استاد نذير خان
محبوب صفت طبله نواز
نصير مرزا
ڪوئي نه جي مون کان پُڇي، ته محبوب صفت طبله نواز استاد نذير خان مرحوم
کي ڪنهن پکيءَ سان ڀيٽ ڏئي، ته جيڪر جهٽ ۾ چوان: نذير خان ائين هو، جيئن پکين ۾ هنجُ
پکي. پاڪ و پاڪيزه، اَڇو اُجرو، بدن تي سدائين ڪاٽن جا ڪلف لڳل ڪپڙا ۽ پان جي لاليءَ
سان گلال چپڙا، سڀاءُ بي طمع، صابر و شاڪر ۽ پنهنجي فن ۾ يڪتا لئه ڪار .. ۽ ياد اٿم، ڪي ورهيه اڳ اسٽوڊيو ۾ ويٺي
ڪچهري ڪئي سين، جو ترنگ ۾ اچي چوڻ لڳو: اڀي سائين، مين آپ ڪو طبله پر ايڪ ٺيڪا سُناتا
هون، جسڪا نام هئه، ”سُول فاخته،“ يه ٺيڪا پانچ ماتره ڪا هئه اور حضرت امير خسرو ڪي
ايجاد هئه. اڀي آپ ڪو يه مين سنائون گا تو، آپ ڪو محسوس هوگا، جيسي آپ ڪي سامني ڪوئي
فاخته ڦُر ڦُر... آسمان ڪي جانب اُڙتي چلي جارهي هئه....“ ۽ يا الله... هاڻي هيءَ سترهين
اپريل جي رات هئي، جو نامياري ڪي بورڊ پليئر ”روشن جي“ جو ايس ايم ايس مون وٽ پهتو
... ۽ بس اکين مان ٽپ ٽپ ڪري ڳوڙها ڳڙڻ شروع ٿي ويا ۽ ٻاهر کليل آسمان هيٺان آيس، ته
هڪ هڪ ستاري کي ڄڻ ٽٽندي، پرزا پرزا ٿيندي ۽ هر پاسي ڦُر ڦُر.. سول فاخته کي اڏامندي
محسوس ڪيم، تڏهن هاڻي ڊوڙندو، لياقت ڪالونيءَ ۾ موجود پنهنجي يار نذير خان جي ڳليءَ
ڏانهن وڌڻ لڳس ۽ اوستائين پهچندي پهچندي، ڄڻ ٽيهه ورهيه پوئتي ئي ته وڃي آئون پهتو
هوس. جڏهن اوڻيهه سؤ چوراسيءَ ۾ مون کي ريڊيو حيدرآباد جي شعبهء موسيقيءَ جو سربراهه
مقرر ڪيو ويو هو ۽ يا منهنجا مولى... موسيقيءَ جي ماهرن جي، ڇا ته اُتي کير ڌارا جرڪي
پئي! موسيقار غلام نبي، استاد محمد جمن، استاد نياز حسين، استاد مجيد خان ۽ امير خان
سارنگي نواز، امام بخش عرف اِمو ڪلام نيٽ پليئر، پڪواز تي احمد نواز، گهڙي تي احمد
ميربحر، پوءِ راڳيندڙن مان، ادي عابده پروين، جيجي زرينه بلوچ، علڻ فقير، ڍول فقير،
موهن ڀڳت ۽ انهن سڀني سان لئه تال تي سنگت ڪندڙ، بس هي اڪيلو، سهڻو من موهڻو، ماٺيڻو
۽ نمرتا جو مجسمو: استاد نذير خان ۽ ان شعبي ۾ ڪم ڪندي، هيءَ الائي ڪيئن، نذير خان
جي مون سان ۽ منهنجي هُن سان هڪڙي شديد ”ماٺ- محبت“ شروع ٿي وئي هئي. تڏهن هڪ ڏينهن،
آهستگيءَ سان منهنجي پيشاني ڏانهن ڏسندي چيائين: مين ديک رها هون ڪه، آپ بهت اوپر تڪ
جائين گي..“ تڏهن مون مُرڪي، آسمان ڏانهن نگاهه
کنئي، ته پاڻ اک جي اشاري سان اسٽيشن ڊائريڪٽر واري آفيس ڏانهن ڏسندي چيائين، مين آپ
ڪو اُڌر ديک رها هون... ۽ قسم پاڪ پروردگار جو، پنج ورهيه اڳ، مون کي جڏهن ان عهدي
جي لاءِ چونڊيو ويو، ته استاد نذير خان اهو پهريون منهنجو دوست هو، جيڪو ريڊيو حيدرآباد
جي دروازي تي گلن جا هار کنيو، منهنجي آمد جو منتظر بيٺو هو.
