محمد لائق
ايم اي انگريزي پاس
عزيز گوپانگ
سٺ واري ڏهاڪي جو اهو ئي سال هو، جڏهن نيلو جي پهرئين
فلم، باڪس آفيس تي هيٺ ويئي هُئي. سندس مٿان فلمايل مشهور گانو ”آئي موسم رنگيلي سهاني،
جيا نهين ماني، تو ڇُٽي لي ڪي آجا بالما“ ٻُڌي سرڪاري ملازم مؤڪلون وٺي پنهنجي ڳوٺن
۽ شهرن لاءِ روانا ٿي رهيا هئا، سرڪاري دفتر خالي پئي ٿيا، سرڪار مؤڪلن تي پابندي وڌي!
۽ تڏهن محمد لائق لاهور ۾ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي گيسٽ هائوس جي ٻه ماڙ ڪمري جي دري کولي،
نيلو جي نالي جو هِڪ زوردار نعرو هڻي ٽپو ڏنو!
