ڪاشف حسين سومرو
پيار جو پيڪر
ارشاد جوڻيجو
ڪاشف حسين سومرو، جنهن جو جنم ڏند ڪٿائن جهڙي ماضي
رکندڙ شهر شڪارپور جي علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. هن جنهن دور ۾ اک کولي، تنهن وقت ماضي
جو هي شاهوڪار شهر اجڙي ڀڙڀانگ ٿي چڪو هو. جيتوڻيڪ هن پنهنجي حياتيءَ ۾ شڪارپور کي
هڪ اجڙيل شهر جي صورت ۾ ڏٺو، جتي زندگي جي رونقن بجاءِ موت جو خوف رقص ڪندو رهيو هو.
ان جي باوجود هن کي پنهنجي شهر سان بيحد محبت هئي. اهو شايد سندس تربيت جو ڪمال هو،
يا سندس طبعيت جي انفراديت، جو هن پنهنجي اسٽوڊنٽ لائيف ۾ پنهنجي قابليت جو جوهر ڏيکاريو،
۽ تقريري ۽ تحريري مقابلن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري، تعليمي نظام ۾ هڪ نئون روح
ڦوڪيو ۽ پنهنجي ساٿين ۾ به اهڙو رجحان پيدا ڪيو. ۽ ان جذبي تحت ئي هن مختلف تعليمي
مرحلا طئي ڪيا، ۽ ايم اي اردو ادب ۾ ڪرڻ سان گڏوگڏ ايم ايڊ جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين.
ڪاشف جي زندگيءَ ۾ اهم موڙ شايد تڏهن ئي آيو جڏهن کيس
سٺي تعليم ۽ قابليت هجڻ باوجود پنهنجي شعبي ۾چاهڻ باوجود نوڪري نه ملي. جيتوڻيڪ ستت
ئي کيس واپڊا ۾ نوڪري ملي، پر کائنس اها نوڪري هضم نه ٿي سگهي ۽ مائٽن جي سمجهائڻ جي
باوجود نوڪري کي الوداع ڪري پوليس کاتو جوائن
ڪيائين. هن کاتي ويتر کيس تخليقي ڪم کان پري ڪري ڇڏيو ۽ ان کاتي مان جند تڏهن ڇٽس،
جڏهن کيس ڪميشن جي ذريعي ليڪچراري جو آرڊر مليو.
اهو سال 2005 جو سيپٽمبر مهينو هو، جڏهن اسان اردو
ادب ۾ ٻارن لاءِ نڪرندڙ ميئگزين ” نٽ کٽ“ پاران نوجوان ليکڪن لاءِ ڪوٺايل هڪ تربيتي
ورڪشاپ ۾ مليا هئاسين. ٽن ڏينهن جي ان ورڪشاپ ۾ اسان هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو اچي چڪا
هئاسين جو ائين محسوس ٿيو هو ته اسان ڪنهن تربيتي ورڪشاپ ۾ نه بلڪه هڪ ٻئي لاءِ گڏ
ٿيا هئاسين.
”دوستو! اچو ڪجهه ويجها ٿيون ته جيئن هڪ ٻئي کان
واقف ٿي سگهون. هيءُ منهنجو نالو ڪاشف حسين سومرو آهي ۽ منهنجو تعلق شڪارپور سان آهي.“
اهي ڪاشف جا پهريان لفظ هئا، جن اسان کي ڇڪي سندس ويجهو آندو هو. بس پوءِ ورڪشاپ جا
ٽيئي ڏينهن ۽ راتيون ساڻس ڪچهرين ۾ گذريون هيون... ان پهرين ملاقات کان پوءِ اسان پهريون
ڀيرو ان آس تي هڪ ٻئي کان ڌار ٿي پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽيا هئاسين ته هي دوستيءَ جو
سلسلو ڪڏهن نه ٽوڙبو.
غالباً سال 2007ع ۾ اسان (آنءُ ۽ ڪامريڊ غلام حسين
چانڊيو) سندس بار بار اسراڻ ڪرڻ تي ساڻس ملڻ شڪارپور وياهئاسين. هو اسان کي رسيو ڪرڻ
لاءِ سکر اچي نڪتو هو... اسان کي ڏسي هو ٻهڪي پيو هو.... ”پهرين ڪجهه سکر جا نظارا
ٿا ڏسون، پوءِ ٿا شڪارپور هلون.“ (رڪشا ۾ ويهندي ڪاشف چيو هو) ۽ اسان شهر جي هيٺ مٿانهن
روڊن کان ٿيندا ” لب مهراڻ“ (درياهه ڪناري
هڪ پبلڪ پوائنٽ) تي پهتاسين ۽ ڪافي دير لطف اندوز ٿيڻ کان پوءِ اسان شڪارپور ڏانهن
رخ ڪيو هو. شڪارپور جو شهر تاريخي هئڻ سان گڏوگڏ ڪاشف جي ڄڻ ميراث هو... شهر ۾ جيئن داخل ٿياسين ته سڄو شهر اجڙيل
ڏسڻ آيو هو. پر جڏهن ڪاشف پنهنجي شهر جو تعارف ڪرائڻ شروع ڪيو ته اسان لاءِ شڪارپور
جي گهٽي ۽ هر ماڳ پراسرار ٿي پيو هو.
