; سنڌي شخصيتون: عبدالله ڪڇي

08 May, 2013

عبدالله ڪڇي

عبدالله ڪڇي

ڀلوڙ راڳي جي شخصيت ۽ فن

ڪمال ڄامڙو



سنڌي موسيقيءَ جي ترقيءَ ۾ ڪڇي ڳائڻن جو به حصو آهي. انهن ۾ ماسٽر محمد ابراهيم، استاد مٺو ڪڇي، استاد عثمان ڪڇي ۽ عبدالله ڪڇي جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. عبدالله ڪڇي شروع ۾ ڍولڪ وڄائيندو هو. هو استاد مٺوءَ ڪڇيءَ جو ڀاڻيجو آهي. سال ۱۹۴۰ع ۾ ڪلري لياري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير محمد هو. سندس ڳايل جيڪو پهريون ڪلام مقبول ٿيو. سو شاهه سائينءَ جو ڪلام ”گلا ڪا مَ ڪري، لکيو تان نه ٽري“ آهي. ريڊيي پاڪستان ڪراچيءَ تي اهو رڪارڊ ٿيو ۽ ان ڪلام جي تمام گهڻي فرمائش اچڻ لڳي. هر محفل ۾ کانئس ان ڪلام جي فرمائش ڪئي ويندي هئي.


عبدالله ڪڇيءَ جا ناناڻا، ڳائڻ وڄائڻ سان واسطو رکندا هئا. ان حساب سان فن کيس ميراث ۾ مليو. ننڍپڻ ۾ ئي ڳائڻ شروع ڪيائين. هو جيڪو ڪلام به ڳائيندو هو ان کي پاڻ ئي ڪمپوز ڪندو هو. هن کي شاهه سائينءَ سان عشق هو. اهو ئي سبب آهي ته هن شاهه کي گهڻو ڳايو. سندس مادري زبان ڪڇي هجڻ ڪري، شاهه کي ڳائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئس. تنهن ڪري وڏيءَ محنت سان اچار سکيو. سندس چوڻ هو ته؛ ”مون شاهه سائينءَ خاطر پنهنجي مادري ٻولي ڪڇي وساري ڇڏي.“

ڳائڻ ۾ سندس استاد ماسٽر محمد ابراهيم ۽ عبدالله پنهور هئا. هو انهن کان ۽ ساٿي فنڪار ماسٽر محمد اياز عليءَ ۽ ڪراچيءَ جي شاعر گوهر سروريءَ کان، شاهه سائينءَ جي ڪلام جو صحيح اچار سکندو ۽ پڇندو هو. هو اسٽيج تي ڳائڻ کانسواءِ گرامو فون لاءِ به رڪارڊنگ ڪرائيندو هو.

عبدالله ڪڇيءَ، ۱۹۶۶ع ۾، ريڊيي پاڪستان ڪراچيءَ ۾ پير پاتو. ان زماني ۾ هتان سنڌي پروگرام ته نه ٿيندا هئا، البته ڪڏهن ڪڏهن سنڌي نغما رڪارڊ ڪري نشر ڪيا ويندا هئا. تنهن زماني ۾ شوقيه فنڪارن يا سيکڙاٽن کان به باقاعدي آڊيشن ورتي ويندي هئي. جڏهن ته باقاعدي ڳائڻ  (Professionals) جي آڊيشن ته گهڻي سخت هئي. تڏهن ريڊيي تي ڳائڻ وڏي ڳالهه هوندي هئي. عبدالله ڪڇي جيڪو هڪ پيشيور ڳائڻو هو تنهن جو آڊيشن شوقيه ڳائڻن جي پروگرام لاءِ طبلي ۽ سارنگيءَ تي پروڊيوسر جميل زبيريءَ ۽ عقيل اشرف صاحب پنهنجي دور جي مڃيل موسيقارن نهال عبدالله، امرائو بندو خان ۽ پياري ميان جي موجودگيءَ ۾ ورتي. هو پاس ٿي ويو، سندس پهرين رڪارڊنگ شاهه جو ڪلام آهي، جيڪو ماسٽر محمد ابراهيم ڳائيندو هو. ان جا ٻول آهن ته: والي واري آڻ، ٻاروچا ڀنڀور ۾.

جڏهن ۱۹۴۸ع ۾ ريڊيو ڪراچي قائم ٿيو، تڏهن هتان سنڌي پروگرام ته ٿيندو هو پر ۱۹۵۵ع ۾ ريڊيو حيدرآباد ٺهڻ سان، اهو بند ڪيو ويو. وري ٻيهر پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع کان چينل نمبر ٻئي تان سنڌي پروگررام شروع ڪيو ويو. ان وقت سڀ کان اڳ ۾ جن فنڪارن کي رڪارڊ ڪيو ويو، انهن ۾ عبدالله ڪڇي به شامل آهي. ٻين فنڪارن ۾ سليمان سمون، مصري خان بلوچ، غزالا رفيق ۽ مينا شاهه وغيره شامل آهن. ان وقت عبدالله ڪڇيءَ کي پروڊيوسر گل حسن پٺاڻ رڪارڊ ڪيو، پوءِ خواجه امداد علي، جهانگير قريشي ۽ نثار ميمڻ وغيره کيس رڪارڊ ڪيو.

