اميران
بيگم
لوڪ گيتن
جي سريلي فنڪارا
۸ جون سندس ورسيءَ جي حوالي ۾
نصير
احمد چنا

اميران بيگم ۱۹۶۰ع ۾ ان وقت جي تعلقي هينئر جي ضلعه گهوٽڪي جي ميرپور ماٿيلو شهر جي هڪ
ڳوٺ يارو لنڊ ۾ الهڏنو مڱڻهار جي گهر ۾ جنم ورتو. ٻڌايو وڃي ٿو ته الهڏنو فقير به سٺو
گائڪ هو. سو اميران بيگم پنهنجي والد صاحب جي گائڪي کان متاثر ٿي ان کان ئي سکيا ورتي
۽ ۱۸ سالن
جي عمر ۾ ئي ڳائڻ شروع ڪيو. پهريون ته سندس ڳائڻ تي خاندان وارن اعتراض به ڪيو پر پوءِ
موڪل ڏنائون جو پهريون کان ئي لوڪ گيتن/ سهرن سان دلچسپي هئس. ماڻهن جڏهن سندس ڳايل
سهرا ٻڌا ته بيحد متاثر ٿي پيا. ۽ کيس، خوشيءَ جي موقعن تي دعوت ڪري گهرائيندا هئا.
محترمه اميران بيگم دعوتون خوشيءَ سان قبول ڪندي هئي پوءِ معاوضو جيڪو به ملندو هئس
ته قبول ڪندي هئي. خوشي کي خوشي سمجهندي ناراض نه ٿيندي هئي.
اميران بيگم ۲۵
سالن جي عمر ۾ ريڊيو پاڪستان
تي ”تنهنجي هٿ ۾ آ فون هيلو هيلو تي ڪرين،“ سهرو رڪارڊ ڪرايو. جيڪو عوام ۾ ڏاڍو مقبول ٿي ويو ۽ هن جي سڃاڻپ پڻ بنجي
ويو. ان کان پوءِ ”سهڻا سڀاڻي مان ڏنڀرو پچائينديس“. ”هيلي ڪاپٽر تي سير ڪراءِ منهنجي دل
ٿي گهري.“ هڪ دفعو ٻيهر وري ”لونگ ڦوٽا ٿالهي ۾ آءٌ کنيو پئي اچان“. جڏهن ريڊيو تي رڪارڊ ٿيو ته تمام گهڻو مشهور ٿي ويو. سندس ڏينهون ڏينهن
شهرت وڌندي رهي ان کان پوءِ ”جهڙو گهوٽ سهڻو، تهڙي ڪنوار
آهي“. ”تنهنجي واچ تنهنجي منڊي، سهڻا کل ته سهي.“ ۽ ان کان سواءِ مختلف چينلز تي به سندس لوڪ گيت سهرا رڪارڊ ٿيل آهن، جنهن
۾ ”ماڻهن شاديون ڪيون اسان دعائون ڪيون سين.“ تمام مشهور ٿيو ان کان سواءِ ڪافي سارا سهرا شامل آهن.
محترمه اميران بيگم تمام سٺن شاعرن جي شاعري ڳائي آهي.
پاڻ سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ پنجابي ۾ به ڪافي، ڪلام، سهرا ۽ لوڪ گيت ڳايا اٿس، ان مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس ۱۰۰
کان وڌيڪ البم مختلف ڪمپنين
پاران رليز ٿيل آهن. جنهن ۾ لوڪ گيتن سهرن جا ۹۰
کن البم رليز ٿيل آهن ۽ باقي
ٻيا البم گيتن/ ڪلامن تي مشتمل آهن. محترمه اميران بيگم درويشياڻي عورت هئي پاڻ الله
تعالي جي وليئن جي درگاهن تي حاضريون ڀريندي هئي. جتان کيس روحاني سڪون ملندو هو. پاڻ
پنهنجا سور لڪائيندي مخلوق جي خوشين ۾ خوش ٿيندي هئي. جو آخري وقت تائين گيت ۽ ڳيچ
سندس جي زبان تي سجا رهيا. لوڪ ادب لاءِ ۱۰۰ کان وڌيڪ البم گيتن ۽ سهرن
جا ڏئي محترمه اميران بيگم لوڪ ادب جو شان ۽ شوق وڌايو ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريون ته
لوڪ ادب بي معنيٰ نه آهي، بلڪ با معنيٰ آهي. مرحومه اميران بيگم سنڌي لوڪ گيتن ۽ سهرن
کي ڄڻڪ نئون جنم ڏنو. جيڪا محنت مرحومه اميران بيگم ڪئي ان جومثال مشڪل سان ملي سگهي
ٿو. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هيءَ سُريلي فنڪاره ۸
جون ۲۰۱۲ع تي ڪينسر سبب هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي وئي. سندس
وڇوڙي سبب جيڪو لوڪ ادب ۾ خال پيدا ٿيو آهي، ڀرجي ڪين سگهبو.
محترمه اميران بيگم پنهنجي امر آواز، خوشين جي گيتن،
سهرن، ڳيچن ۽ لوڪ گيتن سبب هميشه زنده رهندي ۽ عوام هن سريلي لوڪ گيت فنڪاره کي پنهنجي
دلين مان ڪڏهن به ڪين وساريندو. محترمه اميران بيگم جي پھرين ورسي تي هن سريلي لوڪ
گيت ڪلاڪار کي مختصر لفظن ۾ ڀيٽا پيش آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا