; سنڌي شخصيتون: اسلم، چانڊيو، اهڙو، دوست، جيڪو، پنهنجي، زندگي، جبري، ريٽائر، اُستاد، نظاماڻي،
Showing posts with label اسلم، چانڊيو، اهڙو، دوست، جيڪو، پنهنجي، زندگي، جبري، ريٽائر، اُستاد، نظاماڻي،. Show all posts
Showing posts with label اسلم، چانڊيو، اهڙو، دوست، جيڪو، پنهنجي، زندگي، جبري، ريٽائر، اُستاد، نظاماڻي،. Show all posts

24 July, 2013

اسلم چانڊيو - اُستاد نظاماڻي

اسلم چانڊيو
اهڙو دوست جيڪو پنهنجي زندگي مان جبري ريٽائر ٿي ويو!
اُستاد نظاماڻي
پهرين جولاءِ جي اخبار منهنجي سامهون آئي ۽ جڏهن مون اسلم چانڊيو جي اوچتي وڇوڙي جي خبر پڙهي ته ڪافي افسوس ٿيو، جڏهن به ڪو انسان کلندي هلندي شام جو اوهان سان ڪچهري ڪري موڪلائي ۽ ٻئي ڏينهن اوچتو اوهان کي اطلاع ملي ته اوهان جو دوست هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي تڏهن اهڙي موت تي واقعي حيرت به ٿئي ۽ ڏک به، سچ پڇو ته اسان پنهنجي هڪ دوست ۽ مهراڻ اخبار جي سينئر خدمتگار کان محروم ٿي وياسين. هُن جي خدمتن کي ڳڻڻ لاءِ اسان وٽ شايد ايترا لفظ نه هُجن پر هي ڪارڪن مهراڻ جي آب ۾ لوڻ جيئان ڳري ملي ويو.