; سنڌي شخصيتون: استاد نذير خان - نصير مرزا

03 June, 2013

استاد نذير خان - نصير مرزا

استاد نذير خان
محبوب صفت طبله نواز
نصير مرزا
ڪوئي نه جي مون کان پُڇي، ته محبوب صفت طبله نواز استاد نذير خان مرحوم کي ڪنهن پکيءَ سان ڀيٽ ڏئي، ته جيڪر جهٽ ۾ چوان: نذير خان ائين هو، جيئن پکين ۾ هنجُ پکي. پاڪ و پاڪيزه، اَڇو اُجرو، بدن تي سدائين ڪاٽن جا ڪلف لڳل ڪپڙا ۽ پان جي لاليءَ سان گلال چپڙا، سڀاءُ بي طمع، صابر و شاڪر ۽ پنهنجي فن ۾ يڪتا  لئه ڪار .. ۽ ياد اٿم، ڪي ورهيه اڳ اسٽوڊيو ۾ ويٺي ڪچهري ڪئي سين، جو ترنگ ۾ اچي چوڻ لڳو: اڀي سائين، مين آپ ڪو طبله پر ايڪ ٺيڪا سُناتا هون، جسڪا نام هئه، ”سُول فاخته،“ يه ٺيڪا پانچ ماتره ڪا هئه اور حضرت امير خسرو ڪي ايجاد هئه. اڀي آپ ڪو يه مين سنائون گا تو، آپ ڪو محسوس هوگا، جيسي آپ ڪي سامني ڪوئي فاخته ڦُر ڦُر... آسمان ڪي جانب اُڙتي چلي جارهي هئه....“ ۽ يا الله... هاڻي هيءَ سترهين اپريل جي رات هئي، جو نامياري ڪي بورڊ پليئر ”روشن جي“ جو ايس ايم ايس مون وٽ پهتو ... ۽ بس اکين مان ٽپ ٽپ ڪري ڳوڙها ڳڙڻ شروع ٿي ويا ۽ ٻاهر کليل آسمان هيٺان آيس، ته هڪ هڪ ستاري کي ڄڻ ٽٽندي، پرزا پرزا ٿيندي ۽ هر پاسي ڦُر ڦُر.. سول فاخته کي اڏامندي محسوس ڪيم، تڏهن هاڻي ڊوڙندو، لياقت ڪالونيءَ ۾ موجود پنهنجي يار نذير خان جي ڳليءَ ڏانهن وڌڻ لڳس ۽ اوستائين پهچندي پهچندي، ڄڻ ٽيهه ورهيه پوئتي ئي ته وڃي آئون پهتو هوس. جڏهن اوڻيهه سؤ چوراسيءَ ۾ مون کي ريڊيو حيدرآباد جي شعبهء موسيقيءَ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو ۽ يا منهنجا مولى... موسيقيءَ جي ماهرن جي، ڇا ته اُتي کير ڌارا جرڪي پئي! موسيقار غلام نبي، استاد محمد جمن، استاد نياز حسين، استاد مجيد خان ۽ امير خان سارنگي نواز، امام بخش عرف اِمو ڪلام نيٽ پليئر، پڪواز تي احمد نواز، گهڙي تي احمد ميربحر، پوءِ راڳيندڙن مان، ادي عابده پروين، جيجي زرينه بلوچ، علڻ فقير، ڍول فقير، موهن ڀڳت ۽ انهن سڀني سان لئه تال تي سنگت ڪندڙ، بس هي اڪيلو، سهڻو من موهڻو، ماٺيڻو ۽ نمرتا جو مجسمو: استاد نذير خان ۽ ان شعبي ۾ ڪم ڪندي، هيءَ الائي ڪيئن، نذير خان جي مون سان ۽ منهنجي هُن سان هڪڙي شديد ”ماٺ- محبت“ شروع ٿي وئي هئي. تڏهن هڪ ڏينهن، آهستگيءَ سان منهنجي پيشاني ڏانهن ڏسندي چيائين: مين ديک رها هون ڪه، آپ بهت اوپر تڪ جائين گي..“  تڏهن مون مُرڪي، آسمان ڏانهن نگاهه کنئي، ته پاڻ اک جي اشاري سان اسٽيشن ڊائريڪٽر واري آفيس ڏانهن ڏسندي چيائين، مين آپ ڪو اُڌر ديک رها هون... ۽ قسم پاڪ پروردگار جو، پنج ورهيه اڳ، مون کي جڏهن ان عهدي جي لاءِ چونڊيو ويو، ته استاد نذير خان اهو پهريون منهنجو دوست هو، جيڪو ريڊيو حيدرآباد جي دروازي تي گلن جا هار کنيو، منهنجي آمد جو منتظر بيٺو هو.