”پيارا! هي اٿئي هاٿيدر، هي اٿئي لکيدر، هي اٿئي
عظيم انسان راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند جي تعمير ڪرايل تاريخي اسپتال.. “ پوءِ جيترا
ڏينهن وٽس رهياسين، هو پنهنجي جنم ڀوميءَ جو دلچسپ انداز ۾ تعارف پيش ڪندو رهيو. ”
ها هيءَ اٿئي هاٿيدر، هي اٿئي هزاري در، هيءُ
شڪارپور جي شاهي بازار آهي، جنهن کي ڍڪ بازار به چوندا.. آهن. ماضيءَ ۾ شهر جي چوڌاري
شهر پناهه يعنيٰ قلعو هوندو هو. ورهاڱي کان اڳ هتي سنڌي هندو وڏي تعداد ۾ رهندا هئا...
هن شهر جا واپاري ڪابل ۽ قنڌار تائين ڪاروبار ڪندا هئا...“
هو اسان کي پنهنجو شهر گهمائيندو رهيو ۽ پنهنجي لفظن
جي چادر سان هن پنهنجي شهر مٿان چڙهيل وقت جي در کي ڇنڊي ڦوڪي هڪ هڪ شيءَ اسان آڏو
واضح ڪئي هئي. سچ پچ ڪاشف جي اک سان ڏٺل شڪارپور ڏاڍو پيارو لڳو هو.
هن کي بي انتها پيار هو پنهنجو شهر سان ۽ کيس سخت نفرت
هئي، هر ان شخص سان، جنهن سندس شهر جي اصل سڃاڻپ کسي هئي..! هو ايڏو ته حساس هو، جو
سادا چهرا ڏسي روئڻهارڪو ٿي ويندو هو، سو هن سماج ۾ ڪڏهن به ايڊجسٽ ٿي نه سگهيو. سماج
۾ موجود اڻبرابري نفرت ۽ ڌڪار گهڻو اڳ هن جو زندگيءَ تان ويساهه کڄي ويو هو!
ڪاشف هڪ فرد نه، پر تسلسل هو، ان ميٺ محبت جو، جنهن
سدائين نفرت جي نفي ڪئي.. هو ته پنهنجي ڳوٺ جي ڀر ۾ رڪ اسٽيشن تي قتل ٿيل ڀڳت ڪنوررام
جي قتل جو درد به پنهنجي سيني ۾ کنيو پئي هليو...! ڪيترا گهاءَ سندس سيني ۾ دفن هئا،
ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي....!
اهو به هڪ عجيب اتفاق آهي ته، ڪاشف هڪ ڀيري خط ۾ پياري
دوست فياض سمائر ڏانهن وڃڻ جو ذڪر ڪري ٿو، جتي هو فياض جي دوست پريل دايو سان ملن ٿا،
انهيءَ ملاقات ۾ هو ڪافي وقت پني عاقل جو نوجوان شاعر مرحوم سليم انڍڙ جو ذڪر ڪن ٿا.
ڪاشف سفر دوران دوستن پاران تحفي ۾ مليل سيلم انڍڙ مرحوم جو ڪتاب پڙهي پورو ڪري ٿو
۽ گهر اچي ان سموري ڪيفيت جو ذڪر ڪجهه هن ريت ڪري ٿو. ”يار! شاعر ته اهل دل هوند آهن،
پوءِ اهو مئو دل جو دورو وٽن اچي ئي ڇو ٿو..؟ ڇا گهڻي سوچ ۽ دل
۾ سانڍيل بيپناهه درد ئي سندن لاءِ دل جي هڪدم بيهڻ جو سبب بڻجي ٿو؟“
۽ نيٺ اسان جو هي پيار جو پيڪر ۽ وفا جو پتلو،
دلي دوست ڪاشف حسين سومرو به دل جو دورو پوڻ سبب 7 جون 2012 ع تي اسان کان هميشه لاءِ
موڪلائي ويو.
No comments:
راءِ ڏيندا