عبدالله ڪڇي، سنڌيءَ کانسواءِ اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ ڪڇيءَ ۾ ڳائيندو هو. ريڊيي کان پوءِ هن پي ٽي وي تي ڳائڻ شروع ڪيو. اتي کيس عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. جهڙي ريت ريڊيي تي هن شاهه جو ڪلام ڳائي ابتدا ڪئي، تهڙيءَ ريت ٽي ويءَ ۽ گراموفون تي به شاهه جي ڪلام سان شروعات ڪيائين. گراموفون تي سندس پهريون ڪلام ساڳيو ئي؛ ”گلا ڪا مَ ڪري، لکيو تان نه ٽري“ رڪارڊ ٿيو ۽ سندس سڃاڻپ بڻيو. هن ٻن سنڌي فلمن؛ ڦل ماڇيءَ ۽ قربانيءَ لاءِ به نغما ڳايا. هن پنهنجي ملڪ جي مختلف شهرن کانسواءِ ڏيساور ۾ ڀارت، دبئيءَ ۽ مسقط ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو. کيس سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران ايوارڊ به ڏنو ويو.

عبدالله ڪڇيءَ کي، ماسٽر محمد ابراهيم ۽ محمد يوسف پسند هئا. جڏهن ته سنڌي راڳ ”لوڙائو “ وڻندو هئس. جيترا به راڳي آهن، سي ٿورو گهڻو رياض ضرور ڪندا آهن پر عبدالله ڪڇيءَ کان اهو ٻڌي مون کي حيرت ٿي ته؛ ”مان رياض مڙئي ڪندو آهيان. منهنجو قدرتي آواز اهڙو آهي، تنهن ڪري رياض جي ضرورت نه ٿي پئي.“

عبدالله ڪڇي ۸ مئي ۱۹۹۸ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.


 

عبدالله ڪڇي

مٺڙي آواز وارو فنڪار

ناصر مقصود گل

هو ان وقت اٽڪل پنجويهن ڇويهن ورهين جو ڳڀرو نوجوان هو، تڏهن کان سندس هٿن جون آڱريون سندس شان بڻيل هيون، کيس پنهنجي آڱرين جي پورهئي تي ناز هو ۽ ناز هجي به ڇو نه..! سندس آڱريون امر ڪلاڪارن جي امر ٻولن جون ساٿاري بڻجي، رڌم جي راند جو ڪنديون هيون. ۱۹۶۶ع جي اها يادگار شام ته کانئس به زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪين وسري هوندي، جڏهن پاڻ ڪجھه فنڪارن سان گڏ هڪ ڍولڪ نواز جي حيثيت سان ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيل ڪامورن جي هڪ ڪچهريءَ ۾ شرڪت ڪئي هئائين. ان ڪچهريءَ دؤران ڪنهن اچي سندس ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو ته: ”ڪيترا وڏا وڏا ماڻهو ڪچهريءَ ۾ آيل آهن، ڪراچي ته ڇا پر لاهور مان به اردو ۽ پنجابي ٻولين ۾ ڳائڻ وارا ڪلاڪار پهچي ويا آهن، پر مسئلو اهو آهي، جو هيترن ڳائڻن ۾ سنڌيءَ ۾ لطيف سائينءَ جي وائي ڳائڻ وارو ڪوبه ناهي، ڇا تون ان معاملي ۾ اسان سان سهڪار ڪري سگھين ٿو......؟“ اها آڇ کيس ڇا ٿي، بس! لاکيڻيءَ لطيف جي دعائن سان سندس قسمت به مٿس مهربان ٿي پئي. هو ان وقت به هڪ ڍولڪ جي وڄتئي سان گڏ راڳ سان روشناس ته هو، ڇاڪاڻ ته ننڍپڻ کان امر استادن جي نگرانيءَ ۾ رهيو هو، پر اسٽيج تي اچي، راڳداريءَ جي زبان سان عام آڏو پنهنجو فن اظهارڻ جو هي سندس پهريون اتفاق هو.

هن ان وقت لطيف سائينءَ جي وائي ڳائڻ لاءِ هائوڪار ڪئي ۽ واري اچڻ جو انتظار ڪيو هئائين، جڏهن کيس اسٽيج تي اچڻ جو سڏ ٿيو، تڏهن ’الله تو آهر‘ ڪري، ’جيئي لطيف‘ اچاري، لطيف سائينءَ جي هيءَ وائي ڳاتائين ته: ”آهيان ڏونگر ڏوري الا، ٻاروچل کي شل ٻاجھه پئي....!“ بيشڪ ان وقت ٻاروچل مٿس ٻاجھه ڪئي، سندس دعا عرشن تي اگھامي، سندس مقدر مٽائي چڪي هئي، سندس ادائگي حاضرين کي ايتري ته پسند آئي، جو ان وقت محفل ۾ موجود ريڊيو ڪراچيءَ جي هڪ عملدار، فن جي قدردان منظور جمال کيس ريڊيو ڪراچيءَ تي اچي آڊيشن ڏيڻ جي آڇ ڪري ورتي. ان ويل ڪامورن جي ان ڪچهريءَ ۾ سرن جي ورکا جي موٽ ۾ ريڊيو تي آڊيشن جي اهڙي آڇ هن الهڙ نوجوان جا حوصلا بلند ڪري ڇڏيا، ستت ئي پوءِ ۱۹۶۶ع ۾ ئي هن ريڊيو جي دنيا ۾ قدم هن رکيو ۽ ان وقت کان وٺي ۱۹۹۸ع يعني وفات تائين، ڏاڪي به ڏاڪي سنڌي ميڊيا جي هر هڪ معرڪي تان پنهجي آواز ذريعي سنڌي موسيقيءَ جي سيوا ڪري، ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن جي سماعتن ۽ بصيرتن کي سرهو ڪندو رهيو. سنڌي سنگيت جي انهيءَ امر آواز واري گڻائتي گلوڪار کي سمورا سنڌي عبدالله ڪڇيءَ جي نالي سان ياد ڪندا آهن. هن سنڌي موسيقيءَ جي مڙني صنفن مان ’سنڌي ڪافي‘ توڙي ’لطيفي لات‘ جو انتخاب ڪري، گائيڪيءَ جي حوالي سان سگھاريون ۽ لازوال خدمتون سرانجام ڏيئي پنهنجي هڪ جدا حيثيت مڃرائي ورتي.

