; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ اومو مل - خالد ڪنڀار

02 June, 2013

ڪامريڊ اومو مل - خالد ڪنڀار

ڪامريڊ اومو مل
شهيد ڀٽي جي هڪ ڪارڪن سان محبت جي ڪهاڻي
خالد ڪنڀار
اٺاسيءَ واري اليڪشن ۾ ڪامريڊ اومي مل، ڊاڪٽر کٽومل لاءِ ايم پي اي واري ٽڪيٽ بيگم نصرت ڀٽو کان ضد ڪري ورتي هئي، نه ته انهيءَ ٽڪيٽ جي مخالفت پي ڪي شاهاڻيءَ کان وٺي گهڻن اقليتي ميمبرن ڪئي هئي. چون ٿا تڏهن ڪامريڊ اومي مل کي ايم اين اي جي ٽڪيٽ پنهنجي نالي سان پي ڪي شاهاڻي ڏئي چڪو هو. هنن صرف کٽو مل کي ٽڪيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تـڏهن ڪامريڊ اومون مل  مخدوم طالب المولا وٽ نه صرف شڪايت کڻي ويو، پر هو محترمه بينظير صاحبه وٽ مخدوم صاحب کي گڏ وٺي ويو. پر انهيءَ جي باوجود محترمه کٽو مل کي ٽڪيٽ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪامريڊ اومي کي ٽڪيٽ ڏيو، پر کٽومل کي نه ڏيو. پوءِ ڪامريڊ اومو بيگم نصرت ڀٽو سان وڃي مليو ۽ چيائين،”هن پارٽي ۾ منهنجي هڪڙي ٽڪيٽ جي به اميد ناهي ڇا؟“ انهيءَ تي بيگم نصرت ڀٽو.. چون ٿا ته محترمه کي فون ڪيو ته سنڌ ۾ اقليتن جون ٻه ٽڪيٽون.. هڪڙي قومي ۽ هڪڙي صوبائي جي مونکي ڏيو، باقي سڄي سنڌ ۾ اوهانجي مرضي آهي. انهيءَ تي محترمه مجبور ٿي ايم پي اي جي ٽڪيٽ کٽو مل کي ڏني ۽ قومي جي ٽڪيٽ هو اڳ ۾ ئي ڪامريڊ اومي مل کي ڏئي چڪي هئي. نه ته انهيءَ کان اڳ ۾ ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ لياري ۾ ڊاڪٽري ڪندو هو. انهيءَ ئي اٺاسيءَ واري اليڪشن ۾ کٽو مل ايم پي اي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو ۽ ڪامريڊ اومون مل چار سؤ ووٽن تان هارائي ويو. انهي ئي ڪامريڊ اومي مل کي ۷۹ واري اليڪشن ۾ ايم پي اي جي پ پ پ واري ٽڪيٽ ملي هئي. پر ضياءِ اليڪشن ڪينسل ڪري ڇڏي. اها انهيءَ دور جي پيپلز پارٽي هئي، جنهن ۾ هڪڙي مال جون کلون ڳوٺن مان وٺي وڪڻندڙ ميگهواڙ قبيلي جي فرد جي ايڏي حيثيت  هئي.

