مهيندر ديو لاکاڻي
“رين بسيرا” ۽ ٿر جو مثالي خدمتگار
جي ايم ڪنڀر
هر ماڻهو جڳ ۾ پنهنجي ڪم ڪري سڃاتو وڃي ٿو اهي ڪم ڪاج
کيس فرش کان عرش تي پهچائي ڇڏين ٿا عوام اهڙن انسانن کي ديوانن وانگي چاهي ۽ برسات
جي ڦڙن وانگر چاهت جي ورکا ڪري ٿو سونهاري سنڌ اهڙن لاتعداد تاريخي ڪردارن سان ڀري
پئي آهي، هنن ڪردارن جو جڏهن جتي به ذڪر هلندو ته اتي سنڌ جي تاريخي شهر عمرڪوٽ جي
سرزمين تي جنم وٺندڙ امر ڪردار سماج سڌارڪ مهيندر ديو لاکاڻي جو ذڪر ايندو. هن جي هڪڙي
سڃاڻپ سندس والد تمام وڏي سماجي شخصيت صدارتي ايوارڊ يافته سرڳواسي ڊاڪٽر هرچندراءِ
لاکاڻي آهي. جنهن سندس تربيت ڪئي ته ”پنهنجي لاءِ هر ڪو جيئي ٿو، پر اوهان ٻين خاطر
جيئو.“