سنڌ ڌرتيءَ جي هن ناليواري راڳيءَ عبدالله ڪڇيءَ ڪراچيءَ ۾ ۱۹۴۰ع ڌاري محترم فقير محمد ڪڇيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. جيتوڻيڪ سندس جنم ڪراچيءَ ۾ لياريءَ جي ڪلريءَ واري علائقي ۾ ٿيو، پر سندس نالي مان ئي ظاهر آهي ته سندس اباڻو ديس قديم سنڌ جو حصو ’ڪڇ‘ هو، جتان سندس وڏڙا ورهاڱي کان ڪافي وقت اڳي، لڏي پلاڻي سنڌ اچي، ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا هئا. ريڊيو جي براڊڪاسٽر، پروڊيوسر، نامياري قلمڪار ۽ ريڊيو حيدرآباد جي اسٽيشين ڊائريڪٽر محترم نصير مرزا جي مرتب ڪيل ڪتاب ’ريڊيو حيدرآباد ڪئٽلاگ‘ جي ۵۲۶ صفحي تي ڏنل معلومات موجب عبدالله ڪڇيءَ جي ڄمڻ جو سال ۱۹۴۲ع  آهي.

ننڍپڻ کان ئي عبدالله ڪڇيءَ جي طبيعت ٻين عام رواجي ٻارن کان الڳ ٿلڳ هوندي هئي، پاڻ پنهنجي ٻالجتيءَ وارن ڏينهن ۾ ٻاراڻيون ٻرانگھون پائيندو ۽ ٻاتا ٻول ٻوليندو جڏهن پنهنجي اباڻي گھر کان ناناڻڪي گھر ويندو هو ته اتي اهڙو ماحول ڏٺائين، جو سندس ماما، پنهنجي وقت ۾ سنڌي ڪلا جا سگھارا نالا استاد مٺو ڪڇي، محمد عثمان ڪڇي ۽ محمد هاشم ڪڇي راڳ ويراڳ سان وندر ڪندا رهندا هئا، اهو ماحول عبدالله ڪڇيءَ جي من کي موهيندو رهندو هو. پاڻ جڏهن ڪجھه سمجھه ڀريو ٿيو، تڏهن رانديڪن سان راند بجاءِ ريڊيو سان سندس سنگت سرس ڏسڻ ۾ آئي، تڏهن واندڪائيءَ واري وقت ۾ وندر خاطر ريڊيو تي وڄندڙ ڪلام ٻڌي روح کي ريجھائيندو رهندو هو. ريڊيو تي نشر ٿيندڙ هونئن ته اڪثر آواز کيس پسند هوندا هئا، پر نامياري ڪلاڪار ماسٽر محمد ابراهيم جو آواز ۽ انداز جڏهن به عبدالله ٻڌندو هو ته اهو آواز سڌو سنئون سندس روح ۾ لهي ويندو هو، ايتري قدر جو دل ئي دل ۾ عبدالله ڪڇي اهڙي آواز جو مداح ٿي پيو ۽ اندر جي اڪير سان ماسٽر محمد ابراهيم کي پنهنجو آئيڊيل مڃي ورتائين. بهرحال عبدالله ڪڇيءَ جي راڳ سان رغبت هڪ فطري عمل هو، جنهنڪري ننڍپڻ ۾ ئي هڪ جيڏن ۽ همعمرن بجاءِ پنهنجن انهن راڳي مامن سان وڌيڪ ويجھو رهندو هو.

اڳتي هلي عبدالله ڪڇي جڏهن ٻالڪپڻو ٽپي جوانيءَ طرف وڌڻ لڳو، تڏهن پنهنجن انهن ئي ملهائتن مامن يعني استاد مٺو ڪڇيءَ، محمد عثمان ڪڇيءَ ۽ محمد هاشم ڪڇيءَ جن جي سنگيت واري صحبت مان ڪافي حد تائين حظ حاصل ڪري چڪو هو، سندس دلچسپي ڏسي مامن کيس ڍولڪ جي فن طرف رغبت ڏياري، جنهن حوالي سان پاڻ ڍولڪ جي جو فن سکڻ لڳو ۽ پندرهن سالن جي ڪمسنيءَ ۾ هڪ ڍولڪ نواز جي حيثيت سان پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ لڳو. ڍولڪ جي وڄتڪار جي حيثيت سان عبدالله ڪڇيءَ جا مختلف ڪلاڪارن ۽ گلوڪارن سان واسطا وڌندا رهيا، ان حوالي سان سنڌ جي نامياري راڳيءَ ۽ سندس نالي ڀائيءَ عبدالله پنهور سان سندس صحبت ۽ نيازمندي پڻ رهي، جيڪو مقامي حوالي سان سندس پاڙيسري ۽ عبدالله ڪڇيءَ جي آئيڊيل ڳائڻي ماسٽر محمد ابراهيم جو باقاعدي شاگرد هو. پنهنجي وقت جي انهن ٻنهي هم نام ڳائڻن جي ان ئي صحبت مان عبدالله ڪڇيءَ کي باقاعده طور راڳ طرف راغب ٿيڻ جي سهڻي صلاح ملي، جنهنجي موٽ ۾ عبدالله ڪڇيءَ کيس يعني عبدالله پنهور کي پنهنجي استاديءَ ۾ وٺڻ جو عرض ڪيو ۽ ائين سندن صحبت، استادي ۽ شاگرديءَ جهڙي عظيم رشتي ۾ بدلجي وئي ۽ عبدالله ڪڇي، عبدالله پنهور جي باقاعده شاگرد طور سندس سرپرستيءَ ۾ رهڻ لڳو. سکڻ ۽ سمجھڻ جي اهڙي مرحلي دؤران عبدالله ڪڇيءَ جي دل ۾ اها خواهش به بار بار ڪر کڻي جاڳي پوندي هئي ته: ”جيڪر ننڍپڻ کان وٺي پنهنجي روحاني استاد ماسٽر محمد ابراهيم جي سعيي ۽ سرپرستيءَ ۾ رهي، موسيقيءَ جي اهڙي شانائتي شجر کان ڇانوَ حاصل ڪجي.“ نيٺ نيڪ نيتيءَ سان سرير ۾ سانڍيل سندس ان خواب به ساڀيان جو روپ اختيار ڪيو ۽ اهو وقت به آيو، جو عبدالله ڪڇيءَ جو روحاني استاد ماسٽر محمد ابراهيم سندس عملي استاد جي روپ ۾سندس زندگيءَ ۾ آيو، جنهن جي فيض مان عبدالله ڪڇي موسيقيءَ جو مڌ اوتيندو رهيو.

جيئن ته مٿي بيان ڪري چڪو آهيان ته عبدالله ڪڇيءَ، ريڊيو ڪراچيءَ جي هڪ عملدار ۽ موسيقيءَ جي پارکو منظور جمال جي معرفت سان ريڊيو ڪراچيءَ جي وسيع آوازي دنيا ۾پهريون ڀيرو ۱۹۶۶ع ۾ قدم رکيو. تڏهن ريڊيو جي قانون موجب، ريڊيو جي پروديوسرن جميل زبيري، عقيل اشرف ۽ ريڊيو جي موسيقارن استاد امرائو بندو خان، استاد نهال عبدالله خان ۽ استاد پياري ميان، عبدالله ڪڇيءَ جو آوازي امتحان ورتو، جنهن امتحان ۾ ڪاميابيءَ بعد عبدالله ڪڇيءَ کي پهرين ڪجھه عرصي لاءِ شوقيه فنڪار طور ۽ بعد ۾کيس ريڊيو جي ايپرووڊ آرٽسٽ طور منظور ڪيو ويو. عبدالله ڪڇيءَ جي آواز ۾ ريڊيو ڪراچيءَ تي نشر ٿيندڙ پهريون شاعريءَ جو اسم شاعرن جي سرتاج  لاکيڻي لطيف جي وائي هئي، جنهن جا ٻول هئا: ’گلا ڪامَ ڪري، لکيو ڪينَ ٽري‘. ريڊيو جي دنيا سان سلهاڙيل هوندي عبدالله ڪڇيءَ ريڊيو جي ناميارن براڊڪاسٽرن خواجه امداد علي ۽ نثار ميمڻ جي رهنمائيءَ مان به ڪيتروئي ڏانءُ ۽ نانءُ حاصل ڪيو.

۱۹۷۴ع ۾ جڏهن پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر پنهنجي نشريات جو باقاعدي آغاز ڪيو، تڏهن اتان سنڌيءَ ۾ نشر ٿيندڙ موسيقيءَ جي پروگرامن جي چند ڳاڻ ڳڻين ڳائڻن مان عبدالله ڪڇي به هڪ هو، جن کي پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر جي شروعاتي سنڌي آرٽسٽن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. آواز سان گڏ سندس چهري کي ٽي. وي جي ڪشادي اسڪرين تان پهريون ڀيرو کيس جڳ مشهور پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. پاڻ ريڊيو ۽ ٽيليويزن کان علاوه گرامون فون ريڪارڊس ۽ آڊيو ڪئسٽ جي دنيا ۾ به پنهنجي آواز جو جادو جاڳايائين.

عبدالله ڪڇيءَ جي آواز کي جز وقتي طور سنڌي فلمي دنيا لاءِ پڻ منختب ڪيو ويو، ان ڏس ۾ پهريون ڀيرو ۱۹۸۴ع ۾رليز ٿيل فلم  ’ڦل ماڇي‘ لاءِ موسيقار اياز عليءَ، جڏهن ته ٻيو ڀيرو ۱۹۸۶ع ۾ ٺهيل سنڌي فلم ’قرباني‘  لاءِ مقبول موسيقار استاد غلام عليءَ هڪ play back singer جي حيثيت سان کانئس فلمي گانا ڳارايا. عبدالله ڪڇيءَ پوري زندگيءَ ۾ سنڌيءَ کانسواءِ اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ ڪڇي ٻولين ۾ ڳايو، کيس پوريءَ ڄمار جي ڪيل پريم واري پورهئي جي موٽ ۾ عوام پاران محبتن ۽ داد جي درياهن کانسواءِ ’شاهه لطيف ايوارڊ‘، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچيءَ طرفان ۱۹۹۷ع ۾ ’فنڪار ايوارڊ‘ سان گڏوگڏ ٻياڪيترا ايوارڊ ۽ سندون پڻ مليون.

