; سنڌي شخصيتون: ڍول فقير

28 July, 2013

ڍول فقير

ڍول فقير

سنڌ جو سريلو ۽ نماڻو ڪلاڪار

ناصر قاضي



صوفياڻي گائيڪيءَ ۾ لاڙ پٽ جو هڪ اهڙو به آواز آهي، جنهن کي تاريخون ڪڏهن به ميساري نه ٿيون سگهن. انبن جي رس ۽ چڪن جي ميٺاج جهڙو ڍول فقير جو آواز پنهنجي انفراديت ۾ ائين ئي نرالو آهي، جيئن هي تر.


سنڌ جي الستي صوفي راڳي ڍول فقير ۱۹۱۷ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي هڪ وسندي ’پاٽوين‘ ۾ فقير محمد خاصخيليءَ جي گھر ۾ جنم ورتو.  (ڪجھه لکتن ۾سندس ڳوٺ جو نالو ’ماٽوئي‘ ڄاڻايل آهي.) مٿس ڇٺيءَ جو نالو ’ڍولڻ‘ رکيو ويو. ڍول فقير اهڙي ماحول ۾ اکيون کوليون،جتي سنڌي راڳ جي اوائلي صنف نڙ بيت جا آلاپ اڳواٽ ئي گونجي رهيا هئا. سندس والد فقير محمد ۽ سندس ڀاءُ صالح محمد پنهنجي دؤر ۾ نڙ تي بيت آلاپيندا هئا. سندس ننڍپڻ هر قسم جي نصابي پابنديءَ کان بي نياز گذريو، جنهنڪري هو اسڪولن جي اسيريءَ کان آجو، صوفي درگاهن ۽ اوتارن تي آزاديءَ سان ايندو ويندو هو، جتي سندس ملاقات سنڌ جي هاڪاري صوفي درويش منٺار فقير راڄڙ سان ٿي، جنهن سبب ٻالڪپڻ ۾ ئي مٿس فقيري رنگ چڙهڻ لڳو. صوفي منٺار فقير راڄڙ جي آستاني تي انهن ڏينهن ۾ فقير بخش علي راڳ ويراڳ ڳائيندو هو، جنهن کي ڏسي ۽ ٻڌي ڍول فقير کي به راڳ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو.

ڍول فقير جڏهن ٻاراڻي وهيءَ کان جوانيءَ طرف وکون وڌايون ۽ کيس راڳ جي سوچ، سمجھه ۽ سرت اچڻ لڳي ته هن راڳ جي باقاعده سکيا وٺڻ ضروري عمل سمجھيو. انڪري هن راڳ جي بنيادي سکيا لاءِ ضلعي سانگھڙ جي ڳوٺ مري کاهيءَ ۾ استاد حاجي اسماعيل کان يڪتاري وڄائڻ جي سکيا ورتي، جنهن بعد باقاعده راڳ جي سکيا منٺار فقير راڄڙ جي فرزند فقير ولي بخش کان ورتائين. واضع رهي ته ڍول فقير ۽ فقير ولي بخش استاد ۽ شاگرد هجڻ باوجود به هم عمر ۽ هڪ ٻئي جا ساٿي رهيا آهن. اڳتي هلي ڍول فقير پنهنجو ڳوٺ ڇڏي مستقل طور ٽنڊي الهيار ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو، جتي معاشي گذر سفر لاءِ هڪ هوٽل پڻ کوليائين.

ڍول فقير ورهاڱي کان ستت پوءِ پنهنجي مرشد مخدوم محمد زمان طالب المولى جي معرفت سان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي متعارف ٿيو، جتي سندس آواز ۾ پهريون ڪلام ’اهڙيون حسن واريون تکڙيون تراريون‘ ريڪارڊ ڪيو ويو، جنهن بعد پروڊيوسر محمد بخش انصاريءَ سندس آواز کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ريڪارڊ ڪيو ۽ اهڙي طرح سندس آواز ريڊيائي لهرن وسيلي، هوائن جي دوش تي، پوري سنڌ جي ريڊيو اسٽيشنز سميت آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان به پوري دنيا ۾ گونجڻ لڳو، جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي کيس پهريون ڀيرو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو.

ڍول فقير سنڌ جو اهو سريلو، سٻاجھو، مٺڙو ۽ محبوب صوفي راڳي هو، جنهن سنڌي موسيقيءَ ۾ ڪافيءَ جي گائيڪيءَ سان گڏ داستان گوئيءَ جي فن کي به جلا بخشي. پاڻ پنهنجي منفرد ۽ سريلي انداز سان وچ ڪافيءَ ۾ کن پل لاءِ رڌم بند ڪري، داستان بيان ڪرڻ ۾ مهارت رکندو هو. سندس اهڙي انداز کي ’سدا رنگي‘ انداز پڻ سڏيو وڃي ٿو. ڍول فقير شاهه سائين، سچل سرمست، مصري شاهه، محمود فقير کٽيان، نواب ولي محمد لغاري ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳايو، هو مخدوم محمد زمان طالب المولى ۽ منٺار فقير راڄڙ جو عقيدتمند هجڻ ڪري سندن شاعري دل و جان سان ڳائيندو هو. سندس آواز ۾ ڳايل مشهور ڪلامن ۾؛

1.     ’لائي ته نماڻيءَ سان نينهن‘،

2.     ’سور انهيءَ ساڙي، هو جي هليا ويا‘،

3.     ’عمر مون نه ٿا وسرن  ويڙهيچن جا واڙا‘،

4.     ’هڪڙي ڳالهه چوان من ڪا محب مڃي‘

بيحد مشهور ٿيا. ڍول فقير کي سندس فن جي عيوض ۲۳ مارچ ۱۹۸۹ع تي حڪومت پاڪستان طرفان صدارتي ايوارڊ برائي حسن ڪارڪردگي پاڪستان جي اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان جي هٿارائون ڏنو ويو، ان کانسواءِ کيس لطيف ايوارڊ ۽ ٻيا به کوڙ سارا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. ڍول ۲۲ جون ۱۹۹۲ع وفات ڪئي. سندس مزار ٽنڊي الهيار ۾ آهي. سندس فرزند فقير محمد ’ڍول فقير فائونڊيشن‘ نالي ادارو قائم ڪري اشاعت جو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هو پاڻ به والد جا ڪيترا ڪلام سُريلي آواز ۾ ڳائيندو آهي.


ڍول فقير

سدا بهار لوڪ فنڪار

ابراهيم لاشاري

سنڌ جو هر شهر پنهنجي پنهنجي منفرد حيثيت سان مشهور آهي انهن سڀني شهرن منجهان وري ميرپورخاص شهر پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت ٿدڙين هوائن ۽ انبن جي حوالي سان ته ويتر سڄي دنيا منجھ هڪ منفرد ۽ الڳ حيثيت رکي ٿو. هت ذڪر سر سنگيت جي هڪ اهڙي فنڪار جو ذڪر ڪبو، جنهن صرف ميرپورخاص جو نه پر پنهنجي آواز جي جادو سان سونهاري سنڌ جو نالو ڏيهان ڏيھ مشهور ۽ مقبول ڪرايو اهڙن فنڪارن منجهان ڍول فقير به هڪ هو.

سنڌ جو هي لوڪ سر۽ سنگيت جو امر آواز فقير محمد خاصخيلي جي گهر منجھ سال ۱۹۲۱ع ڌاري ميرپور خاص شهر ڀرسان ڳوٺ (پاٽويون) ۾ پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو. اسان سدابهار لوڪ فنڪار جڏهن هن جهان منجھ اک کولي ته هن جو والد صاحب هن جهان کي خير آباد چئي چڪو هو. سندس والد صاحب ڪڙمت (هارپي) جي ڪرت ڪندو هو چارسالن جي عمر جو ڍول فقير مس ٿيو ته امڙ جي ڇانون کان به محروم ٿي ويو. ڍول فقير پنهنجي والد کي نه ڏسڻ ۽ جيجل امڙ جي مرتي جي صدمي هن لوڪ فنڪار کان سڀ سک کسي ورتا هئا ڏکن سندس من جهوري ست ئي نپوڙي ڇڏيو هيس. پنهنجي من اندر موجود ڏکن جي اظهار لاءِ لڇڻ ۽ پنهنجي ڦٽيل روح کي ريجهائڻ جو وسيلو کيس ڳائڻ ۾ نظر آيو۽ الله توهار ڪيائين. هن پنهنجي هڪ منفرد انداز سان هڪ هٿ ۾ يڪتارو ۽ چپڙيون کڻي جڏهن ڀلو ڀلو ميان، ووءِ ووءِ ۽ الو ميان ڪندو هو ته پرستار سندس اهڙي سهڻي انداز تي جهومي پوندا هئا. سندس اصل نالو ڍول فقير پهريان ڍول عرف ڍولڻ هو جيڪو سندس استاد فقير ولي بخش رکيو هو. جيڪو منٺار فقير راڄڙ جو پوٽو هو. تنهن سر سنگيت جا پڻ سڀ گر سيکاري پنهجي شاگردي جو گانو ٻڌو هوس. سندس وڏو ڀاءَ محمد صالح خاصخيلي ۽ والد محمد خاصخيلي نڙ بت چوڻ جا ماهر هوندا هئا ڍول فقير جڏهن ڏهن سالن جو مس هو ته ڳائڻ جو شوق جاڳيس پهريان پهريان هن شادين مرادين ۾ ٿيندڙ محفلن کي باقاعدگي سان ٻڌڻ شروع ڪيو اڳئين زماني يعني ڍول فقير جي ڳائڻ واري زماني ۾ اڪثر ڪري (ڀڳت) ڳائيندا هئا ۽ مسمان فنڪار پڻ ڀڳتي انداز منجھ ڳائڻ پسند ڪندا هئا ڍول فقير انهن ڀڳتن جا ڳايل ڪلام پنهنجي منهن دل ئي دل ۾ پيو جهونگاريندو وتندو هو. انهن جا ڳايل ڪالم ياد ڪري پوءِ آهستي آهستي هن پڻ ڀڳتي محفلن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو.

ان ڳائڻ دوران هن هڪ ڀڳتي ٽولي جي ان وقت مشهور سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ مري کاهي جي ڳائڻي اسماعيل مري کان ڳائڻ جي ترتيب پئي حاصل ڪئي ۽ پنهنجو استاد ورتائين ۽ مختلف ڳوٺن ۾ ٿيندڙ محفلن ۾ ڳائيندو رهيو ان زماني ۾ ڍول فقير سنڌ جي نالي واري صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جي درگاھ تي ويو جتي منٺار فقير جي پوٽي فقير ولي بخش سان ملاقات ٿيس، جيڪو راڳ جو نهايت قابل ۽ ڄاڻو هو. ڍول فقير کائنس وڌيڪ سر سنگيت جا گر ۽ فقيراڻي رنگ جي سکيا ۽ روحاني فيض حاصل ڪري سندس شاگرد پڻ ٿيو.

ڍول فقير يڪتاري تي ڳائيندڙ اهڙن فنڪارن منجهان هو، جيڪي صوفياڻي رنگ کي نج سنڌي موسيقي سان گڏوگڏ صحيح سر، داستان، راڳ، تال سان آواز جو مڌر سنگم ڏيئي آمر بڻائي ڇڏيندا هئا. ڍول فقير جي هڪ خوبي اها به هوندي هئي ته هو جيڪو به ڪلام ڳائيندو هو، ان سان جيڪڏهن ڪو نيم تاريخي قصو لاڳاپيل هوندو هو ته ڳائڻ دوران اها ڳالھ يا قصو به ٻڌائيندو هو، سندس قصي ٻڌائڻ جو انداز نهايت سهڻو ۽ نرالو ۽ ٻين فنڪارن کان مختلف هوندو هو. ڍول فقير جي ڳائڻ جي اها به خصوصيت هوندي هئي ته هلندڙ ڪلام جي دوران تال (لئي) کي بيهاري پنهنجي ليکي فقيري رمز ۾ وري ڪلام کي جاري ڪري وٺندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪلام ۾ ڳائيندي وچ ۾ بيهي (ڏوهيڙا) تحت الفظ به چئي ڏيندو هو. جيڪو سندس خاص انداز سڏبو هو.

ڍول فقير راڳ کي عبادت سمجهي ڳائيندو هو. هن شروع کان وٺي آخر تائين ڪابه فيس وغيره مقرر نه ڪئي ۽ نه ئي ورتي. هن ان زماني ۾ پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي اچي ٽنڊوالهيار ۾ آستانو اڏيو ۽ اتي پيٽ گذر لاءِ هڪ هوٽل به کوليائين. هڪ محفل منجھ نالي واري علمي ادبي سياسي سماجي روحاني شخصيت مخدوم محمد زمان طالب المولي ڍول فقير کي ٻڌو ۽ نهايت تمام گهڻو متاثر ٿيو. ان زماني ۾ ڍول فقير مخدوم صاحب جو مريد به ٿيو. مخدو صاحب جي مهرباني سان سال ۱۹۴۸ع ڌاري ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تان ڳائڻ لڳو بعد ۾ وري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ان زماني جي پروڊيوسر محمد بخش انصاري صاحب کيس معتارف ڪرايو هو. جتي ڍول فقير جيڪو پهريون ڪلام رڪارڊ ڪرايو هو، تنهن جا ٻول هئا؛

(اهڙيون حسن واريون تکڙيون تراريون، محبوب مون تي تو اچي اولاريون)

ڍول فقير ريڊيو پاڪستان کان علاوه پاڪستان ٽيليويزن تي به خوب ڳايو کيس ٽيليويزن تي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ صاحب معتارف ڪرايو. ڍول فقير جن شاعرن جي شاعري ڳائي انهن ۾ منٺار فقير جي شاعري کي جلا بخشيائين، انهن کان علاوه حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح، سچل سرمست رح طالب المولي، مصري شاھ، محمود فقير کٽياڻ، نواب ولي محمد لغاري وغيره جي شاعري کي خوب ڳايو ۽ ٻين صوفي شاعرن کي پڻ ڳايو. سندس ڳايل ڪلام ريڊيو پاڪستان تان وقت به وقتن نشر ٿيندا رهندا آهن.

ڍول فقير کي قدرت واري ايتري ته صلاحيت بخشي هئي جو هن کي ۳۰۰ کان ۴۰۰ ڪلام زباني ياد هوندا هئا. ڍول فقير جي پسند جو شاعر منٺار فقير راڄڙ ۽ فنڪارن منجهان ماسٽر محمد ابراهيم هو. هن سرڪاري خرچ تي ڏيھ کان علاوه پرڏيھ ۾ به پنهنجي ملڪ پاڪستان سان گڏ سنڌ ڌرتي جو نالو روشن ڪرايو، ڍول فقير اهو خوشنصيب فنڪار هو جنهن پنهنجي زندگي منجھ حج جي سعادت به ماڻي. ڍول فقير کي مڃتا طورسرڪار پاران ۲۳ مارچ سال ۱۹۸۹ع ڌاري (پرائيڊ آف پرفامنس ايوارڊ) ۽ مڃتا طور لطيف ايوارڊ سان به نوازيو ويو. ڍول فقير زندگي جي آخري وقت ۾ گيڙو رنگ جو پٽڪو ۽ سلوار قميص پهريندو هو. هٿن پيرن ۽ وارن کي ميندي لڳائيندو هو.

هن عظيم لوڪ فنڪار پنهنجي زندگي ۾ (ٻه) شاديون ڪيون. سندس اولاد منجهان هڪ پٽ فقير محمد ڍول به پنهنجي پيءُ واري ئي انداز ۾ ڳائيندو آهي سنڌ ڌرتي جو هي لوڪ فنڪار زندگي جي آخري ڏينهنن ۾ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا ٿي پيو زندگي سندس ساٿ ڇڏي ڏنو. آخر ڪار سر سنگيت جا سڀ ساز بند ڪري، هي سدا بهارامر آواز اسان سڀني کان ۲۲ جون ۱۹۹۲ع سومر ڏينهن تي ۷۱ سال جي عمر جا ڏينهن گهاري هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. اڄ هن عظيم فنڪار جي ۲۶ ورسي ملهائي ويندي، سندس آخري آرام گاھ ٽنڊي الهيار ۾ آهي. سندس ڳايل مشهور ڪلامن ۾

(۱) لائي ته نماڻي سان نينهن دوست ائين نه دل مٽجي (شاھ)

۲) عمر مون نه ٿا وسرن ڌنارن جا ڌاڙا، ڀڄي ڀور ٿيندءِ ڪنجون ڪرف تاڙا (شاھ)

۳) سور انهي ساڙي هو، جي ويا هليا (شاھ)

۴) هڪڙي ڳالھ چوان، من ڪا محب مڃي (شاھ)

No comments:

راءِ ڏيندا