن کي پنهنجو آئيڊيل سمجهن ٿا ۽ چون ٿا ته اڄ آئون جيڪي ڪجهه آهيان سو پتا جي ڪري آهيان ۽ پاڻ هن وقت پنهنجي پتا جي ڇڏيل مشن تي ڪم ڪندي انسانيت لاءِ پتوڙيندي نظر ٿا اچن ۽ پنهنجي پتا سرڳواسي ڊاڪٽر هرچندراءِ لاکاني وانگي ماڻهن جي ٿر ۽ عمرڪوٽ ۾ سار لهن ٿا ۽ هتي جا ماڻهو مهيندر کي سندن جو گهر ڀاتي سمجهن ٿا پاڻ سنڌ ۾ بدامني ڪارو ڪاري اغوا نياڻين کان ظلم زيادتي واريون خبرون ٻڌي ۽ پڙهي اڪثر پريشان ٿي ويندو آهي ۽ انهن جي خاتمي لاءَ ڪجهه ڪرڻ تي ۽ قدم کڻڻ لاءِ ماڻهن تي زور ڏيندو آهي ۽ سندن جو اهو ئي پيغام هر وقت رهيو آهي ته نفرتون ختم ڪيو محبتن کي جنم ڏيو اهي هٿيار ۽ بارود عوام جون دلين نٿا کٽي سگهن نفرتون ڪنهن کي ڪنهن جو نٿيون ڪري سگهن انهي لاءِ محبتن جو فصل پوکيو نفرتون وساريو ماڻهن کي گلي کان لاهي انهن جا لڙڪ اگهي انهن کي پنهنجائپ ۽ محبت جو احساس ڏياريو ۽ انهن کي ٻڌايو ته اها ئي اصل زندگي آهي.


No comments:

راءِ ڏيندا