سنڌي موسيقيءَ جي اهم صنفن لطيفي وائي ۽ ڪافيءَ جي حوالي سان هڪ منفرد لهجي واري معلم راڳيءَ ماسٽر محمد ابراهيم جي مڙني طالبِ علمِ موسيقيءَ مان عبدالله ڪڇي اهو سڀاڳو طالب هو، جنهن پنهنجي پيشوا جي نقشِ قدم تي هلندي، سنڌي راڳ ساگر کي جيڪي ڪجھه به ارپيو آهي، اهو يقيناً قدر لائق آهي. سنڌي سنگيت جي هن يگاني ڪردار، سريلي ڪلاڪار، اٺونجاهه سالن جي جھوني جوڳيءَ اٺين مئي ۱۹۹۸ع تي ابدي آرام ماڻيو ۽ حق سان وڃي هڪ ٿيو، سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ واقع ميوي شاهه قبرستان ۾ آهي.


 

عبدالله ڪڇي

راڳي

حميد ڀٽو

سنڌ جو سدا حيات فنڪار عبدالله ڪڇي ۱۹۴۰ع ڌاري فقير محمد ڪڇي جي گهر لياري جي علائقي ”ڪلري“ ڪراچي ۾ جنم ورتو. عبدالله ڪڇيءَ کي فن سندس وڏڙن محمد عثمان ڪڇي ۽ محمد هاشم ڪڇي سيکاريو جيڪي سندس ناناڻا آهن ۽ پنهنجي وقت جا تمام وڏا گويا ٿي گذرياآهن ۽ سندن وڏڙا پڻ نالي وارا فنڪار رهيا آهن جنهن ڪري کيس فن ميراث ۾ مليو. ننڍپڻ کان ئي عبدالله ڪڇي کي سازن سان تمام گهڻو پيار هو ۽ پنهنجي مامي مٺو ڪڇيءَ کي ڳائيندو ڏسي ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو شوق وڌيڪ پيدا ٿيس. اهو ئي سبب آهي جو هن ڍولڪ وڄائڻ جي سکيا پنهنجي ناناڻن کان حاصل ڪئي.

عبدالله ڪڇيءَ جا وڏڙا ورهاڱي کان اڳ هندستان جي ڪڇ واري علائقي مان لڏ پلاڻ ڪري سنڌ ۾ آيا هئا ۽ سنڌ ۾ اچڻ بعد اهي هميشه جي لاءِ هن ڌرتيءَ جي رنگن ۾ رنڱجي ويا. عبدالله ڪڇي  فن واري صنف ”ڍولڪ نواز“ واري شروعاتي سکيا پنهنجي مامي مٺو ڪڇيءَ کان حاصل ڪئي بعد ۾ راڳداريءَ جي سکيا پنهنجي محسن عبدالله پنهور ۽ استاد محمد ابراهيم کان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ هن طبلو وڄائڻ شروع ڪيو هو ۽ ڪيترن ئي سالن تائين مختلف فنڪارن سان طبلي تي سنگيت ڪندو رهيو.

۱۹۶۲ع ڌاري ريڊيوپاڪستان ڪراچي تي هن آڊيشن ڏني جتي پاس ٿيڻ کانپوءِ ”طبلي نواز“ طور ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ”ڪانٽريڪٽ“ طورمقرر ڪيو ويو. عبدالله ڪڇي ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن تي ڳائڻ جي شروعات ڪئي، جتي ڳائڻ جي حوالي سان تڏهوڪي پروڊيوسر خواجا امداد، گل حسن ۽ نثار ميمڻ جن سندس وڌ ۾ وڌ همت افزائي ڪئي جنهن ڪري هن ۾ پنهنجي فن بابت خود اعتماديءَ ۾ پيدا ٿي. عبدالله ڪڇي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري رڪارڊ ڪرائي جيڪا سندس مشهوريءَ جو سبب بڻي سندس اهو ڪلام ” لکيو تان نه ٽري“ هو.

عبدالله ڪڇي ٽيليويزن جي شروعاتي ڏينهن ۾ گلوڪار طور ڳائڻ شروع ڪيو، جتي کيس عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. جڏهن ته عبدالله ڪڇيءَ سنڌي فلمن ”قرباني“ ۽ ”ڦل ماڇي“ لاءِ نغما پڻ رڪارڊ ڪرايا، جن عوامي مقبوليت ماڻي. عبدالله ڪڇيءَ راڳ جي شروعاتي سکيا پڻ پنهنجي محسن عبدالله پنهور کان حاصل ڪئي جنهن بعد سنڌ جي نالي واري راڳي استاد محمد ابراهيم کان حاصل ڪئي.

هن ريڊيو پاڪستان تي شروعات ۾ مختلف عورت فنڪارائن سان گڏجي ڍولڪ نواز طور پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان سندس محبت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن ننڍپڻ کان ئي شاهه لطيف جي رسالي کي ياد ڪيو ۽ ان شاعري جي رمزن کي سمجهندي ڳايو. عبدالله ڪڇي سنڌي ٻوليءَ سان گڏو گڏ گجراتي، ڪڇي، بلوچي، سرائيڪي ۽ اردو ٻولين ۾ پڻ ڳائيندورهيو. عبدالله ڪڇي روايتي طور تي ڪنهن به درسي اسڪول ۾ هڪڙو درجو به پڙهيل نه هيو تنهن باوجود شاعريءَ کي بغير ڪنهن تڪليف جي ياد ڪري وٺندو هو. عبدالله ڪڇي پنهنجي زندگي جا ڏهاڙا انتهائي ڏکيا گذاريا. ڳائڻ کان اڳ معاشي طور تي سندس گهر ۾ مسڪيني واري صورتحال هئي، جنهن ڪري عبدالله ڪڇي ڍولڪ وڄائڻ وارن ڏينهن ۾ به مخلتف فيڪٽرين ۾ مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندو هو. عبدالله ڪڇي پنهنجي ڳايل ڪلامن جون ڌنون پاڻ  ئي ڪمپوز ڪندو هو. ملڪ اندر پاڪستان ٽيليويزن جي شروعاتي ڏهاڙن کان حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين تمام گهڻا ڪلام رڪارڊ ڪرايا. عمر جي آخري ڏينهن ۾ عبدالله ڪڇي اکين جي نور کان محروم بڻجي ويو، جنهن ڪري ادارن کيس نظر انداز ڪرڻ واري روايت تحت کيس وساري ڇڏيو هو.

عبدالله ڪڇي ۸ مئي ۱۹۹۸ع ڌاري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن کي ميوا شاهه قبرستان ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


 

عبدالله ڪڇي

شاهه لطيف جي شاعري عام ڪندڙ فنڪار

حميد ڀٽو

سنڌ هزارين سالن کان خوشحالي ۽ عظيم ثقافت واري ڌرتي طور مشهوري ماڻي آهي. سنڌ جي عظيم ثقافت واري حصي ۾ جتي ٻين شعبن جي اڪابرن جون خدمتون آهن اتي راڳ جي شعبي ۾ پڻ مشهور راڳين پنهنجي فن وسيلي ڌرتي جي خدمت ڪندي پنهنجي ڌرتي امڙ جا گيت ڳائيندا ۽ وڄائيندا ڌرتي جو ڳاٽ اوچو ڪندا رهيا آهن. اهڙن ئي راڳين منجهان عبدالله ڪڇي پڻ هڪ راڳي آهي. سنڌ جو سدا حيات فنڪار عبدالله ڪڇي ۱۹۴۰ع ڌاري فقير محمد ڪڇي جي گهر لياري جي علائقي “ڪلري” ڪراچي ۾ جنم ورتو. عبدالله ڪڇي کي فن سندس جي وڏڙن محمد عثمان ڪڇي ۽ محمد هاشم ڪڇي جيڪي سندس ناناڻا آهن سي پنهنجي وقت جا تمام وڏا گويا ٿي گذرياآهن ۽ ان جا وڏڙا پڻ نالي وارا فنڪار رهيا آهن جنهن ڪري کيس فن ميراث ۾ مليو. ننڍپڻ کان ئي عبدالله ڪڇي کي سازن سان تمام گهڻو پيار هو ۽ پنهنجي مامي مٺو ڪڇي کي ڳائيندو ڏسي کيس ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو وڌيڪ شوق پيداٿيو. اهو ئي سبب آهي جو هن ڍولڪ وڄائڻ جي سکيا پنهنجي ناناڻن کان حاصل ڪئي.

عبدالله ڪڇي جا وڏڙا ورهاڱي کان اڳ هندستان جي ڪڇ واري علائقي مان لڏ پلاڻ ڪري سنڌ ۾ آيا هئا ۽ سنڌ ۾ اچڻ بعد اهي هميشه جي لاءِ ڌرتي جي رنگن ۾ رنڱجي ويا. عبدالله ڪڇي  فن واري صنف “ڍولڪ نواز” واري شروعاتي سکيا پنهنجي مامي مٺو ڪڇي کان حاصل ڪئي بعد ۾ راڳداري جي سکيا پنهنجي محسن عبدالله پنهور ۽ استاد محمد ابراهيم کان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ هن طبلو وڄائڻ شروع ڪيو هو ۽ ڪيترن ئي سالن تائين مختلف فنڪارن سان طبلي تي سنگيت ڪندو رهيو. ۱۹۶۲ع ڌاري ريڊيوپاڪستان ڪراچي تي هن آڊيشن ڏنو جتي پاس ٿيڻ کانپوءِ “طبلي نواز” طور ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي “ڪانٽريڪٽ” تي مقرر ڪيو ويو. عبدالله ڪڇي ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن تي ڳائڻ جي شروعات ڪئي، جتي ڳائڻ جي حوالي سان تڏهوڪي پروڊيوسر خواجا امداد، گل حسن ۽ نثار ميمڻ جن سندس وڌ ۾ وڌ همٿ افزائي ڪئي جنهن ڪري هن ۾ پنهنجي فن بابت خود اعتمادي ۾ اضافو ٿيو. عبدالله ڪڇي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري رڪارڊ ڪرائي جيڪا سندس مشهوري جو سبب بڻيل ڪلام “لکيو تان نه ٽري” هو. عبدالله ڪڇي ٽيليويزن جي شروعاتي ڏينهن ۾ گلوڪار طور ڳائڻ شروع ڪيو، جتي کيس عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. جڏهن ته عبدالله ڪڇي  سنڌي فلمن “قرباني” ۽ “ڦل ماڇي” لاءِ نغما پڻ رڪارڊ ڪرايا، جن نغمن عوامي مقبوليت ماڻي. عبدالله ڪڇي  کي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي طرفان ۱۹۹۷ع ۾ سندس مڃتا عيوض “سنڌ فنڪار ايوارڊ” سان نوازيو ويو ۽ ٻين ادارن پاران به کيس مختلف ايوارڊن سان نوازيو ويو. جڏهن ته عبدالله ڪڇي جون ۳۰ کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽ مختلف ڪمپنيز طرفان رڪارڊ ڪري رليز ڪيون ويون.

