; سنڌي شخصيتون: سيد، بچل، شاهه، خلق، خدمتگار، ناصر، قاضي،
Showing posts with label سيد، بچل، شاهه، خلق، خدمتگار، ناصر، قاضي،. Show all posts
Showing posts with label سيد، بچل، شاهه، خلق، خدمتگار، ناصر، قاضي،. Show all posts

26 July, 2013

سيد بچل شاهه - ناصر قاضي

سيد بچل شاهه
خلق جو خدمتگار
ناصر قاضي
خلق جي خدمت هڪ اهڙو گڻ آهي، جنهن سان هڪ طرف ته رب پاڪ جي ذات بابرڪات جي خوشنودي حاصل ٿئي ٿي ته ٻئي طرف وري دنيا اندر اهڙو ڪردار پيدا ٿئي ٿو، جو دشمن به سڄڻ ٿي وڃن ٿا. هن پوري ڪائنات ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي نورِ مجسم هستيءَ جي سيرت طيبه جا خلق جي خدمت يا حقوق العباد متعلق اڻ ڳڻيا واقعا ملن ٿا، جيڪي يقيناً انسان ذات لاءِ هڪ سبق جي حيثيت رکن ٿا. ان سلسلي کي ويهي ويچاربو ته معلوم ٿيندو ته اوتارن، درويشن، بزرگن ۽ خلق جي خدمت واري جذبي سان پاڻ ارپيندڙ عظيم انسانن پڻ ساڳئي پت کي پاڙيو آهي.