هڪڙي ڀيري پڇيومانس، ”نذير خان.. ٻڌو اٿم.. توهان ورهين جا ورهيه استاد منظور علي خان سان گڏ رهيا آهيو، ٻڌايو ته سهي هو ڪيئن هوندو هو؟“ تڏهن بنا سوچڻ جي اکين ۾ چمڪ آڻي، بي اختيار چيائين: ”سائين وه هيرا ٿي هيرا... اور وه ڀي لاکون ۾ ايڪ.. ان ڪي ساٿ ٿاڻو بولاخان والي آخري محفل ڀي، مين ني هي بجائي ٿي..“  ۽ پوءِ نذير خان ٻڌائڻ لڳو هئم: سائين!  وفات سي دو چار روز پهلي، وه گاڙي ريڊيو ڪي مين دروازي پر کڙي ڪرڪي، جلدي جلدي اندر آئي، سفيد پهران، او سفيد تنگ پاجامي مين بهت خوبصورت لگ رهي ٿي،  ڪها،” نذير خان جلدي هئي، چلو ميري ساٿ..“ اُس پر شعبهء موسيقي ڪي پروڊيوسر، انور بلوچ صاحب ني ڪها...” ايڪ شرط پر نذير خان ڪو ڇوڙون گا، بولي ڪيا شرط؟!“ ڪها...”ڪوئي ڀي ايڪ ڪافي رڪارڊ ڪروائين اور نذير خان ڪو ليجائين..“ عجب اتفاق، وه راضي هوگئي، ڪها... ”چلو اسٽوڊيو..“ يون فورن هي سب سازندي جمع هوگئي، ٽيپ لگ گيا، اور اس دن ان ڪي آواز مين، ريڊيو حيدرآباد پر آخري ڪافي جو رڪارڊ هوئي، وه راگ ڪو شڪ ڌني مين ٿي، شاعر ڪا نام ٿا، سائين قاسم علي شاهه اور بول ٿي... ”دلڙي هٿن مان اوچتو، دلدار منهنجي ويو کسي..“
۽ اجهو نذير خان جي واتان ٻڌل ان قصي کي ياد ڪندي ۽ دل ۾ نذير خان... نذير خان... پڪاريندي هاڻي آئون لياقت ڪالونيءَ جي جنهن ڪمري ۾ ازلي ننڊ ۾ ستل نذير خان وٽ پهتس ته ياد پيم، ڪنهن وقت ان ئي ڪمري ۾ ويهاري هن ٻڌايو هئم... ”سائين منهنجو استاد... عظيم طبله نواز ڪريم بخش پيرنا! مون کي سورهن ورهين جي ڄمار ۾ ڪوئيٽا وٺي هليو ويو هو. ان کان اڳ، آئون حيدرآباد جي الفاروق هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس. خانصاحب استاد فتح علي خان به مون سان گڏ پڙهندو هو، پر لکڻ پڙهڻ سان نه هن جو چاهه هو نه منهنجو! سو اسڪول مان ’اُڙن ڇُو‘ ٿي حيدرآباد جي شيام داس پارڪ ته ڪڏهن ’مکي باغ‘ يا ڪڏهن پريم پارڪ ۾ پهچي ويندا هئاسين، جتي هو تانون  پلٽا هڻندو هو ۽ آئون وري هن سان دادره ۽ ڪهروه جا ابتا سبتا تال پيو ڏيندو هوس. ان کان پوءِ ڏسندا هئاسين وڃي شهر جي سئنيما هائوسز ۾ فلمون يا چانهه.. چانهه جي ڪوپ تي هوٽلن تي وڃي ٻڌندا هئاسون گرامو فون رڪارڊ..“ پر هي ته نذير خان جي ڇوڪراڻي وهيءَ جو قصو مون هتي ڇيڙي ڇڏيو... جو جڏهن هو ڦوهه جوان ۽ حسين شهزادو ٿيو ته بي انتها سوبر ٿي چڪو هو ۽ نهايت مهذب، بي حد شائسته، صفا ماٺيڻو ۽ اهڙو انسان، جيڪو هر وقت پنهنجي فن جي گهراين ۾ ئي گم نظر ايندو هو. هڪڙي ڀيري اهڙي ڪيفيت ۾ پڇيومانس: نذير خان! لئه ڪاري جي فن بابت ڪيترو ڪجهه ڄاڻي چڪا آهيو!؟ نهايت انڪساري سان وراڻيائين..”اهڙو ئي سوال جمنا ڪناري رياض ۾ مصروف ڏسي، ڪن مداحن، ميان تان سين کان ڀي ڪيو هو، تڏهن هُن يڪدم جمنا جي پاڻيءَ ۾ آڱر ٻوڙي چيو هو..” فرض ڪريو ته جي هي علم درياهه آهي.... ته پوءِ ڄاڻي وٺو، ته ان درياهه منجهان، جيترو پاڻي منهنجي آڱر کي لڳو آهي.. آئون به بس ايترو ئي ڄاڻان ٿو..“ ۽ اهو قصو ٻڌائي، نذير خان نوڙت ۽ نياز منديءَ سان وراڻيو هو..”هم ڪو سائين ڪيا آتا هئه... هم تو استادون ڪي گهر ۾ موجود جُوتي اور جهاڙُڪي برابر ڀي نهين هين..“
خير اسان جو هي نذير خان، طبله نوازيءَ جي درياهه ۾ ڪيڏو ۽ ڪيترو اونهون لٿل هو، ڪيترو ڄاڻو هو! اهو ته هن فن جا ڪي گُني ماڻهو ئي ٻڌائي سگهن ٿا. ها!... آئون رڳو هي ٿو ڄاڻان ته نذير خان کي جيترو لوڪ ۽ فوڪ رنگ وڄائڻ تي عبور حاصل هو، اوترو ئي هو ڪلاسيڪل ٺيڪا به آسانيءَ سان وڄائيندو هو... ۽ ائين هو ڪڏهن گوَين سان سنگت ڪري يا طبلو وڄائي، هن جي انداز ۾ ڇا ته ڌيرج ۽ وقار پيو نظر ايندو هو ۽ اسٽيج هجي يا رڪارڊنگ وقت اسٽوڊيو جو مائيڪ، ان جي آڏو نذير خان جو طبلي سان، ويهڻ ئي ڪمال هوندو هو. ڀانئبو هو، ڄڻ زمين تي ڪنهن ديوتا جو مجسمو رکيو آهي ۽ ائين موسيقيءَ جي ڪا محفل يا ڪائي رڪارڊنگ، ٻن ڪلاڪن جي هجي يا ٻارهن ڪلاڪن جي ... هُو پنهنجي جاءِ تان چُرندو ئي ڪونه هو ۽ سڄي محفل وڄائي، پوءِ ئي اتان اٿيندو هو. ها! ان دوران، هو پان ضرور بار بار کائيندو هو ۽ ان لاءِ به هن جو ڇا ته انداز هو، يعني ڪوئي شاگرد... رڪارڊنگ ۾ وقفي دوران، پان جي پُڙي کولي هن جي آڏو آڻيندو هو، جنهن مان هڪ پان کڻي، هو وات ۾ رکندو هو ۽ پوءِ جهٽ ۾ ڪَٿي چُوني وارين آڱرين کي وارن سان اگهي سُگهي، يڪدم ئي وڄائڻ ۾ مگن ٿي ويندو هو ۽ اجهو هاڻي  رات وقت ان ئي اڻ ٿڪ، نذير خان جي مڙهه مٿان، سيرانديءَ کان بيهي جڏهن منهنجي دل دانهون ڪري، چوڻ لڳي.... نذير خان... نذير خان... نذير خان.... تڏهن موٽ ۾ مون پنهنجي ئي وجود مان، هُن جو آواز صاف ٻڌو.. ”بس سائين! صبر ڪرين... يه سب تو هر ڪسي ڪي ساٿ هوتا هي هئه...“ ۽ ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن نذير خان جي ڏوليءَ کي جنهن وقت ڪلهو پئي ڏنم، ته ياد پيم، ... نذير خان جي والده جو نالو حجن چندا هو (يعني چنڊ) ۽ والد صاحب جو نالو ماهه منير خان ۽ ان جو مطلب به ته اهو ئي هو... يعني چنڊ جهڙي روشني ڏيندڙ ۽ ٻئي پاسي نذير خان جي پهرئين استاد ۽ طبله نواز ناني جو نالو هو... ”علاءَ الدين خان..“ ۽ اهڙي نالي سان نسبت سبب جڏهن جڏهن به، نذير خان ڪنهن اسٽيج تي زبردست پرفارمينس ڏئي لهندو هو ته، داد ڏيندي چوندو هوسانس؛ ”نذير خان! آج تو آپ ني علاءَ الدين ڪي چراغ جلا ديئي..“ هو شرميلي مُرڪ سان اکين ۾ پاڻي آڻي وراڻيندو هو.. ”يه آپ ڪي زره نوازي هئه سائين..“ ۽ تازو اوڻويهين اپريل جي منجهند وقت، ماهه منير خان ۽ چندا بانو جي تربتن ڀرسان هن نذير خان کي، ڪنهن ستاري وانگر جڏهن زمين تي ليٽايو پئي ويو ته ڏٺم، سندس لحد ڀرسان کٻڙ جي وڻ مان ڪائي اداس بلبل.... درد ڀريا آلاپ آلاپي رهي هئي، تڏهن يڪدم ئي دل ۾ خيال آيو هئم.... لالو لاشاريءَ جي هن اجاڙ قبرستان تي اڄ کان پوءِ، جڏهن جڏهن به رات لهندي ۽ هيءَ بلبل ٻوليندي، ته نذير خان پنهنجي لحد مان نڪري، بلبل جي ان نغمي کي پنهنجي چپٽيءَ سان هلڪو هلڪو تال ڏيڻ ڪڏهن به نه وساريندو ۽ دور آسمان مان وڻجارو چنڊ اهو لقاءُ ڏسي پڪ سان، ڪڪرن جي تلاو مان ترندو چانديءَ جا سڪا چؤطرف کان ورکائيندو، هن محفل مٿان اچي بيهندو ۽ ڏينهن قيامت تائين، ائين ئي مٿانئن چانڊوڪين جا مينهن وسائيندو ۽ پاڻ کي نڇاور ڪندو رهندو.


No comments:

راءِ ڏيندا