عبدالله ڪڇي جي ڍولڪ وڄائڻ دوران ڪراچي ۾ سندس گهر جي سامهون نالي وارو راڳي عبدالله پنهور رهندو هو، جنهن عبدالله پنهور جي اندر ۾ لڪل فن کي پروڙيندي کيس راڳي واري دنيا طرف راغب ڪيو، جنهن ڪري عبدالله ڪڇي جي مشوري تحت ڍولڪ نوازي واري دنيا کي الوداع ڪري راڳ واري دنيا ۾ پير پاتو ۽ هن راڳ جي شروعاتي سکيا پڻ پنهنجي محسن عبدالله پنهور کان حاصل ڪئي جنهن بعد استاد محمد ابراهيم کان متاثر ٿيندي باقي فن جي مڪمل سکيا سنڌ جي نالي واري راڳي استاد محمد ابراهيم کان حاصل ڪئي. هن ريڊيو پاڪستان تي شروعات ۾ مختلف عورت فنڪارائن سان گڏجي ڍولڪ نواز طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. هڪ ڀيري ريڊيو پاڪستان تي هڪ ميوزڪ جو پروگرام رٿيل هو جتي استاد محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن کي راڳ ڳائڻ لاءِ اچڻو هو جيڪي مصروفيتن سبب نه پهچي سگهيا، اتي عبدالله ڪڇي موجود هو. کيس اوچتو ڳائڻ جو موقعو ڏنو ويو. جتي عبدالله ڪڇي “آهيان ڏونگر ڏوري الا...ٻاروچل کي ٻاجهه پوي”. ڪلام ڳايو جيڪو ٻڌندڙن کي تمام گهڻو پسند آيو، جنهن بعد پنهنجي استاد محمد ابراهيم جي ڪافي “عمر آءُ ويندڙو پڇان” دل سان ڳائي داد حاصل ڪيو. اهڙي طرح سان عبدالله ڪڇي کي ريڊيو پاڪستان تي باقائدگي سان ڳائڻ جا موقعا ملندا رهيا. شروعات ۾ کيس ريڊيو تي ڳائڻ لاءِ ۱۰ رپيا معاوضو ملندو هو. ۱۹۶۲ع کان ريڊيو پاڪستان تي باقائدگيءَ سان ڳائڻ شروع ڪيائين. ريڊيو تي مشهوري ماڻيندڙ سندس پهرئين ڪافي “ لکيو ڪين ٽري” ڳايل آهي جنهن کيس شهرت جي بلندين تائين پهچايو. اهڙي طرح سان عبدالله ڪڇي کي شاهه عبداللطيف جي شاعري دل سان ڳائڻ سبب مڃتا ملندي رهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان محبت جي معيار جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ننڍپڻ کان ئي شاهه لطيف جي رسالي کي ياد ڪيائين ۽ ان شاعري جي رموز کي سمجهندي ڳايو.

عبدالله ڪڇي سنڌي ٻولي سان گڏو گڏ گجراتي، ڪڇي، بلوچي، سرائيڪي ۽ اردو ٻولين ۾ پڻ ڳائيندورهيو. عبدالله ڪڇي روايتي طور تي ڪنهن به درسي اسڪول ۾ هڪڙو درجو به پڙهيل نه هيو تنهن باوجود شاعري کي بغير ڪنهن تڪليف جي ياد ڪري وٺندو هو. عبدالله ڪڇي پنهنجي زندگي جا ڏهاڙا انتهائي ڏکيا گذاريا. ڳائڻ کان اڳ معاشي طور تي سندس گهر ۾ مسڪيني واري صورتحال هئي، جنهن ڪري عبدالله ڪڇي ڍولڪ وڄائڻ وارن ڏينهن ۾ به مخلتف فيڪٽرين ۾ مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندو هو. عبدالله ڪڇي پنهنجي ڳايل ڪلامن جون ڌنون پاڻ  ئي ڪمپوز ڪندو هو. ملڪ اندر پاڪستان ٽيليويزن جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ عبدالڪريم بلوچ کيس ٽيليويزن تي متعارف ڪرايو، جتي هن حياتي جي آخري ڏهاڙن تائين تمام گهڻا ڪلام رڪارڊ ڪرايا. عمر جي آخري ڏينهن ۾ عبدالله ڪڇي اکين جي نور کان محروم بڻجي ويو، جنهن ڪري معاشري جي ادارن کيس نظر انداز ڪرڻ واري روايت تحت کيس وساري ڇڏيو هو عبدالله ڪڇي ۸ مئي ۱۹۹۸ع ڌاري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي ميوهه شاهه قبرستان ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. عبدالله ڪڇي کي اولاد ۾ ۷ پٽ ۽ ۳ نياڻيون آهن، تن مان وڏو پٽ غلام علي پنهنجي والد کان سکيا وٺي سندس فني سفر کي جاري رکيو پيو اچي. عبدالله ڪڇي جو فرزند غلام علي سريلي راڳي طور پنهنجو نالو ۽ پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪري رهيو آهي. غلام علي ڪڇي ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل آفيس ۾ ملازم پڻ آهي.


استاد عبدالله ڪڇي جي ياد ۾

حميد ڀٽو

استاد عبدالله ڪڇي ۱۹۴۰ع ڌاري فقير محمد ڪڇي جي گهر لياري جي علائقي ڪلري ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. هن کي ڳائڻ وڄائڻ جو شوق پنهنجي مامي مٺو ڪڇي کي ڳائيندو ڏسي ٿيو، هن ابتدائي سکيا پنهنجي مامي مٺو ڪڇي کان ورتي، بعد ۾ راڳداري جي سکيا استاد محمد ابراهيم ۽ عبدالله پنهور کان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ هن طبلو وڄائڻ شروع ڪيو ۽ ڪيترن ئي سالن تائين مختلف فنڪارن سان طبلي تي سنگت ڪندو رهيو. ۱۹۶۶ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي هن آڊيشن ڏنو جتي پاس ٿيڻ کانپوءِ طبلي نواز طور ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪيو ويو. عبدالله ڪڇي ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو ڪراچي تي ڳائڻ شروع ڪيو، جتي ڳائڻ جي حوالي سان تڏهوڪي پروڊيوسر خواجا امداد، گل حسن ۽ نثار ميمڻ جن سندس وڌ ۾ وڌ همت افزائي ڪئي ۽ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري رڪارڊ ڪرائي جتي سندس مشهوري جو سبب بڻيل ڪلام “لکيو تان نه ٽري” هو، جنهن بعد سوين ڪلام ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ڪرايا ۽ موسيقار طور مختلف فنڪارن جي ڪلامن جون ڌنون پڻ ڪمپوز ڪرايون جيڪي اڄ به مقبول آهن. عبدالله ڪڇي پاڪستان ٽيليويزن جي شروعاتي ڏينهن ۾ گلوڪار طور ڳائڻ شروع ڪيو، جتي تڏهوڪي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ کيس متعارف ڪرايو، جنهن بعد پاڪستان ٽيليويزن سان آخري دم تائين لاڳاپيل رهيو ۽ هڪ سئوکان وڌيڪ پنهنجي آواز ۾ ڪلام رڪارڊ ڪرايا، جيڪي ڪلام عوامي مقبوليت جو سبب بڻيا. جڏهن ته عبدالله ڪڇي سنڌي فلمن ۾ پنهنجي آواز ۾ تمام گهڻا نغما ۽ گيت رڪارڊ ڪرايا، سندس مقبول ماڻيندڙ نغمن واريون فلمون قرباني ۽ ڦل ماڇي شامل آهن، جن نغمن عوامي مقبوليت ماڻي، جيڪي ڪلام اڄ تائين سندس يادگار بڻيل آهن.

عبدالله ڪڇي انتهائي سادگي واري زندگي گذاريندڙ انسان هيو، جيڪو بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي فن جي مسلسل خدمت ڪندو رهيو، هن ڪڏهن به فن کي ويڪائو مال نه بڻايو. سنڌ اندر سنجيده قسم جي شاعري رڪارڊ ڪرايائين، جنهن ۾ سنڌ جي صوفياڻي ۽ تصوف واري شاعري کي وڌ ۾ وڌ ڳايو ۽ وڄايو آهي. هن پنهنجي مقبوليت واري عروج جي ڏينهن ۾ مختلف ڪئسيٽ ڪمپنين طرفان ولگرٽي واري شاعري ڳائڻ وارين آڇن کي ٿڏي لکين رپين جون پيشڪش اهو چئي ٺڪرايو ته سنڌ جي حقيقي سُرن واري سنگيت سان ڌوڪو نه ڪندو ۽ هن جيڪي آڊيو ڪئسيٽ رڪارڊ ڪرايون، تن ۾ پڻ سنجيده شاعري کي ئي ڳايو. استاد عبدالله ڪڇي ريڊيو، ٽيليويزن کان سواءِ اسٽيج جي هزارين پروگرامن ۾ ڳايو جتي پڻ کيس عوام جي پذيرائي ملندي رهي ۽ سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي جي مختلف پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي سميت سنڌ جي اهم درگاهن تي پڻ پنهنجي فن جو ڀرپور انداز ۾ مظاهرو ڪندو رهيو. عبدالله ڪڇي کي سنڌ ۾ فن جي خدمتن سبب سوين ايوارڊن سان نوازيو ويو تن ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي طرفان ۱۹۹۷ع ۾ فنڪار ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو ۽ ٻين ادارن پاران به کيس مختلف ايوارڊن سان نوازيو ۽ لکين ماڻهن جون محبتون پڻ ساڻس سان هميشه گڏ رهيون. عبدالله ڪڇي کي اولاد ۾ ۷ پٽ ۽ ۳ نياڻيون آهن، تن مان وڏو پٽ غلام علي ڪڇي پنهنجي والد کان فن جي سکيا وٺي اڃا ڪلهه ڳائي رهيو آهي، جڏهن ته عبدالله ڪڇي جون ۳۰ کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽ مختلف ڪمپنيز طرفان رڪارڊ ڪري رليز ڪيون ويون آهن.

سنڌ جو هي نالي وارو راڳي عبدالله ڪڇي ۸ مئي ۱۹۹۸ع ڌاري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي ميوه شاهه قبرستان ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس فني سفر کي سندس پٽ غلام علي ڪڇي اڳتي وڌائي رهيو آهي جيڪو سريلي راڳي طور پنهنجو نالو ۽ پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪري رهيو آهي. غلام علي ڪڇي ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل آفيس ۾ ملازم آهي، جڏهن ته عبدالله ڪڇي حياتي کان ڪجھ عرصو اڳ اکين جو نور وڃائي ويٺو هو، جنهن سبب سندس زندگي جا پويان ڏينهن انتهائي ڏکيا ۽ ڪسمپرسي وارا گذريا ۽ ۸ مئي تي انتهائي ڪمپسرسي ۽ غربت سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس آواز مختلف ميڊيا جي ذريعن سان اڄ به موجود آهي. عبدالله ڪڇي جو نالو جيسيتائين سنڌ قائم آهي، تيسيتائين گونجندو رهندو. باقي استاد عبدالله ڪڇي جي آخري خواهش هئي ته کيس سنڌ سرڪار جو ثقافت کاتو لطيف ايوارڊ سان نوازي جيڪا سندس خواهش زندگي ۾ ته پوري نه ٿي پر سندس مرڻ بعد پوري نه ٿي سگهي آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا