; سنڌي شخصيتون: گلاب فقير جوڳي جون ڳالهيون - گلزار ڪلهوڙو پاٽائي

07 June, 2013

گلاب فقير جوڳي جون ڳالهيون - گلزار ڪلهوڙو پاٽائي

گلاب فقير جوڳي جون ڳالهيون
ٻارن کي ڄمڻ سان ئي نانگ جي ستي پياريندا آهيون
انٽرويو: گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
سنياسي جوڳين سان تعلق رکندڙ گلاب فقير جوڳي ولد لونگ فقير جوڳيءَ جو تعلق عمرڪوٽ ضلعي سان آهي. ۵۵ سالن جي هن فقير جو رنگ سانورو، هٿ ۾ مرلي، گودڙي ۽ نانگ واري ٽٻڻي ۽ سندس ويس گيڙو آهي.

هي پنهنجي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته؛ آئون اصل عمرڪوٽ شهر جي جوڳي ڪالوني جو رهواسي آهيان ۽ اها ڪالوني اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ٺهرائي ڏني هئي. جتي اڄ به هزارن جي تعداد ۾ جوڳي خاندان رهن ٿا ۽ آئون پنهنجي پنچائت ۾ پنج سؤ خاندانن جو چڱو مڙس آهيان ۽ پنهنجي برادريءَ جي هر ننڍي ۽ وڏي مسئلي کي اسان پاڻ ئي حل ڪندا آهيون.
هن کان جڏهن پڇيو ويو ته؛ اوهان جي گذر سفر جو وسيلو ڪهڙو آهي؟ ته ان جي جواب ۾ گلاب جوڳي ٻڌائي ٿو ته؛ اسان نانگ بلائن جا ڪرتب ڏيکاريون ٿا مرلي وڄايون ٿا ۽ ان سان گڏ ماڻهن جي قسمت معلوم ڪرڻ لاءِ ڍارا پڻ وجهندا آهيون ۽ روزي ڪندا آهيون. اها ڏات ۽ اهو فن اسان کي ورثي ۾ مليل آهي.
هي ٻڌائي ٿو ته؛ جڏهن اسان کي ننڍڙو ٻار پيدا ٿيندو آهي ته ان ٻارن کي ڄمڻ سان ئي نانگ جي مَڻِ واري سُتِي پياريندا آهيون ۽ اهو ٻار ستن ڏينهن تائين ماءُ جي ٿڃ نه پيئندو آهي ۽ ان کانپوءِ ٻار تي نانگ جي ڏنگ جو اثر به نه ٿيندو ۽ جڏهن اهو وڏو ٿي ويندو ته ان کي ڪنهن به ڪنڊ پاسي لڪيل نانگ جي خبر پئجي ويندي.
هي ٻڌائي ٿو ته نانگن جا ۱۲۵ قسم آهن؛ جنهن ۾ ڪاريهر، لنڊي، هڻ کڻ، گهوڙيل، ٻه-منهين، پيئڻ، کپر، جهور، پدم، ڏڪڻي، هٽيو، ڪرڙيو سميت ڪيترا ئي قسم آهن. پر انهن سڀني ۾ لنڊي بلا خطرناڪ آهي، جنهن پنهنجي مرشد کي به نه بخشيو.
ستن پيڙهين کان وٺي نانگن سان گڏ زندگي گهاريندڙ گلاب جوڳيءَ کان جڏهن اهو سوال ڪيو ويو ته دنيا الائي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتي آهي ۽ توهان پنهنجي اولاد کي پڙهائي ڪنهن بهتر روزگار جي تلاش ڇو نه ٿا ڪريو؟. ان جي جواب ۾ هن فقير ٻڌايو ته؛ هاڻي ڪجهه صورتحال مختلف ٿيندي پئي وڃي ۽ اسان جو نئون نسل تعليم حاصل ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي ڪيترن ئي جوڳين کي نوڪريون پڻ آهن. اسان جا ووٽ داخل آهن. اسان جا شناختي ڪارڊ ٺهيل آهن، باقي روزي خاطر پوري سنڌ ۾ گهميا آهيون ۽ در در جو پاڻي پيتل آهي. اسان سڀني جوڳين جي ٺڪاڻي جو مرڪز ڀٽ شاهه آهي.
هن کان جڏهن پڇيو ويو ته؛ اوهان جيڪي نانگ بلائون گهر ۾ رکو ٿا ته انهن جي پالنا ڪيئن ڪندا آهيو؟ هو ٻڌائي ٿو ته؛ نانگ کي گوشت سان گڏ کير به پياريندا آهيون. هر هڪ نانگ کي ڇهن مهينن يا سال تائين، دستگير جو ڪَڙو چاڙهيندا آهيون ۽ پوءِ ان کي آزاد ڪري ڇڏيندا آهيون.
سنڌ جي مشهور جوڳي استاد مصري خان جوڳيءَ کان مُرِليءَ جي سکيا حاصل ڪندڙ گلاب فقير جوڳي ٻڌائي ٿو ته؛ مون ڪيترن ئي ميلن ملاکڙن ۽ سرڪاري پروگرامن ۾ نڪ مان نانگ وجهي وات مان ڪڍڻ وارا ڏکيا ڪرتب پڻ ڏيکاريا آهن ۽ مون کي وزيراعظم مرحوم محمد خان جوڻيجي ۽ ٻين مختلف شخصيتن هٿان ايوارڊ به مليل آهن.

پنهنجي گداگري واري رنگ ۾ خوش گذاريندڙ هن فقير جي دل ۾ ڪا به خواهش ڪانهي۽ پيغام ۾ به دعا گهرندي چئي ٿو ته؛ شال سنڌي ۽ سنڌ وارا شاد ۽ آباد رهن.

No comments:

راءِ ڏيندا