طارق
عالم
جنهن کي ڄامشوري جون هوائون
ڳولن ٿيون
عزيز
گوپانگ
طارق مون کي پنهنجو دوست ۽ مان پاڻ کي سندس پرستار
سمجهندو هوس. هُو عمر ۾ مون کان پنج ڇهه سال وڏو ۽ شعور ۾ مون سميت پنهنجي سموري ٽهيءَ
کان پُورا نوانوي سال وڏو هو. هُن نه شاعري سکي ۽ نه ئي ڪهاڻي لکڻ جو ڪو شارٽ ڪورس
ڪيو ۽ نه ئي ڊرامه رائيٽنگ جي تربيت ورتي، هو عُمر ۽ ادب ۾ ساڳي رفتار سان وڏو ٿيندو
۽ وڌندو رهيو ۽ جيستائين پُهتو، اُهو سندس عمر ۽ تخليق جو آخري ماڳ ثابت ٿيو.
سچي پيار ۽ وڏي فنڪار جو ”ڪلائيميڪس“ تڪليف وارو ٿيندو
آهي، سسئي جي پير واري لڦ عاشق جي دل مٿان ظاهر ٿيندي آهي. اهڙي ئي هڪڙي لڦ طارق جي
دل مٿان به ظاهر ٿي هُئي!
وڏن ماڻهن ۽ وڏن شهرن ۾ کوڙ هڪ جهڙايون ٿين ٿيون، شديد
شور ۽ خوفناڪ حادثن کان وٺي ڀرپور زندگيءَ تائين گهڻو ڪجهه هڪ ئي وقت منجهن موجود هوندو
آهي، طارق عالم به ڪنهن وڏي شهر جيان هو، پئه پنهنجي پکيڙ ۾ وڌيو ۽ ويجهيو پر دردن
جي انڪروچمينٽ کيس والاري ويئي ۽ هو پنهنجي اندر ۾ ئي گهيرجي ويو، پاڻ مان اٿيو، ڪجهه
وقت لاءِ ڪنڌ کڻي دنيا کي ڏٺو ۽ واپس پاڻ ۾ ويهي رهيو بس ڪنهن خيال وانگر. جڏهن ڪو
خيال، ڪنهن خيال مان اُٿي، وري ڪنهن خيال ۾ گم ٿي ويندو آهي.
سنڌ جي چار ڪروڙ جاندارن سان گڏ رهي انسان واري زندگي
گذارڻ، الاءِ جي ڪيترو ڏکيو هو، پر طارق اِهو ڪم ڪري ڏيکاريو، هُن اکيون ٻوٽڻ تائين
اکيون کولي رکيون ته جيئن کانئس ڪو منظر رهجي نه وڃي! زندگي گذارڻ ۽ زندگيءَ مان گذرڻ
ٿوري لقاءُ سان ٻه الڳ لقاءُ آهن، ڄامشوري جهڙي خوبصورت ۽ ڄامشورائين جهڙن سخت ماڻهن
جهڙي زندگي مان گذريو!
هڪ ڀيري فون ڪري چيومانس؛ ”يار طارق! خبر اٿئي پنهنجو
فلاڻو سنگتي، منهنجا شعر ٿوري فرق سان تبديل ڪري پنهنجي نالي سان ڇپرائي ۽ فيس بوڪ
تي پيو رکي، اِن کي ڇا ڪجي؟“ کلي چيائين؛ ”ظالم! اِهو ڪو مسئلو آهي، تون شاعري ڪرڻ
ڇڏي ڏي، هو چوري ڪرڻ ڇڏيندو“. هو مون کي اڪثر ظالم ڪري پڪاريندو هو! وڌيڪ چيائين ته؛
”تو وٽ شڪر ڪر جو شاعري آهي، مينهون هجن ها ته اُهي به چوري ٿي وڃن ها!“
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ نوڪري واري عرصي دوران منهنجون
ساڻس اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون، هڪ ڀيري مهراڻ لاءِ شاعري ڏيڻ واسطي چيائين. ٻه ٽي
غزل لکي کڻي ويومانس. تڏهن هو مهراڻ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هو. ايڊيٽر، منهنجا غزل،
اهو چئي کيس واپس ڪيا ته هي وزن تي پورا نٿا لهن. طارق سخت ڪاوڙيو ۽ کيس چيائين ”۽
تون ماڻهپي تي پورو نٿو لهين.“ طارق جو کيس اڃان وڌيڪ ڪجهه چئي ها، ايڊيٽر غزل واپس
وٺي ڪمپوزنگ لاءِ موڪلي ڏنا!
تاريخ سنڌ کي لطيف ۽ ڄامشوري کي طارق سان گڏ لکندي
۽ ڪو اهڙو ڏينهن به ايندو جو انهن چئني جي معنيٰ وڃي ساڳي بيهندي.
سنڌ يونيورسٽي طارق جي ”انسپريشن“ هُئي. هُن لشڪر اديبن
جيان رڳو اکر گڏ ڪو نه ڪيا ۽ نه ئي خچرن کي کيرا کارايا. هُن لکيو ۽ ائين لکيو، جيئن
کيس لکڻ جڳائي ها! پر زندگي ساڻس ائين ڪيو، جيڪو موت به ماڻهو سان ناهي ڪندو. هُن رستن
جي ٽڪنڊن تي بيهي ٽه سٽا لکيا، نظم ۽ ڪهاڻيون تخليق ڪيون، روزاني زندگيءَ ۾ پاڻ سان
ٿيندڙ ڊرامن مان سٽون سوري ناٽڪ لکيا ۽ ناول لکيو، جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو!
اسان اسي واري ڏهاڪي ۾ گهڻو گڏ هوندا هُئاسين. ريڊيو
پاڪستان اسان جو پهريون، الائي جي ٻيو، پر هڪ گهر ضرور هوندو هو، صبح کي ڇڪي شام ڪرڻ
۽ شام کي صبح تائين گهلي کڻي اچڻ واري پوري عرصي ۾ پئه اسان جون دليون مُستطيل ٿينديون
هيون، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪوريڊورز کان اندر اسٽوڊيوز تائين پيا ڪڏهن تئه کائيندا
ته ڪڏهن برف ٿيندا هُئاسين!
اسان سڀ ريڊيو جا صداڪار هُئاسين يا ڪي هالي ووڊ جا
اداڪار! ڇا ته ڪيفيت هُئي، ضرور بيان ڪريان ها، جيڪڏهن ڪري سگهان ها، طارق جي دل آويز
شخصيت پئه جوان دلين کي ونگيو ۽ وٽيو ۽ ٻئي پاسي ويچارا ايم اي پاس پروڊيوسر اندر ئي
اندر ۾ پئه پلاسٽڪ وانگي رجيا ۽ پنهنجي اندر ۾ ئي پئه ڳڙيا!
طارق پنهنجي ”اپيرنس“، لهجي ۽ بيان ۾ انتهائي حيرتناڪ
حد تائين آرٽسٽ هو، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ يونيورسٽي جي حدن اندر لکيل هزارين ٽن پنن
مان بس اهي ئي پنا ڪم جا آهن، جيڪي سندس ناول ”رهجي ويل منظر“ ۾ شامل آهن.
اڳي طارق عالم ڄامشوري جي هوائن پويان هلندو هو ۽ هاڻي
ڄامشوري جون هوائون کيس ڳولن ٿيون! عشق ۾ پلاند ائين ئي ٿيندا آهن!
No comments:
راءِ ڏيندا