هاڻ ته ٿر جو ميگهواڙ قبيلو ٿر ۾ باقي سڀني قبيلن کان گهڻ پڙهيو ۽ سياسي شعور رکندڙ قبيلو آهي. پر ٽي چار ڏهاڪا اڳ ۾ اهو صرف مال جي کلن کي رڱڻ ۽ انهن کلن مان موچڪيون جتيون ٺاهڻ جو ڪم ڪندڙ قبيلو هو. هي به موچڪي جتي پائيندو هو ۽ انهيءَ مال جي کلن جو ڪاروبار ڪندڙ هو. ۲۰ جون ۱۹۶۸ع ۾ پ پ پ جي ميمبر ٿيندڙ اومي مل جي پنهنجي ميمبر شپ سرٽيفڪيٽ ۾ پنهنجو ڪاروبار به اهو ئي کلن جو واپار ڏيکاريو آهي. انهيءَ ئي اومي مل ميگهواڙ کي ذوالفقار علي ڀٽي، پير غلام رسول شاهه ميرپور واري جي پٽ پير آفتاب حسين شاه جيلانيءَ جي شاديءَ واري ڀت ۾ ڇني ۾ بيٺل ڏسي، پاڻ سان گڏ ماني سڏ ڪري کارائي هئي ۽ انهيءَ ئي شهر ميرپور خاص ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي جلسي ۾ جن چار پنج ماڻهن تقريرون ڪيون هيون، انهن تقرير ڪندڙن ۾ هي ڳوٺن مان کلون وٺي وڪڻندڙ ڪامريڊ اومون مل به هو. انهي ئي ڪامريڊ اومي مل کي ذوالفقار علي ڀٽي سائيڪل تحفي طور موڪلي هئي. انهيءَ سائيڪل سان گڏ خط به هو، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو لکي ٿو ته، ”اوهان جيڪي پنهنجي قوم لئه خدمتون ڪيون آهن، انهيءَ جي صلي ۾ آئون بطور چيئرمين پيپلز پارٽي، اوهانکي سائيڪل جو تحفو موڪليان ٿو. مونکي اميد آهي ته اوهان سواريءَ جي انهيءَ سهولت سبب پنهنجي قوم جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهندا.“ اها ڳالهه ته هونئن ئي گهڻي مشهور آهي ته لاهور جي ڪنهن جلسي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي هجوم مان ڪامريڊ اومي مل کي سڏ ڪري اسٽيج تي ويهاريو هو. پر چون ٿا ته جڏهن سانگهڙ واري پ پ پ جي جلسي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي گاڏيءَ تي گولي هلي هئي، انهيءَ گاڏيءَ ۾ ڪامريڊ اومون مل به ذوالفقار ڀٽي سان گڏ هو. ڪامريڊ اومي مل جي سچائي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي کيس ڀانئڻ جا ڪيترا ئي واقعا آهن، جيڪي هاڻي صرف هن جي خاندان ۽ سندس ويجهن دوستن جون يادگيريون ٿي رهجي ويا آهن. جڏهن ذوالفقار ڀٽو وزير اعظم ٿيو ته ڪامريد اومي کي ڪراچي گهرايائين. تڏهن جيئن ئي هي پنهنجي ڳوٺ فضل چوپاڻ واري ڀٽ تي لٿو ته ڳوٺ ۾ موجود اڪيلي  کوهه تي ڪجهه مسلمان عورتن هن جي ميگهواڙ قبيلي جي عورتن کي پئي چيو ته...“ ڍيڍڻين، گهڙا پرهان ڪرو..“ پوءِ هو جڏهن ذوالفقار ڀٽي سان مليو. ته ذوالفقار سان ٿيل اڪيلائيءَ ۾ ڪچهري دوران وقت جي وزير اعظم هن کي چيو.. ”ڪامريڊ، گهر جيڪو کپي.“ هن ذوالفقار ڀٽي کان گهريو ته گهريو به ڇا؟ هن چيو.. ”سائين! پيئڻ جي پاڻي لاءِ کوهه ڏيو.“ سندس انهيءَ صدا ۾ هڪڙي ٿرئي جي صدين جي پياس سمايل هئي. ذوالفقارعلي ڀٽي چيو.. ”ڪامريڊ، تون پهچندين ئي ڪونه، ته پاڻي جو مسئلو حل هوندو.“ جڏهن ڀٽي صاحب سان ميٽنگ ڪري ٻاهر نڪتو ته گڏ ويل وڏيرن چيو، ”ڪامريڊ، ڀٽي کان ڇا گهريئي؟“ ڪجهه ورتئي يا نه؟  چيائين.. ”ها، سائين کوهه ورتو آهي، پاڻي لئه..“ پوءِ اهو کوهه کوٽجي ويو. هاڻ ته اهو ذوالفقار ڀٽي جو ڏنل کوهه به پورجي ويو آهي. پر انهيءَ کوهه مان پاڻي ٻاهر ڪڍڻ لئه جديد مشين به ڀٽي صاحب موڪلي ڏني. ٿيو  ڇا، جو جيڏي مهل مشين آئي، ته ڪامريڊ  جيڪو سڏائيندو ئي مسافر هو، اهو گهر ۾ هو ئي ڪونه. انهن ماڻهن پڇيو.. ”ڪامريڊ جو کوهه ڪهڙو آهي؟“ انهيءَ تي ماڻهن، جنهن کوهه تي طعنو مليو هو، ان لاءِ ٻڌايو ته اهو ئي  ڪامريڊ جو کوهه آهي، ۽ مشينون وري به مسلمانن واري کوهه تي لڳيون.
ڀُٽي صاحب کي ڦاسي ڏني ويئي. ممتاز ڀٽي فرنٽ ٺاهي، پلين جي ڳوٺ ۾ آيو ته هن ڪامريڊ اومي کي سڏايو، ڪامريڊ ممتاز ڀٽي سان مليو. ڪامريڊ کي ممتاز ڀٽي پنهنجي پارٽي ۾ اچڻ جي آڇ ڪئي، انهيءَ تي ڪامريڊ چيو، ”واسطو اوهان سان آهي، باقي پاڻ سياسي مسافر ڀٽي جي واٽ جا آهيون.“ ائين ئي هن مسافر کي ڪراچيءَ جي روڊن تي هلندي هڪڙي دفعي ڄام صادق علي ڏسي ورتو..گاڏي روڪي چيائين.. ”شام جو مونسان اچي مل!“ هي ويو ڪونه.. پوءِ چون ٿا ته ڄام ڪامريڊ کي ٻڌرايو به سهي. جيل ۾ وڃڻ جا ته ڪيئي واقعا آهن. سکر جيل ۾ ۲۱ ڏينهن رهيو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به جيل ۾ ويو. هن جو خاندان اڄ به اها ڳالهه مڃي ٿو ته ڪامريڊ کي ڀٽي تائين رسائڻ ۾ پير غلام رسول شاهه جو هٿ هو. جنهن ڇاڇري جي ڪوٽڙي جي ڍاٽي لڇمڻ سنگهه کي به ڇڏايو هو. ٿيو ائين جو پير غلام رسول شاهه اليڪشن ۾ بيٺو ۽ ورڪن لئه ڍوري ناري آيو. ڪير پير سان نه مليو. اهو جماعت سڳوريءَ جي عروج جو دور هو. ڪامريڊ اومي پاسي واري دڪان تان ڪرسي کڻي پُٽ جي ڦٽل ريڊيا ٺاهڻ واري دڪان تي کيس ويهاري چانهه پياري. پير صاحب چيو، ”ڪامريڊ ڪئين ٿيندو؟“ چيائين، ”سائين، ڪجهه ناهي.. اليڪشن پاڻ کٽينداسين.“ پوءِ چون ٿا ته ڪامريڊ ۱۸ سئو ووٽن تان اتان پ پ پ کي کٽرايو. جڏهن پير کٽي ويو ته ڪامريڊ مبارڪ ڏيڻ لئه هار وٺي ويو. ٻين ماڻهن جڏهن پير کي هار پئي پارايا ته پير چيو ته، ”هار مونکي نه ڪامريڊ اومي کي پارايو.“ اتان پير غلام رسول شاهه سان واسطو ٿيو ۽ هن وري ڀٽي صاحب سان واسطي ۾ معرفت جو ڪردار ادا ڪيو. ائين هن اومي مل مسافر جو سفر شروع ٿيو.

خير هاڻ ته ”مسافر“ جي مسافريءَ جي به پوري ٿيڻ کي لڳ ڀڳ اڍائي ڏهاڪا اچي پورا ٿيا آهن، پر انهيءَ مسافر جي مسافري واري سفر جا پيرا اڃا انهن واٽن تي آهن. پر هاڻ هڪ ته هن جا هم سفر به وڃي ابدي آرامي ٿيا آهن ۽ انهيءَ واٽ تي هاڻ هن جا پيرا سڃاڻڻ وارو ڪو پارکو پيري رهيو ئي ڪونهي، جيڪو هن جي پيرن جا نشان سڃاڻي، ابتا پيرا کڻي اچي فضل چوپاڻ واري چوپاڻن جي ڳوٺ ۾ انهيءَ ڀڳل ڇت واري اوطاق جي اڱڻ تي کٽائي، جتي انهيءَ سفر جي سڀني مسافرن جا پير اچي کٽندا هئا. پر ڪجي ڇا جو نه همسفر رهيا آهن، نه وري ڪي پارکو پيري رهيا آهن. هي انهيءَ پيپلز پارٽي جي قافلي جو شروعاتي مسافر هو، جنهن قافلي هاڻ ملڪي اقتدار جي اعلى مسند تان موٽ کائي، اچي سنڌ تائين محدود ٿيو آهي. جي اهو ئي قافلو فضل چوپاڻ جي ڀِٽ تي انهيءَ ڇيڻي سان راڳيل اوٽي واري ڀڳل ڇت واري اوطاق ۾ ويهي، ته ان کي انهن سڀني سوالن جا جواب ملي ويندا، جيڪي جواب هو ٿڌن اي سي وارن ڪمرن ۾ويهي ڳولي رهيا آهن. هي قافلو ائين محدود ڇو پيو ٿيندو وڃي! اڄ ڏينهن تائين پ پ پ اومي جي خاندان کي ٽڪيٽون ۽ ٻيون مراعتون ته گهوريو، پر مڙي نهاريو به ناهي، سواءِ پيرآفتاب شاهه جيلاني جي، جيڪو به هاڻي رڳو مرڻي ۽ پرڻي تي ڪڏهن اچي ٿو ته ڪڏهن نٿو اچي. هڪڙي دفعا اومي جي پٽ هاٿي کان پير آفتاب بلديات چونڊن ۾ ڪائونسلر لاءِ ووٽ گهرڻ آيو.. انهيءَ تي هاٿي پير کي چيو.. ”اوهان ڇو تڪليف ڪئي سائين؟ ڇا ڪامريڊ اومي جو پٽ پير غلام رسول شاهه جي پٽ کي ووٽ ڪونه ڏيندو؟“ هري رام ڪشوري هنن جي سار لهي ٿو. باقي اڄ به ڪامريڊ اومي جو پٽ ڍورونارو ۾ ڦٽل ريڊيا ٺاهي ٿو ۽ ڀاءُ کلن جو واپار ڪري ٿو. جن کي هنن ٺاهيو.. تن هنن سان وفا نه ڪئي.

1 comment: