سيف بخاري ”تنها“
وقت کان اڳ وڇڙي ويل شاعر
ڊاڪٽر مخمور بخاري
هالا جي مردم خيز مٽي مان ۲۰
فيبروري ۱۹۷۷ع تي جنم وٺندڙ سيد سيف الله شـاھ بخاري، ادبي دنيا
۾ سيف بخاري ”تنها“ جي نالي سان ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن هو ۴
مئي ۱۹۹۶ع تي هن دنيا کي الوداع چئي چڪو هو. هن جو جنم نج علمي
۽ ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز بخاري هڪ تعليمي ماهر ۽ محقق جي
سڃاڻپ رکندڙ آهي. جنهن جي نظر هيٺ سيـف ۱۹۸۱ع کان پــــنهنجي تعليم جو آغاز سگا جي روشن تارا اسڪول هالا کان شروع
ڪيو ۽ ۱۹۸۷ع ۾ ايم جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا ۾ داخل ٿيو، جتي
۱۹۸۹ع ۾ اٺين ڪلاس ۾ سڄي اسڪول اندر ٽاپ ڪيائين. جنهن جي
نتيجي ۾ کيس، اسڪول طرفان سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊ ڏني وئي. اهڙيءَ طرح ۱۹۹۴ع ۾ انٽر پري انجنئيرنگ جو امتحان سروري اسلاميه ڪاليج
هالا مان ڏنائين ۽ حيدرآباد بورڊ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪيائين. جنهن جي صلي ۾ کيس تڏهوڪي
وزير اعليٰ سنڌ سيد عبد الله شاھ طرفان پنج هزار روپيه انعام طور ڏنا ويا. ان کانسواءِ
ان وقت جي گورنر ڪمال اظفر جي هٿان سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد طرفان ”سند“ ۽ پرائيز بانڊ
انعام طور ڏنا ويا.
سيف بخاري پنهنجي شاندار تعليمي رڪارڊ رکندڙ هالا جي انهن نوجوانن مان
هڪ هو جيڪي اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي جا شاگرد ڳڻبا هئا. هي ان يونيورسٽي
جي سول ڊپارٽمينٽ ۾ ۱۹۹۵ع ۾ داخل ٿيو، جتي ٻئي سال
جي پڙهائي دوران ۴ مئي
۱۹۹۶ع تي نسلي فسادن جي ور چڙهي، شهادت جو جام نوش ڪيو.
سيف پنهنجي اڻويهه ورهين جي ڄمار ۾ نه رڳو پنهنجو بهترين تعليمي رڪارڊ
قائم ڪيو پر پنهنجي خاموش طبع ۽ گهڻ-سهو هجڻ واري خصوصيت جي ڪري، پنهنجن دوستن ۽ هم
عصرن بلڪ پنهنجن استادن جي نگاھ ۾ به ممتاز رهيو.
سيف جي سڃاڻپ سندس حياتيءَ ۾ هڪ هوشيار شاگرد طور رهي پر سندس وفات بعد
سندس اڻ ڇپيل شاعري، ڪهاڻيون ۽ ڊائريون ان ڳالهه جو ثبوت ڏيڻ لڳيون ته هو هڪ بهترين شاعر، حساس شخص ۽ حالتن
کي سمجهندڙ انسان هو. سندس وفات کانپوءِ، سندس والد ڊاڪٽر ممتاز بخاري طرفان شايع ڪرايل
سيف جو شعري مجموعو ”ســرس آهـي سونهن ۾“ ۾ شامل سندس ڪيتريون ئي سٽون سندس ڌرتي سان
محبت، ماروئڙن لاءِ سڪ ۽ حالتن جي بدلجڻ واري احساس جي عڪاسي ڪن ٿيون. هو جڏهن ڪراچي
جهڙي رنگين مزاج شهر ۾ داخل ٿيو هو ته ان وقت بارود جي بوءِ ڪراچيءَ جي رستن تي هر
روز پکڙيل هوندي هئي. هن ان وقت انهن حالتن کي پرکي ورتو ۽ ڪراچيءَ بابت هڪ نظم لکي،
پاڻ کي حساس شاعر طور پيش ڪيو. ساڳئي وقت هو پنهنجي ڪيترن ئي شعرن ۾ پنهنجي ڌرتي لاءِ
فڪر مند آهي.
هاري کيـــــڙي ڌرتـــــي،
ان ٿو اپـــــائي،
وڏيرو ٿو کائي، هو سڪي
ڳڀي ڪاڻ.
ڳڀي ڪاڻ سڪي پيو، هي جو
ابهم ٻار،
ڪنهن نه لڌي سار، بکايل
هن معصوم جي.
سيف وٽ پنهنجي شاعري جا جدا جدا رنگ آهن، هو جتي ڌرتي ۽ انسانيت جي ڳالهه
ڪري ٿو، اتي هن جي شاعريءَ ۾ سونهن جا اجرا
رنگ به مهڪن ٿا. سونهن جيڪا شاعريءَ جو بنيادي محرڪ آهي، ان سونهن جو هڪ ڀرپور ۽ سگهارو
تصور شاعر جي ذهن ۾ سمايـل هوندو آهي. جنهن جو هو خوب ادارڪ ڪري ٿو. سيف جي شاعريءَ ۾ به اهڙا ڪيترا ئي جمالياتي خيال موجود آهن. جيڪي پنهنجي جاءِ تي ڏاڍا
خوبصورت به آهن.
منهنجي دل جون آرزوئون،
ويون بنجي ڀوڳنائون.
ٿي چمي جيئن گل کي شبنم،
ڇيـر جون تـئين مڌرتـائون.
پيهي در جي اوٽ ۾ تڪيان
ساري رات،
مٿان ٿي پرڀات، ڳالهيون
ڪندي پاڻ سان.
صبح صادق تائين، اکين
پسايو پاند،
تنهنجي ياد سدائين، بي
چين ڪري ٿي روح کي.
پنهنجي مزاج ۾ انتهائي نفيس ۽ حساس سيف بخاري تنها، پنهنجي جيون جي اوڻويهن
بهارن ۾ جيتوڻيڪ بظاهر ته ڪومائجي ويو پر انسان جو وڏو جياپو هن جي تخليق آهي، جيڪا
هن جي اندر جو ڀرپور اظهار ٿئي ٿي. سيف به پنهنجي لفظن، پنهنجن شعرن جي روپ ۾ اڄ به
موجود آهي. دنيا جي ادبي تاريخ ۾ جتي بنهه ننڍي عمر ۾ پنهنجو تخليقي پورهيو ڇڏي، هي
جهان ڇڏي ويندڙ ”جان ڪيٽس“ جو حوالو موجود آهي، اتي سنڌي ادب جي حوالي سان ورهاڱي کان
اڳ، نرمل جيوتـاڻي ۽ ورهــاڱي کان لڳ ڀڳ پنجاھ ورهيه پوءِ، سيف بخاري تنها جو نالو
موجود آهي، جيڪي پنهنجي مختصر ڄمار ۾ تخليقي سرمايو ڇڏي پاڻ کي زندھ ڪري ويا.
No comments:
راءِ ڏيندا