; سنڌي شخصيتون: رئيس حاجي خير محمد ڀرڳڙي

14 June, 2013

رئيس حاجي خير محمد ڀرڳڙي

رئيس حاجي خير محمد ڀرڳڙي

نم جي ٿڌي ڇانوَ جهڙو ماڻهو

شاهنواز ڀٽي



سنڌ ڌرتي ڏاڍا پيارا، سلڇڻا، نيڪ ۽ سٻاجهڙا پٽ ڄڻيا آهن، جن جي شخصيت پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ ڌرتيءَ جو مان مٿانهون ڪيو آهي. ڪي سياسي ڪردار، ڪي فنڪار، ڪي شاعر ته ڪي ليکڪ ۽ وري ڪي باغي سالار ته ڪي وري ڏاها، سُگهڙ، سلڇڻا، قربائتا، مهمان نواز، زماني ساز ۽ بزرگ، جن جي موجودگي علائقن اندر ڏور ڏور تائين هر وجود لاءِ هڪ آٿت جواحساس هوندي آهي، جڏهن به مسئلن جي تکي اُس ڪنهن جي وجود کي ساڙي ته هو ڊوڙي وڃي ان بزرگ جي شفقت جي گهاٽي ڇانوَ ۾ پناهه وٺي ته سندس ڏک ڏور ٿي وڃن، اهي جيڪي مثال مون پيش ڪيا، اهي سئو سيڪڙو ٺهڪي اچن ٿا. شهر جيمس آباد جيڪو هاڻ ڪوٽ غلام محمد سڏجي ٿو، جنهن جي هڪ معزز هستي، بزرگ سياستدان ۽ علائقي جي هڪ انتهائي قابل احترام ۽ شريف النفس انسان رئيس خير محمد ڀرڳڙي، خميس رات وڃي خالق حقيقي سان مليو. جڏهن اها خبر علائقي ۾ پکڙي ته پاڻ سان گڏ ڏک ۽ افسوس جو سنيهو کڻي آئي، جنهن به ماڻهو سندس لاڏاڻي جو ٻڌو، اهو هڪ لمحي لاءِ افسوس ۾ خاموش ٿي ويو.


 مرحوم رئيس حاجي خير محمد ڀرڳڙي صاحب هڪ جهونو سياستدان هو، پر سندس سياست ڪرڻ جو انداز ان ڪري نرالو هو، جو هن به ذاتي تعلقات تي سياست کي ڪڏهن به حاوي ٿيڻ نه ڏنو. پنهنجن سياسي مخالفن سان به مرڻي پرڻي ۽ ڏک سُک ۾ ائين پير کڻندو هو، جو سندس حمايتي توڙي مخالف سندس رويي ۾ فرق ڪري نه سگهنداهئا. ضلعي ميرپورخاص جي سياست ۾ رئيس خير محمد کي نظرانداز ڪرڻ ناممڪن هو. سندس ذاتي ووٽ بئنڪ ايترو ته سگهارو هو، جو مضبوط ۽ سگهاريون سياسي پارٽيون به ساڻس مقابلي کان لنوائينديون هيون. اهو هن ماڻهوءَ جي شخصيت ۽ ذهن جو ڪمال هو، جو سندس پٺيان يا مٿس اعتماد ڪرڻ وارا ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ هئا. حالانڪه هو ڪو پير يا فقير نه هو، جنهن جا مريد هجن، سندس سياسي رويا ۽ عام ماڻهوءَ جو قدر ڪرڻ واري خوبي وٽس گوناگون هئي، جنهن سبب ماڻهو ساڻس گڏ هئا.

عام زندگيءَ ۾بنهه سادو، پر پنهنجي اسٽائيل وارو ماڻهو، سندس چهري تي هڪ خوبصورت چاپئين ڏاڙهي ۽ مٿي تي هميشه جناح ڪيپ، سندس اهو اسٽائل کيس ڏاڍو منفرد ۽ باوقار شخصيت جو روپ ڏيندو هو. رئيس صاحب چوپائي مال جو به وڏو شوقين ۽ اعليٰ ليول جو ڀلوڙ ڀاڳيو هو. سندس فارم هائوس تي مختلف قسمن جا ڍور، ڍڳين، مينهن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ ڌاريل آهن. اعلى نسل جا ڀلا گهوڙا، سندس فارم هائوس تي موجود آهن. چوندا آهن ته Poverty man makes dirty يعني طاقت انسان کي خراب بڻائيندي آهي. پر سموري عمر مالي ۽ سياسي طور طاقتور رهندڙ رئيس خير محمد ڀرڳڙي، ڪڏهن به پنهنجي طاقت جو غلط استعمال نه ڪيو. ڪڏهن به اوڙي پاڙي يا راڄ ڀاڳ ۾ ڪنهن کي به ڪا تڪليف نه ڏنائين. هڪ وڏو زميندار هجڻ باوجود سندس رهڻي ڪهڻي ۽ ماڻهن سان ملڻ جلڻ اهڙي انداز جو هو، جو ڏسڻ وارو سندس وضعداري، روايتي سهڻي سڀاءُ جو قائل ٿي ويندو هو. جيڪڏهن حقيقت ۾ رئيس خير محمد ڀرڳڙيءَ جي ڀيٽ سنڌ جي ٻين وڏيرن سان ڪجي ته رئيس صاحب جو عمل ۽ سندس اخلاق کيس گهڻن کان مٿانهون ڪري بيهاريندو.

سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ غلام محمد ڀرڳڙي کي رئيس اعظم جو خطاب ڏنو هو ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ کي هڪ بااخلاق ۽ اعلى ڪردار جو ماڻهو ڪري پيش ڪيو اٿس. ان رئيس اعظم رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي نالي تي سنڌ ۾ هڪ رستو به نه هو. رئيس خير محمد ڀرڳڙي جي ڪوششن سان شهر جيمس آباد جو نالو ڪوٽ غلام محمد سندس نالي تي رکرايو هو، اهو سندس هڪ تاريخي ڪم آهي. رئيس خير محمد به غلام محمد ڀرڳڙيءَ جيان، هڪ بااخلاق ۽ اعلى ڪردار جو ماڻهو هو. اهڙو ماڻهو هو، جنهن جي کوٽ وڏي عرصي تائين پوري علائقي ۾ محسوس ٿيندي. ضروري ناهي ته هر انسان کي زندگي ۾ ڪاميابيءَ جا سڀ ڏاڪا نصيب ٿين ۽ انهن ۾ وڏي عمرماڻڻ به شامل آهي۽ هن وڏي عمر ماڻي ان کي سجايو پڻ ڪيو. رئيس صاحب طرفان علائقي ۾هڪ طاقتور سياستدان هجڻ باوجود ڪنهن جي دل آزاري نه ڪرڻ يا ڪنهن کان ڪو سياسي انتقام نه وٺڻ به هڪ اعلى مثال آهي. اسان جا اهي بزرگ، جيڪي هاڻ اسان کان الڳ ٿيندا پيا وڃن. حقيقت ۾ انهن جو وڇوڙو هڪ عهد ۽ هڪ تاريخ جي موڪلاڻي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا