; سنڌي شخصيتون: نذير احمد جوش ٻرڙو- رياضت ٻرڙو

29 May, 2013

نذير احمد جوش ٻرڙو- رياضت ٻرڙو

نذير احمد جوش ٻرڙو
نالي وارو شاعر
رياضت ٻرڙو
نذير احمد ولد عبدالواسع ٻرڙو ۳ جنوري ۱۹۴۰ع تي، قنبر تعلقي جي ڳوٺ گھٽهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن ”سنڌي فائينل“ ۽ ”اردو اديب“ جو امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. هُن مختلف اسڪولن ۾ تدريسي خدمتون نڀائيندي ۳۰ اپريل ۱۹۹۶ع تي، هيڊ ماستر طور پرائمري اسڪول گھٽهڙ مان رٽائرمينٽ ورتي.
’جوش‘ ٻرڙو ۱۹۵۶ع ۾ شاعري شروع ڪئي. کيس ادبي ماحول گھر ۾ ئي مليو. مشهور شاعر غلام نبي ’گل‘ سندس وڏو ڀاءُ آهي، جنهن جو سندس ادبي اوسر ۾ اهم ڪردار آهي. ’جوش‘ ٻرڙي جو هڪ شعري مجموعو عشق اُلا اُڇلايا مئي ۲۰۰۲ع ۾ ڇپيل آهي ۽ سندس غزلن جي هڪ آڊيو ڪئسيٽ پڻ جاري ٿيل آهي.

سائين نذير احمد ’جوش‘ ٻرڙو غزليه شاعري سرجيندڙ پيار ۽ محبت جو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ انڊلٺي رنگ سندر لفظن جي صورت ۾ چِٽيل آهن:
چوڏهينءَ جو ته چنڊ پورو آ،
چاندني تو بنا اڌوري آ.

’جوش‘ ٻرڙو به، پنهنجي شاعر ڀاءُ غلام نبي گل وانگر، غزل جو شاعر آهي. سندس غزلن جي ٻوليءَ ۾ سمايل سادگي احساسن ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي ڪندڙ ۽ وڻندڙ آهي:
نه جنهن کي ’جوش‘ مون سمجھيو،
ســـا مـنــهـنـــجـــي ئـي حـيــاتـــي آ.


*
اڄ اچڻ جو آ تو ڪيو اقرار،
اڄ اکين کي آ انتظار وري.

’جوش‘ وٽ پيار جي روايتي اظهار جا ٻول ته آهن، پر وٽس محبوب جي اڻ مَئي سونهن لاءِ سجدا، لفظن جو سهڻو لباس اوڍي اچن ٿا:
حق عبادت جو ٿي ادا ويو ’جوش‘!
هن جي چائنٺ ۽ هيءَ جبين هئي.


سندس شاعريءَ ۾ اصلاحي انداز پڻ نظر اچي ٿو، جنهن وسيلي هُو سماج ۾ چڱائين جي پرچار ڪري ٿو:
چڙهندڙ سج جي پوڄاريءَ کان پاسو ڪر،
ڪينسر جهڙي بيماريءَ کان پاسو ڪر.

’جوش‘ جي شاعري جيتوڻيڪ روايتي شاعريءَ جو تسلسل آهي، پر ان ۾ ڪجھ ڪرڻا نئين شاعريءَ جا به اظهاريل آهن:
دک ڇڙهڻ جي مشين سيني ۾،
جنهن وڌايو آ دل جي ڌڙڪن کي.

’جوش‘ ٻرڙي کي ٻه دل جا دَورا ۱۹۹۲ع ۽ ۱۹۹۵ع ۾ پيا، پر هُو باهمت ٿِي، زندگيءَ ۽ شاعريءَ سان نڀائيندو رهيو. کيس ڪجهه ڏينهن اڳ بُڪين ۾ تڪليف ٿي ۽ سندس بڪين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته کيس ڪراچيءَ نِيو ويو جتي هن ڊائلاسز (Dialysis) ڪرايو. علاج دوران کيس ۲۸ مئي ۲۰۱۳ع تي، اڱاري ڏينهن، دل جو دؤرو (هرٽ اٽئڪ) پيو جنهن ۾ سندس وفات منجهند جو ۱۲ وڳي ڌاري ٿي. کيس ساڳي تاريخ تي رات جو ۱۱ وڳي، ڳوٺ گھٽهڙ جي مقام منجھ، مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.



No comments:

راءِ ڏيندا