; سنڌي شخصيتون: حاجي محمد رحيم ڪُنڀر - اقبال ڪنڀر

03 July, 2013

حاجي محمد رحيم ڪُنڀر - اقبال ڪنڀر

حاجي محمد رحيم ڪُنڀر
بيباڪ صحافي ۽ جاکوڙي ڪردار جو اوچتو وڇوڙو
حاجي اقبال ڪنڀر/کپرو
ڳوٺ سالار ٿر ۾ ۱۹۳۹ع ۾ جمعي ڪُنڀر جي گهر ۾ اَک کوليندڙ حاجي محمد رحيم ڪُنڀر، صحافت کي پنهنجي زندگي اَرپي ڇڏي. سال ۱۹۶۰ع ۾ صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪندڙ حاجي محمد رحيم کپري سب ڊويزن جي ماروئڙن جا ڏُکڙا ۽ اقليتن سان ٿيندڙ بيواجبين کان ويندي، کپري جي ماضيءَ ۽ حال جو احوال اوريو ۽ ماڻهن جو هم آواز بڻجي سندن مسئلن کي بالا ايوانن تائين پهچايو.

حاجي محمد رحيم سنڌ جي اٻوجهه عوام جي اهنجن کان ويندي، سياست، تعليم، هُنر ۽ ثقافت تي قلم کنيو. حق ۽ سچ واري صحافت ڪندڙ حاجي محمد رحيم تي ڪيترا ئي قاتلاڻا حملا ڪيا ويا، جن ۾ هو شديد زخمي پڻ ٿيو، پر هن سچائيءَ جو ساٿ ڪڏهن نه ڇڏيو.
سگهن سُڌ نه سور جي“ جهڙو انمول ڪتاب لکندڙ هن کاهوڙي ليکڪ، سڄي حياتي انسانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيو. وڏي بيباڪيءَ سان قلم ذريعي سماجي براين خلاف جهاد ڪندڙ هن قدآور انسان تي ڪجهه ڏينهن اڳ فالج جو حملو پڻ ٿيو، جنهن ۾ وري هن مرض کي مات ڏني. مگر گذريل رات وري مٿس فالج جو حملو ٿيو. جنهن جي علاج لاءِ سندس پٽ کيس ميرپور خاص کڻي پهتا.
پاڻ، پهرين جولاءِ ۲۰۱۳ع، سومر جي ڏينهن، وڃي پنهنجي مالڪِ حقيقي سان مليو.
جهڙو اَڇو ڍَڪي، سدائين تَنُ،

تهڙو اُجرو رکي، سدائين مَن.

No comments:

راءِ ڏيندا